سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 7

سرڪاري عملدارن ۾ رشوت عام هئي، رشوت لاءِ ماڻهو کي مجبور ڪيو ويو، رسائي ۽ لاپي جو عام رواج هو، جيڪڏهن ڪو وڏو ڪامورو ڪنهن هنڌ منزل ڪندو هو ته زميندار ان لاءِ بندوبست ڪندا هئا. يا ننڍن ڪامورن کي خرچ ۽ سامان مهيا ڪندا هئا. ”جڏهن ڪامورا گشت تي نڪرندا هئا، تڏهن سندن منزلن وقت وڏا انتظام ٿيندا هئا. زميندارن طرفان کير، ڇيلا، مکڻ، بيضا، گاهه وغيره پهچايا وينداهئا. عام ماڻهن کي هنن لاءِ رستا ٺاهڻ، تنبن کوڙائن، گاهه ميسر ڪرڻ، پاڻي ڀرائڻ، شڪار ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن لاءِ بيگر ۾ وهايو ويندو هو. سختيءَ سان ڪم وٺڻ ۽ موچڙي مار ڪرڻ کان پوءِ به کين ماني ڪا نه کارائي ويندي هئي. پٽيوالن، نائيڪن ۽ ڪلارڪن کي خرچيون ڏيڻيون پونديون هيون، منزل جي لاءِ سيڌي سامان، ميوي، شراب ويندي برف تائين. سڀ شيءِ جو انتظام روينيو يا ٻئي کاتي جي مڪاني ملازمن کي ڪرڻو پندو هو. انهيءَ واسطي هر هڪ آباد نمبر تان سرڪاري ڍل وٺڻ مهل، هڪ رقم الڳ ورتي ويندي هئي، جا لاپي جي نالي سان مشهور هئي، اها رقم تعلقي آفيس ۾ ڪٺي ٿيندي هئي، جنهن جو حساب ڪتاب رکيو ويندو هو. سنڌ ڄڻ ڪامورن جي شڪارگاهه ۽ مرغزار بڻيل هئي.[1] مٿيان سڀ ڪم گهڻو ڪري مسلمان زميندارن کان ورتا ويندا هئا. حسام الدين راشدي جي چوڻ موجب هندو هر لحاظ سان مسلمانن کان ترقي يافته هئا. پيسي ۾، تعليم ۾ ملازمتن ۽ واپار ۾ سياسي خواه سماجي طرح سجاڳ ۽ سياڻا به. هنن ڪو به اڳ پوءِ ڪو نه جاچيو، الله لڳ ڳالهه ڪبي مسلمانن جي غيرتعليم يافتگي مان ۽ زميندارن جي جهالت ۽ اڍنگن خرچن مان هنن نهايت ئي اجوڳ فائدا ورتا. هنن تي ملڪي هئڻ سبب، وڌيڪ سڌريل ۽ سمجهدار قوم هئڻ ڪري ڀائيپيءَ جا، برادريءَ جا، پاڙيسريءَ جا وڏ ننڍائي جا جيڪي انگ ۽ ننگ هئا. سي هنن پورا ڪو نه پاڙيا بلڪه هلندي هلندي مسلمانن جون ڪيئي زرعي زمينون به قرضن ۾ ورتل ۽ اڻ ورتل کنڌن ۽ وياجن جي مٿان وياجن ۾ پنهنجي هٿ ڪري ويا. شهر ته اڳئي سندن قبضي ۾ هئا، زمين وٺڻ بعد ٻهراڙيون به گهڻي قدر سندن هٿ هيٺ اچي ويون، هنن پوءِ سياسي ٻڌيون ڪري، هندستاني هندن سان جوڙ توڙ ڪري، مها سڀا ۽ ڪانگريس جا پلو پڪڙي سياسي طرح به مسلمانن کي اهڙيءَ طرح ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيئن هو پنهنجي ملڪ اندر به بيوس ۽ ويچارا ٿي رهن.[1] ”صديءَ جي شروعات کان پوءِ ته کين الائي ڇا ٿي ويو! گويا کين مسلمانن سان گڏ رهڻو ئي ڪين هو، ۽ هڪ ٻئي سان سندن ڄڻ ڪڏهن ڪو واسطو ۽ وجهه ئي  ڪو نه هو. جيئن جيئن سياسي شعور وڌندو ويو ۽ هندستاني سياست سنڌ تي حاوي ٿيندي ويئي، تئين تيئن تفريق وڌندي ويئي ۽ جنهن کي جڏهن موقعو مليو تڏهن ٻئي کي تهس نهس جا ويچار ٿيندا رهيا.[2]

        مسلمانن جي لاءِ نوڪرين جا دروازا بند ڪيا ويا، جيڪڏهن نوڪري ملندي هئي ته بيلدار، پٽيوالو وغيره شهري پٽيوالي جون نوڪريون به هندن لاءِ مخصوص رکيون ويون، هندو سنڌي هر هڪ کاتي ۾ اڳتي هو. ”سنڌ جو عوام چوٽيءَ کان پيرن تائين هندوءَ وٽ گروي هو، زمينون انهن وٽ گروي، سنڌي ڪڙميءَ جي ڪمائي، سڄي انهن جي گهر ۾، هر ڪنهن قسم جي تجارت انهن جي قبضي ۾، شهر، تعليمي ادارا، ملازمتون، مطلب ته سنڌ جا حقيقي مالڪ اهي ئي هئا ۽ باقي مخلوق محض هنن جي رحم ڪرم تي هئي، جنهن تي افسوس آهي ته هنن ڪڏهن به رحم و ڪرم ڪو نه ڪيو، جنهن جو نتيجو نه ڇڙو پاڻ لوڙيائون بلڪه سندن ڪرتوتن جي بلا وري به مستقل طرح سنڌي مسلمانن کي ئي لوڙڻي پئي آهي.[3] اڳتي سنڌ جي ڪجهه ملازمتن جا انگ اکر ڏجن ٿا جنهن ۾ هندو مسلمانن جو تناسب واضح آهي.

ضلع وار ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽرن، سندن نائبن ۽ انگريزي اسڪولن ۾ هيڊ ماسترن ۽ نائبن جو تفصيل

 

ضلع

 

هيڊماستر

 

نائب ماستر

ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر

اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر

 

هه     م

هه      م

هه      م

هه      م

ڪراچي

1    --

43   6

1     --

3     --

حيدرآباد

1    --

11   2

1     --

2     --

نوابشاه

--    1

--   9

1     --

1     1

ٿرپارڪر

--    --

--   --

1     --

2     --

لاڙڪاڻو

1    --

15   3

1     --

2     1

سکر

--    --

10   3

1     --

2     1

اپر سنڌ

1    --

--   --

--     1

1     --

پوري سنڌ

4    1

79   23

6     1

13     3

سڌي لوڪل بورڊن اسڪولن ۽ ميونسپالٽين ۾ ماسترن جو تفصيل ۽ فقط لوڪ بورڊ اسڪولن ۾ ماسترياڻين جو تفصيل

ضلع   ماسترن جو تفصيل    ماسترياڻين جو تفصيل

                هيڊ ماسترياڻيون               نائب ماسترياڻيون

 

هندو

مسلمان

هندو

مسلمان

هندو

مسلمان

ڪراچي

269

145

1

--

--

--

حيدرآباد

151

137

1

--

--

--

نوابشاه

182

128

2

2

6

--

ٿرپارڪر

130

25

8

1

13

1

لاڙڪاڻو

301

255

6

2

6

1

سکر

308

181

--

--

--

--

اپر سنڌ

64

126

--

--

--

--

پوري سنڌ

1405

997

18

5

25

2

رپورٽ: سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد 1924

سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ هندو مسلمان ملازمن جو تناسب.

عهدو

مسلمان

هندو

جملي

ڊاريڪٽر

1

0

1

ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر

1

0

1

انسپيڪٽر گرل

1

0

1

مرد ڪلاس II

6

4

10

عورتون ڪلاس II

1

8

9

اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر

9

0

9

اسسٽنٽ ماسٽر

15

63+2 پارسي

80

اسسٽنٽ ماسترياڻيون

0

6

6

ڊرائينگ ماستر

3

4

7

ڊرائينگ ماسترياڻيون

0

1

1

راڳ ماسترياڻيون

1

0

1

ورزش ماستر

2

0

2

عربي ماستر

2

0

2

ڀرت ماسترياڻيون

0

1

1

ميٽرن

0

1

1

ڪلارڪ

19

26

45“[1]

زراعتي کاتو سڪرنڊ ڪاليج

عهدو

مسلمان

هندو

جملي

پروفيسر گزيٽيڊ

0

3

3

سينئر ليڪچرار

1

7

8

جونيئر ليڪچرار

1

9

10

لئباٽري اسسٽنٽ

1

4

5

ڪلارڪ

1

3

4

 

               زراعتي کاتو

گزيٽيڊ آفيسر گريڊ

5

                    11

16

گريجوئيٽ فرسٽ“ 

3

                    14

17

گريجوئيٽ سيڪنڊ“

4

                    14

18

گريجوئيٽ ٿرڊ گريڊ

7

                    26

33

نان گريجوئيٽ

20

                    22

42

ڪاٽن ڪميٽي آفيسر

0

                    3

3

مارڪيٽنگ آفيسر

0

                    3

3[1]

انجنيئري کاتو

عهدو

مسلمان

هندو

جملي

چيف انجنيئر

0

1

1

ايس- اي

1

5

6

انجنيئر

1

27

28[2]

ٿرڊ ڪلاس ملازم

437

725

1162

فورٿ ڪلاس

506

473

979

50 روپيه کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ

137

576

713

120 روپيه کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ

19

134

153

200 کان مٿي پگهار کڻندڙ

18

159

177

انجنيئري کاتي ۾ هندن کي پگهارون هڪ لک چوهٺ هزار هڪ سئو ويهه روپيا مليا ۽ مسلمانن کي ستيتاليهه هزار ۽ پنجاسي روپيا مليا. [3]

 

روينيو کاتو

مختيارڪار     مسلمان     خالي     هندو     ٻيون قومون   ٽوٽل

                    19       2        56        5        82 ٽوٽل [1]

اڪائونٽ ۽ سينيئر اڪائونٽنٽ

مسلمان

هندو

جمله اڪائونٽنٽ

سال   1925

5

8

13

       1926

5

8

13

       1927

5

8

13

       1928

5

8

13

       1929

6

7

13

       1930

6

7

13

       1931

6

7

13

       1932

6

7

13

       1933

6

7

13

       1934

6

7

13

       1935

7

7

13

       1936

6

7

13

       1937

1

7

8

       1938

4

7

13 [2]

 

 

 

 

 

 

 

 

 

تعليمي ڪارڻ

ميرن جي دور ۾ ديني تعليم جو رواج عام هو، جنهن ۾ عربي، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. ”مسلمانن کي ديني ۽ ٻي تعليم سنڌ جا سيد ڏيندا هئا، هندو ٻارن کي تعليم هندو عامل ڏيندا هئا. عاملن کي معاوضو هندو ڦوڙي ڪري ڏيندا هئا، ۽ مسلمان ڇهه ماهي ۾ جڏهن ڪو فصل کڻندا هئا ته هو گهر مان اناج ۽ ڪجهه ڪپڙا ڏنا ويندا هئا ڳوٺن ۾ مدرسہ عالم ۽ خاص سيد هلائيندا هئا، اهي ادارا گهڻو ڪري وقف جي امداد سان هلندا هئا ۽ سيد جن کي مقرر پگهار نه ملندو هو، تن جو گذر بخشش ۽ وقف جي آمدني وسيلي ٿيندو هو.[1] انگريزي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ ٽن قسمن جا اسڪول هئا، مسلم پرائمري اسڪول (ديني مدرسہ)، هندي اسڪول جتي خداودي ۽ ٻيا سنڌي مضمون پڙهايا ويندا هئا، حساب پڻ سيکاريا ويندا هئا، حالانڪ ڪيترا ڇوڪرا خداودي ۽ حساب ڪتاب جي تعليم پنهنجي گهر يا دڪان ۾ سکندا هئا. ٽيون قسم عربي ۽ فارسي تعليم جا اسڪول هئا، جتي مسلمان ۽ هندو عامل پڙهائيندا هئا. انهن اسڪولن ۾ اڪثر ڪري سيد يا آخوند  استاد هوندا هئا.[2] ماسترن کي معاوضي ڏيڻ جو طريقو هر هنڌ مختلف هو، اسڪول زميندارن جي مدد سان هلندا هئا، ملا اسڪولن ۾ جڏهن به ڇوڪرو قرآن شريف ۽ ٻي ديني تعليم مڪمل ڪندو هو ته شاگرد جا مائٽ استاد کي پيسا ۽ سوکڙيون ڏيند اهئا. ٺٽه ۽ روهڙيءَ جي سيدن کي تعليم جي ڪم لاءِ جاگيرون مليل هيون ۽ ٻين کي به حڪومت طرفان انعام ۽ زمينون ڏنيون وينديون هُيون، جئن اهي اسڪول ۽ مدرسہ هلائي سگهن. ”1852ع ۾ اسڪولن جو حساب لڳايو ويو ته سنڌ ۾ 643 اسڪول هئا جن ۾ 7443 شاگرد تعليم حاصل ڪندا هئا، جن ۾ 1/9  حصو ڇوڪريون هيون. ديني تعليم جا مدرسہ 278 هئا جن ۾ 1906 شاگرد هئا. عربي ۽ فارسي جا اسڪول 275 هئا، جن ۾ 4252 شاگرد زير تعليم هئا. فارسيءَ کان سواءِ ٻيا 52 اسڪول هئا جن ۾ 321 شاگرد هئا. هندو ۽ مسلمان گڏ فارسي پڙهندا هئا. هندو سرڪاري نوڪري خاطر پڙهندا هئا، انهن اسڪولن ۾ گهڻو ڪري مسلمان استاد هوندا هئا، خداودي جي 23 اسڪولن ۾ 803 شاگرد پڙهندا هئا.[3]

انگريز سرڪار تعليمي ادارن جي همٿ افزائي ڪانه ڪئي، فارسيءَ کي ختم ڪيو ويو، مسلمان صرف ديني تعليم ڏانهن متوجه رهيا، اهي به مختصر ماڻهن جي مدد سان هلي رهيا هئا. مسلمانن جي تعليمي زوال جو سبب حڪومت برطانيه جي سامراجي تسلط هو، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ، جو مقصد صرف تجارت هئي، جنهن هندستان کي لٽ جو مال سمجهي لٽيو، ڪمپنيءَ جا اهلڪار ڏسي چڪا هئا ته آمريڪا ۾ تعليم ڏيڻ جي ڪري برٽش سرڪار جي خلاف بغاوت ٿي، اهو ئي سبب هو ته ڪٿي هتي جي ”سونهي جهرڪي“، هندستان، هنن جي هٿن مان نڪري نه وڃي. انگريزن ديسي تعليمي طريقا به ختم ڪرڻ شروع ڪيا.  جڏهن به ڪا قوم غلام بنائي ويندي آهي ته سڀ کان اول ان قوم مان تعليم ختم ڪئي ويندي آهي. علم ۽ ادب کي تباه ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته  علم ۽ غلامي ڪڏهن به گڏ رهي نه ٿا سگهن. جنگ آزادي کان پوءِ جي حالت تي طفيل احمد بنگلوري جي ڪتاب ”روشن مستقبل“ جي حوالي سان مولانا غلام محمد گرامي رقم طراز آهي ته ”جنگ آزاديءَ بعد نتيجو اهو نڪتو جو خاندانن جا خاندان جيلن ۾ بند ڪيا ويا، مسجدون ۽ درسگاهون ناس ڪيون ويون، مسلمانن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون، مسلمانن کي نوڪرين کان جواب ڏنو ويو، تاجر پيشه مسلمانن کي ڏوه ۽ رشوت ۾ قابو ڪري سزاياب ڪيو ويو، عالمن ۽ ليڊرن کي جيل ۾ نپوڙيو ويو، شاهي خاندان کي تباه ڪيو ويو، شهنشاه هند بهادر شاهه ظفر کي قيد ڪري سندن شهزادن کي هن جي موجودگي ۾ گولي هڻي ماري، سندن خون وحشي انگريز ڪمانڊرن پيتو. بهرحال مسلمانن کي زندگي جي هر شعبي ۾ تباه ۽ پائمال ڪيو ويو.[1] مسلمانن جي تباه حالي کي ڏسي، مسلمان اڳواڻ انهن جي تعليمي سڌاري لاءِ سوچڻ شروع ڪيو، انهيءَ مقصد لاءِ آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنسون سڏايون ويون. ”آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي تاريخ 1886ع کان شروع ٿئي ٿي.“ جڏهن سر سيد احمد خان مسلمانن م تعليم پکيڙڻ جي جدوجهد شروع ڪئي، تڏهن سنڌ ۾ سر سيد احمد خان جي نصب العين تي مرحوم خانبهادر حسن علي آفندي جيڪا جدوجهد ڪئي، ان جي نتيجي ۾ ”سنڌ مدرسة السلام“ اڄ به اوچو ڳاٽ ڪري بيٺو آهي. هن مدرسہ جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ جن مخلص اراڪين جا نالا اچن ٿا، تن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن جيڪي مرحوم آفنديءَ سان ٻانهن ٻيلي رهيا؛ مثلاً خانبهادر ميان غلام حسين، غلام حسين ڇاڳلا، امراءُ خان، دستگير، علي ڀائي ڪريم جي، مرزا آصف، سردار بهادر محمد يعقوب، رئيس شمس الدين بلبل، مولوي الهه بخش اٻوجهو، خانبهادر قادر داد خان، طيب جي، مرزا مخلص علي ۽ مرحوم حسن علي آفنديءَ جو صاحبزادو ولي محمد خان وغيره[1] آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جا اجلاس هر سال ٿيندا رهيا. سال 1902ع ۾ آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس زير صدارت سر آغا خان جي دهليءَ ۾ منعقد ٿي، ان اجلاس ۾ علي محمد خان دهلوي بئريسٽر ڪراچيءَ واري سنڌ جي طرفان نمائندگي ڪئي ۽ سنڌ جي رهنمائن  سنڌ جا دورا ڪري ڪانفرنس کي رپورٽ ڏني. هن ڪانفرنس جي پاس ڪيل ٺهراءُ موجب مدرسو نوشهرو هاءِ اسڪول تعمير ڪرايو. هنن ٻين مدرسن کي انگريزي هاءِ اسڪولن جي طرز تي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. هن مدرسن کي قائم ڪرڻ ۽ ان سان گڏ هاسٽل جي تعمير لاءِ پنجاه هزار جي گهرج ظاهر ڪئي، جن مان ڇهه هزار خيرپور  رياست ڏنا باقي ويهه هزار عام چندن مان گڏ ٿيا، تعليمي ادارن سان گڏوگڏ هاسٽل پڻ تعمير ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو.


[1]  جي.ايم.سيد جنب گزاريم جنيسين، جلد پهريون حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ، 1967ع ص - 148

[1]  حسام الدين راشدي، هو ڏوٿي هو ڏينهن، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع ص - 146

[2]  حسام الدين راشدي، هو ڏوٿي هو ڏينهن، ايضا ص - 146

[3]  حسام الدين راشدي، هو ڏوٿي هو ڏينهن، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع ص - 377

[1]  روزانه الوحيد، ڪراچي، فبروري1، 1940

[1]  روزانه الوحيد ڪراچي. اپريل 28، 1941ع

[2]  روزانه الوحيد مارچ 25، 1941ع

[3]  روزانه الوحيد ڪراچي، مارچ 12، 1938ع.

[1]  روزانه الوحيد ڪراچي، آڪٽوبر 31، 1924ع.

[2]  روزانه الوحيد ڪراچي، مئي 10، 1938ع.

[1]   Dr. Hamida Khohro, The British Adminstration of Sind. (1843-1865) P.H.D. Thesis, University of London, 1965. P-69.

[2]  Dr. Hamida Khohro, The British Adminstration of Sind. (1843-1865) P.H.D. Thesis, Op: Cit P 375

[3]  Dr. Hamida Khohro, The British Adminstration of Sind. (1843-1865) P.H.D. Thesis University of London, 1965 P.P 275,76

[1]  شمس الدين بلبل، مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1977ع ص 21

[1]  شمس الدين بلبل مرتب غلام محمد گرامي، مسلمان ۽ تعليم حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1077 ص 29

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org