سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 8

سال 1906ع ۾ آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو ويهون اجلاس ڍاڪا ۾ منعقد ٿيو، تڏهن سردار محمد يعقوب وزير، خيرپور ميرس، سنڌ جي مسلمانن جي تعليمي پستيءَ ۽ حالت زار تي هڪ رپورٽ پيش ڪري، سينٽرل اسٽينڊننگ ڪاميٽيءَ کي درخواست ڪئي ته آئينده اجلاس سنڌ ۾ ڪيو وڃي. ”ان وقت سنڌ جي ڪل آبادي 32 لک، 10 هزار 9 سو 79 يعني 4/3  کان وڌيڪ آبادي مسلمانن تي مشتمل هئي، سردار محمد يعقوب پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته؛ ” ڪنهن به صوبي جي مسلمانن جي تعليمي حالت ايتري ڪريل نه آهي، جيتري سنڌ جي مسلمانن جي آهي، سنڌ ۾ ٻن سون گريجئيٽس جي مقابلي ۾ فقط ڏه مسلمان گريجئيٽ آهن، ان کان سواءِ وڌيڪ تلخ ۽ ڏکائتي ڳالهه اها هئي ته انهن ڏهن  مسلمان گريجوئيٽس مان سنڌي فقط ٻه هئا، باقي اٺ غير سنڌي هئا،  جي ٻاهران تجارت جي خيال کان ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا هئا. سردار يعقوب رپورت ۾ چيو ته ”ويهن هندن جي مقابلي ۾ صرف هڪ مسلمان ڊگري يافته آهي، بيريسٽر، ايل ايل. بي ۽ يا پليڊر هن صوبي ۾ ٻن سون کان مٿي آهن پر انهن ۾ مسلمان فقط ويهه آهن. گذريل سال انٽر سائنس ۾ هڪ سو ويهه طالب ڪامياب ٿيا، تن ۾ مسلمان فقط ٻارنهن هئا. مسلمانن ۾ تعليم نه هئڻ ڪري، سڀ نوڪريون سندن هٿن مان نڪري چڪيون آهن. اهو ساڳيو حال هنر، صنعت ۽ واپار جو آهي. سنڌ ۾ هڪ هندو سيشن جج ۽ هڪ اسسٽنٽ سيشن جج آهي، مگر ان درجي جو ڪو به عهدو ڪنهن مسلمان جي هٿ ۾ نه آيو آهي. روينيو ۾ ويهه ڊپٽي ڪليڪٽر آهن، جن مان مسلمان فقط ٽي آهن باقي سترنهن هندو آهن. [1]

مسٽر علي محمد دهلوي ۽ سردار محمد يعقوب خان جي درد انگيز تعليمي رپورٽ تي ڍاڪا ڪانفرنس ۾ فيصلو ٿيو ته 1907ع جو ايندڙ اجلاس سنڌ ۾ منعقد ٿيندو. ڊسمبر 1907ع ۾ ڪانفرنس جو اجلاس ڪراچيءَ ۾ زير صدارت الطاف حسين حالي جي منعقد ٿيو. سردار محمد يعقوب جي جاءِ تي شيخ صادق علي وزير مقرر ٿيو هو، جنهن ڪانفرنس  جو بندوبست ڪيو، سنڌ ۾ ڪارڪنن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي ويئي، جنهن جو صدر شيخ صادق علي ۽ سيڪريٽري علي محمد خان دهلوي باريسٽر مقرر ٿيو. ”ڪانفرنس ۾ اٽڪل 1300 سو مهمانن شرڪت ڪئي. سنڌ مان 1700، پنجاب 300، يو- پي 150، سابق متحده بنگال 50، بمبئي، دکن، ميسور، راجپوتانا ۽ رنگون مان 100 نمائندن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ 1182 ڪانفرنس جا ميمبر ۽ 374 وزيٽرس هئا، ان مان 8097 روپيه في جي صورت ۾ رقم وصول ٿي.[1] هن اجلاس ۾ مختلف رٿون بحال ٿيون تن کي پيش ڪندڙ ۽ تائيد ڪرڻ وارا هيٺيان معزز هئا:

شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ ڊپٽي ڪليڪٽر، شيخ صادق علي وزير خيرپور، علي محمد خان دهلوي بيريسٽر، رئيس شمس الدين بلبل، نواب وقار الملڪ، حاجي فضل الله قاضي ٺٽوي، غلام حسين وڪيل (بعد ۾ سنڌ جو وزيراعظم ٿيو) صاحبزاده آفتاب احمد، شيخ عبدالقادر باريسٽر ( جو پوءِ سرٿيو ۽ انڊيا ڪائونسل جو ميمبر ٿيو سندس پٽ منظور قادر پاڪستان جو وزير قانون ٿيو)،  ڊاڪٽر ايس جي حاجي، سيٺ رام جي ڀائي، منشي محبوب عالم ايڊيٽر پيسه اخبار لاهور، شيخ عبدالله وڪيل عليگڙه، مسٽر محمد شفيع بيريسٽر لاهور، سيٺ طبيب علي ڀائي ڪراچي، مير الهه  بخش ٽالپر (ٽنڊو محمد خان) حاجي عبدالله هارون (سر ٿيو ۽ تحريڪ پاڪستان جو علمبردار هو). عبدالسلام رفيقي، خانبهادر شيخ صادق علي، رئيس اعظم امرتسر، خانبهادر مولوي رحيم بخش وزير اعظم رياست بهاولپور، ميجر سيد حسن بلگرامي، آنربل سيد نواب علي چوڌري رئيس ڪلڪته وغيره [2] ڪراچي ڪانفرنس ڪامياب ٿي، ان جو اثر همگير ثابت ٿيو. ڪانفرنس جا ٻيا جيڪي به اجلاس برصغير جي مختلف شهرن ۾ ٿيا، اتي به سنڌ جي مسئلن جي اهميت کي نظر انداز نه ڪيو ويو. ”چنانچه هر هنڌ ڪراچيءَ واري اجلاس ۾ پاس ٿيل ٺهراءُ تي زور ڏنو ويو.

مثلاً سنڌ جي مسلمان زميندارن کان ڍل ۾، روپيه تي هڪ پيسو وٺڻ جي جيڪا رٿ ڪراچيءَ ۾ پاس ڪئي ويئي هئي، اها ڪانفرنس جي ٽيويهين اجلاس رنگون جهڙي دور دراز شهر ۾ پڻ ورجائي ويئي. رنگون ڪانفرنس جي صدارت مهاراجه علي محمد خان، راجا آف محمود آباد ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ”هي ڪانفرنس هند سرڪار ۽ گورنمينٽ بمبئي جو توجهه ڪانفرنس جي ان ريزوليشن جي طرف مبذول ڪرائي ٿي، جو ڪراچي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مسلمان زميندارن جي اولاد جي تعليم لاءِ ”پيسو سيس بل“ جي ذريعي تعليمي فنڊ قائم ڪرڻ جي باري ۾ پاس ٿيو هو ۽ جنهن کي سنڌ جي مسلمانن اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو.[1] سنڌ تعليمي شعبي ۾ پڻ اڳواڻي ڪري رهي هئي.

سال 1924ع ۾ سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد ۾ منعقد ٿي، هن ڪانفرنس جي استقباليه تقرير ۾ سنڌ جي تعليمي حالت جو مڪمل نقشو چٽيو ويو. هن رپورٽ ۾ چيو ويو ته ” اسان جي ملڪ ۾ ٻه قومون، پهلو به پهلو آباد آهن، جن ۾ هڪ تعليمي لحاظ کان سموري هندستان جي مختلف جماعتن کان ممتاز آهي ۽ افسوس آهي ته انهن جي ئي پاڙيسري ٻي قوم تعليم ۾ سڄي هندستان ۾ پٺتي پيل آهي ۽ هاڻي جيڪڏهن مسلمانن کي سنڌ ۾ عزت، آبرو ۽ خودداري سان زندگي گذارڻي آهي ته اسان کي ضرور اعلى تعليم ڏانهن توجهه ڏيڻ گهرجي. في الحال نه اسان ۾ ڊاڪٽر آهن، نه انجنيئر نه سائنسدان ۽ نه ڪنهن قسم جا اعلى تعليم يافته! انهيءَ حالت تي جيترو به ارمان ڪجي اوترو ٿورو آهي. قوم ۾ مفلسي گهر ڪري ويئي آهي ۽ هي حالت روز بروز وڌندڙ آهي، اهڙي حالت ۾ ضروري آهي ته جيڪي مقبول ۽ بيٺل بزرگ قوم ۾ موجود آهن، تن کي گهرجي ته قوم جي هن هيڻي حالت تي ڌيان ڏين. لائق ۽ شوقين شاگردن جي امداد ڪن، بورڊنگ هائوس قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ۽ اسڪالرشپون ڏين. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن قوم جي عزت قائم رهندي ته دولتمند طبقي جي به عزت آهي ۽ جيڪڏهن قوم جي حالت، جهالت ۽ مفلسي جي ڪري ذليل ٿي ويندي ته پوءِ ڪنهن به طبقي جي عزت قائم رهي ڪانه سگهندي. [1] هن رپورٽ ۾ تعليمي انگ اکر ڏنا ويا جنهن ۾ مسلمانن جي حالت دل ڏڪائيندڙ آهي.

سنڌ ۾ مسلمانن جي تعليمي حالت

اڻ پڙهيل

پڙهيل

انگريزي دان

عمر

مرد

زالون

جوڙ

مرد

زالون

جوڙ

مرد

زالون

جوڙ

عمر

61568

51775

113343

412

86

498

1

--

1

0-10 سال

25933

16066

41999

677

86

763

57

6

63

10-15 سال

27355

11614

15741

593

112

705

47

--

47

15-20 سال

123379

95180

221559

4884

670

5554

326

23

349

20 کان 30

226621

177635

404256

6566

954

7520

431

29

460

ڪل جوڙ

سنڌ ۾ هندن جي تعليمي حالت

اڻ پڙهيل

پڙهيل

انگريزي دان

عمر

مرد

زالون

جوڙ

مرد

زالون

جوڙ

مرد

زالون

جوڙ

عمر

58071

53447

11518

632

215

837

23

5

28

10 سال تائين

23016

15398

38414

1107

479

1386

129

8

137

10-15  سال“

14235

10823

25058

1304

212

092

1298

8

306

15-20 سال “

110753

87943

918696

8074

864

8938

1709

42

1751

20 کان مٿي

206075

167600

1373686

0895

1570

12465

2159

63

2222

ڪل جوڙ

ورتل: رپورٽ سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس، حيدرآباد 1924ع.

انگريزي آرٽس ڪاليجن ۾ سنڌي مسلمانن ۽ هندن جو تعداد سال 1922- 1923ع ۾ ڪل مسلمان شاگرد 72 هئا.

سال 1924ع ۾ سنڌي مسلمانن ۽ هندن جو تعداد هيٺين طرح آهي.

ڪاليج

هندو

مسلمان

ايلفنسٽنٽ ڪاليج

10

1

ڊيڪن ڪاليج

1

0

گجرات ڪاليج

1

0

راڻل انسٽيٽيوٽ آف سائنس

10

0

ولسن ڪاليج

1

0

سينٽ زيوير ڪاليج

4

1

فرگونسن ڪاليج

9

4

بهاؤالدين ڪاليج

0

1

ساملداس ڪاليج

4

0

بڙودا ڪاليج

13

6

سنڌ ڪاليج

466

79

مسلم يونيورسٽي عليڳڙه

0

17

نيشنل ڪاليج حيدرآباد

74

15

سڀني ڪاليجن ۾

593

124

هنري ڪاليج

گورنمينٽ لاسڪول بمبئي

5

7

گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئي

35

3

انجنيئرنگ ڪاليج پونه

6

2

ايگريڪلچرل ڪاليج پونه

5

2

سڊنهم ڪاليج آف ڪامرس بمبئي

2

--

لاڪاليج پونا

3

1

فاريسٽ ڪاليج ڪوئيمبٽور

1

1

لائلپور ايگريڪلچرل اسڪول

4

1

ڪراچي انجنيئرنگ ڪاليج

--

--

يونيورسٽي لاءِ

99

3

سڀني تعليمي ادارن ۾

160

20

         

1924ع ۾ انگريزي اسڪولن ۾ شاگردن جو تعداد

  هندو       مسلمان

6716          1769

سال 1922-1923ع ۾ مسلمانن جو تعداد 1720 هو. يعني هڪ سال اندر صرف مسلمان 49 ڇوڪرا وڌيا.

ابتدائي تعليم

سال 1922-1923ع شاگردن جو تعداد هيٺئين ريت هو:

  هندو                 مسلمان

49019                44246

        انهن 44246 ڇوڪرن مان 7ء 51 يعني اڌ کان مٿي فقط ملن جي اسڪولن ۾ ابتدائي تعليم وٺندڙ هئا.

سنڌي ٽريننگ ڪاليجن ۾ ماستري پڙهندڙ شاگرد

ڪلاس         مردانه ٽريننگ ڪاليج 1924       زنانه ٽريننگ ڪاليج 1923

ڪلاس

هندو

مسلمان

ٻيا

ڪل

ڪلاس

هندو

مسلمان

ٻيا

ڪل

سيڪنڊ

9

10

--

19

ابتدائي

13

3

--

16

ٿرڊ

35

35

1

71

پهريون

8

--

--

8

 

 

 

 

 

ٻيوسال

3

--

--

3

 

 

 

 

 

ٽيون سال

1

--

1

2

                     

رپورٽ: سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد 1924ع.

هندو مسلمان يا

ڪل جوڙ       44-45-1  90 ڪل جوڙ         25-3-1  جوڙ 29

حيدرآباد ميڊيڪل اسڪول 1884ع کان 1921 تائين ڪل 431 شاگرد پاس ٿيا جن مان فقط 31 مسلمان هئا. ان کان پوءِ 1924ع ۾ هيٺين طرح تناسب هو.

ڪلاس

مسلمان

غيرمسلمان

سنڌي

غيرسنڌي

ڪل جوڙ

پهريون سال

5

17

9

13

22

ٻيون سال

3

10

6

7

12

ٽيون سال

3

7

3

7

10

چوٿون سال

3

6

7

2

9

ڪل تعداد

14

40

25

29

108

شاگردن جو تناسب

1936-1937

1937-1938

واڌارو

يورپين ۽ ائنگلو انڊي

3

6

+ 3 واڌ

انڊين ڪرسچن

30

28

- 2 گهٽ

هندو

978

1046

- 79 واڌ

مسلمان

168

150

- 18 گهٽ

پارسي

48

53

- 5 واڌ

سکهه

27

29

- 2 واڌ[1]

ڪل

1262

1318

56 واڌ

اي. وي. اسڪوليس

انڊين ڪرسچن

35

34

9ء2 گهٽ

هندو

004، 14

699، 14

0ء25 واڌ

مسلمان

473، 4

605، 4

0ء3 واڌ

پارسي

275

276

09ء0 واڌ

ٻيا مذهب

336

494

00ء28 واڌ

ڪل جوڙ

73، 191

108، 20

409 واڌ

1941ع ۾ ڪاليجن ۾ مسلمانن جو تناسب

 

هندو

مسلمان

انگريزي ڪاليجن ۾

578، 1

152

انگريزي اسڪولن ۾

188، 21

691، 4

ابتدائي اسڪولن ۾

228، 73، 1

735، 8 [2]

سنڌ جا مسلمان انگريزن جا غلام ۽ هندن جا ٻانها بنجي ويا. مسلمانن کي احساس ٿيو ته جيڪڏهن پاڪستان حاصل نه ڪيو ويو ته گڏيل هندستان ۾ مسلمان مٽجي ويندا، سنڌ، هندستان ۾ اسلام جو دروازو هو، اسلامي تبليغ هتي زور شور سان هلي هندو اقليت ۾ هئا، هن واقليت، انهيءَ نعري کي عملي طور  هر ممڪن نموني ۾ مسلمانن جي خلاف استعمال  ڪيو، تحريڪ خلافت ۽ هجرت ۾ سنڌ جي مسلمانن کي بي انتها مالي ۽ جاني نقصان ٿيو. ”لوڪمانيه تلڪ جون هلايل تحريڪون، گئودان شيوا جي مرهٽي کي هيرو ڪري مڃڻ، آريه سماجين طرفان اسلام ۽ پيغمبر اسلام صلعم تي حملا ڪرڻ ۽ شڌي جي تحريڪ اهڙا غلط ۽ هاڃيڪار حربا هئا، جن هتي جي غيرت پرست ۽ خدا جي توحيدي تصور کي مڃڻ وارن هندن کي بلڪل بدلي ڇڏيو. سنڌ ۾ به فرقيوار فساد شروع ٿيا، هندن ڳوٺن مان لڏي شهرن تي قبضو ڪيو. ازان سواءِ منظم پروگرام هيٺ، ٻاهران هندو گهرائي، سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ آباد ڪيا، جئن مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري سگهجي،۽ غريب  مسلمان جيڪي روزگار جي معمولي ذريعن ۾ مشغول هئا، تن کي اقتصادي طور مفلوج بنايو ويو.[1]

انگريزن جي سرپرستي حاصل ٿيڻ کان پوءِ هندن طرفان هڪ منظم سازش هيٺ مسلمانن جي پيغمبر ، جرنيلن ۽ اڳواڻن خلاف مضمون، اشتهاري ڪتابچه، پوسٽر ۽ ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا، هن سلسلي ۾ ”سندري“، ”قتل حقيقت راءِ“، ”وير درگاداس“ وغيره جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. ”قراني الله ميان جي صنعت“ ”قراني الله ميان جي تصوير“ ڪتاب ۽ اسلامي بهشت جا فوٽو شايع ٿيا. سنڌ جي مسلمان عالمن، هندن جي انهن لکيل ڪتابن جا جواب ڏنا: 1935ع جي آئيني سڌارن جي هندن مخالفت ڪئي، ڇو ته انهن سڌارن موجب سنڌ بمبئي کان الڳ ڪري ڌار صوبو بنايو ويو. بهرحال نيون چونڊون 1937ع ۾ ٿيون ۽ صوبن ۾ نمائينده وزارتون ٺهيون، جن صوبن ۾ ڪانگريس حڪومت ٺاهي، اتي مسلمانن جي زندگي  عذاب بنجي ويئي. نواب صديق علي خان ۽ سيد رئوف شاه جي اڳواڻي هيٺ اقليتيءَ صوبن جو هڪ وفد سنڌ آيو، جنهن عام جلسن ۾ ڪانگريس حڪومت جي اڳواڻن ۽ متعصب هندن جي اصل مقصدن کي واضح ڪري ”شارڌا“ ۽ ”وارڌا“ جي مسلم ڪش ۽ بندي ماترم تحريڪ خلاف هتي جي مسلمانن کي سجاڳ ڪيو.[1]

سنڌ جي سياست تي پڻ هندن جو قبضو هو، هندو جنهن کي چاهين تنهن کي وزارت ۾ آڻين ۽ ڊاهين. وزارت کي هنن پنهنجي مطلب ۽ مفاد ۾ استعمال ٿي ڪيو، سرڪاري نوڪرين ۾ مسلمان اٽي ۾ لوڻ برابر هئا، وڏين نوڪرين ۽ انتظامي مشنريءَ تي پڻ هندن جو قبضو هو، تعليم جون سهوليتون هندن کي هيون، مسلمان شاگردن کي دل شڪسته ۽ بي همٿ ڪيو ٿي ويو. سنڌ جي زميندارن جي اڪثريت هندن جي مقروض هئي، مسلمانن جا زيور  ۽ زمينون هندن وٽ وڏي وياج تي گروي طور رکيون وينديون هيون، جن جا اڪثر مالڪ هندو ٿي ويا. ڳاٽي ٽوڙ وياج سبب زميندار پنهنجون زمينون وڃائي ويٺا، واپار ۽ صنعت تي هندن جو قبضو هو. سنڌ جا مسلمان تعليم ۾ پوئتي پيل هئا، تنهن ڪري اڪثر مسلمان هندن جي کوٽ ۽ ڪوڌ ۾ ڦرجي ڏينهون ڏينهن پوئتي پوندا ٿي ويا. قاعدي ۽ قانون کان اڻ واقف هئڻ سبب اڪثر سنڌ جا  مسلمان، هندو ۽ انگريز ڪامورا شاهي جي حراس سبب احساس ڪمتري جو شڪار ٿيڻ لڳا. اقليتي صوبن جا مسلمان ته ويل ۾ هئا هر وقت فرقيوارانه فسادات ٿيندا رهندا هئا، جن ۾ ڪيترا مسلمان شهيد ٿي ويا. هندو ۽ مسلمان جي وچ ۾ ڀائچاري وارو رستو ختم ٿي ويو. هندو سرمائيدار مسلمانن کي نيچ ۽ ناپاڪ سمجهڻ لڳا. تاريخ 5، 6 نومبر 1940ع ۾ هندو مسلم ايڪتا ڪانفرنس زير صدارت مولانا چشتي جي نواب شاه ۾ منعقد ٿي. هن پنهنجي صدارتي تقرير ۾ ذڪر ڪيو ته ”جنهن ڳالهه اسان جي وطن عزيز کي عرب ۽ عجم، آفريڪا ۽ آمريڪا، يورپ، چين ۽ جپان ۾ بدنام ڪيو آهي، سو آهي! اسٽيشن، آفيسن ۽ اسڪولن ۾ هندو پاڻي، مسلم پاڻيءَ جو ويڇو. اهو ويڇو هندن جي پيداوار هو. ڪن هندن جي دڪان تي مسلمان لاءِ الڳ گلاس رکيا ويا هئا.[1]

سنڌ ۾ سياست تي هندن جو ڪنٽرول هو، حالانڪ اسيمبليءَ ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي: جڏهن به هندو محاذ وارو بل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ٿي ويو تڏهن هندو هڪ ٿي ٿي ويا، مسلمانن جي مفاد واري سوال جي هندن هميشہ مخالفت ٿي ڪئي؛ تعليمي ميدان ۾ هندو مسلمانن کان اڳتي هئا، حڪومت جي کين پٺڀرائي هئي. واپار تي هندن جو مڪمل ضابطو هو، حالانڪ ٽالپرن جي پوئين دور کان وٺي اقتصاديات تي هندن جو قبضو هو. ”ٽالپري عهدي جي پوئين دور ۾ وياج خور واڻئي سنڌ جي هر ويسن ۽ واهڻن توڙي ڳوٺ ۽ شهر ۾ پنهنجي سرمائيداري جو ڄار پکيڙي، مزدور، ڪاسبي، هاري، توڙي ننڍي کاتيدار ۽ زميندار  جي اقتصادي خوشحالي کي ختم ڪري ڇڏيو هو.[2] جڏهن انگريزن هندن جي سرپرستي شروع ڪئي تڏهن مسلمانن جون زمينون هندن وٽ وڏي وياج تي گروي رکيون ويون، سي آهستي آهستي هندن جي ملڪيت ٿي ويون.


[1]  شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص ص 30- 31

[1]  شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص ص 34

[2]  شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ 1977ع ص ص 37- 38

[1]  شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم ايضاً ص ص 45- 46

[1]  رپورٽ سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس، حيدرآباد، 1934

[1] Annual Report of Pablic Instructions 1937-1938 Karachi, 1938, P: 11

[2]  روزانه الوحيد ڪراچي، آڪٽومبر 19، ص 1941

[1]  ڪريم بخش خالد، پاڪستان تحريڪ جو پس منظر سنڌ ۾ ماهنامه نئين زندگي آگسٽ 1971 ص ص 25 - 26

[1]  ڪريم بخش خالد پاڪستان تحريڪ جو پس منظر سنڌ ۾ ماهوار نئين زندگي ڪراچي، آگسٽ 1971ع ص 26

[1]  چشتي مولانا پيغام محبت، ايس ڀڳوانداس، نواب شاه. 1940ع ص 16

[2]  ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، خليفي صاحب نبي بخش جو رسالو حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1966ع ص 45

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org