مسلم ليگ مسلمانن جي گهڻائي وارن پنجن صوبن ۾
وزارتون قائم ڪرڻ سان ننڍي پئماني تي شروعات ڪري
ڇڏي آهي. اهي وزارتون انهيءَ ڪري نه آهن ته هو ڪن
پنهنجن ماڻهن کي عهدا ڏين؛ پر انهيءَ لاءِ آهن ته
هو مسلم ليگ جي تائيد ڪن. انهن وزارتن کي جيڪا به
طاقت آهي، ان طاقت تي مسلم ليگ جو قبضو آهي. طاقت
ئي ماڻهن کي منظم ڪرڻ جو وسيلو بڻجي سگهي ٿي. اهي
وزير جيڪڏهن چاهين ته انهي مهل طاقت وسيلي نئين
روح ۽ نئين جان جاڳائڻ سان مسلم ليگ کي انهن صوبن
۾ هڪ زندهه طاقت بنائي سگهن ٿا. هو گهٽ ۾ گهٽ انهن
صوبن ۾ عام ڀلائي لاءِ تعليمي، اقتصادي ۽ ٻهراڙين
جي سڌاري وغيره لاءِ تعميري قدم کڻي، پنهنجي صوبن
جي وڏي خدمت ڪري سگهن ٿا. پر ڏسو ته هن تجربن مان
ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري! پنهنجي صدارتي تقرير پوري
ڪندي قائداعظم جن فرمايو ته توهان هر هڪ مرد، زال،
ٻار، ننڍا ۽ نوجوان مضبوط ٿي بيهو؛ پاڪستان ۾ ئي
اسان جي نجات، اسان جي حفاظت ۽ اسان جي تقدير آهي.
جلسي جي خاتمي بعد مسلم ليگ طرفان ڇپايل اشتهار
ورهايو ويو، جيڪو پوري سنڌ ۾ ورهايو ويو: اشتهار
جو متن هن طرح هو.
مسلم
ليگ جو اشتهار
مسلم ليگ جو گهر پاڪستان آهي.
پاڪستان معنيٰ اسلامي حڪومت.
1.
جيڪا قرآن شريف جي اصولن مطابق قائم ڪئي ويندي.
2.
جتي سڀني ماڻهن کي سياسي، معاشرتي ۽ اقتصادي
هڪجهڙائي هوندي.
3.
جتي حڪومت جون واڳون سچن ۽ پرهيزگار مسلمانن جي
هٿن ۾ هونديون.
4.
جتي غيرمسلمانن جي حقن جي حفاظت ڪئي ويندي.
5.
جتي حڪومت جو پهريون فرض ملڪ مان غربت ظلم، بي
علمي ڪڍي، طبقاتي مفاد کي ناجائز ڪتب آڻڻ بند ڪرڻ
هوندو.
6.
جتي زنا ۽ شراب خوري ۽ وياج خوريءَ جي قانوني منع
هوندي.
7.
جتي عدل ۽ انصاف پسند تي نه وڪامندو پر هر هڪ کي
مفت نصيب ٿيندو.
8.
جتي عزت جو معيار طاقت ۽ پيسي تي نه؛ بلڪه چڱن
اخلاقن تي مقرر ڪيو ويندو.
باب ستون
حر تحريڪ
حر
تحريڪ جو پس منظر:
سيد شاهه علي جيڪو 712 هه ۾ محمد بن قاسم
سان گڏ سنڌ ۾ آيو هو، ان جي خاندان مان حضرت پير
محمد راشد روضي ڌڻي سال 1117هه ۾ ڄائو. سندس وڏو
سيد علي مڪي هو، جيڪو وقت جي وڏن اوليائن مان هڪ
هو. هن دادو ضلع ۾ ڀڳي ٺوڙهي جبل جي ماٿري ۾
درياءُ جي ڪناري تي لڪيءَ وٽ خاموش ۽ پرسڪون ماحول
ڏسي، پنهنجي منزل ڪئي. هن جي نسب جو سلسلو حضرت
امام موسيٰ ڪاظم سان ملي ٿو ۽ هن جي پشت مان لڪيءَ
وارو شاهه صدر، پير صاحب سيد محمد راشد پيدا ٿيا،
جيڪي سنڌ ۾ فضل ۽ فيض جا وڏا مرڪز بنيا. سنڌ ۾
هميشه روحاني پرچار ۽ پيري مريدي جو سلسلو رهيو
آهي. ڪلهوڙا خاندان جا اوائلي حاڪم به روحاني
پيشوا هئا، جيڪي پنهنجن مريدن جي طاقت وسيلي حڪومت
جي منصب تي رسيا. ان وقت ۾ جن درويشن روحانيت ۽
پيري مريدي رستي طاقت ٿي ورتي؛ ته وقت جي حاڪمن تن
کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. جهڙوڪ شاهه عنايت صوفي
جهوڪ واري جي شهادت ۽ کهڙن وارن مخدومن جي شهادت
پڻ قابل ذڪر آهي.“
سنڌ جي سرسبز زمين تي هميشه ڌارين جون
لالچي نگاهون مرڪوز رهيون آهن. انگريز، ڪلهوڙن جي
زماني ۾ واپاريءَ جي حيثيت سان سنڌ ۾ داخل ٿيا،
انهن ڪلهوڙن سان هڪ معاهدو ڪيو ته ٻئي، هڪ ٻئي جي
سلطنت جي حدن اندر مداخلت نه ڪندا. جڏهن حڪومت
ڪلهوڙن کان پوءِ ميرن جي هٿ آئي ته انگريز 1809ع ۾
معاهدو ڪيو، جيڪو سنڌ جي ميرن ۽ ايسٽ انڊيا
ڪمپنيءَ جي وچ ۾ ٿيو. ٻئي طرف انگريزن پنجاب ۾
رنجيت سنگهه سان امرتسر ۾دوستي ۽ اتحاد جو معاهدو
به انهيءَ سال 1809ع ۾ ڪيو.
”سکن ۽ انگريزن جون سنڌ تي لالچي نگاهون
هيون، ٻنهي هڪ ٻئي کي ڌوڪي ۾ رکي سنڌ تي قبضو ڪرڻ
ٿي چاهيو. انگريزن جو ميرن سان هڪ پٺيان ٻيو
معاهدو ٿيندو رهيو. انگريزن، سنڌ جي ميرن کي رنجيت
سنگهه جي حملي جو خطرو محسوس ڪرائي، ميرن کي
پنهنجو دوست بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته، جيڪڏهن سک سنڌ
تي حملو ڪندا ته انگريز سنڌ جي ميرن جي مدد ڪندا.
1832ع ۾ انگريزن سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن سان هڪ ٻيو
معاهدو ڪيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انگريزن کي
سنڌو درياءَ ۾ جهاز راني جي آزادي هوندي.
سنڌ ۾ مسلمان ٽالپر حاڪم هئا ته ٻئي طرف مسلمانن
جي اڪثريت واري علائقي پنجاب ۾ سکن جي حڪومت قائم
هئي. پنجاب ۾ سک حڪومت مسلمانن جي زندگي عذاب
بڻائي ڇڏي هئي. سيد احمدي بريلوي پنهنجن مريدن جي
وڏي تعداد سان گڏجي سکن جي ظلم کي ختم ڪرڻ ۽
اسلامي حڪومت بنائڻ لاءِ سرحد کي مرڪز بنائڻ، اتان
پنجاب تي حملي ڪرڻ جو منصوبو بنايو. ڇاڪاڻ ته سرحد
۾ وڏي اڪثريت مسلمانن جي هئي. مگر شروعات ۾ سيد
احمد شهيد کي سنڌ طرف اچڻو هو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جا
مير سکن کان نفرت ڪندا هئا، ۽ پيران پاڳاره جيڪو
اسلامي جذبو رکندڙ هو، ماڻهن جووڏو تعداد سندس
پوئلڳ هو. سيد احمد شهيد پنهنجي مجاهدن سان گڏ سنڌ
طرف آيو. ”هن فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي هلچل جو مرڪز
سنڌ کي بنائيندو ڇاڪاڻ ته اتي جا ماڻهو همدرد آهن.
هي پهريائين سيد صبغت الله اول پير صاحب پاڳاره
ڏانهن ويا.
سيد احمد شهيد 24 جون 1926ع ۾ پير ڳوٺ پهتا. پير
صبغت الله شاهه جي ڀائرن ۽ مريدن سندن خدمت ۾ ڪا
به ڪسر ڪا نه ڇڏي. پير صاحب، سيد صاحب سان ملاقات
ڪري، سيد صاحب جي لشڪر کي ٽي ڏينهن کاڌو کارايو.
سيد صاحب ٻيڙين جي انتظار ۾ تيرهن ڏينهن رهي پيو.
پير صاحب کيس حمايت ۽ مدد جو يقين ڏياريو، سنڌ ۾
تحريڪ هلائي، مسلمانن کي جهاد جي ترغيب ڏني، پير
صاحب درزين جي هڪ جماعت سڏائي مجاهدن لاءِ جنگي
ويس ٺهرايا ۽ پنهنجي مريدن جي هڪ جماعت سيد احمد
بريلوي سان گڏ رواني ڪئي، انهيءَ جماعت جو نالو حر
رکيو.
پير صاحب پاڳاري جو سيد احمد شهيد سان
برابر رابطو قائم هو. قاصد هڪ ٻئي جا خط، جن ۾ جنگ
جي صورتحال، ڪاميابيون ۽ تڪليفون درج ڪيون وينديون
هيون. پير صاحب سيد ڏي مالي مدد موڪليندو رهندو
هو. سيد صاحب جڏهن جهاد ۾ مشغول هو ته سندن اهل
عيال کي پير صاحب پاڳاري جي حويلي ۾ مهمان طور
ڇڏيو هو. سندن اهل عيال کي پير صاحب پاڳاره تمام
گهڻي عزت ۽ احترام سان حفاظت ۾ رکيو. مجاهدن 23
جون 1830ع
تي
سکن کان پشاور فتح ڪيو، پر پوءِ انگريزن جي ريشه
دوانين تي سندن ملن ۽ مولوين صوبي سرحد ۾ فساد
شروع ڪيو ۽ حضرت سيد احمد بريلوي ۽ سيد اسماعيل
شهيد سکن سان وڙهندي 1831ع ۾ شهيد ٿيا.
سيد احمد شهيد جي تحريڪ پير صاحب پاڳاري
جي گهراڻي تي اثر ڪيو، جنهن ڪري هي گهراڻو هميشه
ڌارين جي حڪومت کي نفرت سان ڏسندو هو ۽ مسلمانن جي
حڪومت ڏسڻ چاهيندو هو. اهو ئي سبب هو جو هن
گهراڻي هميشه انگريزن جي مخالفت ڪئي.
نوٽ: (سنڌ ۾ ڪنگريءَ جي گاديءَ تي ست پير پاڳاره
ويهي چڪا آهن، جن کي هيٺين لقبن سان سڏيو ويندو
آهي.
1.
حضرت روضي ڌڻي بادشاهه. 2. حضرت تجر ڌڻي بادشاهه.
3. حضرت بنگلي ڌڻي بادشاهه 4. حضرت تخت ڌڻي
بادساهه 5. حضرت محفہ ڌڻي بادشاهه 6. حضرت ڪوٽ ڌڻي
بادشاهه 7. حضرت تخت ڌڻي بادشاهه.
حضرت تخت ڌڻي بادشاهه سڀني پير پاڳارن ۾ زبردست
پير ٿي گذريو آهي. هي ان وقت گادي نشين هو، جنهن
وقت خيرپور جو والي مير علي مراد خان هو. ان وقت
سندس مريدن جي جماعت ۾ ٻه ڀاڱا هئا.
سالم جماعت ۽ فرق جماعت: پهرئين قسم واري جماعت
وارا شريعت محمدي موجب هلڻ وارا هئا ۽ ٻي جماعت
وارا پاڻ کي مرشد مٿان قربان ٿي وڃڻ ۽ پاڻ تي حر
نالو رکيو. هن جماعت جو اهو اصول هو ته سر (سسي)
ڏجي پر سُر (ڀيد) نه ڏجي. يعني جماعت جا رٿيل ۽
ڪيل ڪم سدائين بلڪل مخفي رکيا وڃن ۽ ڪو به راز
هرگز ظاهر ٿيڻ نه ڏجي.)
تحريڪ جو شروعاتي دور:
انگريزن دوکي ۽ فريب سان سنڌ تي مڪمل قبضو 1843ع ۾
ڪيو. ميرن جي حڪومت جو خاتمو ٿيو ۽ سنڌ ۾ ٻيون به
جيڪي جنگجو قومون هيون تن في الحال صبر کان ڪم وٺي
انگريز سرڪار جي سلامي ڀري. سنڌ جي عوام سمجهيو ٿي
ته انگريز جلدي سنڌ مان نڪري ويندا، مگر ائين ڪو
نه ٿيو. 1857ع ۾ هندستان ۾ جنگ آزادي جي لڙائي
لڳي، جنهن ۾ هندستان جي مسلمانن زياده حصو ورتو.
ان ۾ سنڌ جي عوام به بهرو ورتو، پر هي جنگ آزادي
به ناڪام ٿي ويئي.
”حرن جي تحريڪ شروع ئي انهيءَ ڪري ٿي هئي
ته هندستان جا مسلمان پنهنجي وڃايل آزادي ٻيهر
حاصل ڪن. بعد ۾ جڏهن سيد صبغت الله شاهه اول وفات
پائي ويا ته ان جي پيدا ڪيل روحاني جذبه آزادي،
حرن کي هميشه انگريزن جي خلاف رکيو. ايستائين جو
96-
1895ع ۾ انهن سنڌ ۾ انگريزن جي خلاف عام بغاوت
ڪئي. هي حضرت احمد شهيد کان پوءِ حرن جي ٻي
آزاديءَ جي تحريڪ هئي.
انگريز هميشه حرن کي شڪ جي نگاهه سان
ڏسندا هئا. انگريزن جي خلاف پهرئين جنگ 1896ع ۾ ٿي
جنهن ۾ بچو بادشاهه پنهنجي ساٿي پيروءَ سان گڏ
آزادي جو اعلان ڪيو. هي بغاوت ٻارنهن ڄڻن تي مشتمل
هئي، انهن مان اٺن جا نالا هي آهن:
1.
بچو خاصخيلي جنهن جو لقب ”بچو بادشاهه“ هو.
2.
پير بخش وساڻ ”پيرو وزير“
3.
گلو موچي 4. تڳيو چانگ 5. ڀلو ڳاهو 6. خميسو وساڻ
7. ختله قاضي 8. قلان قاصائي.
مکي
ٻيلي کي هنن پنهنجو مرڪز بنائي، حڪومت جي خلاف
بغاوت ڪئي. جن به حڪومت جو ساٿ ڏنو ۽ حرن خلاف
جاسوسي ڪري حڪومت کي ٿي ٻڌايو، تن کي حرن قتل ٿي
ڪيو. اهڙو هڪ مثال هتي ڏجي ٿو، جنهن کي ان وقت جي
هڪ شاعر مل محمود (ٿرپارڪر) هڪ واقعي کي شعرن جي
صورت ۾ قلم بند ڪيو. هي واقعو 1896ع ڌاري ”بهرم
بري“ جي ميلي ۾ حرن حملو ڪري جولا سنگهه دفعدار کي
ٻولائي ماريو. ان بعد به هنن جا پوليس ۽ فوج سان
ڪيئي مقابلا ٿيا، جن بابت ناري جي مشهور شاعر مل
محمود پلي ڪافي بيت چيا آهن. نموني طور هڪ بيت ڏجي
ٿو.
انگريزن جي صاحبيءَ ۾ چوڏهين صدي سير
پر ڏر اچي پيدا ٿيا، بانڪا بي نذير
ٻارنهن ڄڻا ٻهرو ٽيا، هئا مکيءَ پاسي مير
بچو ان جو بادشاهه پيرو اڳيان وزير
ڪر ڌاڪي سان دلگير، تن ڏيهه ڏڪائي ڇڏيا.
ڏيهه ڏڪائي ڏيا سان، ڪيائون زير زبر
اک نه هين انگريز تي، ٻيو ڪنهن مٿي ڪلٽر
ماري سو سپاهين جا، ٿي لوڙهيائون لشڪر
ڏسي هيبت حرن جي، ٿي گهڻن ڇڏيا گهر
پورا ٿي ويا افسر، تن جي ٿاڻن پئي ٿڪون جهليون.
آزادي جي تحريڪ اٽڪل ٻارنهن سال هلي، هن
ٽولي آزاديءَ جو اعلان ڪري انگريزن سان زبردست
لڙايون ڪيون، جنهن ڪري انگريزن جي بي پناهه جنگي
قوت، حرن تي ڪيترائي ظلم ڪيا. هزارن کي گرفتار ڪري
جيلن ۾ بند ڪيو ويو، انهن جون زمينون ضبط ٿيون،
فقيرن کي لوڙهن ۾ نظربند رکيو ويو.
اها تحريڪ انگريزن جي جديد هٿيارن ۽ منظم جاسوسيءَ
سان ختم ٿي. حرن جي ٻيءَ تحريڪ پير صبغت الله شاهه
ٻئي جي اڳواڻي ۾ شروع ٿي. هن تحريڪ جو مقصد به
انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ هو.
پير صبغت الله شاهه ٻيو، سال 1922ع ۾ 14
سالن جي عمر ۾ گادي نشين ٿيو. انگريزن کي هن
گاديءَ مان هميشه خطرو رهندو هو ۽ گادي نشينن تي
ڪرڙي نظر رکي ويندي هئي. هميشه حڪومت انهيءَ فڪر ۾
رهندي هئي ته ٿوري گهڻي شڪايت هن گادي متعلق ملي
ته ان لاءِ سخت ۾ سخت قدم کنيو وڃي.
سال 1929ع ۾ پير ڳوٺ جي هڪ عورت سکر جي
پوليس ڪئپٽن وٽ درخواست ڪئي ته سندس ڇوڪري
(ابراهيم ڪوري) کي پير صاحب ڪنگري (پير ڳوٺ) ۾ قيد
رکيو آهي.
هن فرياد ٿيڻ کان پوءِ سکر ضلع جو ايس پي جي جي
ري، پوليس انسپيڪٽر مسٽر غلام اڪبر پوليس اٽالي
سميت 1929ع ۾ پير ڳوٺ تي ڇاپو هڻي ابراهيم ڇوڪرو
هٿ ڪيو، ان سان گڏ گهڻو گولابارود به هٿ ڪيو. پير
صاحب کي گرفتار ڪري سکر جيل ۾ رکيو ويو. هن تي
حڪومت خلاف بغاوت، غيرقانوني هٿيار رکڻ، ابراهيم
ڪوري ڇوڪري کي ناحق بند رکڻ ۽ مائي مريم
(ابراهيم جي ماءُ) کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ ڪيس
هلايو ويو. ”پير صاحب تي ابراهيم ڇوڪري کي پيتيءَ
۾ ناحق بند رکڻ، غيرقانوني طور گولابارود جنهن ۾
12 رائيفلون، 3 بندوقون، 2 ريوالور، 15000 هزار
ڪارتوس ۽ گوليون ۽ ٻيو گولابارود ٺاهڻ جو سامان
رکڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو.
قائداعظم محمد علي جناح کي هن ڪيس ۾ پير
صاحب جي پيروي ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو، جيڪو بمبئي
کان سکر ايندو هو. جڏهن ٻه شنوايون هلايون ويون ۽
ٽي شنوائي تي قائداعظم چيو ته پير صاحب کي آزاد نه
ڪيو ويندو. انهيءَ ڪري جناح صاحب وڌيڪ ڪيس جي
پيروي نه ڪئي ۽ ورتل في واپس ڪئي. مائي مريم جي
قتل وارو ڪيس مٿس ثابت ڪو نه ٿيو، باقي ٻين ڏوهن ۾
کيس 28 آگسٽ 1930ع ۾ 8 سال سزا ڏني ويئي.
حُر
تحريڪ ميدان عمل ۾:
پير
صاحب کي مند نال (هندستان) سينٽرل جيل مان 25
نومبر 1936ع ۾ آزاد ڪيو ويو. پير صاحب جيل مان
آزاد ٿي ڪلڪته کان سمه سٽه رستي هڪ اسپيشل ريل
گاڏيءَ ۾ روهڙيءَ پهتو. اسٽيشن تي سنڌ جي وڏيرن ۽
زميندارن پير صاحب جي آجيان ڪئي.
جيل مان آزادي کان پوءِ پير صاحب انگريزن
جي سخت خلاف ٿي پيو، جيل ۾ ڪيترن ئي ڪانگريسي
ليڊرن جون هن سان گڏجاڻيون ٿيون هيون، پير صاحب 3
ماڻهو ڪانگريسي نظريه وارا ساڻ آندا هئا جن کي پير
صاحب پاڻ وٽ رهايو، جيڪي تحريڪ هلائڻ ۾ کيس مشورو
ڏيندا هئا. پير ڳوٺ مان هڪ اخبار ”پير ڳوٺ گزيٽ“
رٽائرڊ ماستر ڪاڇو مل جي ايڊيٽري هيٺ نڪرڻ شروع
ٿي. هي اخبار ڪانگريس جي حامي هئي. هن اخبار ۾ ڪم
ڪندڙ ڪانگريسي هندن پير صاحب کي بغاوت لاءِ آماده
ڪيو. اخبار پير صاحب جي مريدن ۾ مقبول هئي. پير
صاحب سڀني مريدن ڏي احڪام جاري ڪيا ته حر تحريڪ
بابت سڀ اطلاعات هن اخبار رستي موڪليا ويندا.
پير صاحب هڪ غازي جماعت بنائي، جنهن ۾
هزارين حر شامل ڪيا ويا. انهن کان قسم ورتو ويو ته
هو هن تحريڪ ۾ تڏهن شامل ٿين جڏهن سر جو سانگو
لاهين. انهن فقيرن جي جنازي نماز پڙهي ويئي ۽ وڙهڻ
۽ مرڻ لاءِ قسم ۽ اقرار ورتا ويا. پير جي ڪيٽي
(شڪار گاهه) ۾ حرن جي مخفي تربيت شروع ڪئي ويئي.
اها تربيت جنگي نوعيت جي هئي. هن تحريڪ جي مخالفت
ڪرڻ وارن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، جنهن به
ماڻهو هن تحريڪ جو راز يا دشمن سان ساز باز ٿي
ڪيو، انهن کي قتل ڪيو ٿي ويو.
پير صاحب غازين جي هڪ جماعت بنائي، هيٺين
ماڻهن تي مشتمل هر هڪ کي جماعت جو اڳواڻ بنايو
ويو. جهڙوڪ:
1.
وريام خاصخيلي 2. حاجي خاصخيلي 3. الهه بچايو
خاصخيلي 4. مٽو خاصخيلي 5. امام بخش سنجراڻي 6.
سونو سنجراڻي 7. خان محمد سنجراڻي 8. ولي محمد
سنجراڻي 9. الهه بچايو سنجراڻي 10. يوسف سنجراڻي
11. صوبدار سنجراڻي. 12. محمد يوسف مهر 13. محبت
بهڻ 14. مبارڪ ڪوري، 15. ميوو نظاماڻي 16. هوٿ
نظاماڻي 17. مريد مري مهڪاڻي 18. راڻو مري مهڪاڻي
19. پنهون هنڱورو 20. بخش موچي 21. حاجي چانگ 22.
مصري چانگ 23. غلام علي چانگ.
پير
ڳوٺ لڳ قاهرن جي ڳوٺ ۾ علمائن جو هڪ جلسو ٿيو جنهن
۾ پير صاحب جي خلاف واعظ ڪيو ويو. حرن انهيءَ جلسي
۾ ڳڙٻڙ ڪئي ۽ ڪيترن کي لٺيون لڳيون، هن جهيڙي جو
فرياد داخل ڪيو ويو ۽ پير صاحب تي حرن کي بڇ ڪرڻ
جو الزام عائد ڪيو ويو. هن ڪيس جي ڪارروائي
روهڙيءَ ۾ هلي. پير صاحب جي پاران سر غلام حسين
هدايت الله هن ڪيس جي پيروي ڪئي. جيڪي مشير ۽ شاهد
هن ڪيس ۾ هئا تن کي حرن قتل ڪرڻ شروع ڪيو، جن ۾
خيرپور هاءِ اسڪول جو هڪ عربي ماستر عبدالله جيڪو
ڪيس ۾ مشير هو ان کي به قتل ڪيو ويو.
1939ع ۾ ٻي جنگ عظيم شروع ٿي چڪي هئي.
انگريز ۽ جرمن هڪ ٻئي جا دشمن هئا. هندستان اندر
ڪانگريس پارٽي حڪومت جي باغي هئي. هن پارٽي
”هندستان خالي ڪريو“ جي تحريڪ شروع ڪئي. مسٽر آر
ڪي سڌوا سنڌ جي ڪانگريسي ليڊر، پير صاحب کي
ڪانگريس ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو، پر پير صاحب ڪانگريس
جو حمايتي رهيو ۽ ميمبر ڪو نه ٿيو. پير صاحب
پنهنجن حرن کي کاڌيءَ جا ڪپڙا ڍڪڻ ۽ گوشت نه کائڻ
جو حڪم ڏنو. انهيءَ مان واضح آهي ته پير صاحب
ڪانگريس جي حمايت سان، بغاوت کي ڪامياب بنائڻ جو
منصبو ٺاهي رهيو هو. ”ٻي جنگ عظيم شروع ٿيڻ بعد
اهي افواهه هئا ته خانگي طور ملٽري بنائي پئي وڃي،
جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته پير صاحب پنهنجن حرن جي وڏي
تعداد کي ڀرتي ڪري ملٽري سکيا ڏئي رهيو آهي.“
”سردار محمد شفيع پنهنجي ڪتاب ”دور مستقبل“ ۾ لکي
ٿو ته سال 1939ع ۾ ٻي جنگ عظيم وقت جڏهن هندستان
مان ٿوري رقم تي ڪافرن جي فوج (انگريز) ۾ ڀرتي ٿي
مسلمان خدا جي مخلوق کي مارڻ لاءِ انگريزن سان مدد
لاءِ وڃي رهيا هئا، ان وقت پير پاڳارو سنڌ کي آزاد
ڪرائڻ جو منصوبو بنائي رهيو هو. پنهنجن مريدن کي
هٿيارن سان ليس ڪري حملي ڪرڻ لاءِ مناسب وقت جو
منتظر هو. پير صاحب جي ويجهن عزيزن ۽ سرڪار جي
ايجنٽن انهن تيارين جو راز انگريزن کي ٻڌايو.“
پير صاحب جڏهن به گشت ۾ ويندو هو ته غازين جي ڀرتي
ڪندو هو. هزارين غازي هن آزادي جي تحريڪ ۾ شامل
ٿيندا رهيا. جڏهن سرڪار کي پير صاحب جي باغيانه
خيالات جي خبر پئي، تڏهن حڪومت پير صاحب کي
ڪراچيءَ ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪيو. پير صاحب جولاءِ
1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ رهڻ شروع ڪيو. تاهم هن ڪانگريسي
اڳواڻن سان تعلق قائم رکيو. تاريخ 10 آڪٽوبر 1941ع
۾ پير صاحب ڪراچيءَ کي ڇڏي واپس اچي ڪيٽي خيرپور ۾
رهڻ لڳا. حڪومت، خيرپور جي رياست جي وزير سيد
اعجاز علي کي لکيو ته پير صاحب کي گرفتار ڪيو وڃي.
خيرپور جي وزير رياست جي پوليس ناظم سيد غلام رسول
شاهه کي حڪم ڪيو ته پيرصاحب کي گرفتار ڪيو وڃي.
سيد غلام رسول شاهه خانگي
ڊريس
۾ ٻين چئن ماڻهن سان گڏجي پير صاحب سان ملاقات ڪئي
۽ کين چيو ته رياست جو وزير هن سان ملڻ چاهي ٿو.
پير صاحب جڏهن خيرپور ۾ آيا ته کين گرفتار ڪيو
ويو. جڏهن اها خبر پير صاحب جي حرن کي پئي تڏهن
حرن رياست جي وزير اعجاز علي ۽ پوليس ناظم غلام
رسول شاهه کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. حرن پير صاحب
جي آزاديءَ لاءِ خيرپور ۾ ڌاڙا هڻڻ شروع ڪيا.
ڳوٺ لنواري تعلقي ميرواهه رياست خيرپور ۾
ڌاڙو لڳو. پير غلام رسول شاهه ناظم پوليس خيرپور
رياست، جاچ لاءِ ويو ته صبح جو سوير حرن مٿس حملو
ڪري قتل ڪيو. انهيءَ قتل ۾ حرن جا مک اڳواڻ ڦوٽو
چانگ، جڙيو خاصخيلي، الهه بچايو خاصخيلي، علي شير
خاصخيلي ۽ ٻيا شامل هئا.
پير صاحب کي آڪٽوبر 1941ع ۾ سي پي صوبي جي
جيل ۾ رکيوويو. پير صاحب جي قيد ٿيڻ شرط، حرن
پنهنجون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون. جيئن انگريز
مجبور ٿي ملڪ ڇڏي وڃن ۽ سنڌ ڌارين جي غلاميءَ کان
آزاد ٿي وڃي.
”تاريخ 16 مئي 1942ع
تي
منٽو خاصخيلي جي مهنداري هيٺ لاهور ميل ريل گاڏيءَ
کي اڏيرو لعل ۽ ٽنڊو آدم ريلوي اسٽيشن جي وچ تي
ڪيرايو ويو ۽ مسافرن کي ماريو ويو ۽ لٽيو ويو،
ساڳي وقت حرن گهوٽڪيءَ طرف ايڪسپريس گاڏيءَ کي،
ڇوڙ طرف بمبئي ميل ريل گاڏيءَ کي به ڪيرائڻ جي
ڪوشش ڪئي. نورو وساڻ جي مهنداري هيٺ کپري طرف
مسافرن جي لاري لٽي ۽ ساڙي ويئي.
حرن دهشتگردي واريون ڪارروايون انهي ڪري جاري
رکيون ته جيئن سرڪار امن امان قائم رکڻ ۾ ناڪام
ثابت ٿئي ۽ انگريز ملڪ ڇڏي هليا وڃن. جيڪي به
انگريزن جا حمايتي ۽ مددگار هئا تن کي قتل ڪيو
ويو، جهڙوڪ جئل شاهه (پير صاحب جو ڀائٽيو) اعظم
شاهه (پير صاحب جو سئوٽ) ابراهيم ڪوريءَ کي موري ۾
قتل ڪيو ويو. فتح علي شاهه (پير صاحب جو سئوٽ)
سندس نوڪر ۽ هڪ پوليس واري سميت سکر ۾ ماريو ويو.
تاريخ 1، جون 1943ع حڪومت مارشل لا جاري ڪيو. مسٽر
ايڇ.ٽي
لئمبرڪ کي مارشل لا جو ڪمشنر بنايو ويو ۽ مسٽر ينگ
کي پوليس ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. مارشل لا جا ڪيس
حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ مخفي طرح هلايا ويا. سانگهڙ
جي چئن ميلن تي پير صاحب جي گڻنگ
واري بنگلي تي بمباري ڪئي ويئي. پير ڳوٺ جي ڪوٽ کي
مشينن ذريعي تباهه ڪيو ويو.
پير صاحب پاڳاري تي برطانيا سرڪار جي خلاف
بغاوت ڪرڻ ۽ ٻين ڏوهن وارا ڪيس، حيدرآباد سينٽرل
جيل ۾ ملٽري ٽربيونل ۾ هلايا ويا. جنهن جو سربراهه
ميجر جنرل رچرڊ سن ۽ ٻيو ميمبر سول مئجسٽريٽ
ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هو.
ڪورٽ مارشل تحت پير صاحب کي موت جي سزا ڏني ويئي.
حرن کي ڪچلڻ لاءِ مارشل لا سان گڏ حر ايڪٽ
به نافذ ڪيو ويو، جنهن تحت حرن کي هڪ ڏوهه ڪرڻ
واري قوم ۾ شامل ڪيو ويو، جيئن مختلف وسيلن ذريعي
حرن جي وڌندڙ طاقت کي ختم ڪيو وڃي. انهن کي لوهي
تارن جي واڙن ۾ بند ڪري معاشي ۽ معاشرتي لحاظ کان
بلڪل تباهه ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي.
نوٽ: (سيد صبغت الله شاهه 1909ع ۾ پيدا ٿيو، 12
ورهين جي عمر ۾ سندس والد بزرگوار شاهه مردان شاهه
جي وفات (1920) کان پوءِ پير پاڳاره جي حيثيت سان
تخت نشين ٿيو. 20 مارچ 1943ع ۾ ملٽري ڪورٽ ۾ کيس
ڪرسيءَ تي ويهاري بجليءَ جي جهٽڪي ذريعي سزاءِ موت
تي عمل ڪيو ويو ۽ سندس جسم خاڪيءَ کي نامعلوم هنڌ
دفن ڪيو ويو.)
”حر ايڪٽ هڪ اهڙو قانون هو، جنهن مطابق حر
ايڪٽ سان تعلق رکندڙ عملدارن کي اختيار ڏنو ويو هو
ته، هو جڏهن به، ۽ جنهن به ماڻهوءَ کي چاهين، ته
ان کي سندس قصور ۽ گناهه ٻڌائڻ بغير گرفتار ڪري
سگهن ٿا.“
پوري سنڌ ۾ ملٽريءَ جو راڄ قائم ڪيو ويو. حرن کي
ختم ڪرڻ لاءِ هيٺين جاين تي فوجي عملو مقرر ڪيو
ويو.
هوائي فوج 12، اسڪئواڊرن جنهن ۾ 24 جهاز ۽
150 ماڻهن جو عملو، هوائي فوج جو مرڪز سکر ۾
رکيوويو. پيڊل فوج
(Infantry)
جو مرڪز حيدرآباد ۽ سکر ۾ رکيو ويو، جن ۾ 3، ڊويزن
فوج اٽڪل 60 هزار سپاهي هئا. موٽر ٽرانسپورٽ
(M.T.
Section)
۾ 14، اسڪئواڊرن ۾ ڇهه سئو لاريون هيون. هن فوج جو
هيڊڪوارٽر شهدادپور ۽ ڪيٽي ۾ رکيو ويو. ان کان
علاوه اٺ ۽ گهوڙي سوار ۾ چوويهه هزار ماڻهو هئا،
جن جو مرڪز منڍ جمڙائو لڳ سانگهڙ ۾ مقرر ڪيو ويو.
ملٽري پنهنجو آپريشن شروع ڪيو. پير صاحب جي مريدن
کي گرفتار ڪري، ڪورٽ مارشل ڪري مارشل لا تحت
سزائون ڏنيون ويون. فوج ايتري حد تائين وحشيانه
ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾، مکي جي علائقي ۾ سانگهڙ لڳ
ملٽري سڄي ڳوٺ کي گهيرو ڪري ويئي، بي سرو سامان
مجبور نوجوان عورتون، ملٽري جي وحشي حملي جو شڪار
ٿيون، ملٽري گهرن ۾ گهڙي پيئي ۽ مجبور و بيڪس
عورتن کي بندوقن جي سنگينن سان زخمي ڪيو ويو، سندن
لڄون لٽيون ويون، ڌرتيءَ جون باعصمت ڌيئرون پنهنجي
عصمت بچائيندي بيهوش ٿي ويون.
|