باب ٽيون
گجرات جي فطري تبديلين جو جائزو
هيءَ تحقيق لڳ ڀڳ موجوده دؤر جي گجرات جي حدن سان
واسطو رکي ٿي. هن ملڪ ۾ ڪل سترنهن ضلعا آهن. سندس
پکيڙ هڪ لک ستاسي هزار هڪ سؤ پندرنهن چورس ڪلوميٽر
(1،87،115
Sq kilometer)
آهي. سال 1961ع جي آدمشاريءَ موجب هن رياست جي
آبادي ٻه ڪروڙ ٽيهٺ لک چار هزار
)20634000(
ماڻهن تي مشتمل آهي. اهڙيءَ ريت 110 ماڻهو في
ڪلوميٽر جي حساب سان آباد آهن[1].
گجرات ۾ مختلف ماحولن تي مشتمل علائقا موجود آهن.
ڪڇ جو رڻ ڪلر ۽ لوڻ سان ڀريل آهي. هن جي الهندن
گهاٽن
(Western
gates)
وارو علائقو
ساڳ جي
وڻن
(Teak)
جي گجگاهه ٻيلن سان ڇانئيو پيو آهي. گجرات جي ڌرتي
هيٺاهين آهي. سندس شڪل اُپٻيٽ
(Peninsula)
جهڙي آهي. هيءَ رياست ڀارت جو حصو ته آهي، پر ڏسڻ
۾ ڄڻ ان کان ڌار آهي. هن جي اتر ۽ اوڀر طرف روهه ۽
ڪوهه آهن. جڏهن ته سندس ڏکڻ ۽ اولهه کان سمنڊ ڦري
اچي ٿو. جيالاجيءَ جي نقطهء نظر کان هن ۾ ٻه
خاصيتون آهن: هڪ ته منجهس ٻرندڙ جبل آهن، جنهن کي
ڏاکڻي پٽي
(Deccan Trap)
جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. ڪوڙڪي
(Trap)
جي شڪل واري هن جابلو ۽ اُپٻيٽ
جهڙي گجرات سڄي سوراشٽر جي روهن ۽ ڪوهن واريءَ کي
جوُءِ مات ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي سوراشٽر سمنڊ جي
ڪناري سان ڏکڻ وارو پٽ ۽ ڪڇ جي ڪارن ڏونگرن جي
نالي سان سڏيو ويندو آهي. هي ٻرندڙ
(gneous)
جبل، حياتيءَ جي وچ واري زماني
(Mesozoic)
سان واسطو رکي ٿو ۽ اهو جابلو سلسلو بندن
(Dykes)
وٽان شروع ٿئي ٿو ۽ گجرات ۾ هي جابلو سلسلو لاڳيتو
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هي دنيا جي ٻرندڙ جبلن جو ڊگهي ۾
ڊگهي پيٽ آهي. دکن جو مٿاهون پٽ وچ ڀارت سان تعلق
رکي ٿو. گجرات جي جيالاجيءَ جي ٻي خاصيت لٽاسو نرم
پٽ آهي، جيڪو حياتيءَ جي وچ واري زماني
(Mesozoic Period)
سان تعلق رکي ٿو. ڪڇ جو رڻ، ساروئي اتر گجرات،
سامونڊي پٽيءَ وارو گهڻو حصو ۽ سوراشٽر واري
سامونڊي پٽي درياهي لٽ جي ٺهيل آهي. ان علائقي جو
وڏو حصو ڪلر ۽ لوڻ آهي. ٻيو علائقو جت ڪٿ پاڻيءَ
جي ڇاڇر سان ڇانئيل آهي. جيڪو تمر
(Mangrove)
جي وڻن سان ڍڪيل ڏسبو آهي. هن تحقيق جو واسطو اتر
گجرات جي زرخيز علائقي ۽ ڏکڻ واري سامونڊي پٽي
آهي، جيڪا پاڻيءَ جي ڇاڇر سان ڇانئين بيٺي هوندي
آهي. هن لٽ ۽ مٽيءَ جو وڏو حصو هتان نئين - ندين
جي نظام جي پاڻيءَ جو نتيجو آهي، جيڪي گجرات جا پٽ
۽ پوٺا پسائينديون وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن.
سندن جا نالا، سابرمتي
(Sabarmeti)
، ماهي
(Mahi)
، تاپي
(Tapi)
، نرمدا
(Narmada)
۽ سنڌ وارو اُڀرندو نارو، جيڪي رڻ ڪڇ مان گذري
سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو (خاڪو - 1)
سوراشٽر جي اتر ۽ ڪڇ وارا رُوهه چن جا آهن، جن جو
ڊائناسور واري دؤر
(Jurassic Period)
سان واسطو آهي. پر اهي مٿي بيان ڪيل جابلو سلسلي
وانگر گهڻي علائقي ۾ پکڙيل ڪونه آهن. پر هنن کي
ٽيون وڏو جابلو سلسلو سڏي سگهجي ٿو. انساني اهميت
جي نقطهء نظر کان هي روهه ۽ ڪوهه، رڻ ڪڇ جي مٿاهين
پٽ ۾ ڄڻ ته ٻيٽ وانگي ڏسبا آهن. هن جابلو جُوءِ ۾
تاريخ جي شعور کان اڳ واري دؤر کان وٺي موجود دؤر
تائين انساني وسنديون جڙنديون آيون آهن. جبلن جي
تري واري زمين جيالاجيءَ جي پيداوار
In Situ formation
آهي. هيءَ جابلو جوُءِ ۽
”ڏاکڻي پٽي“ کي ڪاريءَ ڪپهه جي ڌرتي سڏيو ويندو
آهي. هتان جو ڪارو ۽ ڀورو ڪپڙو ترقي يافته سنڌو
تهذيب ۽ ان کان پوئين واري دؤر
(Post urban phase)
جي ماڻهن لاءِ گذرسفر جو اهم وسيلو رهندو آيو آهي.
هتي پهچي معلوم ٿئي ٿو، ته مٿي بيان ڪيل مختلف
علائقن جون خوبيون ۽ خاصيتون بيان ڪرڻ مناسب
ٿيندو. هن قسم جون زمينون ڏکڻي پٽي
(Deccan Trap)
واري ٻرندڙ جبل جي پيداوار آهن، جيڪي وچ هندستان
کان اولهه هندستان تائين هلنديون اچن ٿيون. ڪاري
ڪپهه واري زمين جو هيٺيون تهه مختلف ماپ جو آهي ۽
مٽي ۾ مختلف شيون مليل آهن. جنهن ۾ سوني پٿري به
جام ۽ هرهنڌ ڏسبي آهي. هن قسم جي زمينن ۾ فاسفورس،
نائٽروجن، ۽ نامياتي مادو
(Organic
matter)
گهٽ آهي، جڏهن ته پوٽاش ۽ چن جام آهي[2].
هن قسم جي مٽيءَ ۾ خاص خوبي هيءَ آهي، ته منجهس
گهم چوسڻ جي وڏي صلاحيت آهي. ان ڪري ڦوڦراٽجي
پوندي آهي. هن ۾ اهي فصل ڪاهي سگهجن ٿا، جيڪي گهٽ
پاڻي وٺندا آهن[3].
گجرات جي گهڻن حصن ۾ درياهي پاڻيءَ جي استعمال
ڪري، ڪاري مٽيءَ جو رنگ بدلجي ويو آهي. هوا به
اُڏامندڙ ڌوڙ ۽ اتر راجسٿان جي اراولي روهه جي
نئن واري
پاڻيءَ سان گڏجي ايندڙ ڳار اتر گجرات جي علائقي جي
زمين جو رنگ بدلائي ڇڏيو آهي. جاچي ڏسبو ته اتر
گجرات جي زمين نرم ۽ وارياسي آهي، جنهن ۾ لوڻ به
موجود آهي. هيءَ ڳالهه انهن علائقن سان لاڳاپيل
آهي، جن ۾ پاڻي ته جام آهي، پر نيڪاس جو بندوبست
ڪونه آهي. هنن علائقن جو پاڻي ٻاڦ بڻجي سڪي ويندو
آهي ۽ لوڻ اتي رهجي ويندو آهي. اهڙي صورتحال جو هڪ
مثال ڪڇ آهي، جتي ڪلر ۽ لوڻ تمام گهڻو نظر ايندو
آهي. اهڙي لوڻياٺي علائقي جو ٻيو مثال اها سوڙهي
پٽي آهي، جيڪا ڪڇ کي کنڀات نار
(gulf
of cambay)
سان ملائيندي آهي، جنهن ۾ پاڻيءَ جا تلاءَ ۽ ڇرون
جام آهن. هاڻي هن پٽيءَ مان وهندڙ ڪنهن هڪ به
وهڪري جو نشان به ڪونه ملندو، جيڪو قديم زماني ۾
وهندو هو. اين. ڊي. واڊيا
(N.D. Wady)
هن حقيقت ڏانهن اشارو ڏنو آهي، ته ڪڇ ۽ کنڀات نار
کي ملائيندڙ پٽي، ڌرتيءَ جي آخري دؤر
(Palescene)
بلڪ ڪل ارضياتي دؤر
(Holocene)
دؤر سان تعلق رکي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ اها پٽي
سامونڊي کاري هوندي[4].
ايندڙ بابن ۾ هن هيٺاهين پٽي کي نال ڍوري
(Nal depression)
جي نالي سان سڏيو ويندو.
هيءُ نالو هڪ وڏيءَ ڍنڍ تان ورتو ويو آهي، جيڪا
انهن حدن اندر موجود آهي.
مٿي بيان ڪيو ويو آهي، ته گجرات جي ٻن پاسن کان
جبل آهن. اتر پاسي واري ان جبل ۾ تبديلي واري
خاصيت آهي، جيڪو اراولي جابلو سلسلي
(Aravali Range)
کان الڳ آهي. ان کان سواءِ اتر
جابلو لاهين ۾ موسمي گهاٽا ٻيلا موجود آهن، جڏهن
ته اهي لاهيون لهڻ چڙهڻ ۾ سوليون به آهن. انهن جي
ڀيٽ ۾ اوڀر وارن جبلن جون لاهيون
(Slopes)
اُڀڪپريون ۽ لهڻ چرهڻ ۾ ڏاڍيون ڏکيون آهن. هتي
مينهن تمام گهڻو وسندو آهي. تنهن ڪري جبلن جون
چوٽيون ۽ هيٺيون جابلو علائقو مختلف ٻوٽن، ٻوٽين،
ساون گاهن ۽ گاهه گوچر سان اڻيهي سائو لڳو پيو
هوندو آهي. هيءُ علائقو سمنڊ جي ڪناري سان هڪ
سوڙهي پٽي آهي، جنهن جي چوڌاري جبل آهن، جن مان
نديون ۽ نئيون وهي نڪرنديون
خاڪو 3: گجرات ۾ مينهن جو مقدار
خاڪو 4: گجرات ۾ مينهن ڪيتريقدر اعتبار جوڳو هوندو
آهي.
آهن، جيڪي ٿور- وقتيون ۽ ڊيگهه ۾ ننڍيون هونديون
آهن، پر ساوڻيءَ ۾ وهنديون زور شور سان آهن. هنن
جبلن ۾ ڪيترا لڪ به هوندا آهن، جتان نئين جا وهڪرا
گذري اڳتي ويندا آهن. انهن مان هڪ مثال
نرمدا نديءَ جو آهي.
نرمدا يا نربدا وڌيڪ ڊگهي ندي آهي، هندستان ۾ هن
کي پاڻيءَ جو مقدس وهڪرو سمجهيو ويندو آهي.
هندستان جي تاريخ[5]
۾ گهڻي عرصي تائين هي وهڪرو اتر ۽ ڏکڻ جي حدن سان
لاڳاپيل رهيو آهي. هيءُ ننڍي کنڊ جو پهريون وڏو
وهڪرو آهي، جيڪو اوڀر کان اولهه وهندو آهي هن
درياهه جو وڏو حصو
اونهو
آهي ۽ سال جو وڏو حصو منجهس ايترو به پاڻي ڪونه
هوندو آهي. جو سندس وهڪري وارو پيٽ ڀريل هجي. پر
سندس پاڻي وروڪڙ وارو سفر ڪندو، هن جي پيٽ مان
اڳتي ڌوڪيندو وهندو ويندو آهي. جڏهن ته خاص موسم
جهڙوڪ: سانوڻيءَ
دوران اُٿل ڪري پري پري تائين ٻئي ڪنڌيون ٻوڙي
ڇڏيندو آهي. ان ڪري سندس پاڻيءَ ۾ موجود لٽ هيڏي
هوڏي پکڙجي ويندي
آهي. هن جي اهڙي ٻوڙان ٻوڙ ڏاڍي خطرناڪ هوندي آهي
۽ چوڏس تباهي مچائي ڇڏيندي آهي. ڪڏهن چؤماسي دوران
مينهن جي ڦهنگ به ڪانه پوندي آهي، ته ڪڏهن وري لس
لرُي لڳي ويندي آهي ۽ ڏينهن جا ڏينهن جهڙ جي جهول
۽ جهڪور لڳل هوندي آهي. ايتري تار ۽ اپار پاڻيءَ
هوندي. نربدا پوکي راهيءَ لاءِ ڏاڍو گهٽ ڪم آئي
آهي. پر موجوده دؤر ۾ مٿس ڊيم ٻڌا ويا آهن ۽ ان جي
پاڻيءَ کي
زرعي
مقصدن واسطي ڪم آندو پيو وڃي. گجرات ۾ مينهن ايڏو
گهڻو ڪونه پوندو آهي، پر هن جي اوڀارين سرحد سان
موجود جابلو علائقي ۾ چؤماسي دوران مينهن جي موج
لڳي ويندي آهي ۽ ڪافي کان وڌيڪ وڏ ڦڙي جا وسڪارا
ٿي ويندا آهن. ان جبل جو ڏاکڻو پاسو موسمي گهنگهور
گهٽائن جو دل گهريو ديس بڻجي ويندو آهي. اهڙي
چؤماسي جي اثر ڪري، ساري گجرات ۾ مينهن جي موڪ لڳي
ويندي آهي. ڪڇ ۾ ساليانو مينهن چار سؤ ملي ميٽر
(400m.m)
کان به گهٽ پوندو آهي. اهڙيءَ ريت خاڪي
نمبر
3 ۽ 4 ۾ سالياني ۽ اتفاقي مينهن وسڻ جو وچور ڏنو
ويو آهي. نقشن جي مطالعي کان پوءِ معلوم ٿيندو، ته
مينهن پوڻ جي ٻنهي نمونن ۾ هڪ رابطو موجود آهي.
اهڙو رابطو هڪ اهڙو اهم عنصر آهي، جنهن ڪري هتي
انساني وسنديون آباد هيون. هن علائقي لاءِ مينهوڳي
هڪ ئي موسم تي مدار رکندي آهي. اهڙيءَ ريت اولهه -
ڏکڻ وارو چؤماسو ئي هن لاءِ ڪافي هوندو آهي.
جيڪڏهن هن موسم دوران پلر جي پالوٽ نه ٿي، ته ان
جا ناڪاري
اثر جلد ئي ظاهر ٿي پوندا آهن. اهڙي ريت زراعت
لاءِ ساليانو ڇهه سؤ (ملي ميٽر)
(600m.m)
مينهن لازمي سمجهيو ويندو آهي. پر ايترو ساليانو
مينهن ڪونه وسندو آهي.
گجرات جي ڪيترن ماڳن جي سالياني مينهن وسڻ جو انگن
اکرن ۾ وچور موجود آهي، جيڪو سال 1901ع کان وٺي
سال 1950ع تائين جو آهي. ان وچور ۾ سالياني مينهن
پوڻ ۽ پنجاهه سالن جي مجموعي مينهن پوڻ جا انگ اکر
آهن. اهڙا مجموعي انگ اکر فقط حساب ڪتاب رکڻ جي
لاءِ هوندا آهن. اهي اهڙا ”قدر“ ڪونه آهن، جنهن
مان انسان کي انسان جي موجودگيءَ جي معلومات ملي.
نه وري انهن مان جهنگلي جيوت
(Fauna)
۽
نباتات
(Flora)
جي نمونن جو پتو پئجي سگهندو آهي. پر ماڻهوءَ کي
سمجهڻ گهرجي، ته مجموعي انگن اکرن کان مينهن ڪجهه
گهٽ پيو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيندو، ته جيڪڏهن
مينهن جي مجموعي انگن اکرن کي ڪتب آڻبو، ته اندازو
ڪبو ته اڌ وقت اندر پوندڙ اڻ پورو مينهن انساني
ضرورتن لاءِ ڪافي آهي. دنيا جي ٿورن ملڪن کان
سواءِ اهڙيون ڳالهيون ناممڪن هونديون آهن. پر
جيڪڏهن برسات جا مجموعي انگ اکر ڪتب نه آڻجن، ته
ڀلا برسات جي ڪهڙي قسم جي انگن اکرن کي ڪم آڻڻ
گهرجي؟ هن سوال جو جواب ڪو سولو ڪونه آهي. ڇاڪاڻ
ته ان ۾ ٻيون ڳالهيون به موجود هونديون آهن. يعني
اهڙين ڳالهين ۾ اقتصادي نمونو، آدم شماريءَ جي
گهاٽاڻ
(Density of population)،
پوکي راهي سان لاڳاپيل ڳالهيون، زمين جو وَرن ۽
مينهن وسڻ جو نمونو شامل هوندو آهي. هتي مينهن پوڻ
جو اهو امڪان ڪتب آندو ويندو آهي، جنهن مان سمجهي
سگهبو آهي، ته ماڻهو پيٽ گذر جي پريشانين کان بچيل
آهن. پر مينهن وسڻ جا مناسب انگ اکر آهن، ته ڏسجي
ته ڏهن سالن مان اٺن سالن دوران ڪيترو مينهن وسيو
آهي. گجرات جي اهڙن ماڳن جي جدول نمبر هڪ
(Table-1)
۾ فهرست ڏني وئي، جن جا مينهن وسڻ جا انگ اکر
موجود آهن. هنن ۾ اَسي سيڪڙو
80%
وارا انگ اکر اهڙا هوندا آهن، جن کي ماڻهو پنهنجي
تجربي ۽ عقل جي آڌار تي سمجهي وٺندو آهي ۽ استعمال
ڪندو آهي. اهو به امڪان هوندو آهي، ته مينهن پوڻ
جا انگ اکر حقيقت ۾ گهٽ هوندا هجن. ٿي سگهي ٿو ته
اهي انگ اکر ستهتر سيڪڙو
77%
سيڪڙو هجن يا وري ڇاهٺ ڏهائي
ڇهه سيڪڙو
66.6%
سيڪڙو هجن. پر اهڙن انگن اکرن مان گهٽ ۾ گهٽ مينهن
پوڻ جو پتو پئجي ڪونه سگهندو آهي. هيءَ حقيقت فقط
مينهن وسڻ جي هڪ موسم سان تعلق رکي ٿي. ان جو تعلق
ڪنهن خاص علائقي سان هوندو آهي ۽ ان موسم ۾ مينهن
وسڻ جو وڏو امڪان به هوندو آهي. جيڪڏهن اهو علائقو
زراعت سان لاڳاپيل هوندو آهي، ته بخار ٿي اڏامي
ويندڙ پاڻيءَ جو به حساب ڪتاب رکيو ويندو آهي.
گجرات جي
نباتات
(Flora)
گاهه تائين محدود آهي، جنهن ۾ پن به هوندا آهن، ته
ڪنڊا ۽ سخت قسم جون ڏانڊيون به هونديون آهن. ڏسڻ ۾
خشڪ علائقن جي
نباتات
لڳندي آهي. هتي نظر ايندڙ اوڀڙ جون ٽي جنسون آهن:
گهاٽي وڻ (کئنور جو وڻ)
(1)کٻڙ
جو وڻ
Salva dora Prosopis
(2)
ٻٻر ۽ ڪرڙ
Acaia،
Capparis
(3)گهاتي
وڻ
Anogeissus Letifolia
(4)
ارجن
Terminalia Arunja
(5)
ساڳ جو وڻ
Tectona grandis
پهريون ٻئي جنسون اهڙيون آهن، جيڪي هيٺاهينءَ ۾
ٿينديون آهن ۽ گهاٽي وڻن جي صورت ۾ هونديون آهن.
هي اهڙي قسم جا هيٺانهان علائقا هوندا آهن، جتي
گسن تي ساوا گاهه گلزاريون لايون بيٺا هوندا آهن ۽
چوڏس گهاٽي وڻڪار به هوندي آهي.
جدول - 1
گجرات جي ڏهن شهرن ۾ سال 1901ع کان 1950ع تائين
پوندڙ مينهن جي
انگن
اکرن جو وچور
علائقي جو نالو |
|
Mean |
80% |
Ahmedabad |
احمد آباد |
779.8mm |
563mm |
Bhavanagar |
ڀونگر |
620.0 |
436 |
Bhuj |
ڀـڄ |
340.4 |
150 |
Bulsar |
بلسر |
1805.7 |
1242 |
Dhandhuka |
ڍانڍوڪا |
606.0 |
400 |
Dhrangadhra |
ڍرانگو ڌرا |
507.3 |
283 |
Jamnagar |
جام نگر |
466.3 |
255 |
Rajkot |
راجڪوٽ |
594.3 |
450 |
Rahpar |
راهمپور |
356.8 |
225 |
Veraval |
وراول |
524.5 |
266 |
فهرست ۾ مٿي بيان ڪيل مينهن جا انگ اکر پوني ۾
مهاراشٽر
۾ قائم
ڀارت سرڪار جي
موسميات
کاتي
(Meterological
office)
مان حاصل ڪيا ويا آهن.
ديوي
(Prospsis)،
کٻڙ(Salvadora)
، ڪرڙ
(Capparis)
ٻٻر
(Acacia)
سان تعلق رکندڙ وڻن جون جنسون
مينهن وسڻ جي مقدار ۽ زمين جي ورن سان تعلق رکن
ٿيون. ديوي
(prosopis)
۽
کٻڙ
(Salvadora)
جو وڻ لوڻياٺي زمين ۽ خشڪ علائقن ۾ به ٿي سگهندو
آهي. جڏهن ته باقي جنس ساڳ
grandis)
(Tectona
ارجن
(Arunja)
(Cerminalia)
گهاٽي وڻ (کئنور جو وڻ)
(Anogeissus
letifolia)
اهڙو وڻ آهي، جيڪو خشڪ علائقن ۾ ٻيلن جي شڪل ۾
ڏسبو آهي. گجرات جي ڪيترن علائقن ۾ ساڳ جو وڻ ڪونه
ٿيندو آهي. باقي مٿي بيان ڪيل وڻن جا گهاٽا جهنگ
آهن. برسات پوڻ ڪري هن وڻ جي جنس ٻين وڻن جي جنسن
کان مختلف علائقن ۾ ٿيندي آهي. هنن وڻن کي ٻئي
اصول مطابق مختلف علائقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
ساڳ جو وڻ ۽ ٻين وڻن جون مختلف جنسون جبلن جي
چوٽين تي ڏسبيون آهن، جتي، هند - ملايا ۽ خاص
هندستاني وڻن جون جنسون هونديون آهن. پر هتي هُتي
پکڙيل جهنگلي ٻوٽين ۽ ٻوٽن ۾ ديوي
(Prosopis)،
کٻڙ
(Salvadora)،
ٻٻر
(Acacia)،
ڪرڙ
(Capparis)،
اَڪُ
(Europhobia)
. هن قسم جا
وڻ ٻوٽا،
اتر گجرات ۾ راجسٿان جي وارياسي علائقي ۾ به جام
ٿيندا
آهن.
هتان کان اولهه علائقي واري
نباتات
به هن جوءِ ۾ جام نظر ايندي آهي. [7]
اهڙيءَ ريت گجرات جي هيٺاهين علائقن جي
نباتات،
سنڌ ۽ بلوچستان جي
نباتات
جهڙي ٿيندي آهي، جيڪي هن علائقي جي اولهه ۾ آهن.
ٻي هزاري ق.م دوران سنڌو تهذيب جي ماڻهن جي لڏپلاڻ
تي بحث ڪبو، ته هن قسم جي
نباتات
جي تسلسل تي به ضرور بحث ڪيو ويندو. اڳتي هلي جڏهن
هن موضوع جو گهرو تنقيدي جائزو وٺبو، ته هن
نباتات
جي مختلف جنسن تي به ضرور بحث ڪيو ويندو.
هندستان جي هن علائقي جي جهنگلي جانورن جو
چڱو اڀياس نه ڪيو ويو آهي.
هن علائقي ۾ کرن وارا
جانور
(Ungulaes)
گهڻا آهن. جهنگلي ڳائو مال
(Bos)
به مقامي طور هن علائقي سان تعلق رکي ٿو. جيڪو
گهرو جانور طور ڌاري سگهجي ٿو. ان کان سواءِ هرڻ،
ڦاڙهو، ڀولو، هاٿي ۽ گوشت خور جانور به جام ڏسبا
آهن. مختلف قسمن جا پکي به تمام گهڻا آهن، جيڪي هن
علائقي جي جهنگلي جيوت ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.
صورتحال مان ايئن لڳي ٿو، ته هتي جهنگلي جيوت ۾
گهڻو ڪري
هڪجهڙائي
موجود آهي ۽ گجرات ۾ مختلف قسم جي جانورن جي
گهڻائي موجود آهي. ڪجهه علائقن ۾ اهي جانور تمام
گهڻا آهن. ليڪن انهن جا قسم الڳ ڪونه آهن [8].
علائقو
مختلف علائقن ۽ انهن جي خوبين ۽ خاصيتن بابت سوال
جاگرافيءَ جو اهم حصو هوندو آهي. هن قسم جي موضوع
تي هڪ جدا ببلوگرافي گڏ ڪئي ويئي آهي [9].
انهيءَ ڳالهه تي هرڪو ماڻهو متفق آهي، ته علائقو
(Region)
زمين جي اهڙي مٿاڇري واري خطي کي سڏي سگهجي ٿو،
جنهن جي مختلف شين ۾ گهڻي ڀاڱي
هڪجهڙائي
۽ اهڙو مقرر معيار هجي، جنهن جي بنياد تي ڪو فيصلو
ڏئي سگهجي [10]. جيڪڏهن هن مسئلي کي اڳتي وڌائبو
ته هن جو مطلب هن ريت به ٿي سگهي ٿو، ته نه تبديل
ٿيندڙ ساڳين نمونن جي هڪ طرز جنهن ۾ ساهوارين
انواع
(Biological Species)
جي درجه بندي هجي. جيڪڏهن عملي طور ڪيل ڪمن جي
تجربن کي روايتي مشاهدي جي آڌار تي بيٺل اهڙي مقرر
معيار سان شامل ڪجي جنهن جي بنياد تي ڪو اهم فيصلو
ڏئي سگهجي، ته هن سلسلي ۾ گهڻو اڳتي وڌي سگهجي ٿو.
هن بيان ۾ علائقي جي مڪمل
وصف
(Defination)
اچي وئي آهي. ته اهو ڇا هجڻ کپي؟ پر ان جي متحرڪ
قوت
(Dynamis)
تي پڻ بحث ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت جنهن علائقي جي
اسان وصف بيان ڪئي آهي، سو لڳ ڀڳ موجوده دؤر جي
گجرات رياست سان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ ان ۾ جيڪي چار
پرڳڻا
(Sub Region)
آهن تن جي
وصف
مينهن جي مقدار، زمين جي ورن، زمين جي بناوٽ ۽
نباتات
جي آڌار تي ڪئي ويندي. ان کان پوءِ هنن
ايڪائين
کي تاريخ کان اڳ جي والار جي حوالي سان ۽ عملي طور
ثقافت جي نقطهء نظر کان گجرات سان شامل ڪري ڇڏبو.
گجرات جا پرڳڻا
گجرات ۾ سڀ کان پهريون ڪڇ جو پرڳڻو آهي (خاڪو -1).
هي ٻين ٽن پرڳڻن کان مينهن وسڻ جي مقدار،
نباتات
۽ زمين جي ساخت
(Land form)
جي نقطهء نظر کان بلڪل الڳ بيٺو آهي. ڪڇ جي اوڀر
واري حصي ۾ ته ڪجهه وڌيڪ برسات پوي ٿي. باقي ٻئي
حصي ۾ سالياني مينهن جا انگ اکر 400 م. م (ملي
ميٽر) کان به گهٽ آهن. هي مقدار گجرات ۾ پوندڙ
برسات کان تمام گهڻو گهٽ آهي. هن پرڳڻي جي
وڻن ٻوٽن،
کٻڙ، ڄار ۽ ديوي آهي. پر ڪڇ واري نار واري سامونڊي
ڪناري سان تمر
(Mangrove)
جا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. سڌي سطح وارفي زمين رکندڙ
ڪڇ ۾ موسمي سامونڊي اٿل ايندي آهي، ان ڪري ڪڇ جي
رڻ وارو علائقو رڳو لوڻ ڏسبو آهي. ان جي ابتڙ ڪڇ ۾
ڪي ٻيٽ به آهن ۽ ڏکڻ پاسي ٻيج جي چنڊ جهڙي ڌرتي جي
هڪ پٽي آهي، جنهن تي اهڙو لوڻ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو.
هن جي حدن جي چوڌاريءَ رڻ ڦري اچي ٿو. ان سان گڏ
ئي سامونڊي ڪنارو شروع ٿئي ٿو. هن پرڳڻي جون حدون
نهايت واضح آهن ۽ مٿي بيان ڪيل مقرر معيار مطابق
آهن، جن جي آڌار تي اڀياس ڪري ڪو اهم فيصلو ڏئي
سگهجي ٿو.
سوراشٽر
سوراشٽر گجرات جو ٻيو پرڳڻو آهي. هن جي جاگرافيائي
شڪل اُپٻيٽ جهڙي آهي، جنهن جي پکيڙ ٻين سڀني پرڳڻن
کان وڌيڪ آهي. هتي ساليانو مينهن 400 م. م ۽ 700
م.م جي وچ تي پوندو آهي. هتان جي
نباتات،
ننڍي قد جو ٻٻر
(Acacia)
۽ ڪرڙ
(Capparis)
تي مشتمل آهي. وچٿرا ٻيلا آهن. جيڪي عام طور تي
خشڪ زمين تي ٿيندا آهن. پر هتي ساڳ جو وڻ
(Teak)
ڪونه ٿيندو آهي. ليڪن ساڳ جو وڻ ٿورو گهڻو گير
(gir)،
پاليتن
(Palitana)
۽ پور بندر
(Por Bandar)
وارن علائقن ۾، اوچين ٽڪرين جي چوٽين تي ڏسجي ٿو.
موجوده دؤر ۾ اهو وڻ ڇڊو پاڊو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن
پرڳڻي ۾ ڪٿي گهٽ اوچو ۽ هموار سطح وارو جابلو
علائقو آهي. ڪٿي وري بيشمار جابلو چوٽيون نظر
اينديون. هي سارو روههُ ۽ ڪوهه ڪنهن ٻرندڙ جابلو
سلسلي سان واسطو رکي ٿو. سامونڊي ڪنارو کاڌل اٿس.
خشڪ زمين جو مٿاڇرو سامونڊي واريءَ سان ڍڪيل آهي.
علائقي جي ڪجهه حصي ۾ مٺي پاڻيءَ سان آيل لٽُ
وڇايل ڏسجي ٿي،
جيڪا
دؤر جي لحاظ کان تازي
آهي. هن علائقي جي گهڻي ڀاڱي جي چوڌاري سمنڊ ڦري
اچي ٿو. مٿي بيان ڪيل پوئين حصي ۾ نال
(Nal depression))
آهي، جيڪو ڪڇ جي رڻ کي کنڀات جي نار سان ڳنڍيندو
آهي. هن وهڪري ان علائقي جي زمين جي ساخت ٺاهڻ ۾
پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. هيءَ ڍورو سوراشٽر جي
پاڻيءَ جي نيڪر جو وسيلو آهي، جيڪو اتر گجرات جي
پاڻيءَ جي نيڪال کي جدا ڪري ٿو، جنهن کي علائقي جي
طبعي نقشي ۾ چڱيءَ ريت ڏسي سگهجي ٿو.
ٽيون پرڳڻو - اتر گجرات
گجرات جو ٽيون پرڳڻو، اتر گجرات وارو خطو آهي،
جيڪو ڪڇ جي رڻ کان وٺي اتر ۽ اوڀر وارن روهن ۽
ڪوهن تائين پکڙيل آهي. هن پرڳڻي ۾ سالياني مينهن
وسڻ جو مقدار 400 م. م- 800 م. م آهي. برسات پوڻ
جي ناتي سوراشٽر ۽ اتر گجرات هڪجهڙا آهن.
نباتات
جي جنسن واري معاملي ۾ به ٻنهي پرڳڻن ۾ هڪجهڙائپ
نظر ايندي. پر ٻنهي پرڳڻن جي زمين جي بناوٽ ۾ چٽو
فرق موجود آهي. سندس ساخت تاريخي دؤر سان واسطو
رکي ٿي. جنهن ۾ هوا ۽ پاڻي نمايان ڪردار ادا ڪيو
آهي. سابرمتيءَ جو وهڪرو وسيع وارياسي خطي مان
گذرندو آهي. هن پرڳڻي جون حدون ڏکڻ واري سامونڊي
ڪناري واري زمين جي پوٺي کان مٿي ٻڌايون ويون آهن.
هن خطي ۾ زمين جي ساخت
(Land form)
يا
نباتات
جي حساب سان ڪابه تڪڙي تبديلي ڪانه آئي آهي. بڙودا
۽ سورت جي وچ واري خطي ۾ اڳئين کان وڌيڪ مينهن
وسندو آهي. هن پرڳڻي جي ڏاکڻيءَ حد سان لاڳاپيل
علائقي ۾ 800 م. م برسات پوندي آهي. تنهن ڪري هيءَ
جـُـؤ (زمين) اتر گجرات جي وارياسي ۽ سامونڊي
ڪناري واري نرم لٽ کان مختلف آهي.
چوٿون پرڳڻو - ڏکڻ گجرات
ڏکڻ گجرات وارو پرڳڻو ننڍو آهي. سمنڊ جي ڪناري سان
هئڻ ڪري پاڻيءَ ۾ پُسيل هوندو آهي. هتي ٻٻر
(Acacia)
۽ ڪرڙ
(Capparis)
جو جهنگ گهڻو آهي ۽ وڻ گجرات جي ٻين پرڳڻن کان
تعداد ۾ وڌيڪ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. سالياني مينهن جو
مقدار 800 م. م (ملي ميٽر) کان لڳ ڀڳ 1000 م م
هوندو آهي. سمنڊ جي وٽ واري زمين جي هيءَ پٽي
سئنين سڌي آهي، پر سابرمتي نديءَ جي مختلف وهڪرن
ڪري گهارن ۾ ونڊجي ورڇجي وئي آهي. پر جيئن ته قديم
آثارن جي تحقيق سان لاڳاپيل فيلڊ ورڪ
(Field Work)
سوراشٽر واري پرڳڻي ۾ ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري هن
پرڳڻي جو تفصيلي ذڪر ڪرڻ وڌيڪ لازمي ٿيندو.
سوراشٽر جو تعارف:
سوراشٽر يا اُپٻيٽ جهڙي هِن گجرات جي پکيڙ
(23500 Sq Mile)
ٽيويهه هزار پنج سؤ هم چورس
ميل آهي. هندستان جي الهندي سامونڊي ڪناري سان
آباد هن پرڳڻي جي زمين جي بناوٽ هڪجهڙي ڏسڻ ۾ ڪانه
ايندي آهي. سوراشٽر جو ڏاکڻي پٽي
(Deccan Trap)
وارو مٿاهون پٽ باقي هندستان کان ڪڇ
(Kutch)
۽ کنڀات
(Camby)
نار ۽ نال ڍوري
(Nal depression)
جي ڍنڍن ڍورن جي ڪري الڳ ٿي ويو آهي. هنن ٽنهي
خاصيتن ۾ وچ واري اتاهين پوٺي
(Plateau)
کي سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته ماضيءَ ۾ هي
اُپٻيٽ
(Peninsula)
هن جوءِ جو اهم ماڳ هوندو ۽ هڪ ٻيٽ جي شڪل ۾ باقي
هندستان کان جدا هوندو.
هن اُپٻيٽ جهڙي خطي جا موجوده دؤر جا ماڻهو هاري
ناري آهن. هتي هاڻي نقد پئسن وارا فصل
(Cash crops)
جهڙوڪ: وونئڻ ۽ بوهي مڱ
(ground
nuts)
پوکيا ويندا آهن. نه ته اڳي کاڌ خوراڪ جا فصل ۽
ڀاڄيون پوکيون وينديون هيون. هن قسم جي پوکيءَ
لاءِ هارين جو تعداد ٿورو آهي. هن قسم جي پوک ۾
پئسو به جام خرچ ڪيو ويندو آهي ۽ بچت به تمام گهڻي
ٿيندي آهي. اهي هاري ڳوٺن ڀرسان پيل گند ڪچرو ۽
ڀاڻ ڀتر کڻي جابلو لاهوندين (لاهين) وارين زمينن ۾
وڃي ملائيندا آهن، جنهن ڪري زمين وڌيڪ زرخيز
(Fertile)
ٿي ويندي
آهي
۽ گهڻي اُپت ڏيندي آهي. اهڙيءَ ريت ڳوٺاڻن زمين جي
کاڌ
(erosion)
خلاف ڪي اپاءَ پڻ ورتا آهن. انهيءَ لاءِ ته جيئن
ڳوٺ جي ڀر واري زمين وزن کان وڌيڪ کڄي نه وڃي. نقد
پئسن وارن فصلن پوکجڻ ڪري اناج ۽ سبزين جي پوکيءَ
راهيءَ ۾ ڪاخاص تبديلي ڪانه آئي آهي. اَنُ -
ٻاجهري ۽ ڀاڄيون
(Pernisetum -
typhoides)
، سبزي، ترڪاري ۽ ڪمند جي
زراعت ملڪي ضرورتن کي پورو ڪندي آهي. پر انهن جو
مقامي طور وڪرو ڪونه ٿيندو آهي.
هي ڳوٺاڻا هاري ناري رڍون ٻڪريون ۽ ٻيو چوپايو مال
به ڌاريندا آهن. جن ماڻهن وٽ زمين ڪانه هوندي آهي،
ته اهي
کير ڏيندڙ جانور ڌاريندا آهن ۽ پنهنجو پيٽ گذر
ڪندا آهن. سوراشٽر موسم کي اهميت ڏني ويندي آهي.
هن پرڳڻي ۾ اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾
سوڪهڙو ٿي ويندو
آهي. تمام ڌنار ڪي ڌنڌي سان لاڳاپيل ماڻهو هن موسم
۾ پنهنجو ڌڻ ڪاهي. ڪنهن جالاري سائي ستابيءَ جوءِ
ڏانهن ويندا آهن. هنن سانگي ماڻهن جي سانگ ڪرڻ
واري زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جو هڪ خاص نظام هوندو
آهي. ان ڪري سندن لڏپلاڻ واري هن چرپر کي انساني
نسلن واري علم
(Anthropology)
جي نقطهء نظر سان ڏسڻ کپي. هن قسم جا سانگي ماڻهو
بيشمار هوندا آهن ۽ سوراشٽر ۾ هنڌين ماڳين نظر
ايندا آهن. اهڙا ڌنار لوڪ گجرات جي هر پرڳڻي ۾
ڏسبا آهن. جڏهن هنن ماڻهن جي ثقافتي هڪجهڙاين ۽
فرقن تي تحقيق ڪئي ويندي آهي، ته هي ماڻهو قديم
آثارن جي ماهرن لاءِ وڏي اهميت رکندا آهن. هنن
ماڻهن جي ثقافتي شين ۾ هڪجهڙائپ موجود هوندي آهي.
جنهن جو تعلق سنڌو تهذيب جي روايت سان آهي. ان جو
بنياد هڪ تنظيم ۽ اداري ۾ سندن باهمي رابطن ۾
موجود آهي. اهي ڌنار سائي سيم جي آڌار تي اڄ
هـِـتي سڀاڻي هـُـتي، ويندا آهن ملڪَ جهاڳيندا. ان
وسيع علائقي ۾ هن نيات
(Community)
جا هزارين ڌنار پنهنجي مال جي
چاري پاڻيءَ خاطر ديس ۽ وسنديون لتاڙي ڪٿان جو ڪٿي
وڃي نڪرندا آهن. پر منجهن مضبوط رابطو هوندو آهي،
جيڪو انفرادي به هوندو آهي ۽ برادري سان لاڳاپيل
به هوندو آهي. اهو هڪ اهڙو ذريعو آهي، جنهن کي
مضبوط تهذيبي رابطو سڏي سگهجي ٿو.
زمين جي بناوٽ
Land Form
:
هن زمين جي ڏاکڻئي پٽي
(Deccan Trap)
واري بناوٽ ٻرندڙ جبل جي کاڌ ۽ ڪير جي ٺهيل آهي.
ٻرندڙ جبل جو لاوا
(Lava)
سامونڊي ڪناري واري جوءِ ۽ اتر جي ڪجهه حصن کان
سواءِ ساري پرڳڻي تي ڇانيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. جنهن جو
تعلق شروعاتي ڊائنا سور واري چنائي پٿر جي دؤر
(earlier
Jurassic
lime Stone Period)
سان آهي.
هن ٻرندڙ جبل جي لاوا ڪري 400 ميٽر اوچيون ٽڪريون
جُڙي پيون آهن. وچ اتر کان
هليل
اهڙي لاوا جو مواد ڏکڻ ڏانهن به وڌي آيو هو.
اهڙيءَ ريت سامونڊي ڪناري سان به هڪ اهڙو جبل
موجود آهي. جنهن جي اوچائي 1100 ميٽر آهي. هن کان
سواءِ ٻيون اهڙيون ٽڪريون 650 فوٽ اوچيون آهن. هن
ٻرندڙ جبل واري علائقي مان ڪيتريون نيون وهي نڪرن
ٿيون، جيڪي ڪاٺياواڙ مان گذرن ٿيون ۽ اهو سوراشٽر
جو هڪ عام نالو آهي. هن اُپٻيٽ جي شڪل ۽ ان روهه ۽
ڪوهه جي تري واري پٿريلي خطي جي صورت جي ڪري هتان
جون نئيون اهڙن هنڌن تان گذرنديون آهن، جيڪي
چمڪندا رهندا آهن. اهڙيون نئيون سدا ڪونه وهنديون
آهن. ڇاڪاڻ ته ان ٻرندڙ جبل جي روهه ۽ ڪوهه واري
جوءِ ۾ گهڻو مينهن ڪونه وسندو آهي ۽ پاڻيءَ سان
سيراب ٿيندڙ علائقي واري ايراضي
(Catchment
area)
به مختصر آهي. سانوڻ جي
مُند
۾ جڏهن مينهن جي لس لـُـري لڳي ويندي آهي، ته به
اهڙيون نيون ٻه ٽي ڏينهن تار وهنديون آهن. ايئن به
چئي سگهجي ٿو، ته مينهن بس ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻه ٽي
ڪلاڪ تار وهنديون آهن ۽ پوءِ لهي وينديون آهن.
انهن ڏينهن ۾ اُٿل جو پاڻي ٻوڙان ٻوڙائي لائي
ڏيندو آهي. ڀونگر ضلعي جون گهيلو
(ghelo)
۽ ڪالوڀر
(Kalubhar)
نئيون
(Hilly rivers)
ٻن ٽن ڪلاڪن جي وچٿري مينهن کان هڪ ڏينهن پوءِ،
جولاءِ 1971ع ۾ ڏٺيون ويون هيون ته اهي ڪنن تائين
تار وهي رهيون هيون، جڏهن ته سندن گهرائي هڪ کان
ٻه ميٽر هئي. ٻڌايو ويو هو، ته سوراشٽر جون سڀ
نيون ايترو تار وهنديون آهن.
ڪاٺياواڙ جي جاگرافيائي صورتحال هڪجهڙي ڪونه آهي.
وچ وارو مٿاهون ۽ سامونڊي ڪناري وارو هيٺاهون پاسو
هيٺ مٿي آهي، ڪٿي ته وڏيون ٽڪريون ڏسڻ ۾ اينديون
آهن. جيئن ڪناري ڏانهن وڌبو ته هيٺ مٿاهين به وڌيڪ
نظر ايندي. ننڍيون وڏيون ٽڪريون گهڻائي ۾ به
ڏسبيون. سامونڊي ڪناري واري پٽي سئين سڌي آهي، جتي
سامونڊي واري
(Sand)
ڇانيل ڏسبي آهي. ڏکڻ ۾ Milio
Lithic
دؤر
جون چن واري پٿر جون ٽڪريون آهن. سامونڊي ڪناري
واري زمين گهڻو ڪري ڪلراٺي آهي.
ڪاري ڪپهه واري زمين جي بناوٽ ڏاکڻي پٽي
(Deccan Trap)
واري ٻرندڙ جبل جي تري واري جوءِ آهي، جتي پوکي
راهي ٿيندي آهي. ان جي چوڌاري ننڍيون وڏيون ٽڪريون
آهن. وچ واري جابلو جوءِ ۾ ته ڪوبه وڃي ڪونه
سگهندو آهي. مذڪوره ٽڪرين جي وچ تي وسيع کليل
ايراضي به آهي. گهيلو ۽ ڪالوڀر نئن جي اوسي پاسي
ٻني ڏاڍي ڀلي ۽ هيٺ گهري به آهي. هتي ڪيتريون
اهڙيون ٽڪريون به موجود آهن، جن جي تري واري زمين
پٿريلي آهي. ٽڪرين جون چوٽيون خشڪ آهن، جن تي نظر
ايندڙ گاهه ۽ ٻوٽا به ڪومايل هوندا آهن. ٽڪرين تان
هيٺ لهڻ سان زمين جو تهه وڌيڪ گهرو ڏسبو جيڪڏهن
ٽڪريءَ کان پري ٿبو، ته زمين جو اهو قسم ڏسڻ ۾
ڪونه ايندو. هنن ٽڪرين جي ويجهي واري زمين ڏاڍي
ڀلي ٿيندي آهي ۽ فصل به سٺا ٿيندا آهن. عجب جهڙي
ڳالهه اها آهي ته موجوده دؤر جون انساني وسنديون
به انهن جي لاهوندين تي ٺهيل هونديون آهن. پر
ٽڪرين جي چوٽين دامن ۾ ڪونه هونديون آهن[11].
هن پرڳڻي ۾ مينهن وسڻ کان نئيون وهڻ شروع ڪنديون
آهن، روهه ۽ ڪوهه وارو هي علائقو ٻرندڙ جبلن تي
مشتمل آهي ۽ مٽيءَ نه هجڻ ڪري نئن جو وهندڙ پاڻي
چمڪندو ۽ چلڪندو ڏسبو آهي. هي نئيون زرعي زمين مان
گذري اڳتي وينديون آهن. تنهن ڪري اها زمين گهارن
ڪري چٽڪمري نظر ايندي آهي. هنن مان ڪي نيون پاڻيءَ
جي مقدار ۽ زمين کي کائڻ ۽ پائڻ جي نقطهء نظر کان
غير اهم هونديون آهن. ڪي نيون ڪيترائي ميل ڊگهيون
هونديون آهن، جن ۾ ٻين ننڍين نئن جو پاڻي به اچي
شامل ٿيندو آهي. گهيلو ۽ ڪالوڀر نئن جي هيٺئين
پاسي ننڍيون وڏيون تمام گهڻيون نئيون ڏسڻ ۾
اينديون، جن کي پوکي راهيءَ لائق ڀلي ٻنيءَ کي
گهارا هڻي بگاڙي ۽ ڦٽائي ڇڏيو آهي، جنهن کي هاڻ
زرعي مقصدن لاءِ ڪتب آڻي ڪونه ٿو سگهجي. پر پاڻيءَ
جي وهڪرن ڪري اها زمين گاهه
ڦٽڻ
جي ڪري سائي لڳي پئي هوندي آهي. جتي ڀرسان ڳوٺن ۽
سانگ ڪري آيل پنهوارن جو مال پيو چرندو آهي.
موجوده دؤر جي موسمي مينهن ڪري هتان جون ننڍيون
وڏيون نئيون اڳي
جيان وهنديون رهنديون آهن. پر انهن کي ڪنهن به
جاچي پرکي ڪونه ڏٺو آهي، ته انهن جي پاڻيءَ ۾ لٽ
جو ڪيترو مقدار هوندو آهي. معلوم ايئن ٿي رهيو
آهي، ته نئين جي منڍ واري حصي ۾ زمين جي کاڌ ايتري
ڪانه هوندي آهي. ساري زمين گاهن جي قسمن سان
ڇانئين سائي لڳي پئي هوندي. نئين جا ڪنارا ۽
ڪنڌيون سايون پيون نظر اينديون، پر سندن ترو مختلف
خوبين ۽ خاصيتن وارو هوندو آهي. هر
نئن جي تري جي خاصيت جابلو لاهوندين واري مٽيءَ جي
گهرائي ۽ ٻين ڳالهين تي مدار رکي ٿي. تري ۾ عام
طور تي سـَـنهون لٽ پيل هوندو آهي ۽ ڪٿي وري ٽاڪرو
پٿرين وارو به ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٽڪرين جي تري وارو
اوسو پاسو پٿريلو آهي، جتي ننڍيون ننڍيون ٽڪريون
به ڏسڻ ۾ اينديون آهن.
مينهن
ڪتاب جي هن حصي ۾ سوراشٽر جي ڇهن ماڳن جي مينهن جو
مختصر ذڪر ڪيو ويو آهي. هن سان گڏ سُوڪهڙي
]خشڪ
ساليءَ[
جون ڳالهيون به بيان ڪيون ويون آهن.
(Table -2)
. اهڙي معلومات مختلف ضلعن جي رڪارڊ تان کنئي وئي
آهي. جنهنجو تعلق هندستان جي 1961ع واري
آدمشماريءَ سان آهي. خشڪ سالي يا ڏڪار
کي به پنهنجي ناڪاري اثر ڪري قلمبند ڪيو ويو آهي.
جنهن جو دارومدار ڪن تبديلين تي جهڙوڪ: مينهن جو
مقدار، زمين جو قسم، پاڻيءَ جي استعمال جو نظام،
پوکي راهيءَ جو طريقو ۽ سرڪاري نظام جو اثر ۽ عمل
دخل وغيره تي هوندو آهي. پر مصنف کي هن پرڳڻي جي
خوبين ۽ خاصيتن معلوم ڪرڻ لاءِ
ڏڪار
ڏاڍو ڪم آيو آهي.
هن اُپٻيٽ
(Peninsula)
جهڙي پرڳڻي ۾ وڏ ڦڙي جا وسڪارا خوب ٿيندا آهن. ڇهن
ضلعن مان هرهڪ کي مينهن جي مقدار معلوم ڪرڻ واسطي
گهٽ ۾ گهٽ هڪ
معلوماتي مرڪز آهي. جتي 1901ع کان 1950ع تائين
وسيل مينهن جي مقدار جا انگ اکر موجود آهن.
جدول - 2
سوراشٽر ۾ خشڪ سالي جو ڦيرو
ڪلاس |
ڄام نگر |
جونا ڳڙهه |
راجڪوٽ |
امريلي |
سرندرنگر |
ڀونگر |
ڪلاس
A
|
b1 |
0 |
0 |
0 |
1 |
0 |
ڪلاس
B
|
1 |
0 |
0 |
1 |
7 |
3 |
ڪلاس
C |
2 |
0 |
3 |
6 |
0 |
5 |
ڏڪار کان بغير |
6 |
15 |
10 |
3 |
1 |
4 |
معلومات جا ذريعا
گورنمينٽ آف انڊيا، هندستان جي آدمشماري 1961ع جلد
5 - نمبر 1 - ضلع ڄام نگر - آدمشماريءَ جو هينڊبوڪ
]احمد
آباد - گورنمينٽ آف انڊيا 1964[
- گورنمينٽ آف انڊيا، هندستان جي آدمشماري 1961 -
جلد 5 - نمبر 2 - ضلع راڄڪوٽ آدم شماري جو هينڊبوڪ
]احمد
آباد گورنمينٽ آف انڊيا 1964[
ص 4. گورنمينٽ آف انڊيا، هندستان جي آدم شماري
1961، جلد 5، نمبر 6. ضلع جهونا ڳڙهه. آدم شماري
هينڊ بوڪ
]احمد
آباد، گورنمينٽ آف انڊيا
1964[
ص 4. گورنمينٽ آف انڊيا، هندستان جي آدمشماري
1961، جلد: 5، نمبر 2. ضلع راجڪوٽ، آدمشماري هينڊ
بوڪ
]احمد
آباد، گورنمينٽ آف انڊيا 1964[
ص 4. ضلع امريلي آدمشماري هينڊ بوڪ
]احمد
آباد گورنمينٽ آف انڊيا1964[
ص 4. گورنمينٽ آف انڊيا، هندستان جي آدمشماري 1961
جلد: 5، نمبر 3. ضلع سريندر نگر
(Surendarnagar)
آدم شماري هينڊ بوڪ
]احمد
آباد، گورنمينٽ آف انڊيا 1964[
ص 4. ضلع ڀونگر آدمشماري هينڊ بوڪ
]احمد
آباد، گورنمينٽ آف انڊيا 1964[
ص 4. ڪلاس-
(Talukas A)
تعلقن جي تجربي جي بنياد تي ٽن سالن مان هڪ سال جو
فصل مڪمل تباهه ڪلاس-
B.
تعلقن جي تجربي جي بنياد تي، ڇهن سالن مان هڪ سال
جو فصل تباهه ڪلاس
C.
تعلقن جي تجربي جي بنياد تي ڏهن سالن مان هڪ سال
جو فصل تباهه.
نمبر
B
- متاثر ٿيل تعلقن جو تعداد
هيٺ علائقي جي مينهن جو مقدار ڏجي ٿو. برسات جو
اهو مقدار مجموعي آهي ۽ 80 سيڪڙو جي حساب سان ڏنو
ويو آهي.
ڏسو -
جدول - 3
سوراشٽر جي ڇهن شهرن 1901ع کان 1951ع تائين پيل
مينهن جا انگ اکر
علائقي جو نالو |
مجموعي |
80 سيڪڙو |
امريلي |
5. 513 م م |
390 م.م |
ڀونگر |
0. 620 |
436 م.م |
ڍنڍوڪ |
1. 602 م.م |
400 م.م |
ڄام نگر |
4. 466 م.م |
255 م.م |
راجڪوٽ |
4. 594 م.م |
430 م.م |
ويرامل |
5. 524 م.م |
266 م.م |
معلومات جو ذريعو:
مينهن وسڻ جي مقدار جا انگ هندستان سرڪار جي
موسميات کاتي پونا (مهاراشٽر) جي آفيس تان ورتا
ويا آهن.
سوراشٽر جي پرڳڻي ۾ ٻٻر
(Acacia)
۽ ڪرڙ
(Capparis)
جا وڻ تمام گهڻا آهن [12]. هن جنس جي وڻن جو ذڪر
مٿي به ڪيو ويو آهي. هن قسم جي
نباتات
تي هوندي آهي، جتي زمين مٺي ۽ ڪلر کان صاف هوندي.
ڪڇ واري ڪلراٺي زمين ۾ وري کٻڙ جو وڻ گهڻو ٿيندو
آهي.
سوراشٽر جي ٻٻر جو وڻ ننڍو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سخت
قسم جا ڊگها ڪنڊا ٿيندا آهن. سندس ڇوڏي جو رنگ
ڀورو ٿئي ٿو. جن کي هتي دوا طور به ڪم آندو ويندو
آهي. ان کان سواءِ ڪپڙي ۽ چمڙي کي رنڱڻ ۾ به ڪم
اچي ٿو. هن وڻ مان کؤنر ملي ٿو ۽ چوپائي مال جي
چاري طور به ڪم ايندو آهي. هن پرڳڻي جي ڪن خطن ۾
ٻٻر جي سائي ٽاري اُٺن، ٻڪرين ۽ رڍن کي چاري طور
ڏني ويندي آهي. ڪرڙ
(Capparis)
جو وڻ وڏو ڪونه ٿيندو آهي. منجهس ننڍيون ننڍيون
لامون ۽ ٽاريون تمام گهڻيون ٿينديون آهن ۽ اولهه
هندستان جي انهن علائقن ۾ ٿيندو آهي، جتي مينهن
گهٽ وسندو آهي. هن وڻ سان گڏ ٻٻر
(Accacia)
۽ ڄاڱري ٻير
(Zizyphys Jujuba)
[13]
جا
وڻ به ڏسبا آهن. هن جو ميوو ننڍو ۽ شاهداڻي
(Cherry)
جهڙو ٿيندو آهي. ڪڏهن وري ان ڦل کي اُٻاري به کاڌو
وڃي ٿو.
ڏِنهه گاهه
(Dichanthi um annalatum)
۽
Cenchrus ciliaris
سوراشٽر جا مشهور گاهه آهن. آر. او. وائيٽ
R.O. Whyte
[14]
هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ته ذڪر ڪيل پهرئين
نالي وارو گاهه
Subclimex
آهي. جيڪو اتر گجرات، سوراشٽر ۽ ڏکڻ گجرات ۾ به
ٿيندو آهي. اهڙين ڳالهين جي تائيد آگري
[15]
۽ نور پور
[16]
جي ڀر وارن ميداني علائقن ۾
ڦٽندڙ گاهن مان به ملي آهي. نال
(Nal depression)
۽ ان جي اوسي پاسي ڀارڀورگاهه
(Ischaemum) Rugosum
۽ ساوڙي
(Echinochloa Colorum)
نالي عام جام ٿيندا آهن. اڳئين نالي وارو گاهه
سارين جي فصلن ۾ گندگاهه جي شڪل ۾ ڦٽندو آهي [17].
ٻنهي قسمن جا گاهه تازا ۽ ساوا مال کي چاريا وڃن
ٿا. پاڻيءَ جي مڪمل طور نيڪال ٿي وڃڻ کان پوءِ
ڏِنهه گاهه
(Dichanthi um annulatum)
ڦٽڻ شروع ڪندو آهي.
هڪ خاص موسم دوران نال ڍوري جو اتريون پاسو ويندي
کنڀات جي نار جي مٿئين پاسي تائين سموري
زمين
پاڻيءَ جي ڇَر ۽ دٻا ۽ تلاءَ بڻجي ويندي
آهي. ان وقت دوران انهيءَ خطي ۾ ڪير اچي وڃي ڪونه
سگهندو آهي. تنهن ڪري ڪو اقتصادي مقصد حاصل ڪري
ڪونه سگهبو آهي. هي هڪ قسم جي حد بندي هوندي آهي.
هن قسم جي صورتحال ڪري ماضيءَ ۾ آمدؤرفت ۽ ماڻهن
اندر اندروني تبديليءَ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو
هوندو. پاڻيءَ جي هن ڇر واري علائقي ۾ گاهه به
پاڻي وارو ڦٽندو آهي. جنهن ۾ ڪلر ۽ لوڻ کي برداشت
ڪرڻ جي قوت هوندي آهي. هن قسم جي گاهن سان گڏ تمر
(Mangroresd)
جو وڻ به نظر ايندو آهي. اوڀڙ جون جنسون اهڙيون
آهن، جيڪي گائوسين
(gaussen)
۽ سندس ساٿين جي ڪيل تحقيق جي فهرست ۾ موجود آهن
[18].
ڏکڻ واري سامونڊي ڪناري سان پاليتن، گير ۽ گرنار
جي روهن ۽ ڪوهن وارو علائقو آهي. جيڪو جهوناڳڙهه
ڀرسان آهي ۽ يڪو بڙودا
(Baroda)
تائين اولهه ڏانهن هليو وڃي ٿو. هيءُ علائقو اڄ به
گهاٽن ٻيلن سان ڇانيو پيو آهي. گير
(gir)
واري جابلو علائقي ۾ گهاٽا ٻيلا ڏاڍو سهڻو منظر
پيش ڪندا آهن. جيستائين اوسي پاسي رياستن جي
حڪمراني هئي، ته هي ٻيلا به محفوظ هئا ۽ انهن ۾
رهندڙ جانورن جو به بچاءُ هوندو هو. گير ۾ گرنار
جي روهن ۽ ڪوهن واري جوءِ ۾ ساڳ
(Tectona grandis)
گهاتي وڻ (لاکئنور جو وڻ)
(Anogeissus letifolia)
۽ ارجن
(Terminalia Arunja)
جا وڻ عام جام ٿيندا آهن [19].
هنن ٻيلن جو تاريخ کان اڳ واري دؤر سان لاڳاپي جو
ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي. اهڙو ثقافتي ذڪر باقيات کي
سمجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. موجوده دؤر
۾ به اولهه هندستان جي هنن گجگاهه ٻيلن ۽ گير ۽
گرنار جي روهن ڪوهن جي وچ ۾ هڪ باهمي رابطو موجود
آهي. ميهر هومجي
(Mehar Homji)
ڪاٺياواڙ بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو
آهي، ته راجسٿان جي اوڀڙ
(Vegetation)
جو تعلق به اتان جي ڌرتيءَ ۽ جاگرافيءَ سان سهمت
آهي. اراولي
(Aravalli)
جي روهه ۽ ڪوهه واري جوءِ ۾ موجود اهڙا ٻيلا آهن،
جيڪي خشڪ ڌرتيءَ تي ٿيندا آهن ۽ مقرر وقت کان پوءِ
ختم به ٿي ويندا آهن. پر جيڪڏهن اولهه راجسٿان جي
وارياسيءَ جوءِ ڏانهن اچبو ته اسان کي ٻٻر ۽ ڪرڙ
Acacia)،
(Capparis
۽ کٻڙ ۽ ديوي
(Prosopis salvadora)
ڏسڻ ۾ ايندا [20]. سوراشٽر جي ڪن حصن ۾ موجود
مٿاهن پٽن ۾ هن قسم جي اوڀڙ ڪانه هوندي آهي. اپٻيٽ
جهڙي هن پرڳڻي جي وچين ڀاڱي وارن ضلعن جهڙوڪ:
راڄڪوٽ ۽ امريلي ضلعن واري جوءِ هن ناتي اهميت جي
مالڪ آهي. ميهر هومجي هن حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو
آهي، ماضيءَ ۾ هتان جا روهه ۽ ڪوهه يا مٿاهان پٽ
ساڳوان وڻ ۽ ٻين ٿور- وقتي ٻيلن لاءِ مناسب هوندا
[21]. پنهنجي بيان کي سچي ثابت ڪرڻ، هن 1950ع واري
ڏهاڪي ۾ بڙودا
(Barda)
جي روهه ۽ ڪوهه واريءَ جوءِ ۾ ساڳوان
(Teak)
پوکيا هئا، جنهن ۾ کيس ايڏي ڪاميابي نصيب ڪانه ٿي
هئي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته هن جوءِ جي روهن ۽
ڪوهن واري خطي ۾ ساڳوان
(Teak)
ڪونه ٿيندو هوندو. پر هتان جي قديم ماحول ۾ گهاٽن
ٻيلن جي موجودگي ضرور هوندي. اهڙي ماحول لاءِ
سوراشٽر جي وچ وارو علائقو وڌيڪ مناسب هوندو.
اختصار
گجرات جي هن فطري ماحول مان ٻه مقصد حاصل ڪيا ويا
آهن. پهرين ڳالهه ته هتي فطري منظر نگاري ڪئي وئي
آهي، جنهن ۾ قديم آثارن سان لاڳاپيل حقيقتون پيوند
ڪري سگهجن ٿيون. هن وسيلي پڙهندڙ هن پرڳڻي جي
حالتن ۽ طبعي ۽ جاگرافي کان واقف ٿي ويندو. تنهن
ڪري اهڙن علائقن گهمي ڏسڻ جو منجهس اشتياق اڀرندو.
ٻي ڳالهه ته هن فطري ماحول ۽ جاگرافي ڏانهن وڌيڪ
ڌيان ڏنو ويو آهي. جيڪي ايندڙ باب ۾ ثقافتي باقيات
کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
تنهن ڪري هي اختصار اهڙين اهم ڳالهين تي روشني
وجهڻ لاءِ مناسب جاءِ آهي. پهرين جاگرافيائي خوبي
۽ خاصيت جو مختلف صفحن تي ورجاءَ نظر ايندو. گجرات
جي اهڙي خاصيت هتان جي ندين ۽ نئن ڪري پيدا ٿي
آهي. هنن نئن جو وهڪرو موسمي هوندو آهي جنهن ۾
دهشت ۽ دم ڪونه هوندو آهي. منجهن زمين کي کائڻ ۽
پائڻ واري خاصيت به هوندي آهي. ان کان سواءِ هنن
نئن جي پاڻيءَ سان گڏ پوکي راهي جو ذڪر به لاڳاپيل
آهي. جنهن ڪري سنڌو تهذيب جي ماڻهن هتي پهچي،
پنهنجون وسنديون جوڙيون هيون. جڏهن ڪنهن نئن جي
ڪناري موجود قديم وسندي جو ذڪر ڪبو، ته اتان جي
اوڀڙ
(Flora)
جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿيندو. اهڙي زرعي زمين جي
قسمن جو علائقائي ۽ پرڳڻي وار ورهاست جو پڻ ذڪر
ڪيو ويندو ۽ قديم آثارن جي حقيقتن کي سمجهائڻ
۾ هڪ ڪردار ادا ڪندو.
ڪاري ڪپهه جو فصل هڪ وسيع علائقي تي پوکيو ويندو
هو. هي خشڪ زمين جو فصل آهي. اهڙو ذڪر وري به ڪيو
ويندو. هن قسم جو فصل اتر گجرات ۽ ڀال
(Bhal)
وارن علائقن ۾ ڪونه ٿيندو هو. معلوم ايئن ٿي رهيو
آهي، ته سنڌو تهذيب جي پوئين دؤر جا ماڻهو پوکي
راهي جي مرڪزي علائقن کي ڇڏي اهڙي خطي ۾ آيا هئا،
جتي خشڪ زمين واري زراعت ٿيندي هئي. چوٿين ڳالهه
ته جڏهن سنڌو تهذيب جي ڪنهن قديم ماڳ جو ذڪر ڪيو
ويندو، ته سوراشٽر پرڳڻي جي جاگرافيائي صورتحال ۽
ماحوليات جو بيان ڪرڻ به لازمي هوندو. هن کان
سواءِ هتان جي روهه ۽ ڪوهه واري هيٺ مٿاهينءَ جوءِ
به ڪو سنئون سڌو پٽ به هوندو. ڪٿي وري سامونڊي
ڪناري جي وٽ سان وارياسي جوءِ به هوندي. تنهن جو
ذڪر به قلمبند ڪرڻ لازمي آهي. پنجين ۽ آخري ڳالهه
هيءَ آهي، ته تاريخ کان اڳ واري گجرات جي زندگي ۾
نال ڍوري
(Nal depression)
جو اهم ڪردار رهيو آهي. جڏهن باب پنجين ۾ لوٿل
(Lothal)
جو بيان ايندو ته نال ڍوري ۽
سنڌو ماٿريءَ جي علائقي ۾ موجود هڪجهڙائي
بابت نئين سر تعارف پيش ڪيو ويندو.
Bibliography & References
[1 These figures have been drawn from :
government
of India, Census of India 1961, vol. I, pt.
11-A(i) : Population Tables " Gujarat (New Delhi
: government
of India, 1964), p. 44.
[2] M.S. Radhawa et al., Farmers of India, vol.4
(New Delhi : Indian Council of Agricultural
Research, 1968), p. 17.
[3] For references to the dry cropping capacity
of the black cotton soils see :
government
of Gujrat, Rajkot District
gazetteer
(Ahmedabad :
government
of Gujrat, 1965), p. 168 ; and
government
of India,
gazetteer of the Bombay Presidency, vol.
20, Sholapur
distirct
(Bombay :
government Central
press,
1884), pp. 219-22.
[4] D.N. Wadia,
geology of India (New York : Macmillan, 1966), pp. 310 and
400.
[5] Y.A. Raikar, "Indian History : A
study
in Dynamics," M.S. Univeristy Archaeology and
Ancient History Series, no. 5 (1960), p. 5.
[6] H. Gaussen et al., "Notice de la Feuille
Kathiawar," Carte International du Tapis Vegetal
9 (1968).
[7] A complete species list of the Indo-Malayan,
Indian and "western"
Perso-Arabian flora is available in V.M.
Meher-Homji, "Some Phytogeographic Aspects of
Rajasthan, India," Vegetable 21 (1970). His work
agrees with that of others in seeing Gujrat and
western
Rajasthan as areas with an intermingling of
these two floral types.
[8] The earliest comprehensive
study
of Indian
mammalian
fauna is W. Blanford, The Fauna of British India : Mammalia
(London : British Museum, Natural History,
1888-91). George Schaller, The Deer and the
Tiger (Chicago : University of Chicago
press, 1967), is a modern study of much of the releveant data
and has an outstanding bibliography.
[9] An interesting paper concerning regions and
their nature is Preston James, "Toward a Further
Understanding of the Regional Concept," Annals
of the Association of American
geographers
42, no. 2 (1952): 195-222. There is an elaborate
pan-Indian
geographic
breakdown in O.H. Spate and A.T.A Learmouth,
India and Pakistan (London : Methuen, 1967), pp.
407-786. An equally elaborate typology of the
botanical regions of India can be found in G.S
Puri, Indian Forest Ecology (New Delhi : Oxford
Book and Stationary Company, 1960), pp. 28-29.
For references to a modern and general
literature on regions and their identification,
see Peter Haggett, Locational Analysis in Human
geography
(New York : St. Martin's
press,
1966). This latterbook is an outstanding
bibliographic essay on current trends in human
geography.
[10] James, "Toward a Further Understanding of
the Regional Concept," p. 195.
[11] An exception to this is encountered in the
interior of Surashtra where agricultural land is
at times extermely restricted. Under these
conditions a tendency was noted for settlements
to be found on bedrock outcrops.
[12] Gaussen et al., "Notice de la Feuille
Kathiawar," pp. 28-34.
[13] Government of Bombay,
gazetteer
of Bombay state : Botany, vol. A, pt. II
(Bombay:
government of Bombay, 1957), pp. 49-50.
[14] R.O. Whyte, The Grassland and Fodder
Resources of India (New Delhi : Indian
council
of Agricultural Research, 1964), p. 118.
[15] N.N. Sen, "Notes on Grassland Ecology in
Utter Pradesh," 1952, cited by
whyte, The Grassland and Fodder Resources of India, p. 119.
[16] N.P. Mohan, "A Short Note on the Principal
Types of Grassland in Uttar Pradesh, Classified
on a Regional Basis," 1942, cited by whyte, The
Grassland and Fodder Resources of India, p. 119.
[17] Whyte, The Grassland and Fodder Resources
of India, p. 120.
[18] Gaussen et al., "Notice du la Feuille
Kathiawar," pp. 26-27.
[19] Ibid., pp. 34-38.
[20] V.M. Meher-Homji, personal letter, 28
October1972.
[21] Ibid.
|