باب چوٿون
قديم آثارن
سان لاڳاپيل حقيقتون
تعارف:
هيءُ باب، هڪٻئي سان لاڳاپيل ٽن عنوانن سان تعلق
رکي ٿو. جن مان هرهڪ عنوان جو لاڳاپو آثارن جي
حقيقتن کي گڏ ڪرڻ ۽ انهن کي جاچي پرکي ڏسڻ سان
آهي. پهريون عنوان ان ايراضيءَ جي جواز
(Justification)
بابت آهي، جنهن ۾ قديم آثارن سان لاڳاپيل کوٽايون
۽ کوجنائون ڪيون ويون آهن. هيءُ بحث انهن
مسئلن جي نشاندهي ڪندو، جيڪي فيلڊ ورڪ ۾ پيش آيا
هئا. ان کان سواءِ هيءُ عنوان خاص مسئلي
۽
جاگرافيءَ وچ ۾ موجود تعلق جي خاڪي پيش ڪرڻ جو هڪ
اهم ذريعو هوندو، جنهن کي وڌائي هن کان پوءِ ايندڙ
باب ۾ به ڏنو ويندو. ٻيو عنوان جاچ پڙتال
(Survey)
جي طريقي ڪار
(Methodology)
تي تبصري ڪرڻ سان تعلق رکي ٿو. جنهن کي فيلڊ ورڪ
دوران ڪتب آندو ويو آهي.
هن قسم جو بحث ڪيل جاچ پڙتال جي صحيح ۽ مڪمل هجڻ
وارن قدرن کي اجاگر ڪندو. جڏهن ته ٽئين عنوان جو
تعلق قديم آثارن سان لاڳاپيل مختلف دؤرن سان آهي،
جن ۾ جاچ پڙتال واريون حقيقتون شامل ڪيون وينديون.
جاچ پڙتال لاءِ چونڊيل ايراضي
سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت جي پوئين مرحلي کي سمجهڻ
جي واسطي، هڪ اهڙي علائقي ۾ کوجنا ڪرڻي پوندي، جتي
اهڙو ثقافتي سلسلو موجود رهيو هجي. اهڙي مقصد
واسطي گجرات واري علائقي جي چونڊ ڪئي وئي هئي.
اهڙو ذڪر باب نمبر 1 ۾ به ڏنو ويو آهي. هتي سڀ کان
اهم ڳالهه
اِها
آهي، ته هيءَ
تحقيق علائقائي مطالعي سان تعلق رکي ٿي. هن تحقيق
جو فقط ان ايراضيءَ سان تعلق ڪونه آهي،
جنهن جي جانچ پڙتال ڪئي وئي آهي. فيلڊ ورڪ دوران
وڌيڪ ڌيان هن ڳالهه ڏانهن ڏنو ويو هو، ته اهڙيون
حقيقتون گڏ ڪيون وڃن، جيڪي علائقائي هجن. ان کان
سواءِ ابتدائي باب ۾ جن مسئلن جو خاڪو ڏنو ويو هو،
تن لاءِ اهو به چيو ويو هو، ته زمان ۽ مڪان جي
لحاظ سان انهن وسندين جي ثقافتي شين جي طرزن ۾ آيل
تبديليون ضرور علائقائي هئڻ گهرجن. لوٿل
(Lothal)
واري ماڳ جو تعارف به گجرات اندر سنڌو تهذيب جي هڪ
علائقي جي ثقافتي مرڪز طور پيش ڪيو ويو آهي. هن
ماڳ جي مرڪزي حيثيت هئڻ جي ڪري هن ساري ايراضيءَ
جي قديم ماڳن جون ثقافتي حقيقتون حاصل ڪيون يا
انهن ماڳن مان هٿ ڪيون وڃن،
جن لاءِ سمجهائي سگهجي ٿو، ته انهن جو تعلق
علائقائي سطح تائين محدود آهي. اهڙي هڪ مثال پيش
ڪرڻ سان ساري صورتحال واضح ٿي سگهي ٿي.
جاچ پڙتال جي مقصد سان هڪ وسنديءَ جي چونڊ ڪئي وئي
هئي. انهيءَ مقصد سان ته جيئن اتان جي ثقافتي شين
جي طرزن ۾ آيل تبديليءَ کي ڏسي سگهجي. سمجهڻ ايئن
کپي ته ان دؤر ۾ گجرات ۾ موجود سنڌو تهذيب جي
وسندين اندر ثقافتي شين جي طرزن ۾ ساڳئي قسم جون
تبديليون آيون هيون. اڳي ٻڌايو پئي ويو، ته هتي
سنڌو تهذيب جي شهري ثقافت سان لاڳاپيل ويهه
وسنديون آهن. پر مرحلن جي تسلسل مان پتو پيو ته
اهڙين وسندين جو تعداد ويهه نه، پر اٽڪل هڪ سؤ
آهي. وسندين جي پوئين مرحلي مان وري هيءَ ڄاڻ ملي
ته اهڙين ترقي يافتا وسندين جو تعداد گهٽجي باقي
ويهه وڃي بچيو آهي. نئين قسم جي پڙتال/فيلڊ ورڪ ۾
هي سوال اٿي سگهن ٿا: (1) ته اهي انگ اکر صحيح
آهن؟ اهڙين حقيقتن ۾ سچائي آهي يا ان ۾ حقيقتن گڏ
ڪرڻ وارو ڪمال شامل آهي؟ معلوم ايئن ٿي رهيو آهي،
ته ثقافتي طرزن جي تبديلين واري تحقيقي ڪم ۾
رٿابنديءَ جو موجود نه هئڻ آهي. ان کان سواءِ
نمونن کي چونڊڻ
(Sampling)
وقت اصولي پابنديءَ سان ڪم ڪونه ورتو ويو آهي ۽ ڪم
به بي ڌيانيءَ سان ڪيل ٿو ڏسجي. مليل حقيقتن مان
نتيجو ڪڍڻ کان اڳ اها پڪ هئڻ ضروري آهي، ته قديم
ماڳن جو هر دؤر ۾ هٿ ايندڙ تعداد جو ان ايراضيءَ ۾
موجود سڀني ماڳن سان سراسري طور لاڳاپو آهي يا نه؟
هيءُ سوال هن ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو، ته سڀني ماڳن
جي کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي وڃي يا نمونن وٺڻ
(Sampling)
جي صحيح طريقي سان منصوبه بندي ڪئي وڃي. گجرات جي
ساري علائقي جي قديم ماڳن جي کوٽاين ۽ کوجنا کان
پوءِ ئي صحيح ۽ مڪمل نمونا حاصل ڪري سگهجن ٿا. پر
هن قسم جو منصوبو عملي طور ناممڪن آهي. ڪنهن
نئن جي کاڌ جي ڪري ڪي ماڳ پورجي ۽ دفن ٿي ويا آهن،
ته وري نئن جي ساڳئي عمل جي ڪري، ڪي ماڳ ظاهر ٿي
پيا آهن. اهڙي صورتحال جي ڪري اصل حقيقتون معلوم
ٿي ڪونه ٿيون سگهن. ڇاڪاڻ ته اهڙين حقيقتن جو
مٿاڇري تان ملڻ ممڪن نه آهي. پر هن قسم جي پابندي
اهڙي آهي، جنهن سان قديم آثارن جو تحقيقي ڪم ٽڪر
کائي ٿو. هتي هن قسم جو مفروضو قائم ڪري سگهجي ٿو،
مختلف نئن جو قديم آثارن جي ماڳن کي لٽ وجهي لٽي
ڇڏڻ يا ظاهر ڪرڻ جو عمل ڪنهن تعصب ۽ ساڙ کان خالي
آهي. جيڪڏهن قديم آثارن جا ماهر اصول پٽاندر ۽
ڌيان گيان سان ڪم ڪندا، ته اهي امڪاني غلطين کان
بچي سگهن ٿا. هتي غير جانبداري
(Unbiased)
جو اصطلاح ڪم آندو ويو آهي. جنهن جي معنيٰ
”اڻ
ڌريو“
آهي، جنهن تعصب ۾ ساڙ موجود ڪونه هوندو آهي. هن جو
مطلب آهي ته ان عمل ۾ فطري قوتون شامل هونديون
آهن، تنهن ڪري مجموعي نتيجن جي صحت تي ناقابل
ترديد اثر پئجي ڪونه سگهندو آهي. کوٽاين ۽ کوجنائن
جي ڪم کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيو طريقو هيءَ آهي، ته
نمونن وٺڻ جي صحيح طريقي سان منصوبه بندي ڪئي وڃي.
عام بحث اندر جاگرافيائي نمونن کي قديم آثارن جي
نقطهء نظر کان وسيع پيماني تي ڪتب آڻي سگهجي ٿو.
بيري
(Berry)
۽ بيئڪر
(Baker)
نمونن وٺڻ جا ٽي طريقا بيان ڪيا آهن:
جاگرافيائيءَ طور نمونن وٺڻ جو هڪ طريقو آهي، جنهن
۾
1. بي ترتيب چونڊ
(Random)
وسيلي نمونا گڏ ڪيا ويندا آهن.
2. باترتيب چونڊ
(Systematic)
ذريعي نمونا جمع ڪيا ويندا آهن.
3. تهن مطابق چونڊ
(Stratified)
يا وري انهن ٽنهي ڳالهين کي گڏي نمونا ورتا ويندا
آهن.
انهيءَ سان گڏ مشاهدي لاءِ ورتل وحدتون
(Units)
مختلف به ٿينديون آهن. اهڙيون وحدتون ڪڏهن نقطن
(Points)
جي شڪل ۾ هونديون آهن، سڌين ليڪن
(Line)
جي شڪل ۾ به هونديون آهن، جيڪي آرپار
(Traverse)
وينديون نظر اينديون آهن يا چوڪنڊن شڪلين
(Quadrats)
۾ هونديون آهن.
1. اٽڪل رُو نمونا وٺڻ
(Random Sample)
جنهن ۾ نقطو
(Point)
آرپار واري ليڪ
(Traverse)
يا چوڪنڊو
(Quadrat)
نمونو اٽڪل رُوءِ ورتو ويندو آهي.
2. باترتيب نمونو
(Systematic Sample)
اهو ابتدائي نقطو
(United Point)
آهي، جنهن جي چونڊ اٽڪل روءِ ڪئي ويندي آهي. پر
ٻين جو تعين مقرر وٿيءَ
(Fixed Interval)
جي آڌار تي ڪيو ويندو آهي.
3. تهن جي درجه بنديءَ مطابق نمونو
(Stratified Sample)
اُهو آهي، جنهن موجب ان علائقي کي تهن جي ثقافتي
شين مطابق مختلف پرڳڻن ۾ ورهائي سگهجي، جنهن ۾
قديم آثارن سان لاڳاپيل جانچ پڙتال هلندي هجي. تهه
۾ موجود مختلف نقطن کي (1) اٽڪل روءِ
نموني وٺڻ (2) منظم طريقي سان نمونا وٺڻ يا نمونا
وٺي مختلف ثقافتي شين جي صف بندي ڪرڻ هوندو آهي ۽
ثقافتي شين جي صف بندي
(Alignment)،
تهه ۾ شين جي موجود مناسبت واري نقطن کي مقرر ڪندي
آهي [1].
اهو فيصلو، سوچ ويچار سان ثقافتي شين جي ورهاست تي
دارو مدار رکي ٿو، ته ڪهڙي نموني جي طرز ڪهڙي خاص
ثقافتي تحقيقي ڪم سان بهتر مناسبت رکي ٿي. اهڙو
ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. جڏهن اهڙي ڪابه معلومات نه
ملندي هجي يا جيڪڏهن اهڙي معلومات گهٽ ملي ٿي،
جنهن جي آڌار تي ڪو مفروضو قائم ڪري نه سگهجي، ته
ان صورتحال ۾ اٽڪل روءِ مطابق نمونن وٺڻ واري
طريقي کي بهتر منصوبه بنديءَ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.
پر ان جي خلاف جيڪڏهن مختلف نمونن کي ورهائڻ جي
معلومات ملي وڃي ٿي، ته اهڙيءَ ڄاڻ کي بهتر طريقي
سان استعمال ڪرڻ گهرجي.
مثال طور جيڪڏهن مليل حقيقتن ۾ ليڪاوان لاڙا
(Linear Trend)
موجود آهن، ته مختلف تهن جي آڌار تي ۽ منظم طريقن
سان ورتل نمونا، اٽڪل روءِ سان ورتل نمونن کان
وڌيڪ ويساهه جوڳا آهن [2].
جيڪڏهن مليل حقيقتن ۾ سماجي رابطا ظاهر آهن، ته
انهن کي نمونن وٺڻ واري منصوبه بندي کي وڌيڪ قابل
اعتبار بڻائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. هتي شعور کي
ڪتب آڻڻ ڪو ڏکيو ڪونه ٿيندو. جيڪڏهن قائم ڪيل
مفروضو صحيح آهي، ته ان کي هڪ اصول طور ڪم آڻي
سگهجي ٿو. ايئن ڪرڻ سان محقق جي اهليت وڌي ويندي.
علائقائي قديم آثارن جي کوٽاين ۾ کوجنائن وسيلي
جيڪڏهن ڪنهن ماڳ جو ڪنهن ٻئي قديم ماڳ جي جاءِ
وقوع سان رابطي جو پتو پرو ڪونه ٿو پوي، ته اهڙي
ماڳ کي غير اهم سمجهي، ان علائقي جي ماڳن جي فهرست
مان خارج ڪري ڇڏجي، جنهن جي کوٽائي ۽ کوجنا ٿي رهي
آهي. هن جو مطلب اهو ٿيندو، ته کوٽائي کوجنا جي
لائق ماڳن جي چونڊ ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳندي، جن مان
گهڻين ۽ اهم ثقافتي شين هٿ لڳڻ جو امڪان هوندو.
باقي ٻين کي غير اهم ماڳ سمجهي کوٽائي لاءِ هٿ به
ڪونه لاٿو ويندو. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جي تجربن اهڙو
سبق سيکاريو
آهي، اهڙن ماڳن کي محققن هٿ لائڻ کان لنوايو آهي.
تنهن ڪري هن حقيقت ڏانهن ڌيان ڏيڻ ضروري ٿيندو، ته
دنيا اندر اهڙا علائقا ٿورا آهن، جن ۾ قديم آثارن
سان لاڳاپيل ۽ کوجنا لائق ماڳ هجن ۽ جن بابت قائم
ڪيل مفروضي کي ڪوڏر جو لپو هڻي، ساڀيا جو سندر روپ
ڏئي سگهجي. گڻپ جي لحاظ کان نمونن جي طرزن جو
بنياد، وڏي پئماني تي ٿيندڙ کوٽاين ۽ کوجنا تي
بيٺل آهي. اهڙيون کوٽايون ۽ کوجنائون حقيقي به
هونديون آهن. بهترين نتيجن لاءِ کوٽاين واسطي گهڻن
محققن جي موجودگي، صحيح نقشا ۽ ساري علائقي جي
قديم ماڳن تائين پهچ، آمدورفت جا مناسب ذريعا ۽
فنڊن جي فراهمي بنيادي شرط هوندا آهن.
کوٽاين لاءِ هڪ نظريو هي به آهي، ته اهو شماريات
جي بنياد تي بيٺل هڪ وسيع منصوبو هوندو آهي، اهو
نظريو علائقي جي گهڻ رنگي ثقافت ۽ گهڻ پاسائين
جاگرافيائي صورتحال جي بنياد تي قائم آهي. هن
بامقصد ۽ صحيح قسم جي چونڊ جي سلسلي اندر موجود
ثقافتي ۽ جاگرافيائي عنصرن کي الڳ ڪري بيهاريو ويو
آهي. جن جو ثقافتي مسئلي تي وڏو اثر هوندو آهي.
تحقيق سان لاڳاپيل هن ڪتاب ۾ پوندڙ مينهن جي
سالياني مقدار، ڌرتيءَ جي جاگرافيائي حالت زميني
بناوٽ
(geomorphology)
موجوده دؤر ۾ قديم وسندين جي جاءِ وقوع، وسندين جو
تعداد، پاڻيءَ جو نيڪال، پيٽ گذر جا ذريعا، رابطي
جا وسيلا ۽ ڀروارن علائقن سان لاڳاپن تي لکيو ويو
آهي. هنن عنوانن کي نظر ۾ رکي، کوٽائي ۽ کوجنا
لاءِ اهڙي علائقي جي چونڊ ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ مٿي
بيان ڪيل سڀ خوبيون ۽ خاصيتون هجن. معلوم ٿيو ته
گجرات ئي اهڙي ننڍڙي دنيا آهي، جنهن ۾ سڀئي گهربل
ڳالهيون ۽ ڳڻ موجود آهن. تنهن ڪري قديم ماڳن جي
کوٽائي ۽ کوجنا ڪئي وڃي، ته مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو.
اهڙي ڳالهه دل ۾ رکي گهيلو ۽ ڪالوڀر نئن واري
ننڍڙي علائقي ۾ موجود کنڊرن جي کوٽائي جي ابتدا
ڪئي وئي هئي. ڇاڪاڻ ته سمجهيو پئي ويو ته هيءَ
ننڍڙو خطو گجرات جي ساري علائقي جي نمائندگي ڪندو.
انهيءَ طريقي سان هن علائقي اندر ماحوليات جو
نمونو ۽ ثقافتي
تبديليون
ڏسڻ ۾ اينديون. اهڙيون ڳالهيون شماريات جي بنياد
تي منصوبي اندر ڏاڍي وضاحت سان نظر اينديون. ان
ڪري سوراشٽر جي سامونڊي علائقي ۾ اتر گجرات هڪ خطي
جي وسيع پئماني تي جانچ پڙتال ڪئي وئي هئي. معلوم
ٿيو ته اهڙي کوٽائي لاءِ گهيلو ۽ ڪالوڀر نئن
واريءَ جوءِ جي کوٽائي ڪرڻ مناسب آهي. تنهن ڪري هن
جوءِ جي قديم ماڳن جي کوٽائيءَ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
ويو. توقع اها هئي ته هيءَ ننڍڙي جـُـوءِ،
مينهن وسڻ جي سالياني مقدار، زمين جي ساخت، زرعي
زمين جي قسم، اوڀڙ
(Flora)
۽ ماحول جي نقطهء نظر کان سوراشٽر جي ساري پرڳڻي
جي نمائندگي ڪندي. (ڏسو خاڪو 1). هن سان گڏ مٿي
بيان ڪيل ٻنهي نئين جي ڇوڙ وٽ ڀال
(Bhal)
نالي هڪ علائقو آهي، جنهن جون ڪجهه خاصيتون ۽
خوبيون اتر گجرات واريءَ جوءِ جهڙيون آهن. ٻئي
علائقا لٽاسا ۽ ڪلراٺا آهن. مينهن وسڻ جو ساليانو
مقدار ۽ زمين جي ساخت به ذري گهٽ هڪجهڙي آهي [3].
ڀال واريءَ جوءِ جي کوٽائي ان مقصد سان ڪئي وئي
هئي، ته ان مان اتر گجرات جو پتو پئجي ويندو.
گهيلو ۽ ڪالوڀر نئن واري جوءِ ۾
کوٽايون ۽ کوجنائون
گهيلو ۽ ڪالوڀر نئن وچ سوراشٽر جي مٿانهن پٽن تان
شروع ٿين ٿيون. سندن 75 ڪلوميٽر وهڪرو هڪٻئي سان
پوروڇوٽ تي هلندو آهي. ان کان پوءِ ولڀ پورا
(Valbhapura)
نالي شهر وٽ هنن ٻنهي نيئن جو سنگم ٿيندو آهي. بعد
۾ هڪ وهڪري جي صورت ۾ اڳتي وڌنديون آهن. سندن اهو
گڏيل وهڪرو 22 ڪلوميٽرن
تائين هلندو آهي. ٻنهي نئين جي سنگم کان اڳ سندن
وهڪرا ڪڏهن هڪٻئي کان ٻارهن ڪلو ميٽرن تائين پري
به ٿي ويندا آهن ۽ وچ تي پوکن پلاهن جا کليا ميدان
نظر ايندا آهن. هن جوءِ ۾ اهڙا ماڳ آهن، جن جو
تعلق سنڌو تهذيب جي ويجهڙائيءَ سان آهي. ڪجهه ماڳن
جو تعلق وري تاريخي دؤر سان به آهي. مثال طور: ولڀ
پور
(Vallabhpura)
جي شهر جو تعلق ٻڌ دؤر سان آهي. هن ماڳ کي ٻڌ
يونيورسٽي ڪري مڃيو ويندو آهي [4]. هتي موجود قديم
ماڳن جي ڄاڻ سڃاڻ آهي. اهو ان ڪري ٿيو آهي، جو
گجرات جي رياست جي قديم آثارن واري کاتي هنن قديم
ماڳن جون کوٽايون ۽ کوجنائون ڪرايون آهن [5].
خاڪي
نمبر 5 ۾ اهڙي ايراضي نظر ايندي، جنهن جي نهايت
خبرداري سان کوٽائي ۽ کوجنا ٿي چڪي آهي. اهڙي جانچ
پڙتال هن ريت شروع ٿي هئي، جو نئن جي ڪناري سان
جانچ ڪندي هڪ قديم ماڳ نظر آيو، جيڪو ڏيڍ ڪلوميٽر
ڊگهو ۽ اٽڪل چار سؤ ميٽر ويڪرو هو. جنهن جي کوٽائي
ڪرائي وئي هئي [6]. اهڙيءَ ريت ڪجهه اڳتي پوئتي
گول قسم جا کڏا هڻايا ويا هئا. انهيءَ مقصد سان ته
جيئن مڪمل معلومات ملي سگهي [7]. اهڙي جانچ
(Survey)
اسان پنڌ هلي ڪئي هئي. گاڏين کي فقط هڪ قديم ماڳ
کان ٻئي تائين پهچڻ واسطي ڪتب آندو هو. قديم ماڳ
وٽ پهچي اسان گاڏيون بيهاري ڇڏيندا هئاسون. پنڌ
گهمڻ ڪري اسان سروي جي ڪم ڏانهن تمام گهڻو
خاڪو 5: گجرات/ڪالوڀر وادين ۾ دريافت ٿيل علائقا
ڌيان ڏيندا هئاسون، اهڙيءَ ريت جانچ/سروي ٿيندي ته
آهستي هئي پر ٿيندي ڏاڍي خبرداريءَ سان هئي. پيادل
گهمڻ ڪري اهڙن ماڻهن سان ملاقات ٿي ويندي هئي،
جيڪي ڪن قديم ماڳن جي ڄاڻ ڏيندا هئا. هتان جي
رهاڪن کي قديم ماڳن جي ڄاڻ هوندي هئي، جن کي هو
جـُـوني جگيا (جهوني جڳهه) يا دڙا
(Mounds)،
تنبو
(Timbo)
ڪري سڏيندا هئا ۽ هو هر وقت مدد ڪرڻ لاءِ تيار
هوندا هئا [8].
جڏهن قديم آثارن سان لاڳاپيل عام پٿر يا اهڙو پٿر
ملندو هو، جنهن تي انساني پورهئي جا نشان ملندا
هئا يا اهڙي شيءِ ملندي هئي، جنهن جو تعلق قديم
دؤر جي باقيات سان هو ته پوءِ ڪوشش ڪئي ويندي هئي،
ته اصل قديم ماڳ ڪٿي آهي؟ لڀڻ کان پوءِ ان جون
چوڏس حدون مقرر ڪيون وينديون هيون. حدن جي تعين
ٿيڻ کان پوءِ ان ماڳ کي قلمبند ڪيو ويندو هو. بعد
۾ ان جي مٿاڇري تي ٽڙيل پکڙيل شيون چونڊي محفوظ
ڪيون وينديون هيون. اهڙين شين جو تعداد دڙي جي
پاسن تي گهٽ هوندو هو. جڏهن ته دڙي جي وچ تان وڌيڪ
ثقافتي شيون هٿ لڳنديون هيون. اهڙين ڳالهين ڪري
ماڳ جي حدن جو تعين ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو هو. هرهڪ
ماڳ تان مليل ثقافتي شين جو هڪ نمونو
(Sample)
ضرور کنيو ويندو هو. ٻن ماڳن جي مٿاڇرن تان
خبرداري سان چونڊيل ثقافتي شين جي نمونن کي هڪ
اصولي ۽ منظم طريقي سان رکيو ويندوهو [9].
هر ماڳ جي هر پاسي تان ملندڙ ثقافتي شين کي ڏاڍيءَ
سوچ ويچار سان قلمبند ڪيو ويندو هو. انهيءَ لاءِ
ته جيئن هڪ پاسي کان لڀندڙ شيءِ ٻئي پاسي کان
لڀندڙ شين سان ملي نه وڃي ۽ مذڪوره شيءِ فقط ان
پاسي جي نمائندگي ڪري، جتان اها لڌي وئي هئي.
نمونن ۾ ڪنهن
چُڪ
کان بچڻ لاءِ انهيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو سٺو طريقو
ڪونه آهي. تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته قديم ماڳ جي
مٿاڇري جي هر پاسي کان تمام گهڻيون ثقافتي شيون
مليون هيون، پر بااصول ۽ باضابطه قلمبند ٿيڻ جي
ڪري، سنگين قسم جي غلطي يا ڪنهن شيءِ جي گم ٿي وڃڻ
يا هڪ پاسي جي شيءِ جو ٻئي پاسي ڏانهن لکجي وڃڻ
جهڙا واقعا ڪونه ٿيا هئا. مقامي طور ٿيندڙ پوکي
راهيءَ جي ڄاڻ، پاڻيءَ جي ذريعن، زمين جي ساخت،
قديم ماڳ جي حالت، ان جي قدامت بابت قائم ڪيل
مفروضي ۽ بنيادي ڄاڻ کي ماڳ
(Site)
سان تعلق رکندڙ
فارم
۾ ڪالم وائيز درج ڪيو ويو هو. معلومات جو اهو
رڪارڊ اسان جي ڄاڻ جو ذريعو هو. تنهن ڪري حقيقتن
کي ياد رکڻ جي ضرورت ڪانه هئي.
هر روز
شام جو فيلڊ نوٽس
(Field Notes)
وٺڻ کان پوءِ اسان هن رڪارڊ کي باقاعدگيءَ سان ڪم
۾ آڻيندا هئاسون، وقت ۽ ضرورت آهر به اهڙي رڪارڊ
کي ڪتب آڻي سگهبو هو.
سڀ کان پهريائين سروي جي شروعات ڪالوڀر نئن سان
ڪئي وئي هئي. اهڙي سروي/جانچ هن نئن جي ٻنهي ڪنڌين
سان اٽڪل ٽيهن ڪلوميٽرن تائين ڪئي وئي هئي. ان
سروي جي اختتام کان پوءِ ڏٺو ويو ، ته سروي ڪيل
ايراضيءَ ۾ موجود قديم ماڳ جي مجموعي ايراضي اٺ سؤ
ميٽر هئي ۽ اها ڪالوڀر نئن جي ڪٺار سان واقع هئي.
ان کان پوءِ اتر طرف ۾ گهيلو نئن ڏانهن ڌيان ڏنو
ويو. هيءَ سروي به ساڳئي طريقي سان ڪئي وئي. بعد ۾
ان زرعي زمين جي به جانچ پڙتال ڪئي وئي، جيڪا ٻنهي
نئن جي وچ تي هئي، جنهن جي ڊيگهه پندرهن ڪلوميٽر ۽
مـُـنڍو ٻارنهن ڪلوميٽر هو. هن سروي دوران بااصول
۽ تفصيلي طريقيڪار سان ڪتب آندو هو ۽ نهايت ٿوري
وقت اندر ماڳن جي مٿاڇرن سان لاڳاپيل سروي پوري
ڪئي وئي ۽ قاعدي موجب نمونا ورتا ويا.
هن ميداني علائقي جي جانچ پڙتال لاءِ نمونن وٺڻ
وارو طريقو اٽڪل روءِ
۽
بي ترتيب نموني
(Random)
وارو هو. پر پوءِ غلط سمجهي، ان کي ڇڏي ڏنو ويو
هو. سروي جي پهرئين مرحلي دوران اسان وٽ جيڪي نقشا
هئا،
اهي
ايڏا تفصيلي ڪونه هئا، جن مان اهو پتو ٿي پيو ته
زمين تي جن ماڳن جي سروي ڪئي وئي آهي، سي نقشي ۾
موجود آهن يا نه. پر اهم ڳالهه هيءَ آهي، ته جاچ
پڙتال جي تجربي جي آڌار تي ڪي مفروضا ڏيئي پئي
سگهياسون. تنهن ڪري اها ڳالهه سمجهڻ سولي ٿي پئي
هئي، ته قديم ماڳ ڪٿي آهن ۽ ڪٿي ٿا ٿي سگهن: هتان
جي ڌرتيءَ ۽ قدرتي پيداواري ذريعن جي ڄاڻ کان پوءِ
سولائي سان سمجهي چڪا آهيون، ته هتان جي هڪ ننڍڙي
جاگرافيائي خطي ۾ مختلف قسم جا ماحول موجود آهن.
اهڙيءَ ريت جاچ پڙتال لاءِ سروي جو نمونو
(Pattren)
ان ريت منفرد ۽ مخصوص هئڻ کپي. ڇاڪاڻ ته مذڪوره
قديم ماڳ مختلف ماحوليات سان لاڳاپيل خطن ۾ موجود
آهن. اهڙن ماڳن جي اٽڪل روءِ ۽ بي ترتيب نموني
(Random)
جاچ پڙتال نه ڪئي وئي. پر اهڙن ماڳن جي سروي لاءِ
اڳواٽ چونڊ ڪئي وئي. اهڙا علائقا روهن ۽ ڪوهن وارا
۽ بلڪل کليل آهن، جن ۾ آباد، غير آباد زمين،
چراگاهه ۽ ٽڪرين جي ترن واري هيٺاهين جوءِ آهي
جنهن ۾ هتان جي نالي
(Nalla)
جون ننڍڙيون ننڍڙيون ڇاڙهن وهي پائي کائي پاڻيءَ
جا چارا بڻائي ڇڏيا آهن.
سروي لاءِ ٻي اها ايراضي چونڊي وئي، جيڪا گهيلو
نئن جي اترئين حصي ۾ آهي. اهڙي مقصد لاءِ ٻي
ايراضي ولڀ پورا جي اوڀر ۽ سامونڊي ڪناري سان هئي،
هي اهو ماڳ آهي، جتي گهيلو ۽ ڪالوڀر نئيون اچي
سنگم ڪنديون آهن. جانچ پڙتال لاءِ گهيلو نئن جي
چونڊ سوچ ويچار کان پوءِ ڪئي وئي هئي، ڇاڪاڻ هن
وقت اسان گهيلو ماٿريءَ جي قديم ماڳن جي ثقافتي
شين کان واقف ٿي چڪا هئاسون، هن سان گڏ مذڪوره
ماٿريءَ کي ڏوري اهڙن قديم ماڳن وٽ پهتاسون، جن جي
اڳيئي ڄاڻ هئي. هن ماٿريءَ منجهان سفر ڪرڻ دوران
اها معلومات ملي، ته رام پاڙا
(Ram Para)
ڳوٺ جي الهندي پاسي وارو ماڳ ماٿريءَ جي ٻين ماڳن
کان وڌيڪ ڏکيو آهي. رام پاڙا نالي هن ڳوٺ کان چار
ڪلوميٽر اولهه پاسي ڏونگر ڏاڍو ڏکيو آهي. هتان ئي
سوراشٽر جو اندريون علائقو شروع ٿئي ٿو.
هن علائقي جون زمينون اڳ ۾ سروي ٿيل ايراضي کان
وڌيڪ سنهيون ۽ وڌيڪ پٿريليون آهن
[10]. هن ماڳ کان اولهه طرف واري زمين گڊهڙا
(gadhada)
نالي ڳوٺ جي ڀرپاسي واري زمين کان مختلف آهي. هيءَ
جـُـوءِ نئن جي منڍ ۾ آهي، تنهن ڪري پاڻي ٿورو ۽
پوکي راهي واري زمين محدود آهي. تنهن ڪري اندازو
ڪيو ويو، ته هتي انساني وسندين جو تعداد بلڪل ٿورو
هوندو. اهو به اندازو ڪيو ويو، ته هتي قديم ماڳ جي
جاءِ وقوع ۽ ڀليءَ پوک جوڳي زمين ۾ ضرور لاڳاپو
هوندو.
گهيلو - ڪالوڀر نئين جي گڏيل وهڪري واري هيٺئين
پاسي واري زمين مٿي بيان ڪيل ماحول کان مختلف آهي.
هتان جي زمين گهري
(Deep)
وارياسي ۽ ڪلراٺي آهي. جرَ جو پاڻي تمام ٻاڙو آهي.
هن قسم جي پاڻيءَ کي هتان جا هاري پوکي راهيءَ جي
مقصد لاءِ ڪم ڪونه آڻيندا آهن. هن جوءِ جو نالو
ڀال
(Bhall)
آهي. هتان جي ڪا زمين ڏاڍي نرم آهي جو پوکيءَ راهي
لاءِ ان کي هر سان کيڙڻ جي ضرورت ڪانه پوندي آهي.
پر ان کي ڏاندار
(Dantal)
سان کيڙي ٻج ڇٽيو ويندو آهي [11]. ڀال واري جوءِ
گهڻو عرصو پاڻيءَ هيٺ رهندي آهي. مينهن جي بس ٿيڻ
کان پوءِ پاڻي سڪڻ ۾ ٻه ٽي مهينا لڳي ويندا آهن.
هن خطي جو وڏو حصو چراگاهن سان ڍڪيل هوندو آهي.
جتي ڪارا هرڻ
(Black buck)
اچي چرندا آهن [12].
جيئن ته مٿيون کارو پاڻي هيٺ سمي جر جي پاڻيءَ کي
به ٻاڙو ۽ کارو ڪري ڇڏيندو آهي. تنهن ڪري اندازو
ڪيو ويو ته هن جوءِ ۾ سنڌو تهذيب جي ماڻهن جون
وسنديون گهٽ هونديون. بعد جي سروي مان به ساڳيون
ڳالهيون معلوم ٿيون.
دؤر مقرر ڪرڻ لاءِ بنياد
قديم آثارن جي تحقيق لاءِ گجرات جي چونڊ ڪرڻ لاءِ
هڪ سبب هي به آهي، ته هن علائقي ۾ قديم آثارن سان
لاڳاپيل ڪي اهم حقيقتون موجود آهن، جن مان ڪي ڇاپي
پڌريون ڪيون ويون آهن ۽ ڪي نه. اسان به انهن
حقيقتن کي پنهنجي تحقيق جو بنياد بڻايو آهي. مثال
طور: سنڌو تهذيب جي ٻن وڏن ماڳن لوٿل ۽ رنگپور جي
وسيع پيماني تي کوٽائي ۽ کوجنا ٿي آهي [13].
ساڳيءَ ريت سنڌو تهذيب جي ٽئين اهم ماڳ سومناٿ
[14] ۽ روجڙي ۽ سرڪوٽڙا [16] جي به صحيح معنيٰ ۾
کوٽائي ۽ تحقيق ٿي چڪي آهي [15]. هنن سڀني ماڳن ۾
رنگ پور نهايت اهم ماڳ آهي. ڇاڪاڻ ته ان تي ڪيل
تحقيق جي رپورٽ ڇاپي پڌري ڪئي وئي آهي. ان کان
سواءِ ٻي حقيقت اها به آهي، ته هتان نهايت اهم
ثقافتي شين جو مجموعو هٿ لڳو آهي، جيڪو دکن ڪاليج
(Deccan College)
۾ موجود آهي. هن ماڳ جي ڀيٽ ۾ لوٿل هڪ ثانوي ذريعو
آهي. هتان هٿ لڳل ثقافتي شيون ڏسڻ لاءِ رکيون ڪونه
ويون آهن. ٻيو ته انهن کي ڇاپي پڌرو به ڪونه ڪيو
ويو آهي. اهڙن ڳالهين جي ڪري رنگپور جي حيثيت
نهايت اهم آهي.
رنگپور ۽ لوٿل
رنگپور جي کوٽائي ۽ کوجنا ايس. آر. راءِ ڪرائي
هئي، جنهن هن ماڳ جي تهن کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو آهي.
پٿر
جي
اوزارن ۽ ڪجهه پٿرين جي آڌار تي هن ماڳ جي دؤر
I
کي بيهاري ٿو. مذڪوره پٿر جا اوزار زمين جي لٽاسي
مٿاڇري تان هٿ لڳا آهن. جڏهن ته مٿي بيان ڪيل
پٿريون هن قديم ماڳ جي اُتر اولهه پاسي کان مليون
آهن. هنن لاءِ راءِ ايس. راءِ جو چوڻ آهي، ته سندن
تعلق پٿر جي نفيس اوزارن واري دؤر
(Microlithic)
سان آهي. اهي پٿر جا ننڍڙا اوزار آهن. هن جي چوڻ
موجب ته مٿن امليڪي طرز
(geometeic)
جي نقش نگار ٿيل آهي. پر حقيقت ۾ اهي چٽَ موجود
ڪونه آهن. پهرين دؤر جون ثقافتي شيون آڱرين تي ڳڻڻ
جيتريون آهن. انهن شين کي وري به ساڳيءَ جاءِ تي
رکيو ويو آهي. تنهن ڪري عام طور اهي دلچسپيءَ لائق
ڪونه آهن. هن دؤر ٻئي
(Period II)
کي وري به ٽن دؤرن جهڙوڪ: دؤر اي ٻيو
(Period A II)
کان دؤر سي ٻيو
(Period C II)
۾
ورهايو
ويو آهي. صفا مٿئين تهه کي دؤر ٽيون
(Period III)
سڏي ٿو [17]. هن تهه جي ته نئين سر تعمير ڪئي وئي
آهي. کوٽائيءَ جي مقصد سان ڪنهن به قسم جي کـَـڏَ
ڪانه هئين وئي آهي. انهيءَ لاءِ ته جيئن جزوي دؤر
اي ٻيو
(Sub Period A II)
۽ بي سي ٻيو
(Period BC II)
لاءِ پڇيل سوال جو جواب ڏئي سگهجي، ته ان تهه تي
هيءَ يا هوءَ ثقافتي شي موجود هئي. تنهنڪري چئي
سگهجي ٿو، ته راءِ مذڪوره تهه بابت يقين ڪرڻ جهڙي
سمجهاڻي ڏني آهي، جيڪا ٺڪر جي مليل ٿانوَن جي آڌار
تي بيهاري وئي آهي.
جزوي دؤر اي ٻيو
(Sub Period A II)
جي ثقافتي شين جون طرزون سنڌو ماٿريءَ جي شهري
ثقافت جي شين جي طرزن سان هڪجهڙائي رکن ٿيون. هنن
مان ڪن ٺڪر جي ٿانون جون طرزون موهن جي دڙي جي
ٺيڪراٺي ٿانون جهڙيون آهن [18]. جزوي دؤر اي ٻيو
(Sub Period A II)
هڪ اهڙو تهه آهي جتي ٺڪر کان سوا موجود ثقافتي
شيون هڪ دؤر جو تعين ڪن ٿيون. مثال طور ٺڪر جون
ٽڪنڊيون ٽڪيون جن جو واسطو ترقي يافته سنڌو شهري
ثقافت جي قديم ماڳن سان آهي. سي به هتان لڌيون
آهن. پر سندن تعداد ٿورو آهي. پٿر جا اوزار ڀوري
رنگ جي چقمقي پٿر
(Flint)
مان ٺاهيا ويندا هئا. پر اهڙا اوزار مقامي طور هتي
ڪونه جڙندا هئا، هن قسم جو پٿر روهڙي واري جابلو
علائقي مان ملندو آهي ۽ اتان گهرايو ويندو هو. هنن
پٿر جي اوزارن جي گهاڙ جي طرز موئن جي دڙي ۾ موجود
پٿر جي اوزارن جهڙي آهي. اهڙي پٿر جي اوزار واري
هڪ تصوير رنگپور جي آخري رپورٽ ۾ موجود آهي [19].
پٿر جا چپٿرا هٿيار، ابرقي پٿر جا مڻيا
(Steatite disk beads)
جن تي نقش نگار طور ليڪا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڇهه
پاساوان پٿر جا وَٽَ
(Weights)،
گندي
پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ٺاهيل ڪسين ۾ پڪين سرن جو
استعمال ۽ پڪ سريون جڳهيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. جنهن
دؤر سان گـَـڏُ هـِـنَ شهر جي لاڳاپن جو پتو پڻ
پئجي وڃي ٿو.
رنگپور ۾ به اهڙيون ثقافتي شيون ڪونه آهن، جن جو
سنڌ جي شهري ثقافتي مرحلي
(Urban Phase)
سان واسطو هجي. جهڙوڪ: ابرقي پٿر جون سنڌو لکت جون
چورس مهرون،
(Square steatite Indus seals)
ٺڪر جون ڏاند گاڏيون، سنڌو تهذيب جون ٺڪر جون
انساني مورتيون ۽ ٺڪر جي ٿانوَن تي سنڌو تهذيب سان
تعلق رکندڙ منفرد چٽَ وغيره رنگپور مان اهڙيون به
ڪي ثقافتي شيون هٿ ڪونه لڳيون آهن. اهڙا مثال سنڌ
۽ پنجاب جي سنڌو تهذيب جي وسندين مان به ڪونه مليا
آهن. اهڙي ثقافتي شيءِ ٺڪر جو ٿانءُ آهي، جيڪو
تمام گهڻي تعداد ۾ مليو آهي. گهاڙ ۽ چٽساليءَ جي
نقطهء نظر کان سنڌو تهذيب جي ٿانوَ کان بنهه نرالو
آهي. اهڙي نئين گهاڙ ۽ طرز جي ٿانونَ جا ٻه قسم
آهن. هڪ قسم ڳاڙهو ٿانءُ جنهن تي ڪاري چٽسالي ٿيل
آهي. جنهن کي ڳاڙهو ۽ ڪارو ٺڪر جو ٿانوَ
(Red or Black Polished ware)
سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته ٻئي قسم جو ٿانءُ ابرق
(Micaceous Red ware)
آهي. هن وَڙَ جا ٿانءَ گجرات ۾ ته گهڻا آهن پر ڪٿي
ٻئي هنڌ نظر ڪونه آيا آهن. انهن مان هڪ ٿانءُ
پيالو آهي، جنهن کي هڪ آرائشي ڪڙو آهي. يعني
(Stand Handled bowl)
ٻيون
ڪاشيءَ جون
شيون ذخيرو ڪري رکڻ وارا مرتبان
آهن، جن جي ڪنن واري وٽ ٿلهي
(Club Rims)
آهي [20].
رنگپور جي ثقافتي شين جي دؤرن معلوم ڪرڻ لاءِ
14C
(ڪاربن 14) کي ڪتب ڪونه آندو ويو آهي. پر لوٿل ۾
مختلف دؤرن جو هڪ سلسلو موجود آهي. اهڙي معلومات
ڪري رنگپور جي اي ٻيو
(Perad A II)
دؤر جو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو. اهڙا انداز تهن جي
ثقافتي شين کي ڏسي قائم ڪيا ويا آهن (ڏسو جدول 4)
رنگپور مان منڌيئڙن
(Cross)
جي چٽ سان ٿانءَ مليا آهن. معلوم ٿئي ٿو، ته
اهڙيءَ طرز وارو ٿانءُ رنگپور کان لوٿل پهتو آهي
جنهن کي دؤر معلوم ڪرڻ واسطي استعمال ڪرڻ کان وڌيڪ
اهميت آهي. ثقافتي شين ملڻ جي نقطهء کان لوٿل جو
ماڳ رنگپور کان وڌيڪ اهم آهي، سنڌو تهذيب سان
لاڳاپيل ثقافتي شيون جيڪي رنگپور مان هٿ ڪونه
لڳيون آهن، سي لوٿل جي کوٽائيءَ مان مليون آهن.
جهڙوڪ: ابرقي پٿر جون چورس مهرون
(Steatite seals of Indus)
ٺڪر جون ٻارن جي راند کيڏڻ جون ڏاند گاڏيون، ٺڪر
جون انساني مورتيون وغيره. هنن سڀني شين جو تعلق
سنڌو سڀيتا سان آهي. هتان ٺڪر جي ٿانءُ واري گهاڙ
۽ طرز جي اهڙو سلسلو مليو آهي، جيڪو سنڌو تهذيب
سان هڪجهڙائي
رکي ٿو. پر خاص ڪري اهي ٿانءُ جيڪي رنگ جا ڳاڙها ۽
چٽسالي ڪاري رنگ ۾ آهي. ۽ چٽسالي جي طرز کان ٻوٽن
(Flourid)
واري آهي، سي ته نـَـنهـَـن کان وٺي چوٽيءَ تائين
سنڌو تهذيب جي ساڳئي وڙ ۽ چٽ واري ٿانوَ سان
هڪجهڙائي رکن ٿا [21].
لوٿل مان هٿ آيل گڏيل ثقافتي شين جو مجموعو رنگپور
جي ثقافتي شين جهڙو آهي، جن جو تعلق سنڌو تهذيب جي
ثقافت سان ڪونه آهي. انهن مان ڪن جو ذڪر مٿي اچي
چڪو آهي. اهڙين شين سان گڏ ٻيون سڃا ڀريون شيون
رکيل آهن. جهڙوڪ: مهرون، لکتون ۽ شهر جي تعمير جي
رٿابندي، پڪين سرن جو استعمال، ٺڪر جا ٿانءَ ۽
ننڍي وڏي ٻي لاڌ
(Findings)
به موجود آهي، جن جو تعلق سنڌو تهذيب سان آهي.
لوٿل جي دؤر اي
(Period A)
لاءِ ريڊيو ڪاربان کي ڪتب آندو ويو هو، جنهن ۾ چار
تهه آهن، جن کي جدول چار اي
(Table-4)
[22] ۾ چڱيءَ ريت ڏسي سگهجي ٿو.
جدول - 4
لوٿل
A-
جون ريڊيو ڪاربان تاريخون
TF-136 |
2082 + 130 BC |
(2780-2190 BC) |
TF-22 |
200+115 BC |
(2460-2170 BC) |
TF-27 |
2005+125 BC |
(2580-2160 BC) |
TF-26 |
1995+110 BC |
(2560-2160 BC) |
TF-29 |
1900+115 BC |
(2800-2110 BC) |
TF-133 |
1895+115 BC |
(2780-2110 BC) |
TF-135 |
1555+130 BC |
(2060-1640 BC) |
جهڙوڪ:
1555 + 130
۽
TF - 135
آهي، جيڪو خلاف معمول
(Aberrant)
آهي. پهرين ڳالهه ته هي دؤر ثقافتي شين جي هڪ
معلوم دؤر کان 350 سال پوءِ جو زمانو ٻڌائي ٿو. ٻي
ڳالهه ته جنهن نموني جو ريڊيو ڪاربان سان تجربو
ڪيو ويو آهي، سو گندو ۽ بگڙيل آهي. اهڙو ذڪر مٿي
ڏنل حاشيه ۾ به ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري اهو دؤر غلط
ٿي سگهي ٿو.
اهڙيءَ ريت
14C
وسيلي لوٿل،
A
وارو دؤر 2100 کان 1850 ق.م بيهي ٿو، جيڪو امڪاني
طور 2550 کان 2160 ق.م ٿئي ٿو. اهو دؤر موهن جي
دڙي سان سهمت آهي جيڪو 2083 کان 1760 ق.م (2540
کان 2110 ق.م) آهي [23].
هن سلسلي جي قائم ٿي وڃڻ کان پوءِ، ڌيان دؤر ٽئين
(Period
III)
ڏانهن ڏيون ٿا. دؤر جي نقطهء نظر کان هن جي صحيح
تعريف ڪانه ڪئي وئي آهي. پر هن سان راجسٿان ۽
مالوا جي سنڌو تهذيب جي ثقافتي شين سان ڀيٽوار
اڀياس مان مذڪوره دؤر جي معلومات حاصل ڪئي وئي
آهي. اهڙيءَ ريت ٻن وچن دؤرن جهڙو
دؤر
بي. ٻيو
(Period B-II)
۽ سي. ٻيو
(Period C-II)
کي خاص جڳهه ڏني وئي آهي.
|