وچـــــور
هيءُ
تحقيقي ڪم گجرات جي علائقي اندر موجود قديم وسندين
۽ انهن جي جاءِ وقوع
(Location)
سان تعلق رکي ٿو. ان کان سواءِ هيءُ علائقو سنڌو
تهذيب جي هڪ اهم علائقي جي حيثيت رکي ٿو جنهن جو
نموني طور تعارف ڏنو ويو آهي، ته سنڌو تهذيب گهڻ
پاسائين هئي، جيڪا جمود جو شڪار ڪانه هئي. جنهن جي
سماج جون پاڙون روايتن جي بيٺل پاڻيءَ ۾ کتل ڪونه
هيون. تحقيق جي هن جوڙجڪ جو پهريون مقصد سنڌو
تهذيب جي شهري مرحلي جي هڪ تعريف پيش ڪرڻ به آهي.
ان تعريفي سلسلي کان پوءِ اهڙن قياسن
(Hypothesis)
۽ انومانن کي اڳتي وڌايو ويندو، جن مان اهو اندازو
ڪري سگهجي، ته ٽينءَ هزاري ق.م جي ختم ٿيڻ وقت
سنڌو تهذيب ۾ نظر ايندڙ تبديلي ۽ ڦير گهير شهري
تهذيب
(Urban Culture)
ڏانهن پيش قدمي هئي، جنهن ان دؤر ۾ هن تهذيب کي
گهڻو متاثر ڪيو هو ۽ اهڙيءَ تبديليءَ جو بنياد
شهري تهذيب جي بنيادن تي بيٺل هو. شهر ڇڏڻ وارين
حقيقتن کي تحريري طور ثابت ڪري سگهجي ٿو. ساڳيءَ
ريت اهو به يقين ڪري سگهجي ٿو، ته ان تبديليءَ
دوران سنڌو تهذيب جي نهايت ڏورانهن علائقن ۾ سنڌي
ماڻهن جون وسنديون جيئن جو تيئن قائم هيون ۽ انهن
۾ ڪنهن به قسم جو انتشار موجود ڪونه هو. اهڙيءَ
ريت ننڍين وسندين مان ڪا لڏپلاڻ ڪانه ٿي هئي.
ثقافتي روايتن مطابق هيءَ تهذيب ختم ٿي ئي ڪانه
هئي. هن ڳالهه کي ثابت ڪرڻ کان پوءِ اسان جي تحقيق
جو مرڪزي نقطو هن تهذيب جي خاص علائقي جي جاچ
پڙتال ڪرڻ هوندو. اهڙيءَ ريت ان علائقي ۾ موجود
مختلف وسندين جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي. ان سان گڏ
ترقي يافته شهري تهذيب
(Mature Urban Culture)
کان وٺي اُن کان پوءِ واري شهري ثقافت
واري
مرحلي جي عبوري دؤر جي چڱيءَ ريت ڇنڊڇاڻ ڪئي
ويندي. انهيءَ لاءِ ته جيئن پوءِ واري شهري تهذيب
جي پوئين مرحلي
(Post Urban Culture)
کي وضاحت سان سمجهي سگهجي.
هن تحقيق جو ٻيو مقصد اهو هوندو، ته ثقافتي روايتن
جو وضاحت سان تعارفي بيان
(Introductory Explanation)
ڪري سگهجي ۽ اهو به واضح ڪري سگهجي، ته سنڌو تهذيب
جي پوئين شهري ثقافتي مرحلي
(Post Urban phase)
مرحلي کي لازمي طور ان جي زوال جو دؤر سمجهڻ نه
کپي. حقيقت اها آهي، ته هن تحقيق مان اهو ثابت ڪري
سگهبو، ته سنڌو تهذيب جي پوءِ واري شهري ثقافت
واري مرحلي ۾ قبل از تاريخ واري گجرات اندر شهري
زندگيءَ جو انتهائي عروج نمايان نظر اچي ٿو.
اهڙيءَ ريت سنڌو تهذيب جي قديم اُجڙيل شهرن ۾ به
تبديلي ۽ تعمير جوعنصر ۽ ان سان گڏ سماجي - ثقافتي
مشابهت به موجود ملندي، جنهن کي هن ڪتاب جي ٻئي
باب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. پر اهڙين ڳالهين جو سڀني
ثقافتي شين تي اثرنظر ڪونه ٿو اچي.
سڀ کان آخر ۾ آءٌ هن حقيقت جو اظهار به ڪندو هلان،
ته منهنجو ارادو آهي ته آءٌ لوٿل بابت پنهنجي قائم
ڪيل قياس
(Hypothesis)
کي اڳتي وڌايان ۽ سنڌو تهذيب جي اقتصادي چرپر ۾ ان
جي خاص حيثيت، اهميت، اثر ۽ عمل دخل کي چٽو ڪري
بيهاريان. ان ناتي منهنجي ڪوشش اها هوندي، ته هن
شهر ۽ اتر گجرات واري علائقي ۾ موجود آهيڙي ۽ ڏوٿي
سماجن ۽ هن شهر جي پاڻ ۾ ناتن ۽ تعلقات تي روشني
وجهان، جيڪي دؤر جي لحاظ سان هڪٻئي جا سهيوڳي هئا.
هن حقيقت ڏانهن ڌيان ڏيڻ به نهايت ضروري آهي، ته
گجرات واري علائقي ۾
’لوٿل‘
سنڌو تهذيب جو اهڙو اهم ماڳ آهي جيڪو شهري تهذيب
جو اڪيلو مڪمل نمونو آهي جنهن کي دنيا جي هر مڪمل
شهري تهذيب سان ڀيٽي سگهجي ٿو، پر اهو به ڏسڻ ۾
اچي ٿو، ته هتان جا ماڻهو هن شهر کي ايئن ڇڏي هليا
ويا آهن، جيئن وسيع سنڌو تهذيب جي ٻين شهرن کي ڇڏي
هليا ويا هئا. هن حقيقت مان معلوم ٿي وڃي ٿو، ته
سنڌو تهذيب جي سرحدن وٽ جنهن تبديليءَ ڪري، پوئين
مرحلي واري شهري تهذيب نڪري نروار ٿي هئي، جنهن کي
شهري ثقافت جي وجود وارين مختلف شڪلين ۾ ڏسي سگهجي
ٿو. هن قسم جي قياس/مفروضي کي شهري ثقافت جي پوئين
مرحلي جي تعريف کان پوءِ جاءِ ڏني آهي.
Bibliography & References
[1] Fred Eggan, “Social Anthropology and the
Method of the Controlled
comparison,”
American Anthropologist 61 (1954) : pp.
743-63, and E.R. Leach, “The Comparative Method
in Anthropology,” International Encyclopedia
of the Social Science 1 (1968) : pp.339-44.
Eggan's work is important in
archaeology, because he emphasizes the fact that the closer
units of study are in overall configuration the
more secure the comparison. Time is a component
of this configuration since culture change must
be considered. Thus the extension into
archaeology
is possible.
[2] There is of course a broad range of
scholarly writing which addresses this concept
and its definition. This authour has drawn
heavily from the following : V.
gordon
childe,
Man Makes Himself (New York : New
American Library, 1951), pp. 114-42. Morton
fried, The Evolution of Political Society (New York :
Randon House, 1967). Robert McC. Adams, The
Evolution of Urban Society (Chicago :
Aldine, 1966).
[3] Jean-Marie Casal, “Nindowari -- A
chalcolithic site in
south
Baluchistan,” Pakistan Archaeology 3
(1966) : p.12.
[4] Walter A. Fairservis, Jr., The Roots of
Ancient India (New York : Macmillan, 1971),
pp.299-300.
[5] gregory
L. Possehl, “The Late Harappan” (manuscript,
1969).
[6] g.R.
Willey, “Prehistoric Settlement Patterns in the
Viru Valley, Peru,” Bulletin of the Bureau of
American Ethnology, no. 155 (Washington,
D.C. : Smithsonian Institution, 1953).
g.R.
Willey, ed., “Prehistoric Settlement Patterns in
the New World,” Viking Fund Publications in
Anthropology, vol. 23 (1956). B.
g. Trigger, “History and Settlement in
Lower Nubia,” Yale University Publication in
Anthropology, Vol. 69 (1965). B.G Trigger, “The
Determinents of Settlement Patterns”, in
Anthropology ed. C.K. Chang (Palo Alto :
National
press Books, 1968). R. McC. Adams,
Land Behind Baghdad (Chicago : University of
Chicago Press, 1965). R. McC. Adams and H. J.
Nissen, The Uruk Countryside (Chicago :
University of Chicago Press 1972).
[7] Research conducted after the completion of
the work discussed here has revealed the
presence of a “pocket” of Post urban sites
immediately to the east of the Little Rann of
Kutch.
[8] This notion is taken from Max Sorre, “The
Concept of
genre
de vie,” in Readings in Cultural
geography, ed. P. Wagner and M. Mikesell
(Chicago: University of Chicago Press, 1962),
pp. 399-415.
[9] This data is taken from Appendix A and does
not include data collected as a portion of this
research project.
[10] A full discussion of the
chronology for these phases will be found in Chapter IV. Also
presented there are the pertinent 14C dates with
standard deviations and laboratory run numbers.
In the entirety of this work 14C dates will be
given in B.C. terms.Two dates will appear. The
first without parenthesis, will be dates
calculated in the 5730 half-life. The second, in
parenthesis, will be the same date with the
adjustment factor for tree-ring calibration. See
E.K. Ralph, H.N. Michael, and M.C. Han,
“Radiocarbon Dates and Reality,” MASCA
Newsletter, vol. 9, no.1 (1973).
باب ٻيو
سنڌو تهذيب ۾ شهري ثقافت جي پوئين
مرحلي جو نروار ٿيڻ
هن باب ۾ سنڌو تهذيب
۾ بلڪل عام سطح تي موجود تنوع ۽ گوناگوني
جي جاچ پڙتال ۽ ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي ۽ هن تهذيب جي
بعد از شهري ثقافت واري پوئين مرحلي
(Post Urban Phase)
سان لاڳاپيل ثقافتي شين جي ڪَٺن
(Assemblage)
کي ٽن مکيه علائقن جهڙوڪ: سنڌ، پنجاب ۽ گجرات ۾
ورهايو ويندو. جاچ پڙتال کان پوءِ معلوم ٿيو آهي،
ته مٿي ذڪر ڪيل علائقن مان هرهڪ اندر خاص دؤر سان
لاڳاپيل ثقافتي شين جو هڪ ڪٺ موجود آهي، جيڪو سنڌو
تهذيب جي ترقي يافته شهري ثقافت
(Mature Urban culture)
کان پوءِ بنا ڪنهن رنڊ روڪ ۽ تهه جي وِٿيءَ جي
لاڳيتو موجود ڏسجي ٿو. مليل ثقافتي طرزن ۽ نمونن
جي لحاظ کان انهن ٽنهي علائقن جي ڪٺن ۾ موجود
ثقافتي شين ۾ اهڙي ته گهري ساڳيائپ نظر ايندي، جو
ايئن معلوم پيو ٿيندو، ته اهڙيون هڪجهڙيون طرزون ۽
نمونا سنڌو تهذيب جو هڪ تسلسل
آهن،
جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي وٿي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي.
هنن ثقافتي شين جي
جائزي
کي هن حقيقت جي اظهار لاءِ به ڪم آندو ويو آهي، ته
سنڌو تهذيب
ائين
ختم ٿي ڪانه وئي هئي، جيئن روايتي طور ٻڌايو ويندو
آهي. اها هڪ حقيقت آهي، ته ٻي هزاري ق.م دوران هن
تهذيب اندر هڪ نمايان تبديلي ضرور آئي هئي. هن قسم
جي ڦيرگهير مان اهو هرگز نه سمجهڻ گهرجي، ته هيءَ
تهذيب هلندي هلندي اوچتو گم ٿي وئي هئي، اتان جا
ماڻهو به ماڳ مڪان ڇڏي پنهنجن لوين مان لڏي الائي
ڪاڏهون جو ڪاڏي ٽڙي پکڙي ويا هئا. شهرن ۾ وانگي به
ڪونه رهيو ۽ سڀئي شهر اجڙي ڀڙڀانگ ٿي ويا. اسان کي
هن قسم جون غير حقيقي ۽ روايتي سمجهاڻيون ڏئي
هروڀرو مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.
معلوم ايئن ٿئي ٿو، ته اهڙي تبديليءَ ڪري سنڌو
تهذيب جا ماڻهو موئن جو دڙو ۽ هڙاپا ڇڏي ڪيڏانهن
لڏي هليا ويا هئا. ساڳيءَ ريت لوٿل
(Lothal)
، جهڏير جو دڙو
(Judeir Jo daro)
ڪئلي بئنگن
(Kalibangan)
۽ ڪوٽ ڏجي
(Kotdijee)
جهڙا ماڳ به خالي ٿي ويا، جيڪي پنهنجي دؤر جون
نهايت اهم ۽ منفرد وسنديون هيون. پر پوءِ به هن
تهذيب ۾ هڪ تسلسل ڏسجي ٿو ۽ ٻين جڳهن تي تهذيبي
اوسر ۽ ماڻهن جي ڪارڪردگيءَ ۾ گهماگهميءَ ۽ چرپر
نظر اچي ٿي. ذڪر ڪيل پوئين حقيقت سنڌو تهذيب جي
پوئين مرحلي واري شهري ثقافت
(Post Urban Phase)
سان واسطو رکندڙ علائقن جهڙوڪ: گجرات
(Gujrat)
۽ هرياڻا جي قديم ماڳن مان به
واضح ٿي چڪي آهي.
هن بحث مان هڪ ٻيو نقطو به نڪري نروار ٿئي ٿو، سو
هيءُ آهي، ته سنڌو تهذيب جي ثقافتي شين جي
هڪجهڙائي[1]
کي هن تهذيب جي پوءِ واري شهري ثقافت جي مرحلي
وارين مختلف ثقافتي شين جي هڪجهڙائي سان ڀيٽائي
سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت ثقافتي شين جي مختلف ڪـَـٺن
(Assemblages)
کي سندن علائقن مطابق قلمبند ڪيو ويو آهي. مٿي
بيان ڪيل ثقافتي شين مان ڪي منفرد به آهن، پر اهي
ساڳئي بڻ بنياد تان ورتل آهن. هن صورتحال مان
معلوم ٿئي ٿو، ته هر علائقي ۾ ايندڙ تبديلي بلڪل
مختلف آهي. ڪن جڳهن تي تبديلين ۾ هڪجهڙائي به
موجود آهي، جنهن جو اڳتي هلي بيان ڪيو ويندو.
حالتن مان مجموعي طور اهو به معلوم ٿي رهيو آهي،
ته شهري ثقافت واري پوئين مرحلي واري دؤر ۾ سنڌ،
پنجاب ۽ گجرات جي ماڻهن پنهنجن شهرن ۾ وسندين کي
خالي ڪري، ڪيڏانهن اُڪاڻي وڃڻ کان هڪدم پوءِ هڪٻئي
کان ڌار رستا اختيار ڪيا هئا ۽ منجهن ڪنهن به قسم
جو سٻنڌ، سهمت ۽ سهڪار ڪونه رهيو هو.
هن حقيقت جو وڏي اعتماد سان اظهار ڪري سگهجي ٿو،
ته اها ڳـُـڻائتي ڳالهه جيڪا هنن ماڻهن کي سٻنڌ جي
سڳي ۾ پوئي متحد ۽ مضبوط رکندي هئي ۽ جنهن ڪري
سندن طرز زندگيءَ ۾ هڪ قسم جي ساڳيائپ ۽ رابطو هو،
سا لوڻ پاڻي ٿي وئي هئي. اهڙيءَ ريت هرهڪ علائقو
ڌارين وانگر ڇڄي هڪٻئي کان ڌار ٿي ويو هو.
جنهن علائقي جي ماڻهن کي جاڏي منهن آيو، تاڏي وهي
پيو هو. سنڌو تهذيب جي قديم ماڳن کي ڇڏڻ وارين
تبديلين کي سمجهڻ واسطي مٿي بيان ڪيل اتحاد ۾
انتشار کي به سمجهڻو پوندو، جنهن کان پوءِ هن
تهذيب ۾ پويون شهري ثقافتي مرحلو
(Post Urban
phase)
اچي وڃي ٿو. اهڙين ڳالهين کي فقط تڏهن سمجهي سگهجي
ٿو، جڏهن هن تهذيب جي تاريخي تسلسل کان سڄاڻ ۽
سچيت رهبو. مختلف علائقن ۾ موجود ثقافتي شين اندر
اختلاف ۽ ڪنهن دؤر سان لاڳاپيل تبديليءَ مان اهو
هرگز نه سمجهڻ کپي، ته هيءَ تهذيب ختم ٿي وئي هئي.
پر هن حقيقت کي مضبوط باهمي رابطي
(Interaction)
آيل تبديلي
(Change)
۽ تغير
(Variation)
۽ اڳتي وڌڻ واري متحرڪ صلاحيت
(Dynamics)
کي آڏو رکي سوچڻو ويچارڻو پوندو. اهڙين ڳالهين کي
هڪ تاريخي حوالي سان ڏسڻ گهرجي. ان کي تسلسل ۽
سمجهڻ واري ماپي سان ماپڻو پوندو. قاعدي ۽ اصول
مطابق ٿيندڙ جاچ پڙتال جو اهم مقصد به اهو هوندو
آهي.
ٻئي باب ۾ بيان ڪيل ٽيون ۽ آخري نقطو اهو آهي، ته
ڪنهن فيصله ڪُن
نتيجي تي پهچڻ واسطي حقيقت جو ڪهڙو طريقو استعمال
ڪرڻ گهرجي؟ سنڌو تهذيب جي قديم ماڳن جي جاچ پڙتال
(Field Research)
وسيلي اها حقيقت معلوم ڪري سگهبي، ته ماضيءَ جي
کوٽائي ۽ کوجنا ڪندڙ محققن ۽ ماهرن هن سماج جي
تاڃي پيٽي کي فقط شهري تناظر کان پنهنجي ڌيان جو
مرڪز بڻايو آهي. سندن تصور هو ته هيءَ تهذيب هڪ
اهڙو وجود آهي، جنهن جو مڪمل تصور موجود آهي. جنهن
کي زمان ۽ مڪان جي ڪوٽ اندر
بند
سگهجي ٿو. اهڙي قسم جي تصور ڪري، هڪجهڙائي ۽ فرق
کي ڏيکارڻ ڏاڍو سولو ڪم هو ۽ مختلف ثقافتي شين کي
سڃاڻڻ ڏاڍو سولو ڪم هو. ڇاڪاڻ ته اهي هڪٻئي کان
منفرد هيون ۽ دؤر جي لحاظ کان هڪڙين ثقافتي شين
کان اڳ ۾ ٻين کان پوءِ هيون. اهڙي تصور قائم ڪرڻ
کان پوءِ سندن کوٽايون ۽ کوجنائون انهن ماڳن تائين
محدود رهيون، جن جو گهڻو ڪري شهري تهذيب سان واسطو
هو. هي اهي ماڳ هئا، جن کي ماڻهو ڇڏي هليا ويا
هئا. اها تعجب جي ڳالهه نه آهي، ته هن تهذيب جو
آخري مرحلو بلڪل ئي اڻ سڃاتل رهجي ويو آهي.
کوٽاين جو تاريخي نقطهء نظر کان
جائزو
سنڌو تهذيب جي قديم ماڳن جي کوٽاين ۽ کوجنائن مان
پتو پوي ٿو، ته اهي انساني وسنديون قديم دؤر ۾
شهري ثقافت سان لاڳاپيل هيون ۽ اهڙيون حقيقتون
ماڻهوءَ کي ڏاڍو متاثر به ڪن ٿيون. ان ڪري هڪ محقق
ان نتيجي تي پهچي ويندو، ته هن قسم جي تحقيق جو
واسطو فقط ان دؤر جي قديم شهرن سان ته آهي، پر خاص
نوعيت جي ڪنهن نظام سان نه آهي. اوهان ڀلي کوٽاين
۽ کوجنائن سان لاڳاپيل دستاويز کي جاچي پرکي ڏسو.
موئن جي دڙي [2]، هڙاپا [3]، چانهون جي دڙي [4]
لوٿل [5] ڪئليبئنگن [6] ۾ هيٺ گهري ۽ اُڀي کوٽائي
ڪرڻ بدران همواري نمود کوٽائي ڪئي وئي هئي. هنن
مان هرهڪ ماڳ وڏو آهي.
توڙي جي
اهو شهر نه هوندو پر انتظامي يا
پيداواري
جي نقطهء نظر کان ان جي ثانوي حيثيت ضرور هوندي.
انهن جي اڏاوت ۽ تعمير ۾ اندروني فرق ضرور آهي، پر
اهو واضح آهي، ته اهي ڳوٺ هرگز نه آهن. ساڳيءَ ريت
ڪوٽڏجي [7]، روپڙ [8]، رنگپور [9] ۽ آمري [10] ۾
به مختصر کوٽائي ڪئي وئي يا گهريون کاهيون کوٽيون
ويون آهن. هي ماڳ به نهايت اهم آهن ۽ هنن ماڳن کي
سنڌو تهذيب جو
ڳوٺاڻو
بنياد سڏي نه ٿو سگهجي.
اهڙيءَ ريت اسان سنڌو سڀيتا کي هڪ شهري تهذيب طور
سڃاڻندا آهيون، جنهن کي زمان ۽ مڪان اندر محدود
رکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ڏٺو ويندو ته طرز تعمير،
مذهب ۽ ثقافتي شين جي تحقيق لاءِ هتي هر قسم جو
مواد موجود آهي [11]. پر اهڙي تحقيق لاءِ ملندڙ
ثقافتي شيون شهري مرڪزن مان ملن ٿيون ۽ انهن سان
ئي واسطو رکن ٿيون. اهڙيون شيون گهڻو ڪري اهڙن
ڳوٺن مان ڪونه مليون آهن، جن جي ثقافت کي هن تهذيب
جي نظام جو بنياد سڏي سگهجي ٿو. هن بحث سان
لاڳاپيل اهم حقيقت هيءَ به آهي، ته هن قسم جا
تحقيقاتي ڪم مقرر دؤر اندر محدود حقيقتن سان تعلق
رکندا آهن ۽ هنن تحقيقاتي ڪمن جو واسطو سنڌو شهري
ثقافت
(Indus Urban Culture)
سان آهي. مذڪوره تحقيقون انهيءَ ڪري اڻ پوريون
آهن، جو اهي اڻ چٽيون آهن ۽ هي مڃيل اصولي نظريي
مطابق ڪونه آهن. هي نظريو يا تصور اهو آهي، جنهن
مطابق سمجهيو ويندو آهي، ته هيءَ تهذيب هڪدم صورت
وٺي اوچتو نڪري نروار ٿي پئي هئي ۽ ساڳيءَ ريت ختم
به ايئن اوچتو ٿي وئي. يعني هن تهذيب جي ختم ٿيڻ
بابت اهو تصور موجود آهي، ته مٿان اوچتو اهڙي ڪا
آپدا آئي تنهنڪري اها هڪدم ختم ٿي وئي. دلچسپ
ڳالهه اها به آهي، ته سرجان مارشل موئن جي دڙي
[12] تي ٽي جلد لکيا آهن. پر هن محقق ۽ سندس ساٿين
هن تهذيب جي ابتدا ۽ اختتام بابت ڪا ٻڙڪ ڪانه ٻولي
آهي، موهن جي دڙي سان لاڳاپيل هن تصنيف جو هر لفظ
هن تهذيب جي خوبين ۽ خاصيتن کي بيان ڪرڻ تائين
محدود آهي. سر جان مارشل ۽ سندس ساٿين جو دلي مقصد
به اهو هو. توڙي هن تصنيف جو نالو
”موئن
جو دڙو ائنڊ انڊس سولائيزيشن“
رکيو ويو آهي، پر معلوم ايئن ٿئي ٿو، ته ان نالي
جي صحيح نموني سان نمائندگي ڪانه ڪئي وئي آهي. هنن
ماڻهن جو تصور هو ته هيءَ تهذيب ختم ٿي وئي آهي.
اهي هن تهذيب کي ختم ٿيل ان ڪري سمجهن ٿا، ته کين
ثقافتي شين جو اهڙو مجموعو ڏسڻ ۾ ڪونه آيو. جو هن
تهذيب جي پٺيان سندس وجود جي نشاندهي ڪندو هجي.
پر هاڻي منظرعام تي ڪي ٻيون حقيقتون نروار ٿي اچي
ويون آهن ۽ پوئين شهري ثقافت واري مرحلي بابت
مضبوط شاهديون موجود آهن، جنهن کي اسان سنڌو تهذيب
جو پويون مرحلو سڏي سگهون ٿا ۽ اهو مرحلو وڏي عرصي
تائين هلندو آيو آهي. اهڙي يقين جهڙي حقيقت کي ڪن
ٻين سببن ڪري پڻ اهميت ڪانه ڏني وئي آهي. پهريون
سبب اهو هو ته هن تهذيب جون ثقافتي شيون ڏسي قديم
آثارن جا ماهر عجب ۾ پئجي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته
اهڙيون شيون شهري ثقافت سان لاڳاپيل هيون، جنهن جو
کين وهم ۽ گمان به ڪونه هو. اهڙين شين کي ٻين
ثقافتي شين سان خاص طور ٺڪر جي ٿانون جي مختلف
مجموعن سان ڀيٽائي ڏٺو ويو هو. ان کان پوءِ تڙ تڪڙ
۾ تحقيق ڪري، مٿي بيان ڪيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو
هو. ۽ هن ڳالهه تي ڳنڍ ڏني وئي هئي ته ثقافتي شين
اندر هڪجهڙائي گهٽ ۽ فرق تمام گهڻو آهي. هڪ خاص
دؤر جي آخر ۾ لڏپلاڻ به شروع ٿي هئي، ان زماني
دوران ماڻهو ڳتيل نموني آباد هئا ۽ ان کان پوءِ
ماڻهن جي آبادي گهٽجڻ شروع ٿي وئي هئي. ٿي سگهي ٿو
ته ماڻهو شهرن ۾ آباد هجڻ کان ڪيٻائي رهيا هئا.
تنهن ڪري شهرن ۾ شهري ثقافت واري پوئين مرحلي
دوران شهرن جو اڳيون دٻدٻو ڪونه رهيو هو. پر پوءِ
قديم آثارن جا ماهر هنن شهرن جي کوٽاين ۽ کوجناين
لاءِ ڳت ڏئي بيهي رهيا هئا. ان ڪري اهڙي نقطهء نظر
کان متاثر ٿيڻ لازمي هو، جيڪو ان وقت عام هو ته
سنڌو تهذيب ختم ٿي وئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو وڏين ۽
اهم ثقافتي روايتن ڏانهن ڌيان ئي ڪونه ڏنو ويو.
هڙاپا جون روايتون
کوٽائيءَ
جي ابتدائي مرحلي دوران اهو پتو پئجي ويو هو، ته
موئن جي دڙي جي مٿئين تهه تي ثقافتي زوال جا آثار
موجود هئا. ڇاڪاڻ ته ان تهه تي رهندڙ ماڻهن جي
شهري زندگي تنزل جو شڪار هئي. ڪڏهن اهو وقت هو،
جو هن شهر ۾ پڪ سريون شاندار جايون موجود هيون. پر
مٿئين تهه واري دؤر جا ماڻهو ننڍن ۽ گندن گهرن ۾
رهندا هئا. سندن گهر گهڻو ڪري پڪين سرن جي ٽوٽن جا
ٺهيل هئا. سرن پچائڻ جا کورا به شهر جي وچ تي
گهٽين ۾ قائم ڪيا ويا هئا. عام ماڻهن شهر جي عوامي
ملڪيتن تي ناجائز قبضا ڪري ورتا هئا. هن دؤر ۾ بي
اصولين ۽ بي قاعدگين جا اجهي اهي حال هئا.
موئن جي دڙي جي زوال
بابت
هڪ ڳالهه ته صاف آهي، ته هن عظيم شهر جي مڪمل
خاتمي کان اڳ، هتان جا ماڻهو هن شهر کي هوريان
هوريان ڇڏي رهيا هئا. پوئين دؤر جي ماڻهن ڊٺل گهرن
جي دڙن تي پنهنجا جهڳا جوڙي ورتا هئا. شايد اهو
درياء
جي
چاڙهه واري پاڻي کان بچڻ واسطي ڪيو ويو هو. اهڙا
گهر پنهنجي اڏاوت ۽ بناوٽ ۾ جڏا سڏا ۽ گندا هئا.
اهڙن گندن گهرن جو تعداد تمام گهڻو هو، جيڪي ٺهيل
به تمام گندي علائقي ۾ هئا. انهن ماڻهن جو تعلق
هيٺئين طبقي سان هو. گهرن جي اڱڻن کي سنهيون ڀتيون
ڏئي ڀاڱن ۾ ورهايو ويو هو. قلع نما هڪ جڳهه جي
اولهه طرف ٽيهه فوٽ اوچي اناج جي ڀانڊي جي جڳهه
هئي، جيڪا غريب ماڻهن جي گهرن سان وڪوڙيل ڏسڻ ۾
آئي آهي. سندن اڏاوتن ۾ نين سرن بدران پراڻين پڪين
سرن جا ٽڪرا ۽ ٽوٽا ڪتب آندا ويا هئا. کوٽائي ٿيل
ايراضي وٽان بيهي ڏسبو، ته ان دؤر جون جهوپڙيون
پاڻ ۾ تمام گهڻيون ڳتيل هيون ۽ غريب ماڻهن جي
آبادي تمام گهڻي هئي. [13]
اهڙي زوال جي ڪارڻ لاءِ به هڪ تصور موجود آهي. سر
جان مارشل جو خيال آهي، ته موسم ۾ تمام گهڻي
تبديلي اچي وئي هئي ۽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ بي
تـُـڪو چاڙهه اچي ويو هو. مئڪي
(Mackey)
جو خيال آهي، ته هن شهر کي ڪنهن حمله آور تباهه
ڪونه ڪيو هو [14]. پر سندس زوال جو ڪارڻ سنڌو
درياء جو غير يقيني لاهه ۽ چاڙهه آهي. ويلر
(Wheelar)
هڪ ڀيري بيان ڏنو هو، ته صورتحال جي شاهدين مان
لڳي ٿو، ته هن شهر جي زوال لاءِ اندر
(Indar)
ديوتا ذميوار آهي [15] ۽ هاڻي تازو هن حقيقت ڏانهن
اشارو ڏنو ويو آهي، ته جيالاجيءَ سان لاڳاپيل ڪن
سببن ڪري سنڌوءَ جي هيٺئين پاسي سندس تري ۾ اُڀار
اچي ويو هو،
تنهنڪري چاڙهه جو پاڻي اتي تلاءَ ٿي بيهي رهيو.
پاڻي، گپ ۽ لَٽُ به اتي گڏ ٿيندو
ويو،
تنهنڪري اتي هڪ قدرتي ڊيم بڻجي ويو. ان رنڊڪ ڪري
درياءِ جو پاڻي ۽ گپ وڌيڪ گڏ ٿيندي وئي. ان قدرتي
بند ٻڌجي وڃڻ ڪري سنڌوءَ جي مٿئين پاسي وڏي اٿل
آئي هئي. امڪان آهي ته موئن جي دڙي وارو شهر
اهڙيءَ امڪاني ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ويو هجي [16].
فيئر سروس
(Fair Servis)
جو خيال آهي، ته ماڻهن مٿان ڳاٽي ڀڳو محصول مڙهيو
ويو هوندو، جيڪي اڳئي پيٽ گذر ۾ لاچار هوندا. اهڙي
قسم جي محصول کان اهي ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿيا هوندا،
جيڪي مال چاري پيٽ گذر ڪندا هوندا ۽ سندن تعلق
ڳوٺن سان هوندو. موئن جي دڙي واري شهر جي زوال جو
اهو ڪارڻ آهي [17]. ٻين ماهرن جو خيال آهي، ته
مليريا جي بيماري ۽ گهرو جنگيون هن شهر جي زوال جو
سبب هونديون. اهو به امڪان آهي، ته نسلي فرق ڪري
جابلو ڌاڙيلن اچي هن شهر کي لٽي ڦري ڀڙڀانگ ڪري
ڇڏيو هجي. ويلر جو قائم ڪيل نظريو هاڻي پنهنجي
اهميت وڃائي چڪو آهي. هن شهر جي تباهيءَ لاءِ آرين
جي حملي جو به هڪ مفروضو موجود آهي. پر اهڙيون
ڳالهيون هاڻي پنهنجو وزن وڃائي چڪيون آهن. موئن جي
دڙي واري ماڳ جي تباهيءَ تي سخت قسم جو تنقيدي
جائزو موجود آهي، جيڪو ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي
[18]. جنهن جو اڳواٽ اظهار ڪرڻ موزون ڪونه آهي. پر
هن قسم جو سوال ته اُڀري سگهي ٿو، ته هيءَ عظيم
تهذيب ثقافتي روايت مطابق کنا کيڙ ٿي ناس ٿي ويئي
يا فقط شهر اُجڙي ڀينگ ٿي ويا ۽ تهذيب اڃا به پوري
طاقت سان روان دوان هئي. اها هڪ حقيقت آهي، ته ڪي
تبديليون رونما ضرور ٿيون هيون، پر گهري جاچ پڙتال
۽ ڇنڊڇاڻ کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته اهي شهر، شهري
ثقافت
(Urban Culture)
جي مضبوط ۽ مربوط تاڃي پيٽي ۾ سلهاڙيل هئا. اهو به
معلوم ٿئي ٿو، ته اهڙي تبديليءَ کان ٻهراڙيءَ
واريون انساني وسنديون، قطعي متاثر ڪونه ٿيون
هيون. تنهن ڪري اهي جيئن جو تيئن محفوظ هيون. يقين
سان چئي سگهجي ٿو، ته سنڌو تهذيب ختم ڪانه ٿي هئي،
پر شهري ثقافت واري مرحلي کي ڇيهو رسيو هو ۽ تهذيب
جي خاتمي واري ڳالهه فقط مفروضو آهي.
ان کان پوءِ هڪ بحث جي شروعات ٿئي ٿي، جنهن جو
مقصد انهن ثقافتي شين جي ثابتين کي گڏ ڪرڻ آهي،
جيڪي شهري ترقي يافته سنڌو تهذيب کان هڪدم پوءِ،
پوئين مرحلي واري شهري ثقافت
(Post Urban Culture)
جي دؤر سان لاڳاپيل آهن، جن جو تعلق ان دؤر جي وڏن
۽ ننڍن شهرن سان پڻ آهي. تحقيق جي نقط نظر کان
سنڌو تهذيب واري رياست يا ملڪ کي ٽن حصن جهڙوڪ:
سنڌ، پنجاب ۽ گجرات ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هنن مان
هرهڪ حصي جي ثقافتي شين جي مجموعي جو واري واري
سان ذڪر ڪيو ويندو.
منهنجي خيال مطابق ويلر جو اهو نقطهء
نظر صحيح ڪونه آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌو درياء
اهڙيءَ ريت جبلن وچان ڪونه وهي رهيو آهي،
جهڙيءَ طرح گنگا ۽ نيل درياء
وهندا آهن. سنڌ هڪ ميداني علائقو آهي. ان
کان سواءِ سنڌوءَ جو پيٽ تراکڙو آهي ۽
ٿوري چاڙهه ڪري اٿلي چوڌاري ٻوڙان ٻوڙ
لائي ڏيندو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي, جو هن
درياهه جي ڪنارن سان ماڻهن جون وسنديون
جام آهن. تراکڙي پيٽ هجڻ ڪري جيڪڏهن هن جي
تري ۾ ٻه ٽي فوٽ به بند ٻڌبو ته درياء
رخ ئي بدلائي ويندو آهي. اسان وٽ اهڙو
مثال موجود آهي. چوٿين صدي هجريءَ جي
پهرئين اڌ جي آخر ۾ هن دريا اروڙ کان منهن
موڙي بکر ڏانهن رخ ڪيو هو. تاريخي روايتن
مطابق اهو واقعو محمود غزنويءَ جي سنڌ تي
حملي سن 418هه/1127ع کان 65 يا 70 سال اڳ
سنه 1057ع يا 1057ع ڌاري ٿيو هو. اهو به
چيو ويندو آهي, ته اهو بند سيف الملوڪ
نالي هڪ واپاري ڏياريو هو. پر معلوم ٿيندو
ته اها تعمير مهينا کائي وئي هوندي. چيو
ويندو آهي ته اهو زمانو دلو راءِ سومري
جهڙي جابر حڪمران جو هو ۽ اهو بند راڄڌاني
اروڙ ڀرسان ٻڌجي ويندو هو. تنهن ڪري هڪ
معمولي واپاري کي اهڙي جرئت ڪئين ٿي هوندي
جو درياء
جي پيٽ ۾ بند ٺهرائي سگهي. درياء
جي رخ جي هن تبديليءَ ڪري موجوده سکر ضلعي
جو ڏاکڻيون حصو, ضلع خيرپور, ضلع
نوشهروفيروز ۽ ضلعو نواب شاهه رڻ پٽ بڻجي
ويا هوندا. منهنجي خيال ۾ اهو بند ڪنهن
مقامي حڪمران جو ڪم آهي, جنهن دلوراءِ
سومري جي حڪومت کي نقصان پهچائڻ خاطر بند
ٻڌايو هوندو, جنهن جي حڪمراني مٿي بيان
ڪيل متاثر ٿيل ضلعن واري علائقي ۾ قائم
هوندي. هڪ اهڙو بند اروڙ جي ٻئي شهر جي
اتر ۾ ٻڌو ويو هو ۽ هاڪڙي درياء
جي پاڻيءَ جي رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
هئي. اروڙ جو اهو ٻيو ماڳ سنڌ جي لاڙ واري
حصي ۾ موجود آهي. ڌيان ڌرڻ جوڳي حقيقت اها
به آهي،
ته بکر ۽ روهڙي جي قريب اروڙ وٽان هاڪڙو
نه, پر سنڌو وهندو هو.
هاڪ وهندو هاڪڙو ڀڄندي ٻنڌ اروڙ, بهه مڇي
۽ لوڙهه سمي ويندا سوکڙي.
ڏسو صفحو 35
|