سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ

باب:

صفحو:11 

 

باب ڇهون

نتيجو

 

هن تحقيق سان لاڳاپيل ٿيسز (Thesis) جو اٿاريل مرڪزي نقطو هي آهي ته ڇا سنڌو تهذيب جو روايتي پسمنظر، گهڻو ڪري غير پيداواري (Unproductive) آهي. ڇا هن جي ماضيءَ جي هر جاچ پڙتال مطابق سندس سماجي ثقافتي نظام اندر هڪجهڙائي (Homogenity) ۽ استحڪام (Stability) گهٽ آهي. جيڪر اهو مسئلو نه آهي، ته هن جون عام روايتون غلط آهن سنڍ Sterile [1] ضرور آهن. تنهن ڪري هن جي گهڻ - رنگي ۽ تبديل ٿيندڙ خاصيت مان ڪي حقيقتون حاصل ڪري ورتيون ويون آهن، ته تحقيق وسيلي هن تهذيب جي ثقافتي تحرڪ ۽ پيداواري رخ کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهبو.

ٻئي رخ کان هن تحقيق جو واسطو ان طريقي سان آهي، جنهن جي اختيار ڪرڻ سان سنڌو تهذيب زمان ۽ مڪان جي لحاظ سان مضبوط ۽ مربوط هئي. ڪن ماهرن کي هن تهذيب اندر عدم تسلسل جا وڏا خال نظر آيا آهن. جن ڏانهن هن ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن تهذيب ۾ جيڪي عدم تسلسل جا خال ڏسڻ ۾ اچن ٿا، سي در حقيقت تهذيبي تبديليون آهن. جنهن ڪري ماڻهو هڪ علائقي مان نڪري وڃي ٻئي علائقي ۾ آباد ٿيا هئا. ان کان سواءِ وسندين جي مربوط نظام ۾ ڪي سڌارا آندا هئا ۽ پيٽ گذر جي طريقن ۾  ڦيرگهير آندي هئي. ان دؤر ۾ هيءَ ڳالهه به نظر اچي ٿي ته سنڌو تهذيب جي ماڻهن ۽ ٻين نياتن وچ ۾ متحرڪ تعلقات پيدا ٿي چڪا هئا، جيڪي هنن ماڻهن جي اوڙي پاڙي ۾ رهنديون هيون.

مثال طور لوٿل بابت بحث کي وڌائي سنڌو سڀيتا ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن جي اندروني لاڳاپن تي روشني وجهي سگهجي ٿي. هاڻي اهو تصور ڪري ڪونه ٿو سگهجي، ته سنڌو سڀيتا جون ان جي ڏورانهين سرحدن تائين واقع وسنديون رڳو هارين نارين جا ڳوٺ هوندا هئا، جيڪي هن تهذيب جو حصو هئا. لوٿل جو ماڳ اقتصادي ۽ ثقافتي تسلسل جي نقطهء نگاهه کان سنڌو تهذيب جي سرحد ڪانه هئي، پر اهو ماڳ اهڙي جڳهه تي هو جتي ٻه آزاد قسم جا نظام اچي پاڻ ۾ ملندا هئا. سڃاڻ جي تبديليءَ جو نقطو هو، هڪ وسندي ۽ پيٽ گذر جو ذريعو هو. هن شهر جي حيثيت جيئن مرڪزي واپاري ڦاٽڪ واري هئي، جنهن کي مرڪزي دڳ (gateway Centre) سڏي سگهجي ٿو. جتي اقتصادي گهماگهمي جو تسلسل، مختلف گروهن جي وچ ۾ مضبوط سماجي لاڳاپن ۽ وسيع پيماني تي خيالن جي ڏي وٺ جو ماحول قائم هو.

سنڌو سڀيتا جي تاڃي پيٽي اندر ساڳيو يا هڪجهڙو تسلسل موجود هو ۽ ٻين ماڳن بابت به ساڳئي قسم جو مفروضو قائم هو. يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته ڪلي (Kuli) ماڳ جو ٺڪر جو ٿانءُ ساري ڏکڻ بلوچستان ۾پکڙيل هو. جنهن جي طرز ۽ گهاڙ، سنڌو تهذيب جي ثقافتي شين جهڙي آهي. هنن شين ڏسڻ سان معلوم ايئن ٿيندو آهي، ته انهن جي ڪاريگريءَ ۾ سنڌو تهذيب جي ڏات ۽ ڏانءُ جو عڪس موجود هوندو آهي. هن جابلو جوءِ جون ثقافتي شيون سنڌو ماٿريءَ واري هيٺاهينءَ جوءِ جي ثقافتي شين کان جدا ڪونه آهن. هن معاملي ۾ هڪجهڙائپ جا وڏا امڪان هوندا آهن. سنڌو تهذيب ۽ ڪلي واري ماڳ جي ٿانونَ ۾ موجود هڪجهڙائپ مان معلوم ڪري سگهجي ٿو، ته ٻنهي ۾ ڪو خاص اندروني رابطو هو. نهايت مختصر جاچ پڙتال مان هڪدم معلوم ٿي ويندو، ته ڪلي ماڳ جون ثقافتي شيون ۽ تعميراتي نمونو، ڪن وسندين اندر مختلف نمونن جي تعمير مان معلوم ٿيندو آهي. ڪلي وارو ماڳ سنڌو تهذيب جي جابلو شڪل آهي، جنهن سنڌو تهذيب کي شهري ثقافت جو روپ ڏنو هو. جاگرافيائي نقطهء نظر کان هي ٻئي علائقا هڪٻئي جي ويجهو آهن. ٻي ڳالهه اها به آهي، ته هن جابلو جوءِ جا ڌنار سنڌو ماٿريءَ ۽ سنڌو ماٿريءَ جا ڌنار مٿي جبل واري جوءِ ڏانهن پيا ايندا ويندا آهن. ٻيون به ڪيتريون ئي هڪجهڙيون ڳالهيون آهن، جنهن ڪري هي ٻئي علائقا تهذيب جي هڪ روپ جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جيتري قدر ٻنهي علائقن ۾ ٽيڪنالاجي جي موجود هجڻ جو تعلق آهي، ته هن ڏس ۾ جابلو ماڻهوءَ جي آڏو چراگاهن جا کليل ميدان آهن، پر پوکي راهيءَ واري زمين بلڪل محدود هئي. ڪلي جي ماڻهن، هن شهر جي ترقي لاءِ پوکي راهيءَ واري ڌنڌي کي ايتري ترقي ڏياري هئي، جيتري سنڌو ماٿري جي ماڻهن گهڻي کان گهڻيون ٻنيون آباد ڪري سنڌو سڀيتا کي ترقي ڏياري هئي. ڪڏهن ڪڏهن سنڌو تهذيب ۽ ڪلي ثقافت جي وچ ۾ لاڳاپا غير موجود ڏسجن ٿا. جيڪڏهن ڪلي جي ٺڪر ٿانوَ کي ڏسبو ته طرز ۽ گهاڙ ۾ باهمي رابطي جي تسلسل جو پتو پوندو آهي، پر جڏهن هن ثقافت تي تاريخي تسلسل ۽ ماحول کي آڏو رکي سوچبو ويچاربو، ته پوءِ اهڙن تعلقات جو موجود نه هئڻ نظر ايندو. مڪران جي ساحلي علائقي سان سوتڪا جن دؤر (Sutkagin Dor) ۽ ”سوتڪا ڪوهه“ (Sutka koh) [2] نالي ٻه جڳهون آهن، جن کي سنڌو تهذيب جا ماڳ سمجهيو ويندو آهي. پر امڪان آهي ته هي سنڌو سڀيتا جا ڏورانهان ماڳ ڪونه آهن. ليڪن هنن ماڳن ۾ سنڌو تهذيب ۾ ڪلي ثقافت جو گڏيل اثر موجود آهي. مذڪوره قديم ماڳن ۾ چٽساليءَ وارو ٺڪر جو ٿانءُ ڏسجي ٿو. تنهن ڪري اهو سمجهڻ ضروري نه آهي، ته سنڌ ۽ ڀر واري بلوچستان علائقي ۾ تجارتي لاڳاپا موجود هئا [3]. حقيقت هيءَ آهي ته سنڌو تهذيب ۽ ڪولي ثقافت جي ٺڪر ٿانوَ ۾ فقط طرز جو فرق آهي. اهڙي تبديلي کي وسيع تهذيبي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي. مختصر اهو ته هتي اهم نقطو اهو آهي، ته روايتي ثقافتي حدن جي نشاندهي ڪندڙ عنصرن کي خاص ثقافتي تسلسل جو ماپو سمجهڻ گهرجي. سنڌو تهذيب جي معاملي تي مون پنهنجي راءِ جو اظهار هن ريت ڪيو آهي، ته پوکي راهيءَ سان واڳيل ڳوٺ هن تهذيبي نظام جو اهم جزو آهي. جيڪڏهن ڀيٽوار اڀياس جو دائرو محدود ڪبو، ته قديم آثارن جي رڪارڊ ۾ تهذيبي نظام جا ٻيا لازمي جزا نظر ڪونه ايندا. لوٿل واري معاملي جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي، جيڪو هن ڳالهه کي صحيح ثابت ڪري سگهي ٿو.  تبديليءَ ۽ ڦيرگهير جا پاڻ ۾ گڏيل وچڙيل موضوع آهن. جيڪو متحرڪ هم آهنگي (Dynamic integraton) جو هڪ قسم آهي، جنهن ثقافتي تسلسل جي تاريخ جي لفظن ۾ هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هنن مان ٽي عنصر اهڙا اهم آهن، جن جو هتي ذڪر ڪرڻ لازمي ٿيندو.

پهريون عنصر هي آهي، ته سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت واري مرحلي (Urban Phase) ۽ شهري ثقافت جي پوئين مرحلي (Post Urban Phase) وچ ۾ دستاويزي (Documented) تسلسل موجود هئڻ گهرجي. هيءَ هڪ نئين مسلم حقيقت آهي، جنهن جو سنڌو تهذيب جي خالي ڪيل شهري مرڪزن ۽ ٻين تبديلين تي وڏو اثر آهي. جنهن هن تهذيب کي ٻي هزاري ق.م (Second Millennium B.C) واري دؤر ۾ گهڻو متاثر ڪيو هو. ٻيو عنصر سنڌو تهذيب جي گجراتي وسندين جو زمان ۽ مڪان، وسندين، پاڻيءَ ۽ پوکي راهيءَ واري زمين جي وچ ۾ تعلقات جي موجودگي، پوسل واري قسم جي پوک ڏانهن ڌيان ڏيڻ آهي. هي عنصر وسندين، وسيع پس منظر ۾ تبديل ٿيندڙ تهذيبي علائقي ۾ رهائش اختيار ڪرڻ جي ناتي نهايت اهم آهي. ٽئين عنصر جو واسطو ثقافتي تسلسل جي تاريخ سان آهي. جنهن ناتي هن مفروضي جو قائم ٿيڻ به آهي، ته اتر گجرات واري خطي ۾ سنڌو تهذيب جي ماڻهن آهيڙين ۽ ڏوٿين وچ ۾ باهمي تعلقات هئا ۽ سنڌو تهذيب جي ترقيءَ بابت دؤر ۾ لوٿل اهم ماڳ هو، جتي هڪ مڪمل اقتصادي نظام قائم هو.

هن کان اڳ سنڌ، پنجاب ۽ گجرات ۾ موجوده ترقي يافته شهري ثقافت (Mature Urban Culture) تي هم آهنگ ۽ مربوط قسم جي تحقيق جي ڪوشش ڪانه ڪئي وئي هئي. ان کان سواءِ شهري ثقافت ۽ شهري ٿقافت جي پوئين مرحلن ۾ مڪمل تسلسل موجود هجڻ واري حقيقت، سنڌو تهذيب جي اوچتي ختم (End) ٿي وڃڻ واري هٿ ٺوڪئي نظريي تي گهڻي اثر انداز ٿي سگهي ٿي. هتي اهڙي پس منظر جي اوسر نظر ايندي ته سنڌو تهذيب تمام ڊگهو عرصو باقي رهي آهي. پر سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت جي مختلف وجودي مرحلن بابت ڪنهن راءِ جو اظهار ڪونه ڪيو ويو آهي. ليڪن ايم. آر. مـُـغل (M.R. Mughal) جي تحقيقي مقالي "Study of Early Harappan" جا حوالا ضرور ڏنا ويا آهن [4]. قديم آثارن جي هن عالم سنڌو تهذيب جو ابتدائي دؤر چوٿين هزاري ق.م جو پويون حصو ٻڌايو آهي. شهري ثقافت ۽ شهري ثقافت جو پويون مرحلو ٻه هزاري ق.م کان وٺي هندستان جي تاريخي دؤر جي چائنٺ تائين پهچي وڃي ٿو.

سنڌو تهذيب جي روايت جي نقطهء نگاهه کان هيءَ حقيقت نهايت اهم آهي، ته هيءَ سڀيتا شهري مرڪزن جي خالي ٿيڻ سان ختم ڪانه ٿي وئي هئي، پر ڪن ناقابل ترديد ثابتين جي آڌار تي هڪ مضبوط ڪيس تيار ڪري سگهجي ٿو، ته هن تهذيب جو شهري ثقافت کان پوءِ وارو مرحلو گجرات واري علائقي اندر، تاريخ کان اڳ واري دؤر ۾ شهري زندگي جي روپ ۾ موجود هو. جيڪڏهن سنڌ ۽ پنجاب ۾ موجود قديم آثارن سان لاڳاپيل ماڳن جون ڌيان ۽ گيان سان کوٽايون ۽ کوجنائون ڪيون ويون، ته قوي امڪان آهي ته هن نقطهء نظر جي تائيد ٿي ويندي ته هنن علائقن ۾ اقتصادي طور متحرڪ ۽ مناسب وسنديون ملي وينديون. ڇاڪاڻ ته هنن علائقن ۾ مختلف مرحلن سان لاڳاپيل وسندين جي تعداد جي خبر ڪانه آهي. تنهن ڪري گجرات مان مليل اهم حقيقتون قديم آثارن جي ماهرن جي انهن بيانن کان ضرور سوال پڇنديون، ته هن تهذيب جي ترقي يافته مرحلي کان پوءِ هن وسيع سنڌو ماٿريءَ جي آدمشماري ڪيڏانهن هلي وئي هئي؟ گجرات ڏانهن لڏپلاڻ ۽ شهري مرڪزن کي خالي ڇڏي وڃڻ جهڙا واقعا ڪونه ٿيا هئا. پر اهڙا بيان فقط ٻين علائقن بابت ڏنا پيا وڃن، ته گجرات کان سواءِ باقي ٻين علائقن جهڙوڪ: سنڌ ۽ پنجاب مان لڏپلاڻ ٿي هئي ۽ ماڻهو وڏا شهري مرڪز خالي ڪري هليا ويا هئا. پر ان لاءِ ڪي سگهاريون شاهديون موجود ڪونه آهن. تنهن ڪري هڪ مفروضي تحت سنڌو تهذيب جي تاريخي تسلسل لاءِ گجرات جي قديم ماڳن کي کوٽائيءَ کوجنا لاءِ چونڊيو ويو هو.

وسندي جي جاءِ وقوع  (Location)جي خاصيتن، مختلف علائقن ۾ موجود وسندين جي تعداد، گجرات اندر موجود قديم آثارن سان لاڳاپيل ثابتين ۽ سنڌو سڀيتا جي شهري ثقافت جي پوئين مرحلن بابت ڪيترائي سوال پيدا ٿي رهيا آهن. مثال طور: جزوي دؤر بي. سي ٻيو  (Sub Period B.C II) دوران وسندين جو تعداد تمام گهڻو وڌي وڃي ٿو. تعداد جي اهڙي اضافي مان سمجهيو پيو وڃي، ته اهي ماڻهو سنڌو سڀيتا جي ٻين علائقن مان لڏي اچي هتي پهتا هئا. يا هن علائقي ۾ موجود سنڌي ڌنار لڏپلاڻ کان تنگ ٿي جهڳا جوڙي ڳوٺ ٻڌي هڪ جاءِ تي ٿانيڪا ٿي ويٺا هئا. هن علائقي سنڌ ۽ پنجاب کان لڏي آيل شهري آبادي جي ماڻهن کي منهن ڏنو هو. ڇاڪاڻ ته انهن علائقن جي ماڻهن جي خواهش هئي، ته اهي سنڌو تهذيب جي سرحدن اندر پنهنجون وسنديون جوڙي ويهي رهن. هن ڪتاب جي باب پنجين ۾ قائم ڪيل اهو مفروضو هن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ته ان دؤر ۾ وسندين جي اڏجڻ جو هڪ لڳاتار سلسلو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اهو ساڳيو دؤر آهي، جو صنعتي گهرن جو تعداد ۾ به اضافو ڏسجي ٿو. ان ڪري به سمجهيو پيو وڃي، ته انساني وسندين جي تعداد ۾ به گهڻو واڌارو اچي ويو هو. پر ان کان سواءِ به ڪي متبادل ڳالهيون هيون، جيڪي انهن مسئلن ڏانهن واضح اشارو ڪري رهيون هيون ته پنجين باب ۾ انهن پنجن عنصرن جو ذڪر آهي، جن جي ڪري وسندين جي تعداد ۾ ڊرامائي اضافو ڏسجي ٿو [5]. ڪن حالتن تحت سنڌ جي ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ انهن جي گجرات علائقي ۾ آبادي سنڌو تهذيب جي سماجي جوڙجڪ ۾ بگاڙ آڻي ڇڏي ها. اهڙيءَ ريت ڏيتي ليتي به سخت متاثر ٿئي ها. ايڏي وڏيءَ آباديءَ جي لڏپلاڻ ڪري ڪي ايراضيون ته صفا خالي ٿي وڃن ها. سنڌو تهذيب جا اُهي خطا خوشحاليءَ جي هڪ وڏي ذريعي “انسان” کان وانجهيل هجن ها. پر هن تهذيب جي خاص قسم جي جوڙجڪ جي ڄاڻ رکڻ به نهايت ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته ان قسم جي خيال کي جاچڻ ۽ پرکڻ کان اڳ ايئن ڪرڻ مناسب ٿيندو. پهريائين هيءَ ڳالهه سمجهڻ کپي ته سنڌو سڀيتا ۾ هاري ۽ ماهر ڌنار جو ڪردار ڪهڙو هو؟ اهي ماڻهو روزگار جي وڏن ننڍن ذريعن ۾ گڏيل ڪم ڪهڙي طريقي سان سرانجام ڏئي رهيا هئا؟ عام حالتن ۾ اقتصادي نظام جي سرحدن اندر ڌنار ڪهڙي قسم جي ڪمن ۾ رڌل رهندا هئا؟ سنڌ ۽ پنجاب اندر زرعي پيداوار جو ڪهڙو نظام هو؟ ان تهذيبي تسلسل جي اندروني ڪيفيت کي سمجهڻ لاءِ مٿي بيان ڪيل ۽ وڌيڪ ٻين سوالن کي مرتب ڪري هڪ شڪل ڏني وڃي ۽ انهن سوالن جا جواب به ترتيب ڏئي هڪ جائتا ڪيا وڃن.

سنڌو سڀيتا جي پوئين دؤر ۾ گجرات اندر هارين نارين پوسل واري پوک ڏانهن ڌيان ڏنو هو ۽ ٻاجهريءَ کي متعارف ڪرايو هو. پيٽ گذر جي لحاظ سان اها ان دؤر جي هڪ اهم ۽ وقتائتي تبديلي هئي. هنن ماڻهن لاءِ هن قسم جي ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏيڻ ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لازمي هو، جيڪي لڏپلاڻ وسيلي ڏتڙجي ۽ پوءِ پاڻ سنڀالي چڪا هئا. ڇاڪاڻ ته ان وقت جي صورتحال کي ان ريت منهن ڏيڻ کان سواءِ هنن وٽ ٻيو ڪو گس به موجود ڪونه هو. انهن شين ڏانهن ڌيان ڏيڻ ايئن ته نه هو ته هو ڇڏي ڏنل سڀني شين کي وري اختيار ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏئي رهيا هئا؟ ڇاهنن ماڻهن جو بنايل آبي نظام ۽ پوکي راهيءَ جو طريقو وسيع سنڌو ماٿريءَ جي آبي نظام ۽ پوکي راهيءَ جي اصولن مطابق هو؟ ڇا اتي تبديليءَ جو ڪو ٻيو نمونو ممڪن ڪونه هو؟ خشڪ پوکيءَ جي گنجائش، سنڌو ۽ ٻين درياهن کان پري، اتر گجرات ۾ موجود هئي. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن پنهنجي ڄاڻ کي ان طريقي سان استعمال ڪيو ۽ گجرات ۾ ان کي نئين طريقي سان اختيار ڪيو هو، جنهن مان معلوم ايئن ٿئي ٿو، ته هنن ماڻهن گجرات اندر پنهنجي شديد ضرورتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اها تبديلي اختيار ڪئي هئي ۽ في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ لاءِ هنن محنت کان ڪم نه ورتو هو، پر زرعي زمين جي وڌيڪ ايراضيءَ تي پوکي راهي ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته ڀليءَ ٻنيءَ جا وسيع علائقا سندن آڏو موجود هئا. پر گجرات جي صورتحال جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو، ته جن ماڻهن وڌيڪ زرعي زمين آباد ڪري پيداوار وڌائي هئي، سي زراعت پيشه انسان نه، پر چؤپائي مال جي ڪڍ هلندڙ ڌنار هئا. هيءَ حقيقت ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي، ته اسان سنڌو تهذيب جي تڏهوڪن ماڻهن جي پيٽ گذر جي مختلف طريقن کان واقف ڪونه آهيون. اهڙين اهم حقيقتن کي سمجهڻ کان سواءِ اسان کي اهڙي بيان ڏيڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ ته سنڌو تهذيب جا ماڻهو پاڻيءَ جي وڏي چاڙهه ڪري لڏي پلاڻي شهر خالي ڪري ڪاڏهون جو ڪاڏي ڪک پن ٿي ويا هئا. اهڙي نقطهء نظر جو اظهار ڄاڻي ٻجهي ڪيو ويو هو ۽ ان جي سچ هجڻ لاءِ تنقيدي راءِ به پيش ڪئي وئي هئي [6].

ٿوري وقت لاءِ هن موضوع کي ڇڏي اڳئين ڳالهه ڏانهن رخ ڪريان ٿو، جنهن جو تعلق هڪجهڙائپ (Homogenity) جو ورجاءُ آهي. جنهن ڪري هيءَ تهذيب هڪ جاءِ تي ٽڪي بيهي رهي ۽ سنڍ (Sterile) بڻجي وئي هئي ۽ غير پيداواري شڪل اختيار ڪري چڪي هئي. ان سان گڏ اها ڪوشش به ڪئي ويندي، ته گجرات اندر سنڌو سڀيتا جي ماڻهن جا پيٽ گذر جا مختلف طريقا ڪهڙا هئا؟ ان ناتي هتان جي ڌنارن، پوسل واري پوک جي طريقي، آبي نظام  ۽ ٻين موضوعن تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪئي وئي آهي. هيءُ معاملو اسان کي اڳتي سنڌو ماٿري جي روايتي ۽ اهم آبي نظام وٽ وڃي بيهاري ٿو. جنهن کان پوءِ هڪ سوال پيدا ٿئي ٿو، جيڪو هن تهذيب جي پس منظر بابت آهي، ته سڀيتا ڪهڙي طريقي سان پنهنجي ترقي يافته عبوري دؤر (Transitional Period of Urban phase) کان پوءِ شهري ثقافت جي پوئين مرحلي (Post Urban Cultural Phase) ۾ داخل ٿي هئي. جيڪڏهن پوسل واري پوکيءَ وارو مذڪوره طريقو اڳيئي سنڌو ماٿريءَ ۾ موجود هوندو، ته گجرات ۾ جزوي دؤر بي سي ٻئي  (Sub-Period B.C II) دوران اهڙيءَ پوکيءَ ڏانهن ڌيان ڏيڻ ڪو انقلابي قدم ڪونه هوندو، ته پوءِ اهڙي قدم کي تبديلي نه، پر تسلسل سڏي سگهجي ٿو. ۽ روايتي طور قائم ڪيل اهو نمونو (ماڊل) به غلط ثابت ٿي ويندو. غلط ان ڪري ٿي ويندو، ته ان ۾ انهن حقيقتن بابت ڄاڻ ٿوري هئي.

لوٿل واري ماڳ جي بڻايل نموني ماڊل لاءِ به ساڳئي نوعيت جو سوال اٿي سگهي ٿو، جيڪو پيٽ گذر جي طريقن بابت هو. پر وسندين ۾ هلندڙ تجارت ۽ انهن ۾ موجود صنعتن بابت ڪنهن به قسم جو شڪ شبهو موجود ڪونه آهي. پر انهن وسندين اندر موجود ڏيتي ليتي ۽ ٻئي وهنوار بابت اختلاف راءِ ضرور موجود آهي. هن ماڳ لوٿل جي کوٽائي ايس.آر. راؤ ڪرائي هئي جيڪو هن شهر بابت ٻه ڳالهيون ڪري ٿو: چوي ٿو ته هيءُ ماڳ شهر به هو ته وسندي به هو. سندس هي به نقطهء نظر آهي، ته هي ماڳ هڪ آزاد ملڪ جي راڄڌاني هو. ان زماني ۾ ساري سنڌو تهذيب جي دائري اندر فقط موئن جو دڙو سامونڊي تجارت ڪندو هو. پر ايس. آر. راؤ لاڳيتو هن ڳالهه تي زور ڏيندو آيو آهي، ته لوٿل شهر هجڻ سان گڏ هڪ وسندي به هو. ان زماني ۾ ميسوپوٽيميا (Mesopotamia) هن ماڳ معرفت سامونڊي تجارت ڪندو هو [7]. پر منهنجي خيال ۾ ايس. آر. راؤ جون لوٿل لاءِ چيل اهي ٻئي ڳالهيون غلط آهن. ڇاڪاڻ ته لوٿل وسنديءَ جي ]پکيڙ 240x290 ميٽر[ ٿوري ۽ ننڍي آهي. هن وسندي جي موئن جي دڙي جيتري پکيڙ به ڪانه آهي، جيڪا ڪيترن ئي همچورس ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. ٻي ڳالهه ته لوٿل راڄڌاني هئڻ بدران صوبائي تجارتي مرڪز هوندو. هيءُ ماڳ وسيع سنڌو تهذيب جو هڪ ننڍڙو پر اهم شهر ضرور هوندو.

اهڙا عنصر اڃا تائين معلوم ٿي نه سگهيا آهن، جن جي ڪري هيءُ شهر وجود ۾ آيو هو. صورتحال مان معلوم ايئن ٿي رهيو آهي، ته سنڌو تهذيب جي انتهائي عروج جي زماني ۾ سنڌي ماڻهن گجرات جي لوٿل واري ماڳ کي آباد ڪيو هوندو. امڪان آهي ته لوٿل جو بنياد موئن جي دڙي مان لڏي آيل پهرين ماڻهن رکيو هجي. هتان جي ماڻهن جهڙوڪ: آهيڙين ۽ ڏوٿين سان تجارتي شين جي مٽاسٽا جا تعلقات به انهن پهرين لڏي آيل ماڻهن قائم ڪيا هوندا. لوٿل جي اوسر ۽ ترقي ۾ رسمي منطق (Formalization) جو عڪس نظر اچي ٿو. جنهن ۾ مختلف نياتن وچ ۾ موجود بنيادي لاڳاپن ۾ واڌارو به ڏسجي ٿو. وسيع سنڌو ماٿريءَ ۾ اڻ تيار ٿيل ڪچي مال ۽ تيار مال جي تمام گهڻي کپت هوندي هئي. هن تهذيب جي وچ وارن علائقن ۾ موجود ماڻهن ضروري سمجهيو هوندو ته کاپي جو اهڙو تجارتي مال سنڌو تهذيب جي سرحدي ذريعن وٽان گهرايو وڃي. معلوم ٿيندو ته لوٿل ۽ ميسوپوٽيميا وچ ۾ موجود لاڳاپن جو فقط هڪ مثال آهي [8]. جيڪو شاهدي ۽ تجزيي مطابق خاص اهميت ڪونه ٿو رکي. ان لاءِ ايس. آر. راؤ جو بيان هي آهي، ته لوٿل ۽ ايراني نار ۽ ان کان پري وارن ملڪن وچ ۾ سامونڊي تجارت هلندي هئي [9] ۽ هتان تجارتي سامان سان ڀريل ٻيڙا اوڏاهين ويندا رهندا هئا.

لوٿل سنڌو تهذيب جي سرحد سان واقع هڪ مشهور شهر هو. ان وقت سنڌو سڀيتا جو ٻيو اهڙو شهر موجود ڪونه هو، جنهن جي هن سان ڀيٽ ڪري سگهجي [10]. هن وسنديءَ ۾ رهڻ وارن ماڻهن جو وڏو حصو ڪاريگرن ۽ هنرمندن تي مشتمل هوندو. ڪي وري سندن مددگار به هوندا. هنن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا، جن جو ڪم تجارتي مال آڻڻ ۽ نيڻ هوندو. امڪان آهي ته اهي ماڻهو ڌنارن مان هوندا. ڪن ماڻهن تجارت جي نظام کي سنڀاليو هوندو. هتي اهڙن ماڻهن جي موجودگي به ممڪن ٿي سگهي ٿي، جيڪي سنڌو تهذيب جي وسيع ايراضيءَ اندر ننڍن وڏن شهرن وچ ۾ ٿيندڙ ڏيتي ليتي ۽ مختلف تجارتي شين جي آمدورفت جي نگراني ڪندا هجن، جيڪڏهن اهڙا هوندا به، پر انهن جي نمايان نمائندگي نظر ڪانه ٿي اچي. سنڌو تهذيب جي وچ واري حصي جي شهرن ۾ آدمشماري ۽ ڌنڌن جو تناسب موجود هوندو. اهڙي مثال لاءِ چانهونءَ جو دڙو (Chanhu Daro)، جدير جو دڙو (Judeir jo daro) يا  سنڌان والا (Sandhanwala) ماڳ آهن. هنن ماڳن جهڙي ڪاروبار ۽ نظام کي لوٿل ۾ ڪونه ورجايو ويو هوندو. هي ڳالهه به يقين سان چئي سگهجي ٿي، ته گجرات جي سنڌي وسندين ۾ ڪيترائي قبيلا موجود هوندا. اهڙيون خوبيون ۽ خاصيتون هن علائقي سان لاڳاپيل ڳالهيون آهن.

اتر گجرات واري ماڳ سنڌان والا ۾ آهيڙين ۽ ڏوٿين وچ ۾ سماجي ناتا اڀياس جي نقطي نظر کان دلچسپ آهن. ڇاڪاڻ ته اهڙا تعلقات مختلف گروهن وچ ۾ موجود سماجي - ثقافتي هم آهنگي [11] کي سمجهڻ ۾ ضروري مدد ڏيندا، جيڪي قديم آثارن جي مختلف تهن تي گڏيل ثقافتي شين جي مجموعن جي روپ ۾ ڏسبا آهن. رابرٽ ميڪ آدمس (Robert Mc C Adams) هاڻي تازو پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته سنڌو تهذيب واري عروج جي زماني ۾ گجرات اندر تجارتي شين جي مٽاسٽا وارو نظام قائم هو. هي اهڙي قسم جي صورتحال آهي، جنهن ۾ تڪڙيون تهذيبي تبديليون اينديون آهن [12]. اهڙيءَ هڪ عام قسم جي ثقافتي تهه تي به مٽاسٽا واري وهنوار کي اهميت ڏني وئي آهي. پر خاص قسم جو هڪ تهه به آهي، جتي نظر ايندڙ باهمي تعلقات تمام معلوماتي آهن.

منهنجو خيال آهي ته لوٿل سنڌو تهذيب جي توسيع پسندانه لاڙي جي نمائندگي ڪندڙ وسندي آهي. هي ماڳ سنڌو سڀيتا جي مرڪزي حصي کان پري انهيءَ مقصد سان قائم ڪيو ويو هو، ته جيئن شهري ثقافت جي ماڻهن جي کپت لاءِ تيار ٿيندڙ خاص شين واسطي اڻ تيار ڪچو مال حاصل ڪري سگهجي. کاپي جون مذڪوره شيون سنڌو ماٿريءَ واري ملڪ کان پري دستياب ٿينديون هيون. اهڙي ڏيتي ليتي لاءِ آهيڙي ۽ ڏوٿي قبيلا دلالي جو ڪم ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت لوٿل ڏس پـَـنڌَ تي واپار ۽ تجارت جو هڪ نمونو هو، جنهن ۾ عام طور تي سنڌو تهذيب واريون سڀ خاصيتون موجود هيون. غور طلب اهم حقيقت هيءَ به آهي، ته شهري ثقافت جي پوئين مرحلي واري نهايت مختصر عرصي دوران هيءُ ماڳ وڌيڪ ننڍڙو ٿي وڃي ٿو، گودي (Dockyard) ڀڙڀانگ ۽ صنعتي گهرن جا رنگ اٻاٽجي ويا آهن. انهن جو تعداد تمام گهڻو گهٽ آهي. ڪلاونت، ڪاريگر ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏسجي ٿو. (ڏسو تهه v). لوٿل ۾ تهذيب جو هڪ تاريخي تسلسل موجود آهي. هيءُ ماڳ گجرات جي هڪ وسندي آهي، جنهن جا سنڌو ماٿريءَ سان نهايت گهرا لاڳاپا هئا. هن جون ثقافتي شيون سنڌو تهذيب جي ماڳ موهن جي دڙي سنڌ ۽ پنجاب جي ٻين اهڙن ماڳن مان هٿ آيل ثقافتي شين جهڙيون آهن، جن جو تعلق شهري ثقافتي مرحلي جي جزوي دؤر اي ٻئي سان آهي. ٻئي (Sub Period A II) سان هو. گجرات جو ماڳ جهڙوڪ: رنگپور ڪجهه ترميم کان سواءِ لاڳيتو شهري ثقافت جي پوئين مرحلي (Post urban Phase) تائين هلندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. امڪان آهي ته هن ماڳ جي پکيڙ وڌي هجي [13]. رنگپور جهڙيون وسنديون شهري ڏيتي ليتي ۽ گهماگهمي جي تسلسل کان پري هونديون آهن. هن قسم جي وسندين لاءِ هي مفروضو قائم ڪري سگهجي ٿو، ته ان قسم جي دوريءَ هنن ماڳن کي ان ۾ تبديلي کان الڳ (Insulated) ڪري ڇڏيو هو. جنهن ننڍن وڏن شهرن کي متاثر ڪري رکيو هو. اهڙين تبديلين اندر موجود اهم عنصر جنهن ڪري ماڻهو شهر خالي ڪري هليا ويا هئا. اهو عنصر شهرن جي حدن اندر موجود هوندو. پر ان جو اڃا تائين ڪو پيرو کرو ملي ڪونه سگهيو آهي. پر شهر اندر ان تبديليءَ جا منظر ڏاڍي واضح نموني سان چٽيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تبديلي سان لاڳاپيل اهو هڪ اهم نقطو آهي، جنهن کي لوٿل جي نئين ۽ ٻيهر مطالعي ۾ وڌيڪ اجاگر ڪيو ويو آهي.

آخر ۾ تجارت ۽ اهڙي ڪارڻ سان لاڳاپيل عبارت جو هڪ حصو ايندو، جنهن جو تعلق سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت ۽ شهري ثقافت جي پوئين مرحلي جي وچ واري عبوري دؤر سان آهي. اهو بحث موٽائي هن ڪتاب جي اهم موضوع تي مرڪوز ڪرڻ ۾ ڪارآمد ثابت ٿيندو. جيڪڏهن اهو بيان صحيح آهي ته تجارت، تهذيب جي تبديلي لاءِ تخليقي عنصر طور اهم جزو آهي، ته پوءِ امڪان آهي ته هلندڙ تجارت جي تسلسل ۾ رخني پوڻ جي ڪري ان سلسلي مان هٿ ڪڍي وڃڻ ڪري، هن تهذيب کي هاڃو رسيو هو [14]. اهڙين ثابتين کان پوءِ ته لوٿل ۾ سنڌو تهذيب جي ٻين ماڳن ۾ هلندڙ تجارت هن تهذيب جي ترقيءَ لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪيو هو. گجرات ۾ مٽاسٽا وارن لاڳاپن ۾ رنڊ روڪ پوڻ جي ڪري اهڙي تبديليءَ جا اهڃاڻ ملي وڃن ٿا. جنهن مجموعي طور سنڌو تهذيب جنهن جي چوڌاري گهيرو ڪري هڪ جاءِ تي بند ڪري رکيو هو. هن تهذيب جي سرحدن وٽ اقتصادي تبديلي وسيع سنڌو ماٿري جي رهاڪن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو. هن قسم جو تصور ان وقت تائين موثر ۽ مضبوط رهندو، جيستائين گجرات ۽ سنڌو ماٿريءَ وچ ۾ موجود تجارت بابت ڪي رخنو وجهندڙ شاهديون ۽ ثابتيون ڪونه ٿيون ملن ۽ اهو گـَـسُ معلوم نه ٿو ٿئي، جنهن جي وسيلي هي ٻئي حوالا اڪيلي هم آهنگ نظام جي شڪل نه ٿا وٺن.

مان هن ڳالهه تي وري به زور ڏئي رهيو آهيان، ته سنڌو سڀيتا جي مختلف سلسلن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

آءٌ هي چئي هن قصي کي ختم ڪرڻ چاهيان ٿو، ته اسان کي تهذيب جي تسلسل سان لاڳاپيل اهم حقيقتن کي ميڙي چونڊي هڪ جاءِ تي ڪرڻ گهرجي. ايئن سمجهڻ کپي ته اها بي ڌياني سان گڏ ڪيل بي انداز معلومات لاءِ للڪار نه آهي، پر سوچ، فڪر، عقل ۽ دانشمنديءَ سان ڪيل جاچ پڙتال لاءِ هڪ کليل چئلينج آهي. سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ ڳنڀير مسئلو مختلف دؤرن سان لاڳاپيل واقعن جي سن وار ترتيب (Chronology) وسندين جي اڏاوتي طرز، پيٽ گذر جي مختلف نمونن جا تفصيل، ماتحت پرڳڻن جي مقامي ثقافت ۾ تبديليءَ جي سمجهاڻي جيڪا سنڌو تهذيب جي تسلسل واري تهه لاءِ وضاحت آهي، اهڙن مسئلن کي، تهذيبي تسلسل لاءِ مفروضي کي خبرداريءَ سان قائم ڪرڻ ۽ انهن کي تجربي وسيلي صحيح ثابت ڪرڻ کان اڳ حل ڪرڻ گهرجي. قديم آثارن جي ماهرن کي به تاريخ جي ڄاڻن وانگي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان اڳ سوچڻ کپي، ته هنن کي سمجهائڻو ڇا آهي. هن ڪتاب ۾ هيءَ ڳالهه واضح آهي ته سنڌو تهذيب کي سمجهڻ واري هن مرحلي تي ثقافتي تسلسل جي تاريخ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.

 

Bibliography & References

 

[1] I am paraphrasing E.R. Leach, "Rethinking Anthropology," London School of Economics Monographs on Social Anthropology 22 (1961): pp. 26-27. Here Leach States:

"The trouble with Ptolemaic astronomy was not that it was wrong but that it was sterile--there could be no real development until galileo was prepared to abandon the basic premiss that celestial bodies must of necessity move in perfect circles with the earth at the center of the universe."

[2] Geogre F. Dales, "Harappan Outposts in the Makran Coast," Antiquity 36 (1962): pp. 86-92.

[3] Ibid., p. 91.

[4] M.R. Murghal, "The Early Harappan Period in the greater Indus Valley and Northern Baluchistan" (Ph.D dissertation, University of Pennsylvania, 1970).

[5] These five factors were: population growth, migration, variation in living pattern, nucleation and dispersal, and serial occupation.

[6] Raikes, "The End of the Ancient Cities of the Indus."

[7] See especially Rao, Lothal and the Indus Civilization.

[8] Ibid., pl. XXVI, D.

[9] Ibid., p. 117.

[10 It might be interesting, however, to examine Kalibangan in this regard.

[11] The term "levels of sociocultural integration" is used as in Julian H. Steward. "Levels of Sociocultural Integration : An Operational Concept," Southwestern Journal of Anthropology 7 (1951) : pp. 374-90.

[12] See Adams, "Anthropological Aspects of Ancient Trade," pp. 239-58.

[13] S.R. Rao, personal communication, 1972, an E.A.R, p. 19.

[14] see Lattimere, "Inner Asian Frontiers of China," In this classic work Lattimore shows the close relationship between a broad range of culture and social variables, including trade, and the balance between chinese and non-chinese on china's western frontier.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org