هي
ديس اسان جي پنيه ڀومي آهي. ڌرم ڀومي ۽ ڪرم ڀومي
آهي. ۽ هن ديس جي اندر اسان کي پنهنجي لاءِ سنسار
لاءِ، پنهنجي سڀيتا ۽ سنسڪرتيءَ لاءِ، پنهنجي
اتهاس ۽ بزرگن ۽ آدرش لاءِ زندهه رهڻو آهي، تنهن
ڪري ڪنهن به حالت ۾ جيستائين اسان جي جان ۾ جان
آهي ۽ جيستائين اسان جو هڪ به ٻچو جيئرو آهي،
تيستائين، هن ناپاڪ هلچل کي نڪمو
بڻائينداسين. مرنداسين، مٽباسين، ليڪن ڀارت کي ٽڪر
ٽڪر ڪرائڻ جو ڪلنڪ پنهنجي سر تي نه کڻنداسين.
ڪانفرنس جي صدر مهاتما ٻه ديو پنهنجي
تقرير ۾ چيو ته ”مسٽر جنها اهنسا جي سڌانت جو
فائدو وٺي، هڪ وڏي راڄنيتي چال ٿو چلي ۽ کيڏ ٿو
کيڏي. مان پاڪستان ۽ ناپاڪستان کي هندستان جي
اتهاس ۾ خاص اهميت ڪو نه ٿو ڏيان. اسين هندستاني
راڄ چاهيون ٿا ۽ نه انگريزي بادشاهت، نه ڪي جرمني
شهنشاهيت يا نه ڪا ٻي! منهنجو مطلب آهي ته ڪا ٻي
قوم جيڪا هندستان سان محبت ۽ هڪجهڙائي جي بنياد تي
سهڪار ڪندي ته اسان ان جي ڀلي ڀت آجيان ڪنداسين.“
نه
ڪنهن ٻي حالت ۾! پنهنجو جهنڊو بلند ڪري، ايشور کي
پنهنجو رهب سمجهي. اسين جن ۾ به سري رام ۽ شري
ڪرشن جو رت موجود آهي، سي اوس پنهنجي آدرش تي
پهچنداسين.
ڪانفرنس ۾ هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
هي ڪانفرنس پاڪستان جي رٿ ۽ سنڌ اندر
بيگناهه فردوش هندن جي قتل ڦرلٽن کي زوردار لفظن ۾
نندي ٿي ۽ سخت اعتراض وٺي ٿي.
وڌيڪ هي ڪانفرنس اهو اعلان ٿي ڪري ته اهڙي
پاليسيءَ جي خلاف عام طور ۽ خاص طور پاڪستان رٿ
جي برخلاف سڀني واجبي رستن ۽ پنهنجي سموري طاقت
سان لڙندي. وڌيڪ صاف ٿي ڪري ته پنهنجن رستن ۾
اهنسا کي آڏو رکيو ويندو ۽ محبت سان پنهنجي
مخالفن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، ليڪن پنهنجي بچاءَ ۾ سڀ
ڪارگر ۽ قائدي اندر رستا،
Defenssive Offens
سميت ڪم آڻينداسين.
هن ٺهراءَ تي تمام گهڻن اڳواڻن ۽ جدا جدا
سڀائن جي ڪاريه
ڪرتائن جهڙوڪ: (1) مسٽر درمداس بيلا رام منتري
(هندو سڀا (2) گياني تيرٿ سنگهه (سک سڀا) (3)
ديوان چوهڙ سنگ (4) پنڊت دوارڪا پرساد (5) مسٽر
گڏنو مل (6) پرنسپال رام سهاءِ (7) پروفيسر تارچند
(8) نرسنگ لعل (9) مهاشيه چيتن ديو (10) ڀائي
لڌارام ۽ ٻين صاحب ڳالهايو.“
سنڌ جي هندو، هر شهر ۾ ۽ هر جلسي ۾
پاڪستان جي مخالفت ڪئي. هر اهو ڪم جيڪو سنڌ جي
مسلمان جي ڀلائي لاءِ هو، تنهن کي هنن پنهنجي خلاف
ٿي سمجهيو ۽ ظاهر ۾ اعلان ڪري پاڪستان جي خلاف ڪم
ڪيو. هندن جو پئسو پروپئگنڊه لاءِ گهڻو استعمال
ٿيو. سنڌ جي مسلمان ليڊرن کي خريد ڪرڻ، مخالفت ۾
بيهاري مدد ڪرڻ جا حربا استعمال ڪيا، مگر سنڌ جو
عوام مسلم ليگ سان پاڪستان جي نعري ۾ شامل رهيو.
باب ڇهون
جدوجهد آزادي ۽ سنڌ جي سياست
مير بنده علي جو وزيراعظم ٿيڻ
مسجد منزل گاهه جو مسئلو سنڌ جي سياست تي
اثرانداز ٿيو. هندو- مسلمان تعلقات تمام خراب ٿي
ويا. عوام کان وٺي اسيمبلي جي ميمبرن تائين هندو
مسلمان هڪ ٻئي جا مخالف ٿي پيا.
”سنڌ اسيمبلي ۾ هندو ۽ مسلمانن جا ٻه ٻه
گروپ هئا. مسلمانن جو هڪ گروپ محمد ايوب کهڙي جي
حمايت ۾ هو ته ٻيو گروپ الهه بخش سومري جي حمايت
ڪندو هو. اهڙيءَ طرح هندن جو ڪانگريس گروپ ۽ ڪجهه
آزاد ميمبر الهه بخش سان وفادار هئا. ڪجهه آزاد
هندو ميمبر محمد ايوب کهڙي جي حمايت ۾ هئا، ڪا به
حڪومت هندو ميمبرن جي حمايت کان سوا رهي نه پئي
سگهي. حقيقت ۾ هندو حڪمران پارٽي هئي جنهن کي
چاهين حڪومت ۾ آڻين، جنهن جي چاهي مخالفت ڪن، ان
جي وزارت ڊاهين. حڪومت هنن جي رحم و ڪرم تي هئي.
جي.ايم.سيد، الهه بخش سومري جي حڪومت کي
ڊاهڻ ٿي چاهيو؛ ڇاڪاڻ ته جي.ايم.سيد کي مسلم ليگ
جي تنظيمي ڪميٽي جو چيئرمين بڻايو ويو هو. هن مسلم
ليگ جي حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻئي طرف سکر ۾
مسجد منزل گاهه
جي
فسادن سبب هندو الهه بخش وزارت جا مخالف ٿي بيٺا.
انهيءَ ڪري الهه بخش هندن جي حمايت حاصل ڪري نه
سگهيو. الهه بخش تي اهو الزام لڳايو پئي ويو ته هن
هندن جي جان ۽ مال جي حفاظت نه ڪئي آهي. ٻئي طرف
مسلم ليگ وارن سڄو الزام الهه بخش تي آندو ته
جيڪڏهن الهه بخش دليءَ طرح مسئلي کي حل ڪري ها ته
هندو مسلم فسادنه ٿين ها، حالانڪه الهه بخش
جو
انهي ۾ ڪو به ڏوهه ڪو نه هو. هن مسئلي کي حل ڪرڻ
جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، مگر مسلم ليگ جلد بازي کان
ڪم وٺي، فساد لاءِ راهه هموار ڪئي؛ جيئن الهه بخش
جي وزارت هندن ۽ مسلمانن جو اعتماد وڃائي استعيفيٰ
ڏئي.
”تاريخ 18 مارچ 1940ع تي الهه بخش وزارت
استعيفيٰ ڏني مير بنده علي خان وزارت ٺاهي، جنهن
۾ هن وڏي وزير جي حيثيت سان داخلا، سياسي امور،
قانون عام انتظامي امور جا کاتا پاڻ وٽ رکيا ۽
سندس ٻيا وزير هيٺان هئا:
نهچلداس وزيراڻي، روينيو، خانبهادر محمد
ايوب کهڙو پي ڊبليو ڊي، شيخ عبدالمجيد سنڌي خزانه،
صحت، پبلڪ هيلٿ ۽ آبادڪاري، را صاحب گوڪلداس
زراعت، مقامي خود حڪومت. جي.ايم.سيد محنت، صحت،
ٻيلا، تعليم ديهي ترقيات جا کاتا.
جڏهن الهه بخش وزارت مان نڪري ويو ته هندو
گروپ الهه بخش کي وزير بڻائڻ جي گهر ڪئي، جيڪڏهن
الهه بخش
حڪومت
کان
ٻاهر پيو رهي،
ته
برسراقتدار پارٽي کي هر وقت خطرو درپيش هو. انهيءَ
لاءِ ضروري هو ته هندو مسلمان اتحاد قائم ٿئي ۽
امن امان جي فضا قائم رهي.
تاريخ 23 نومبر 1940ع
تي
جي.ايم.سيد
استعيفى ڏني ۽ ان جي جاءِ تي الهه بخش کي وزير
بنايو ويو، هن کي خزانه صحت، پبلڪ هيلٿ، آبادڪاري
۽ عام انتظامي امور جا کاتا ڏنا ويا.
”اسيمبليءَ ۾ گڏيل پارلياماني صلاحڪار ڪاميٽي
بنائي ويئي، هندو مسلم اتحاد جو هڪ عهدنامو صحيح
ڪيو ويو، ڪاميٽيءَ تي اهو فرض مقرر ڪيو ويو ته هو
عهدنامي تي عمل درآمد ڪرائي. هيٺيان عهديدار
صلاحڪار ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيا ويا:
چيئرمين:- جي.ايم.سيد،
ميمبر:- محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، الهه
بخش سومرو، غلام حسين هدايت الله، پير الاهي بخش،
محمد هاشم گذدر، نيوند رام، ذهچلداس، گوڪلداس،
رستم سڌوا، نارائڻ داس بيچر، ڊاڪٽر چوئٿرام، فريزر
۽ ٻيا آزاد هندو گروپ مان هئا.
1940ع جي آخر ۾ قائداعظم محمد علي جناح
سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ تنظيمي
ڪاميٽي ٺاهي. ڪاميٽي جا هيٺيان عهديدار نامزد ڪيا
ويا.
چيئرمين: جي.ايم.سيد.
ميمبر:- جي.ايم.سيد،
صاحبزاده عبدالستار جان سرهندي، غلام نبي پٺاڻ،
سيد علي اڪبر شاه، قاضي فضل الله، ميان فقير محمد
مڱريو (لاڙڪاڻو) سيد حسن بخش شاه، هن ڪاميٽي جي
پهرئين ميٽنگ سن ۾ 22 فيبروري 1941ع
تي
ٿي. هن ميٽنگ ۾ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ پروگرام
تيار ڪيو ويو ۽ پوسٽر ڇپرايا ويا.
الهه بخش سومري جو ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ
جڏهن الهه بخش کي مير بنده علي خان ٽالپر جي وزارت
۾ وزير بنايو ويو هو تڏهن جي.ايم.سيد
کي وزارت تان استعيفى ڏياري، مسلم ليگ تنظيمي
ڪاميٽيءَ جو چيئرمن مقرر ڪيو ويو هو. جي. ايم سيد
مسلم ليگ جي تنظيمي ڪم کي تحريڪ جي صورت ۾ کنيو.
مسلم ليگ جو نعرو پاڪستان هو ۽ ڪانگريس جي مخالفت!
خاص طور تي هندو قوم کي استحصالي قوت قرار ڏنو
ويو. سنڌ جو هندو، جي.ايم.سيد
جي انهيءَ قدم کان ناراض هو، ۽ خاص طور ڪانگريس ۽
هندو مهاسڀائي مسلم ليگ ۽ جي.ايم.سيد
کان نفرت ڪرڻ شروع ڪئي. جي.ايم.سيد
مسلم ليگ جي تنظيم جو ڪم، ڪانگريس ۽ هندن کي نفرت
جو بنياد بنائي شروع ڪيو.
ڪانگريس وارن سمجهيو ته الهه بخش جيڪو ڪانگريس جي
خيالن سان متفق هو، مبادا مسلم ليگ جي طرف هليو
وڃي! ڪانگريس وارن الهه بخش کي وزيراعظم بنائڻ تي
آماده ڪيو، ڪانگريس ۽ مسلم ليگ عهدنامي تي صحيح
طريقي سان عمل نه ڪيو.
تاريخ 7 مارچ 1941ع
تي
سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿيو. تڏهن الهه بخش
سومرو وزير هوندي ڪانگريس ۽ هندو آزاد ميمبرن سان
گڏجي مخالف بينچن تي وڃي ويٺو، جنهن ڪري مير بنده
علي ايوان ۾ اعتماد نه ڏسي استعيفى ڏني. الهه بخش
کي ايوان ۾ اڪثريت هئي، انهيءَ ڪري کيس وزارت
بنائڻ جي دعوت ڏني وئي.
ساڳئي ڏينهن تاريخ 7 مارچ 1940ع
تي
الهه بخش سومري جي وزارت وجود ۾ آئي. هن وزارت جا
کاتا هيٺين طرح ترتيب ڏنا:
”وڏي وزير جي حيثيت ۾ هن پاڻ وٽ خزاني جو کاتو
رکيو.
سر غلام حسين هدايت الله کي داخلا، سياسي
امور، قانون ۽ عام انتظام جا کاتا.
راءِ صاحب گوڪلداس ميولداس کي مقامي خود
حڪومت ۽ زراعت، پير الاهي بخش کي تعليم، صنعت ۽
محنت آبادڪاري ٻيلا ۽ ديهي ترقيات، پيرزاده
عبدالستار کي پي ڊبليو ڊي، صحت ۽ پبلڪ هيلٿ.
الهه بخش سومري جي وزارت ۾ غلام حسين هدايت الله
شامل ٿيو، جيڪو مسلم
ليگ جو حمايتي هو. مگر وزارت خاطر عهدو قبول ڪري،
ڪنهن به پارٽي
جي اصول ۽ قاعدن جي پابندي نه ڪئي. سنڌ اندر هڪ
ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ تباهه ٿيڻ لڳي. ان کي بچائڻ
لاءِ سر عبدالله هارون پنهنجون ڪوششون تيز ڪيون.
1940ع جي لاهور قرارداد پاس ٿيڻ بعد
هندستان جي ڪنڊڪڙڇ مان پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ
مطالبا شروع ٿيا، صوبي سنڌ مسلم ليگ ۽ سنڌ جي
مسلمانن انهيءَ قرارداد جي آجيان ڪئي ۽ سنڌ مان
انهيءَ قرارداد جي پٺڀرائي ۾ ”پاڪستان جي مطالبي“
لاءِ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو. مسلم ليگ جي تنظيم هڪ
تحريڪ وانگر شروع
ڪئي ويئي، جنهن کي مقبول بڻائڻ لاءِ حاجي عبدالله
هارون ۽ جي.ايم.سيد سر ٽوڙ ڪوششون ڪيون.
جي.ايم.سيد مسلم ليگ جي تبليغ لاءِ هڪ ڪتابچو
”پاڪستان جي مطالبي“ بابت ڇپرايو. هن ڪتابچي ۾
جي.ايم.سيد لکيو ته، ”قائداعظم محمد علي جناح
اسلام جي سچي خدمت ڪئي آهي. هن جنهن نموني سان
مسلمانن جي صحيح مقصد کي پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ مسٽر
جناح صحيح نموني ٻه آزاد رياستون اولهه
۽
اوڀر ۾ قائم ڪندو.
سنڌ
جي سياسي فضا، سنڌ جي مسلمان اڳواڻن جي ذاتي مفاد
واري سياست، جناح صاحب کي تمام گهڻو صدمو پهچايو.
قائداعظم محمد علي جناح تاريخ 13 مئي 1941ع
تي
هڪ خط
حاجي
عبدالله هارون کي لکيو، جنهن ۾ هن جيڪا سنڌ مسلم
ليگ تنطيم لا ڪوشش ورتي، انهيءَ لاءِ کيس جناح
طرفان خراج تحسين پيش ڪيو ويو. خط جو متن هن ريت
هو:
جناح جو عبدالله
هارون ڏي خط.
نادي هل اسٽيشن
بنگلور
13
مئي 1941ع
پيارا سائين
عبدالله هارون
توهان جا موڪليل ٻه عدد خط مون کي 3 مئي
تي مليا. هائو! مون کي افسوس آهي ته اسان جا مسلم
ليگي جلدي ڦري ٿا وڃن. هنن جي غلط سوچ ۽
غيرجوابداري آهي ۽ ڪي قدر پنهنجي ذاتي سوچ تي جلدي
اثرانداز ٿين ٿا. انهيءَ لاءِ دل شڪستو نه ٿيڻ
گهرجي، خاص طور توهان جهڙي تجربيڪار کي.
مون کي تمام خوشي آهي ته سيد ۽ ٻيا توهان
جي حمايت ڪن ٿا ۽ سنڌ جي مسلمانن ۾ تنظيمي ڪم لاءِ
تعاون ڪن ٿا.
توهان جو مخلص
ايم
اي جناح
مسلم
ليگ لاءِ پروپئگندا
الوحيد اخبار سنڌ مسلم ليگ جي ترجمان هئي،
هن اخبار ۾ مسلم ليگ جون ڪارگذاريون اينديون
رهيون، مسلم ليگ ۽ تحريڪ پاڪستان لاءِ مضمون اخبار
۾ ڇپندا رهيا. الوحيد اخبار سنڌ جي مسلمانن ۾ تمام
گهڻو مقبول هئي. هن اخبار وسيلي خلافت تحريڪ جي
تنطيم کي زور وٺايو ويو. هن ئي اخبار جي وسيلي سنڌ
جي مسلمانن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ
هلائي، انهيءَ ڪري هي اخبار سنڌ جي مسلمانن ۾
مقبول هئي.
حاجي
عبدالله هارون هن اخبار کي مسلم ليگ لاءِ استعمال
ڪيو، پاڪستان جي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ
جي.ايم.سيد هڪ مضمون ”پاڪستان منهنجي نظر ۾“ جي
عنوان سان لکيو جنهن جو هڪ ٽڪرو مثال طور ڏجي ٿو.
”پاڪستان بابت گهڻائي رايا ظاهر ٿي چڪا
آهن، آءُ ان بابت هڪ جدا رايو رکان ٿو، تنهن ڪري
مناسب ٿو سمجهان ته پبلڪ اڳيان انهيءَ کي پيش
ڪريان! اهو رايو آءُ گهڻي وقت کان رکندو پيو اچان،
۽ هن دفعي آل انديا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي ۾
وڃڻ وقت، مون کي ڪيترن مسلم ليڊرن سان پنهنجي راءِ
ظاهر ڪرڻ جو موقعو مليو، اگرچه گهڻا شامل راءِ ڪري
نه سگهيس، پر پهريون دفعو اميد آهي ته منهنجو محڪم
ارادو ڪڏهن نه ڪڏهن هڻي وڃي هنڌ ڪندو. جڏهن مسٽر
منشي، مسٽر گانڌي کان جدا ٿي سندس علم سان اکنڊ
هندستان جي هلچل هلائي رهيو آهي، پبلڪ راءِ کي
پنهنجي هم خيال بنائڻ لاءِ ساڳئي مثال کي پيش نظر
رکندي، آءُ سمجهان ٿو ته آءُ ڪو ڏوهه ڪندس جيڪڏهن
آءُ مسلمانن کي پنهنجو هم خيال بنائڻ جي ڪوشش
ڪريان! تفاوت صرف اهو آهي ته آءُ اول هلچل سنڌ جي
ڳوٺاڻن مسلمانن کان شروع ڪرڻ ٿو گهران، جيڪي ان
تحريڪ کي ڪامياب ڪري سگهندا، ۽ پوءِ پنجاب،
فرنٽيئر ۽ بلوچستان جي هم خيال دوستن جي مدد سان
هن تحريڪ کي مقبول عام بنائڻ جي ڪوشش ڪريان. ممڪن
آهي ته ڪنهن وقت سڄي مسلم ليگ جماعت ان خيال جي ٿي
وڃي.
1.
پاڪستان منهنجي نظر ۾ نه اڳي گهڻو وقت موجوده
هندستان جي سياسي اثر هيٺ رهيو آهي، نه ان جو حصو
هو، بلڪه وسطه ايشيا جو ٽڪر آهي. تنهن ڪري آئنده
ان کي هندستان سان شامل ڪرڻ جي بدران برما وانگر
جدا ڪري برٽش ڪامن ويلٿ سان تعلقات قائم ڪجن ۽
موجوده هندستان سان ان جو ڪو به واسطو نه آهي.
2.
پاڪستان جي قوم پاڪستاني سڏبا.
3.
پاڪستان ۾ غير قوم کي جان مال جو بچاءُ حاصل
رهندو، ليڪن کين سياسي حق ڪو نه هوندو.
4.
حڪومت هلائڻ جون واڳون فوج جي ماڻهن جي هٿن ۾
هونديون.
5.
ان ۾ سڀني قوم جي ماڻهن کي سياسي، معاشرتي،
اقتصادي هڪجهڙائي هوندي.
6.
قاعدا
۽ قانون فوج جي تسليم شده اصولن اندر هوندا. زنا،
جوا، شراب، وياج خوري جي اجازت نه هوندي. عدل ۽
انصاف پئسن تي نه وڪامندو. عزت پئسن وارن جي بدران
چڱن اخلاقن وارن کي ملندي. بک، ڏک، بيماري، بي
علمي، ظلم، رشوت خوري ڪڍڻ حڪومت جو فرض هوندو.
مٿين خيالن جي تائيد گهڻي حصي تائين چوڌري رحمت
علي، پاڪستان تحريڪ جو
باني به ڪري ٿو. ملڪ جا ڪيترائي نوجوان ان خيال جا
آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي نظر ۾ ان تجويز کان سواءِ
ٻي تجويز مسلمان لاءِ نقصانڪار ٿيندي. ان تجويز
کي مقبول عام بنائڻ لاءِ انشاءَ الله جلد آءُ ڳوٺن
جو دورو ڪندس.“
1941ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن کي نئين
طرح نامزد ڪيو ويو.
هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.
صدر: حاجي عبدالله هارون (ايڪس
آفيشو)
آنرري سيڪريٽري: سيد علي محمد شاهه راشدي.
مرڪزي اسيمبلي تي ايڪس آفيشو ميمبر. سنڌ
مان هيٺان ماڻهو سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جا ميمبر
چونڊيا ويا.
ڪراچي:
محمد ايوب کهڙو (وزير) شيخ عبدالمجيد (وزير)
جي.ايم.سيد (وزير) ايم ايڇ گذدر، يوسف هارون،
محبوب احمد قريشي، مولانا ضياءُ الله، حاجي
نظرالدين (ڊيلي حيات ڪراچي) مولانا ظهور الحسن
درس.
ميرپورخاص:
نواب غلام حسين لغاري، فقير محمد خان مڱريو، چوڌري
غلام احمد.
نوابشاهه:
سيد
خير شاهه
دادو:
محمد قاسم (ميهڙ) محمد اسماعيل (ايڊيٽر مسلم گريٽ)
لاڙڪاڻو:
قاضي فضل الله،علي گوهرخان لاهوري،سيد حسام الدين
شاهه.
سکر:
غلام نبي پٺاڻ، آغا نظر علي، نعمت الله قريشي، پير
رسول بخش شاهه (گهوٽڪي) ڄام عبدالرزاق (ايم پي
ڊکڻ)
سنڌ مسلم ليگ جي تنظيم هڪ تحريڪ جي صورت ۾
شروع ڪئي ويئي. سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهرن ۾ مسلم ليگ
جون برانچون قائم ڪيون ويون، جن جو تعلق تعلقي
مسلم ليگ سان ۽ تعلقي جو ضلعي مسلم ليگ سان هو.
ضلع مسلم ليگ برانچون صوبائي مسلم ليگ جي ماتحت
هيون. مسلم ليگ تحريڪ پاڪستان کي اڳتي وڌايو. هر
سال 23 مارچ پاڪستان جو ڏينهن ڪري ملهايو ويو. سنڌ
جي هر ڳوٺ ۽ شهري برانچن
۾
ٺهراءَ پاس ڪري پاڪستان جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ
مسلم ليگ وقت به وقت ماتحت مسلم ليگ برانچن کي
هدايتون ڏيندي رهي جن تي مسلم ليگ جي برانچن عمل
ٿي ڪيو. پاڪستان جي تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ هر
سال صوبائي مسلم ليگ جي طرفان عوام کي پاڪستان
ڏينهن ملهائڻ لاءِ اپيل ڪئي ٿي ويئي. هڪ اپيل مثال
طور ڏجي ٿي.
صوبي سنڌ مسلم ليگ جي اپيل
صوبي سنڌ مسلم ليگ جي ڪائونسل، سنڌ جي
مسلمانن کي درخواست ڪري ٿي ته عيدالاضحيٰ کي بطور
يوم پاڪستان ملهايو وڃي. انهيءَ ڏينهن تي عيد نماز
کان اڳ يا پوءِ هي ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي ته هندستان
۾ پاڪستان جو قائم ڪرڻ مسلم ليگ جو مقصد عظيم
آهي. جنهن جي اسان پرزور تائيد ڪريون ٿا، جنهن کان
پوءِ مسلمانن کي پاڪستان جي معنيٰ سمجهائي وڃي ۽
رب کان دعا گهري وڃي ته اهو ڏينهن جلد ڏيکاري، هر
هڪ مسلمان بيج لڳائي، جنهن تي لفظ پ
(P)
هجي، جنهن جي معنيٰ آهي ته آءُ پاڪستان جو حامي
آهيان.
مسلمانن سنڌ کي پنهنجي واحد جماعت جي
طرفان نڪتل اپيل تي لبيڪ چئي هر هڪ ڳوٺ ۾
عيدالاضحيٰ جي موقعي تي يوم پاڪستان ملهائي،
پنهنجي قومي ۽ ملي غيرت جو ثبوت ڏيڻ گهرجي.
سال 1942ع ۾ مسلم ليگ جا عهديدار نامزد
ڪيا ويا.
صدر: محمد ايوب کهڙو
جنرل سيڪريٽري: يوسف هارون.
سنڌ اسيمبلي ۾ مسلم ليگ جو اڳواڻ هاڻي
محمد ايوب کهڙو هو ۽ سنڌ جو وزيراعظم الهه بخش
سومرو هو. سنڌ جي سياست ۾ وري تبديلي رونما ٿي،
مسلم ليگ ٻيهر پنهنجي وزارت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
ٻئي طرف هندستان ۾ ڪانگريس
پاران
”هندستان خالي ڪريو“ جي تحريڪ زور ورتو.
الهه بخش جو ڊسمس ٿيڻ
تاريخ 27، اپريل 1942ع
تي
سنڌ مسلم ليگ جي صدر حاجي عبدالله هارون وفات ڪئي.
هن پنهنجي عمر مسلم قوم جي فلاح ۽ بهبود لاءِ وقف
ڪئي هئي. هن برصغير جي سڀني قومي تحريڪن ۾ ڀرپور
حصو ورتو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم تحريڪ جي صورت
۾ هلائي، جنهن ۾ هن دولت ۽ صحت خرچ ڪئي. حاجي
عبدالله هارون جي وفات بعد سنڌ مسلم ليگ جو صدر
جي.ايم.سيد کي بنايو ويو. انهيءَ وقت ۾ مسلم ليگ
جو نصب العين پاڪستان هو. پاڪستان جي حمايت ۾ سنڌ
جي مسلمانن جي عام راءِ کي منظم ڪرڻ لاءِ
جي.ايم.سيد وڏي جدوجهد ڪئي.
هڪ طرف ڪانگريس طرفان ”هندستان خالي ڪريو“
۽ ٻئي پاسي مسلم ليگ پاڪستان لاءِ تحريڪ هلائي.
انگريزن ڪانگريس مٿان سختي ڪرڻ شروع ڪئي. هزارين
ماڻهو جيلن ۾ ويا ۽ ڪانگريس وزارتن تان استعيفيٰ
ڏني. ”الهه بخش سنڌ جو وزيراعظم هو. هن جي وزارت
ڪانگريس حڪومت جي طرفدار هئڻ جي باوجود طاقت ۾
رهندي آئي. الهه بخش کي فيصلو ڪرڻو هو ته يا مسلم
ليگ ۾ رهي وزارت بچائي يا وزارت ڇڏي ٻاهر نڪري
وڃي. آخر هن انگريزن جي سختين جي احتجاج طور
پنهنجا خانبهادري ۽ او پي ڊي جا لقب انگريزن کي 26
سيپٽمبر 1942ع تي هڪ خط وائسراءِ کي لکي موٽائي
ڏنا.
خط
جو متن هن طرح هو:
”اهو منهنجو ايمان آهي، هندستاني آزادي
حاصل ڪرڻ جو حق رکن ٿا. برٽش سرڪار جي بيانن ۽ عمل
مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته هو هندستان جي مختلف
سياسي پارٽين کي ٺهڻ ۾ رڪاوٽون وجهي، پنهنجو
سامراجي تسلط ملڪ تي قائم رکڻ گهرن ٿا. تازو برٽش
سرڪار، جتي وزيراعظم مسٽر چرچل جي ديوان عام ۾ ڪيل
تقرير هندستان جي سمجهدار ۽ قومپرست ماڻهن ۾ نهايت
نااميدي پيدا ڪئي آهي. ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته
انگريزن کي آزادي ڏيڻ جو ڪو به ارادو نه آهي. ان
ڪري آءُ اهڙي حڪومت طرفان ڏنل لقب پاڻ وٽ نٿو رکي
سگهان ۽ موٽائي موڪليان ٿو.
لقب واپس ڪرڻ جي اپيل ڪانگريس پارٽي طرفان
ڪئي ويئي هئي. ڪانگريس وزارتن عهدن تان استعيفيٰ
ڏني. ڪانگريسن جون پوري هندستان ۾ گرفتاريون شروع
ٿي ويون. 14 آڪٽوبر
1942ع
تي
گورنر، الهه بخش سومري کي وزارت اعظميٰ جي عهدي
تان برطرف ڪيو. ڇاڪاڻ ته گورنر کي وڌيڪ هن ۾ ڀروسو
نه رهيو هو.
الهه بخش کان پوءِ طاقتور گروپ محمد ايوب کهڙي
صاحب جو هو، مگر مسلم ليگ وارن ۽ گورنر جو رايو سر
غلام حسين هدايت الله طرف ويو.
”تاريخ 14 آڪٽوبر 1942ع
تي
سر
غلام حسين وزارت بنائي. هن پاڻ وٽ خزاني جو کاتو
رکيو. سندس وزيرن ۾ پير
الاهي بخش کي تعليم، محنت، آبڪاري، زراعت، ٻيلا ۽
امداد باهمي. محمد هاشم گذدر کي داخلا، قانون،
سياسي امور ۽ انتظامي عمومي. گوڪلداس ايم روچلاڻي
کي پي ڊبليو ڊي ۽ مڪاني خود حڪومت. ڊاڪٽر هيمنداس
روپچند واڌواڻي کي صحت، صنعت ۽ شهري بچاءُ جا کاتا
مليا.“
سنڌ
اسيمبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءَ پاس ٿيڻ
تاريخ 14 آڪٽوبر 1942ع
تي
الهه بخش سومري
(وزيراعظم)
سنڌ انگريز سرڪار جا ڏنل خطاب احتجاج طور واپس
ڪيا، گورنر کيس وزيراعظميٰ جي عهدي تان برطرف ڪيو
۽ غلام حسين هدايت الله وزارت ٺاهي، جي.ايم.سيد
مسلم ليگ جي تنظيمي ڪم ۾ مشغول هو، هو مسلم ليگ کي
عوام ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ تبليغ ڪري رهيو هو. سر غلام
حسين جي وزارت کي مسلم ليگ جي مدد حاصل هئي، مرڪزي
مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جو منظور نظر هو.
”تحريڪ پاڪستان ۾ هڪ موقعو اهڙو به آيو جو
انگريز قائداعظم کي چيو ته هو مسلم اڪثريت واري
صوبي جي ڪنهن به اسيمبليءَ مان پنهنجي اڪثريت جو
ثبوت ڏيئي. انهيءَ نازڪ مرحلي تي پير عبدالرحمان
ڀرچونڊي جيڪو روحاني پيشوا هو، تنهن اهو ڪم ڪيو.
پير صاحب سڀني مسلمان ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون،
جنهن مان ڪيترا هن جا
معتقد
هئا، پر انهن جي اڪثريت ڪانگريس سان هئي، پير صاحب
هڪ هڪ ميمبر کي چيو ته اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ تحريڪ
پاڪستان جي تائيد ۾ ووٽ ڏين.
تايخ 3 مارچ 1943ع
تي
جي.ايم.سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي حق ۾
قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هندستان جا
مسلمان الڳ قوم آهن ۽ الڳ قوميت تحت الڳ وطن جو
مطالبو ڪن ٿا.
سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس چيئرمين مسٽر جي فريزر جي
صدارت هيٺ منعقد ٿيو، مسٽر جي.ايم.سيد اجلاس ۾
هيٺيون ٺهراءَ پيش ڪيو:
جي.ايم.سيد: هي اجلاس حڪومت کي سفارش ٿو
ڪري ته هو پنهنجي شهنشاهي حڪومت کي عزت ماب
وائسراءِ جي وسيلي، هن صوبي جي مسلمانن
جي
جذبات ۽ خواهشات کان آگاهه ڪري ته؛ جيئن ته
هندستان
جا
مسلمان هڪ الڳ قوم آهن، جنهن کي الڳ مذهب، فلسفو،
سماجي رسمون، ادب، روايات، سياسي ۽ اقتصادي نظريات
آهن، انهيءَ لاءِ هو حق بجانب آهي ته هو هڪ الڳ
قوم آهن. هو هندن کان بلڪل مختلف آهن، مسلمانن کي
اتي پنهنجي جدا آزاد قومي رياست هجي، جتي اهي
هندستان جي اڪثريتي علائقن ۾ آباد آهن. انهيءَ
لاءِ هو ظاهر ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن کي اهڙو ڪو به
آئين قبول نه هوندو، جنهن ۾ مسلمانن کي هڪ مرڪزي
حڪومت تحت ٻي قوم جي زير اثر رکيو وڃي..... انهيءَ
لاءِ ضروري آهي ته انهن کي پنهنجي ڌار قومي رياست
هجي، جيڪڏهن مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت تحت رهڻ
لاءِ مجبور ڪيو ويو ته، حڪومت انهيءَ لاءِ ذميوار
رهندي جنهن جو نتيجو خانه جنگي بي گورو ڪفن وانگر
هوندو.
شيخ عبدالمجيد قرارداد جي حمايت ۾ تقرير
ڪئي ۽ اجلاس آڏو ٻه ترميمون پيش ڪيون. نهچلداس
وزيراڻي اعتراض ڪيو مگر اهي ترميمون به اجلاس ۾
منظور ڪيون ويون. ترميم ۾ چيو ويو ته:
”ترميم آندي ويئي ته آخري سٽ نمبر 3
”پنهنجي“ لفظ جي بدران لفظ ”اقليتن جي سلامتي
لاءِ“ جملو شامل ڪيو وڃي، ۽ آخري سٽ جي لفظ ”خانه
جنگي بي گورو ڪفن“ وانگر جي بدلي لفظ ”خوفناڪ“
آندو وڃي.
اجلاس ۾ ڪل 27 ميمبر هئا. جن ۾ 24 ميمبرن
قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ ٽن ميمبرن مخالفت ڪئي.
حمايت ڪندڙ هئا:
1.
شيخ عبدالمجيد 2. خانبهادر الهه بخش
گبول
3.
خانبهادر حاجي امير علي لاهوري
4.ارباب توڳاچي
5.
مير بنده علي ٽالپر 6. مير غلام علي
ٽالپر
7.
سر غلام حسين هدايت الله 8. خانبهادر غلام محمد
اسراڻ
9.
سيد غلام مرتضيٰ شاهه
10. خانبهادر غلام نبي شاهه
11.
پير الاهي بخش 12. نواب ڄام جان محمد
13.
مسز جينا ٻائي جي، الانا 14. سردار بهادر سردار
قيصر خان
15.
سيد محمد علي شاهه 16. خانبهادر محمد ايوب
کهڙو
17.
حاجي محمد هاشم گذدر 18. محمد عثمان سومرو
19.
محمد يوسف چانڊيو 20. سيد نور محمد شاهه
21.
رئيس رسول بخش خان انڙ 22. علي گوهر خان مهر
23.
شمس
الدين خان بارڪزئي 24.
خان
صاحب سهراب خان سرڪي
|