هندستان جا مسلمان اسلامي ڀائيچاري ۾ ايمان رکندڙ
هئا، جڏهن به ترڪي، عراق، مصر، شام يا ٻئي ڪنهن به
مسلمان ملڪ جي عوام کي ڪا به تڪليف ٿي پهتي، ته
هندستان جو هر مسلمان، انهن جي مدد لاءِ هر قرباني
ڏيڻ
لاءِ تيار هو، ”تحريڪ خدا ڪعبه“ هجي،
تحريڪ خلافت هجي يا ٻي ڪا به مسلمانن جي تحريڪ،
انهن لاءِ هندستان جو هر مسلمان جاني ۽ مالي
قرباني ڏيڻ لاءِ تيارهو، اسلام ئي هندستان جي
مسلمانن جي قوميت جو تصور هو، جيڪڏهن هندستان جي
ننڍي کنڊ ۾ مسلمانن کان سواءِ هندو، سک، مرهٽا،
گورکا، ناگا ۽ ٻيون قومون، ٻوليءَ جي بنياد تي الڳ
رياستون قائم ڪرڻ جون تحريڪون هلائين ها ته يقينا
مسلمانن ۾ به علائقائي ٻوليءَ جي بنياد تي رياستون
قائم ڪرڻ جون تحريڪون هلائين ها، مگر ائين ڪرڻ
ناممڪن هو، جيڪڏهن سڀ هندستاني قومون، ٻوليءَ جي
بنياد تي آزاديءَ جون الڳ تحريڪون هلائين ها ته
انگريز حڪومت وڌيڪ عرصي لاءِ مضبوط ٿئي ها. وقت ۽
حالتن تحت انگريز جي خلاف اتحاد جي سخت ضرورت هئي،
تاهم هندستان ۾ به قومون اڪثريت ۾ هيون، جنهن ڪري
مسلمانن
صرف مذهب جي بنياد تي متحد ٿي الڳ وطن قائم ڪرڻ جو
مطالبو ڪيو. سنڌ جا ليڊر ان ۾ پيش پيش هئا، جنهن ۾
قائداعظم محمد علي جناح، سيٺ حاجي عبدالله هارون،
شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي.ايم.سيد، محمد ايوب کهڙو،
مکيه اڳواڻ هئا. سنڌ جي عوام پاڪستان جي تحريڪ ۾
ڀرپور حصو ورتو. انهيءَ جا مکيه ڪارڻ هيٺيان هئا.
انگريزن جي هندن کي شروعات کان وٺي
پٺڀرائي حاصل هئي، مسلمانن کي تعليمي ۽ اقتصادي
طور مفلوج بڻايو ويو، هندن ان جو ڀرپور فائدو
ورتو، جن مسلمانن جو هر طرح سان استحصال ڪيو. سنڌ
جا مسلمان اقتصادي، انتظامي ۽ تعليمي لحاظ کان
تمام گهڻو تباهه ٿيل هئا. انهن حالتن جي پس منظر
جي جائزي وٺڻ مان سنڌ جا مسلمان پڻ ٻين مسلمانن
وانگر هيٺين سببن ڪري تحريڪ ۾ حصو ورتو.
اقتصادي ڪارڻ
ميرن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جو مسلمان عوام
سک ۽ چين ۾ هو، ميرن جي انتظامي نظام کان مطمئن
هو.
ميرن جي
نظامِ
حڪومت
۾ جدا جدا ديوان، مختيارڪار، ڪاردار ۽ محرر هئا،
ديوان تعلقي جي خزانن جي لکپڙهه ڪندو هو، محرر فقط
حسابي ڪم ڪندو هو. هڪڙو مختيارڪار هوندو هو، جيڪو
ديوان ۽ تعلقي جي ڪاردارن، محررن ۽ ٻين سرڪاري
نوڪرن مٿان هوندو هو. مختيارڪار جو پگهار سئو کان
ٻن سون تائين هوندو هو. ڪاردارن جو پگهار 30 رپين
کان 60 رپين تائين، فوجدار 60 رپين کان 70 رپين
تائين، چوڪيدار، پٽيوالي
۽ ڪنسٽيبل کي 4 رپيا
ماهيانو
ملندو هو (ڏهاڙي لاءِ اٽو گيهه چانور وغيره ملندو
هو) ان کان علاوه ڪپڙو ۽ ٻي بخشش به ملندي هئي.
ميرن جي حڪيم کي هڪ هزار ماهيانو ملندو هو.
چبوترائي (فوجدار) شهر جي سنڀال ڪندو هو، هن وٽ
سئو کن چوڪيدار (جاڳا) رهندا هئا، جيڪي رات جو
پهرو ڏيندا ها. چبوترائي ماجسٽريٽ به هو، فيصلو
ڪري ڏوهيءَ تي
ڏنڊ
يا ڪاٺ ۾ وجهڻ جي به سزا ڏيندو هو. خونيءَ کي سزا
موت ملندي هئي. جنهن ڪري انصاف سستو، سولو ۽ جلد
پلئي پوندو هو.
ديواني ڪمن لاءِ ڪو به سرڪاري بندوبست ڪو
نه هو، هندو
سڀائي
بندن جا معاملا مکي نبريندو هو، عاملن جا فيصلا
وڏا ڪامورا ڪندا هئا، مسلمانن لاءِ وڏا
قاضي
يا وڏا ڪامورا ڪندا هئا. ڏيوالو ڪڍندڙ هندو جي
ملڪيت ضبط ڪري قرضدارن ۾ ورهائي ويندي هئي.
ٻهراڙيءَ ۾ سڀ ديواني ۽ فوجداري معاملا ڪاردار
نبيريندو هو، جنهن کي اڄ جي مختيارڪار کان وڌيڪ
اختيار مليل هئا.
ميرن جي ملڻ لاءِ وقت ۽ تاريخون مقرر نه
ٿينديون هيون، نه درخواستن تي ٽڪليون لڳنديون
هيون. عرضدار ميرن جا مهمان سمجهيا ويندا هئا،
انهن کي ماني وغيره دربار مان ملندي هئي، هوٽلون
ڪو نه هيون.
انصاف جلد پلئي
پوندو هو ۽ فرياديءَ کي ڪو به خرچ نه ڪرڻو پوندو
هو. اهو ئي سبب هو جو ڏوهه تمام ٿورا ٿيندا هئا،
ڏيتي ليتي ۽ وڻج واپار
سولو ۽ سستو
هوندو هو. بازارن ۾ ڪوڏيون هلنديون هيون. سنهيون ۽
گهٽ قيمت واريون شيون ڪوڏين جي حساب سان وڪامنديون
هيون. ٽامي جا سڪا، پايون، ڪسيرا ۽ پئسا هلندا
هئا، چانديءَ جا سڪا صرف رپيا هئا ۽ ان سان گڏ
سونيون مهرون پڻ هلنديون هيون، گهڻو واپارڪوڏين تي
هلندو هو.
پئسي جي گهٽتائي جي ڪري سستائي هئي. سنه 1931ع ۾
ميرن جي پوئين دور ۾ هيٺينءَ طرح جنس جا اگهه هئا.
جنس |
ٽوين موجب وزن |
ٽوين موجب اگهه |
في مڻ اگهه |
ڪڻڪ |
7 ٽويا |
1 رپيو |
37 - 1 |
جو |
16 ٽويا |
00 - 1 |
68 - 1 |
جوار |
10 ٽويا |
00 - 1 |
00 - 1 |
جوار جو ٻيو قسم |
16 ٽويا |
00 - 1 |
18 - 0 |
ٻاجهري |
13 ٽويا |
00 - 1 |
81 - 0 |
مڱ |
8 ٽويا |
00 - 1 |
37 - 0 |
مسور جي دال |
ساڍا 8 ٽويا |
00 - 1 |
19 - 1 |
مٽر |
ساڍا 10 ٽويا |
00 - 1 |
94 - 0 |
چڻا |
ساڍا 10 ٽويا |
00 - 1 |
94 - 0 |
مڪائي |
ساڍا 16 ٽويا |
00
-
1 |
62 - 0 |
چانور ڳاڙها |
9 ٽويا |
00 - 1 |
12 - 1 |
چانور سڳداسي |
7 ٽويا |
00 - 1 |
44 - 1 |
مياڻيءَ جي جنگ بعد، 12 فيبروري 1843ع
تي
نيپئر پنهنجي صحيح سان هڪ اعلان جاگيردارن لاءِ
جاري ڪيو ته ”جيڪڏهن توهان امن سان پنهنجي گهرن
ڏانهن واپس وڃو ته توهان جون جاگيرون بحال
رهنديون، انگريز سرڪار توهان سان دوست وانگر هلندي
۽ توهان هميشه خوش گذاريندو.
جاگيردارن کي چيو ويو ته هو گورنر صاحب جي سلامي
ڀرين ۽ گورنر کي سلام ڪري پنهنجون جاگيرون بحال
ڪرائين. انهيءَ سلام ڪرڻ جو مدو 24 مئي 1844ع
تائين وڌايو ويو، جيڪا تاريخ راڻيءَ جي سالگره
واري هئي ۽ انهيءَ ڏينهن گورنر جي درٻار منعقد ڪئي
وئي سنڌ جي سڀني جاگيردارن کي چيو ويو ته ان مقرر
ڏينهن تي گڏ ٿي راڻيءَ کي سلامي ڏين، ٻي صورت ۾
جيڪو به غير حاضر رهيو، ان جي جاگير ضبط ڪئي
ويندي، مقرر تاريخ تي سنڌ جي سڀني جاگيردارن سلامي
ڏني. سلامي ڀريندڙ جاگيردار کي سلام
ڪرڻ جو پروانو ڏنو ويو، جنهن تي نيپئر جي مهر ۽ صحيح ٿيل هئي. هن پرواني ۾
لکيو ويو ته ”مياڻيءَ جي جنگ بعد 17 فيبروري 1843ع
جي اعلان موجب سندس جاگير بحال ڪجي ٿي.
انهن ۾ بلوچ سردار ۽ ٽالپر خاندان جا
شهزادا پڻ هئا، جن کي جاگيرون ڏنيون ويون، ٻيا اهي
سردار جن کي ٽالپرن جاگيرون ڏنيون هيون، تن به
غلاميءَ جو ڳٽ پائي جاگيرون بحال ڪرايون. مذهبي
اڳواڻ جهڙوڪ سيد، فقير ۽ ٻين کي زمين وقف ڪري ڏني
ويئي. سيدن جو سنڌ ۾ احترام ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ
ته پيغمبر اسلام جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سيد
خاندان جي ماڻهن کي، پنهنجي زمين ۽ ڳوٺن ۾ ڪي
اختيارات هئا. باغبان زمين صرف انهن ماڻهن کي ڏني
ويئي جيڪي باغباني ڪندا هئا. حڪومت باغ واري زمين
تان ڪو به محصول نه وٺندي هئي.
زمين ۽ انگريزي دور
”انگريز دور حڪومت ۾ رعيتواري طريقو شروع
ٿيو، جنهن موجب رعيت کي حڪومت جو هاري بڻايو ويو.
هن کي حق ڏنو ويو ته هو پنهنجي زمين پنهنجي وارثن
کي منتقل ڪري سگهي جيستائين ڍل باقاعده ادا ٿيندي
رهي. ان وقت کان گهڻي تعداد ۾ اهي زمين جا مالڪ ٿي
ويا. اهڙو طريقو انگريز جي اوائلي دور جي زمينداري
طريقي تي جاري رهيو. انگريزن کان اڳ ۾ روينيو
رڪارڊ صحيح ڪو نه هو. ڳوٺن جو ڪو به نقش ڪو نه هو
۽ نه ڳوٺن جي ڪا لسٽ ٺهيل هئي. سرحدن جي ڪا به
واضح وصف موجود ڪا نه هئي. صرف انهن ماڻهن جو
رڪارڊ هو جيڪي ڍل ڀريندڙ هئا.
63
-
1862ع
۾ صرف ڪوٽڙي تعلقي جي سروي ڪئي ويئي، جنهن ۾ ديهون
ٺاهيون ويون. ان بعد زمين جي ماپ ڪري نمبر هنيا
ويا ۽ ديهن تي نالا رکيا ويا. اهڙا نقشا هر 5، 6
سالن ۾ تيار ٿيندا رهيا. زمين جي ورهاست حقيقي
وارثن ۾ ورهائي ويئي. هڪ نئون طريقو جاري ڪيو ويو،
جيڪا زمين نون واهن رستي آباد ٿي، تنهن کي
ڪالونائيزيشن جي طرز تي بمبئي ايڪٽ 1899ع تحت شروع
ڪيو ويو. حالانڪه اها زمين سرمائيدار زميندارن کي
ڏني ويئي، هاري ۽ ننڍن کاتيدارن کي 20 سالن جي
لاءِ انهيءَ شرط تي ڏني ويئي ته هو زمين کي نه
گروي رکندا ۽ نه تبديل ڪري سگهندا. سرمائيدار
گرانٽي پنهنجو گهر زمين تي ڪن يا ڳوٺ تعمير ڪندا.
هاري ۽ ننڍن کاتيدارن کان ڪا به وصولي نه ٿيندي پر
هو مستقل زمين تي رهندا، هر گرانٽي کي حق آهي ته
هو پنجن سالن بعد زمين خريد ڪري، مالڪاڻه حق حاصل
ڪري سگهي ٿو.
ضلع جيڪب آباد ۾ بگٽي ۽ ِٻين بلوچ سردارن کي
زمينون گرانٽ ڪيون ويون. جنهن ۾ اهو ضروري هو ته
اهي سردار، انگريز سرڪار جا وفادار رهندا.
اها زمين جيڪا برسات ذريعي آباد ٿيندي
هئي. سا گهڻو ڪري ٿرپارڪر، دادو ۽ جيڪب آباد ۾
هئي. ان زمين کي غيرآباد زمين سڏيو ويو، هن زمين
تي روينيو جو طريقو سڌاريو ويو، جنهن موجب پڪي ڍل
مقرر ڪئي ويئي ۽ ڪوهستان ۾ پڻ معمولي ڍل رکي ويئي.
انگريزن جي قبضي بعد هندن کي جاگيرون ڪو
نه مليون، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ هندو اقليت ۾ هئا ۽
انگريزن کي هندن کان ڪو به خطرو ڪو نه هو، تاهم
واپار تي هندو ڇانيل
هئا.
بعد ۾
انگريزن جي دور ۾ هندن کي
زمينون ملڻ شروع ٿيون، ۽ جڏهن سکر بئراج جي تعمير
ٿي، تڏهن انگريز سرڪار زمين جو وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو.
هندو شاهوڪار هو جنهن ڪري زمين تي به گهڻو قبضو
هندو جو ٿيڻ لڳو. جيڪي سستي اگهه ۾ کين ڏنيون
ويون. ڇاڪاڻ ته 1857ع جي
جنگِ آزادي
بعد انگريز، هندن کي نوازڻ شروع ڪيو ۽ مسلمانن کي
اقتصادي طور تباهه ڪرڻ شروع ڪيو.
سنڌ ۾ واپار جي ساهمي هندو واڻئي جي هٿ ۾
هئي واڻيو گهر ويٺي شاهوڪار پئي ٿيو، مسلمان هاري
۽ زميندار هندو واڻئي وٽ قرضي ٿيڻ لڳو. واڻيو،
مسلمانن کان زيور ۽ زمين ڌراوت طور گروي رکي پئسا
وياج تي ڏيندو هو. وياج هڪ رپئي تي هڪ آنو در ماه
مقرر هو. جنهن موجب 100 رپين جي قرض مان مهيني جو
وياج ڇهه رپيا چار آنه ڪاٽي باقي ٽيانوي رپيا ۽
ٻارنهن آنا قرضي کي ڏنا ويندا هئا، اهڙيءَ طرح هڪ
سال ۾ وياج ٻيڻو ٿي ويندو هو، هڪ سو تي وڌيڪ هڪ سو
۽ هڪ هزار تي وڌيڪ هڪ هزار قرض ٿي ويندو هو، ڪي ٻن
ٽن سالن ۾ قرض ڏيئي نه سگهنداهئا ته وياج تي وياج
چڙهندو ويندو هو، اهڙيءَ طرح ڪيترن مسلمان
قرضدارن جون رکيل ڌراوتون زيور ۽ زمين واڻين جي
هٿن ۾ هليون ويون، جنهن مان مسلمان اقتصادي طور
تباهه ٿيندا ويا ۽ هندو شاهوڪار ٿي ويا. سول ڪورٽن
۾ هندو عام جام اينداهئا، ليڪن مدعي جي حيثيت ۾!
سندن ڪڇ ۾ ڳاڙهي بندي، جنهن کي وهيءَ به چيوويندو
هو، هميشه انگوڇي ۾ ويڙهيل هوندي هئي. ان ۾ مسلمان
مدعليه جي ستن پيڙهين جو قرض درج هوندو هو. مور –
مور تي وياج ۽ وياج تي وياج اهڙيءَ طرح جڏهن رقمن
تي رقمون چڙهندي جڏهن ڏسندا ته، هاڻي مسلمان لاءِ
زمين چڪائي ڏيڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪو نه آهي، ته
ان وقت سول ڪورٽ ۾ اچي در وٺندا، چڱا چڱا ڏسڻا،
وائسڻا وڏيرا (قرضن ۾) وڪوڙيا پيا هوندا هئا.
مسلمان ٺاهه ڪري يا ڪورٽ جي فيصلي موجب رکيل ڌراوت
تان هٿ کڻندو هو، اهڙيءَ طرح مسلمانن مان ملڪيت
نڪري هندن جي هٿ هلي ويئي ۽ مسلمانن جي اقتصادي
حالت ڪمزور ٿيندي ويئي. ڪيترن مسلمانن جي اباڻي
زمين مجبوري حالت ۾ قرض ۾ هندن ڏانهن منتقل ٿي
ويئي. جيڪي وچولي حيثيت ۾ قرض ۾ هندن ڏانهن منتقل
ٿي ويئي. جيڪي وچولي حيثيت وارا زميندار هئا سي
ڪنگال ٿي ويا، هندن کي ديهون ۽ جاگيرون هٿ اچي
ويون، جن لاءِ الڳ واهه کوٽائي زمين آباد ڪرائڻي
پئي. اهڙيءَ طرح ڪڙيا (ننڍا واهه) کوٽيا ويا، هر
هڪ هندو جي نالي سان ڪڙيو ۽ ڳوٺ سجڻ لڳو. ”ديوان
جو ڪڙيو“ ۽ ڳوٺ وغيره. حالانڪه ان ڳوٺ ۾ اڪثريت جي
آبادي مسلمان هئي پر جيئن ته ان ڳوٺ جو زميندار
هندو هو ان جي نالي سان ڳوٺ ۽ ڪڙيا سڏجڻ لڳا.
سنڌ هميشه مسلمانن جي رهي هئي. مسلمانن جي
حالت رحم جهڙي هئي، پنهنجي درس ۾ مجبور ۽ بي وس ٿي
پيو، زر ۽ زمين نڪرندي ٿي ويئي، زمين جو گهڻو حصو
هندن جي قبضي ۾ هليو ويو، جيڪو سنڌي مسلمان پورهيت
زمين آباد ڪندو هو پر ان جو پيٽ گذر به مشڪل سان
ٿيندو هو. مسلمان اڳيئي سرڪار کان تنگ هئا، جنهن
جي ڪري سنڌ جي ملسمانن مسلم ليگ جي نعري کي پنهنجي
ڏکندڙ زخمن جو علاج سمجهيو، انهيءَ اقتصادي بدحالي
کان مجبور ٿي سنڌ جي مسلمانن پاڪستان جي جدوجهد ۾
ڀرپور حصو ورتو ۽ پاڪستان کي هنن انگريز جي ظلم ۽
هندن جي استحصال جي بچاءُ جو واحد ذريعو سمجهيو.
سماجي ڪارڻ
سنڌ جي عوام هميشه امن ۽ سڪون واري زندگي
گذاري هئي، انگريز سرڪار حڪومت جو نئون نظام لاڳو
ڪيو. جيڪو عوام جي مزاج مطابق نه هو، ملڪ ۾ بي
چيني پکڙيل هئي ويتر 1857ع جي جنگ آزادي جي ڪري
مسلمان مجبور ٿي ويا، انگريز مٿن طرح طرح جا ظلم
ڪيا، سرڪار نظام حڪومت اهڙيءَ طرح ٺاهيو، جيئن
اقتدار قائم رهي سگهي ۽ ڪا به بغاوت يا تحريڪ نه
هلي سگهي، عوام کي مجبوريءَ جي ڪڙين ۾ قابو ڪيو
ويو. جيئن هر هڪ پنهنجي مسئلن ۽ مجبورين ۾ مبتلا
رهي ۽ ڪو به ڪنهن هلچل هلائڻ لاءِ سوچي نه سگهي،
ظاهر آهي ته مجبورين ۽ سورن جو ستايل ماڻهو قومي
سطح تي ڪنهن به جدوجهد ۾ منظم طريقي سان حصو وٺي
نه سگهندو آهي.
انگريز حڪومت سڀ کان اول سنڌ جي
جاگيردارن، زميندارن ۽ پيرن سان اهڙيءَ طرح برتاءُ
ڪيو، جيئن هو پنهنجي مان ۽ مرتبي کي سلامت رکڻ
لاءِ سرڪار جا خوشامدي ٿين، انهن پاڻ کي سرڪار
سان وفاداري ڏيکارڻ جا ڪيئي طريقا اختيار ڪيا،
جنهن ۾ آفيسرن جون دعوتون ڪرڻ، سرڪاري ڪامورن کي
شڪار ڪرائڻ، تحفا ۽ سوغاتون پيش ڪرڻ، رشوت ڏيڻ
وغيره. انهيءَ ۾ جنهن به خودداري ٿي ڏيکاري،
انهيءَ کي حراسان ڪري تڪليفون ڏنيون ٿي ويون.
زميندار کي پنهنجي عزت بچائڻ خاطر، سرڪاري ڪامورن،
جنهن ۾ پوليس جي سپاهي کان ڪماني تائين، ڪوٽار کان
ڪليڪٽر تائين ۽ بيلدار کان انجنيئر تائين آنڪي ڀرڻ
لاءِ مجبور ڪيو ويو. ان کان علاوه سرڪار جي اعليٰ
عملدارن جي خوشامد ڪرڻ تمام ضروري هئي. مختيارڪار
۽ ڪليڪٽر جي دربار ۾ ڪرسي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس
عملدارن جي خوشامد ڪرڻ لاءِ ڪيترا خرچ ڪرڻا پوندا
هئا، انهيءَ خرچ جي پورائي لاءِ هاريءَ جو حق هضم
ڪيو ويندو هو، بيگر ۾ پورهيت کي وهايو پئي ويو ۽
محنت جو اجورو تمام ٿورو ڏنو ويو، زميندار،
ڪامورو ۽ واڻيو سرمائيدار، پورهيت جو خدا هو،
پورهيت جي عزت ۽ ست انهن طبقن جي هٿ ۾ هئي،
پورهيت، عوام جو 70 سيڪڙو مسلمان هو، جيڪو مجبور ۽
بيوس بنيل هو. جيڪڏهن ڪنهن غيرتمند ۽ باضمير ڪا
ٻڙڪ ٿي ٻولي ته زميندار جي پاليل ڪاموري کيس ستايو
ٿي ۽ جيل ۾ وجهڻ، پوليس کان مارڪٽ ڏيارڻ، زمين
کسڻ، ڳوٺ مان لڏائڻ، ڪڙيئي مان بي دخل ڪرڻ شامل
هو: پوليس انهيءَ بهاني سان رشوتون ورتيون. وڏيري
۽پوليس جو ”چانڊيا چور شهباڻي شاهد“ وارو ناتو هو،
هٿ سان ڏوهه ڪرائي ان جي آڙ ۾ سوين مسڪينن کي تنگ
ڪيو ٿي ويو، ڏوهي يا بي ڏوهي ۾ سڃاڻپ مشڪل هئي.
ڏوهه جي جاچ دوران ماڻهوءَ جي زالن، ڀينرن، ڌيئرن
۽ مائرن تي به ظلم ڪيو ٿي ويو، سرڪار پرست وڏيرا ۽
زميندار انگريز سرڪار جي خدمت ڪري وڏا وڏا انعام،
لقب ۽ خطاب حاصل ڪندا رهيا، انگريز سرڪار کي ”فيل
مست“ (جابر ۽ طاقتور) جو تصور ڏنو ويو. ظلم جو
نشانو پورهيت طبقو هو، جن کي مختلف طريقن سان ظلم
و ستم جو نشانو بڻايو ويو. ان وقت جي شاعر حسين
فقير ديدڙ سنڌ جي سماجي حالتن جو بيان هيٺين ريت
ڪيو آهي:
جاڳي حرڪت وچه جهان
چار
ئي کرڳئي، درس دڪان.
ماڻهو قسم ڪلئي هن چار – پهلا حصا هي سرڪار
ڏوجها ڏنگي زميندار – ٽيجها ڪڙمي ڪاهن نار
چوٿا
ٻبر، چڱي چوڌار – سڻو بات ميڏي بالجان.
جاڳي
حرڪت وچه جهان
چار
ئي کرڳئي، درس دڪان.
حاڪم
سخت فرنگي آيا – هر جاءِ هوڪا هڪ ڦرايا
محبت
ساءُ مزي مڪلايا – ڦيري رب رنان دي ڪايا
ٻانهي ڇيني سڀ سڌايا – جيها گولا تيها خان.
جاڳي
حرڪت وچه جهان
چار
ئي کرڳئي، درس دڪان.
دين
نبي دا وڏا ويري – ماڻهان دي ڪل ڪافر ڦيري
سڀ
سماڻي نينگر نيري – ڪو نه وجهه، تي ڪاٽي سيري
وتن
پيچ پڳان داڦيري - گهلي خارج، باد خزان.
جاڳي
حرڪت وچه جهان
چار
ئي کرڳئي، درس دڪان.
ظالم
زميندار ند وري – رکن ڪمي لچي لوري
ڪڪڙ
ڇيلي چاون زوري – گيهه، پلا ڪر پيون زوري
روندي وتن رنا ڇوري، آکن هووي جس جوان.
جاڳي
حرڪت وچه جهان
چار
ئي کرڳئي، درس دڪان.
پوکن
پوک وچاري هاري، بيگر بٽ تنان تي باري
جوڙن
جائين ڪڙمي ڪاري - پڪي پوک ته ڇوڙن چاري
جڏان
ٿيون داڻي تياري – ڏيون گهت گهڻا گمسان.
جاڳي
حرڪت وچه جهان
چار
ئي کرڳئي، درس دڪان.
مانجهي مرد ڏٺو سي کاصي – سادي سڌ ڪريندي راسي
پارس
ڏي تنهان ڪون پاسي – چاندي چيست ڪريندي چاسي
آسان
وچه اٿاهين آسي – متان ڪرو ڪو شڪ گمان.
جاڳي
حرڪت وچه جهان
چار
ئي کرڳئي، درس دڪان.
صبر
ڪر حسين سرائي – ول نه ڪرين ايجهي وائي
ٻيهر
ٻيلي ڳالهه برائي – متان ڪو چا تنگ الائي
چل
زمانان ڳيا چڱائي – ”فوج ڪلي هي بي فرمان.“
جاڳي حرڪت وچه جهان
چار ئي
کرڳئي، درس دڪان.
هر هنڌ پوليس جو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ هو، پوليس
جي سختين ماڻهن کي هيسائي ڇڏيو هو، جبر ۽ تشدد ڪرڻ
جا نت نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا، مختلف طريقن سان
ماڻهن ۽ انهن جي عورتن تي تباهه ڪندڙ تشدد ڪيو ٿي
ويو، اهڙن ظلمن جا مثال ملڻ مشڪل آهن.
پوليس جي تشدد جا چند نمونا هي هئا. جن
انهن کي برداشت ڪيو. ان جو تصور ڪرڻ سان اندازو ٿي
سگهي ٿو.
(الف) ڏاڙهي پٽ:
پوليس جوابدار جي ڏاڙهي ۾ هٿ وجهي پٽيندي هئي،
ڪڏهن ته ڏاڙهي مڇون ٻئي صفا تري ٿي وينديون هيون.
(ب)
اوجاڳو ڏيڻ:
جيسين پوليس جي چوڻ مطابق بيان نه ڏيئي، تيسين
ماڻهوءَ کي ننڊڪرڻ نه ڏيندا هئا. واري وٽيءَ تي
سپاهي مٿس مقرر ڪيا ويندا هئا تاڪ جوابدار کي
اوجاڳو ڏيندا رهن.
(ٻ)
منهن ڪارو:
تيل
لارائي، دانگيءَ جي ڪارنهن سان منهن ڪارو ڪرائي
ڇڏڻ.
(پ)
ڪان ڪرڻ:
اگهاڙو ڪري چوکنڀو ٻڌي اونڌو ڪري ڇڏڻ، وهڪ جي جاءِ
۾ ڪانون جي کنڀن جو ڇڳو ٽنڀي ڇڏڻ.
(ڀ)
مڇر مار:
اگهاڙو ڪري ٻڌي، جهنگ جي انهيءَ ٽڪري ۾ اوڇلي اچن،
جتي مڇر گهڻا هجن تاڪ کيس پٽيندا رهن. اها سزا
سانوڻ جي گرمين ۾، جڏهن مڇرن جي موسم ٿيندي هئي
تڏهن ڏينداهئا.
(ت)
اس تي اڇلڻ:
اگهاڙو ڪري چوکنڀو ٻڌي ٽاڪ منجهند جو واريءَ يا
ڏاٻ ۾ اڇلي ڇڏڻ.
(ث)
موچڙي بازي:
موچڙن سان مار ڏيڻ، نيٽ جي لڪڻ سان ڪٽڻ، مثلا
آڱرين جي ڏوڏن ۽ نهن، گوڏن جي ڍڪڻن، ڄنگهه جي
نريءَ کي، ڏکندڙ جاين تي ڌڪ هڻڻ. سنهين چهبڪن سان
پٺيءَ تي مارڻ جو سنڌ سنڌ تي ڏنا ٿي وڃن ۽ بت مان
رت ڦوهارا ڪري نڪري.
(ٿ)
آرن مان ڪڍڻ:
سنڌن
سان گڏ ويهڪ واري جاءِ ڪٽڻ جيئن ويهي نه سگهي،
پيرن جون تريون ڪٽڻ جيئن ويهي بيهي ۽ گهمي نه
سگهي، هٿن جون تريون ڪٽڻ جيئن کائڻ کان به نره ٿي
پوي.
(ح) چري هڻائڻ:
زمين ۾ کڏ کڻي ان ۾ چيلهه تائين ماڻهوءَ کي پورائي
ڇڏڻ.
(جهه) ڪن گوشي ڪرائڻ:
ٻئي
ٻانهون ٽنگن مان ڪڍي. ٻنهي هٿن سان ڪنن جون
پاپڙيون جهلي اٿ ويهه ڪرائيڻ.
اها هلڪي ۾ هلڪي سزا سمجهي ويندي هئي.
(ح)
چاش پيارڻ:
فضلو
پيشاب پيارڻ ۽ کارائڻ.
(خ)
چڙهڻ:
مرد
مٿان مرد چاڙهي بدفعلي ڪرائڻ.
(چ)
بيحرمتي:
جوابدار کي اگهاڙو ڪري، سندس عزيز عورتن مثلا
ماءُ، ڀيڻ، ڌيءُ ۽ جوءِ کي ننگو ڪري عام جي اڳيان
بيهاري کين چوڻ ته چپٽين سان هڪٻئي جي نازڪ جاين
جا وار، واري وٽيءَ تي پٽين.
(ڇ)
ٽيڪب ٽيڪو:
انهيءَ چپٽيءَ بازي ڪرائڻ وقت خاص سر ۽ رڌم ۾
چورائبو هو؛ ٽيڪب ٽيڪو! اندر ٽيڪو! ٻاهر ٽيڪو!
هيٺان ٽيڪو! مٿان ٽيڪو! ٽيڪب ٽيڪو! ٽيبڪ ٽيڪو!
جوڻهين ٽيڪو، ماڻهين ٽيڪو، ڀيڻين ٽيڪو ٽيڪب ٽيڪو!
ٽيڪب ٽيڪو. اها خاص صوبيدار جي ايجاد هئي، جنهن جو
ايڏو ڏهڪاءُ هو جو نالو ايندو هو ته ماڻهن جو ڇرڪ
نڪري ويندو هو.
(خ)
ٻليون وجهڻ:
عورتن جي سٿڻن اندر ٻليون وجهرائڻ، جيئن اهي کين
نازڪ هنڌن تي رهنڊون پائين.
(گ)
وير وٺائڻ:
عورتن سان سندن مردن سامهون، ٻين کان زنا ڪرائڻ.
اهي چند نمونا آهن جيڪي ظلم ۽ تشدد جا طريقا هئا.
ڪن خاص صوبيدارن ۽ جمعدارن سزا ڏيڻ جا مخصوص طريقا
ايجاد ڪيا هئا.
مثلا عبدالله خان صوبيدار ۽ غلام رسول شاهه ناظم
پوليس خيرپور جا پنهنجا نرالا نمونا هئا. انهيءَ
دور جا نام ڪٺيا پوليس عملدار گهڻائي هئا جن ۾
هيٺين جا نالا قابل ذڪر آهن. نارائڻداس، ٽيجو مل-
ٽهلرام-
مولانا ضياءُ الدين احمد-
غلام اڪبر خان، ديوان ساجن سنگهه، حاظ محمد
سليمان، ولي ڏنو خان، عبدالستار خان، محمد بخش
خان لغاري، الهه بخش خان کوسو، مير الهڏنو خان،
محمد صالح ڏهراج، قادربخش ڪلوڙ، نيازمحمد خان، تاج
الدين انسپيڪٽر، خان محمد بروهي، دلاور حسين شاهه
وغيره.
|