مولانا جمال ميان جي تقرير
مولانا جمال ميان هڪ پرجوش تقرير ڪئي، جنهن ساري
پنڊال تي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي. مولانا چيو ته مان
انهيءَ صوبي مان آيو آهيان، جتي ڪانگريس گورنمينٽ
جي زماني ۾ غازي مسلمانن کي فائرنگ ڪري خون جون
نديون وهايون ويون، مگر مون کي انهيءَ لاءِ
ڪانگريس دوستن کان شڪايت نه آهي، ڇاڪاڻ ته هنن کي
حڪومت ڪرڻ ئي نٿي اچي! هن وڌيڪ چيو ته مسلمان هڪ
شينهن جي مثل آهي. شينهن سواءِ ڇيڙڻ جي ڪنهن تي
حملو نه ڪندو آهي. اسان کي پنهنجي ڪانگريسي دوستن
جو شڪر گذار رهڻ گهرجي جن اسان جي ستل شينهن کي
گولي هڻي گهري ننڊ مان سجاڳ ڪيو ۽ ان جي منتشر
شيرازي کي ڪٺو ڪيو.
نواب لياقت علي خان جي تقرير
نواب لياقت علي خان سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ
پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مان به انهيءَ بدقسمت صوبي
جو باشندو آهيان، جيڪو ڪانگريسي حڪومت مسلمانن کي
پنهنجي مظالم جو آماجه گاه بنايو آهي. مان جيڪر
انهيءَ سلسلي ۾ گهڻو ڪجهه چوان مگر مون تي ايتريون
ذميداريون وڌيون ويون آهن جو مون کي مجبورن خاموش
رهي فقط هيترو چوڻو پوي ٿو ته، اسان جي لڙائي ڪا
هندن سان نه آهي پر هڪ جماعت سان آهي، جا پاڻ کي
انڊين نيشنل ڪانگريس سڏائي رهي آهي. ان سان سياسي
لڙائي آهي. هن نشست ۾ صدر صاحب جي پاران نواب محمد
مذمل الله خان مرحوم جي وفات تي تعزيتي ٺهراءُ پاس
ڪيو ويو. مرحوم جي قومي
۽
ملڪي خدمات جو اعتراف ڪيو ويو، ٺهراءُ پاس ٿيڻ بعد
مرحوم جي لاءِ دعاءِ مغفرت گهري ويئي، ٻي تجويز
پير عبدالستار جان سرهندي پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو
ته ”هي ڪانفرنس اسلام ۽ مسلمانن جي خيرخواهن کي
استدعا ٿي ڪري ته هو سڀ مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي وڃن.
هر ڳوٺ هر شهر ۾ مسلم ليگ جون شاخون کولين.
مسلمانن جا جيڪي نمائنده سنڌ اسيمبلي،
ميونسپاليٽين ۽ لوڪل بورڊن ۾ آهن، تن تي زور وڌو
وڃي ته هو مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي مسلم ليگ جي پروگرام
مطابق ڪم ڪن. مسلمانن کي اپيل ڪئي ويئي ته مسلم
دڪاندارن جي حوصله افزائي ڪن. بيروزگار مسلمانن کي
ڪم ۾ لڳائين انهن ۾ سياسي بيداري پيدا ڪن. اهو
ٺهراءُ اتفاق راءِ سان پاس ٿيو. ۽ ٻي نشست برخواست
ٿي.
سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جي ٽين نشست
تاريخ 10 آڪٽوبر شام جو ٽين نشست شروع ٿي، هن
نشست ۾ پير غلام محمد سرهندي فلسطين جي عرب
مسلمانن تي برطانيه جي مظالم متعلق هڪ ٺهراءُ پاس
ڪيو. جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته فلسطين ۾ يهودي
نواز پاليسيءَ کي ختم ڪيو وڃي ۽ تقسيم جي تجويزن
کي هڪدم رد ڪري عربن جو اعتماد حاصل ڪيو وڃي.
ناقابل برداشت مظالم، جيڪي مظلوم عربن تي ڪيا ويا
آهن تن تي نفرت جو اظهار ڪيو ويو. ٺهراءُ ۾ حڪومت
برطانيه کي چيو ويو ته جيڪڏهن برطانيه يهود نواز
حڪمت عملي بند نه ڪئي ته انهيءَ ڪري جيڪي نتيجا
نڪرندا تن جي ذميداري حڪومت تي رهندي ۽ هندستان جا
مسلمان پنهنجي عرب ڀائرن جي امداد لاءِ ڪنهن به
قرباني کان دريغ نه ڪندا. هن ٺهراءُ جي تائيد ڪندي
مولانا شوڪت علي صاحب هڪ حقيقت افروز تقرير ڪئي.
هن
پنهنجي تقرير ۾ چيو ته”منهنجو اڪثر تعلق اسلامي
دنيا سان رهيو آهي ۽ فلسطين سان منهنجي روحاني
پيوند آهي. اتي مان ڪيترائي دفعا ويو آهيان.“
مولانا صاحب فلسطين جي مظالم جا چشم ديد واقعا
بيان ڪيا. هن چيو ته اهي ڏينهن پري نه آهن جنهن
ڏينهن فلسطين جا عرب آزاد ٿيندا ۽ حڪومت برطانيه
کي مجبور ٿي پنهنجي حڪمت عملي کان دستبردار ٿيڻو
پوندو. هن ٺهراءُ کي حاضرين الله اڪبر جي نعرن سان
پاس ڪيو. ان کان پوءِ ڪانفرنس جي ٽين نشست برخواست
ٿي.
ڪانفرنس جي چوٿين نشست
رات
جو نوين بجه چوٿين نشست زير صدارت قائداعظم محمد
علي جناح جي شروع ٿي. پهرئين تجويز سکر بيراج
متعلق پيش ٿي ته هند گورنمينٽ جو جيڪو قرض آهي، ان
جي متعلق محمد هاشم گزدر صاحب انگن اکرن سان ثابت
ڪري ڏيکاريو ته سنڌ جي ايتري اپت مس آهي جا
ماهواري قرض ۾ ڏجي ته رڳو وياج ادا ٿي نٿو سگهي،
سرڪار جو ٺهراءُ آهي ته 1942ع کان 75 لک روپيا مور
به ڏنا ويندا. مان سمجهي نٿو سگهان ته ڪهڙي طرح
سان ادائگي ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي ماڻهن جي اها حالت
آهي جو هو نان شبينه جا محتاج آهن. غريب ته بجاءِ
خود پر سفيد پوش زميندار به گذران لاءِ حيران آهن.
انهن تي ڪنهن به صورت ۾ ٽيڪس
وڌائي
نٿي سگهجي. پر جي کڻي حالتن جي سڌري بعد کڻي ٽيڪس
وڌائجي به ته اها سموري ڪيل ٺهراءُ موجب سرڪار
ئي کڻي ويندي. اسان اهڙا جا اهڙا! اهڙين حالتن هيٺ
اسان ڪهڙي طرح سنڌ جي عوام جي صحت، تعليم ۽ ٻين
ضروري ڪمن تي ڌيان ڏيئي سگهنداسون. مسٽر گذدر
وڌيڪ چيو ته وڏيون وڏيون حڪومتون مالي مشڪلات وقت
قرض ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿيون. اسان جي سامهون خود
برطانيه جنگ عظيم جي وقت آمريڪا کان کنيل قرض جو
انڪار ڪيو، انهيءَ عذر تي اسان کي پبلڪ جي ترقيءَ
لاءِ پيسي جي ضرورت آهي، ڌارين جي حملي کان بچاءُ
لاءِ هٿيارن وغيره لاءِ پيسو کپي، انهيءَ ڪري اسان
تيستائين قرض ڏيئي ڪونه سگهنداسون، جيستائين
پنهنجو پورائو ڪريون. انهيءَ ڪري اسان جي مجبورين
کي مد نظر رکي گورنمينٽ هند کي انهيءَ سلسلي ۾
تحقيقاتي ڪاميٽي مقرر ڪرڻ گهرجي. جا اهڙو حل ڳولي
ڪڍي، جئن اسان جي ترقيءَ لاءِ اسان وٽ ڪو پيسو بچي
سگهي ۽ گورنمينٽ سنڌ کي گهرجي ته جيستائين انهيءَ
لاءِ ڪو جائز فيصلو ٿئي تيستائين انهن پيسن ڏيڻ
لاءِ انڪار ڪري.
انهيءَ ٺهراءَ جي خانبهادر کهڙي ۽ سر حاجي عبدالله
هارون تائيد ڪئي. ٺهراءُ اتفاق راءِ سان پاس ٿيو.
ان بعد نهايت اهم ضروري ٺهراءُ جنهن کي ڪانفرنس جي
جان چيو وڃي ٿو اهو شيخ عبدالمجيد سنڌي جي طرفان
پيش ڪيو ويو.
1938ع ڪراچي ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس جو
پاس ڪيل ٺهراءُ
جڏهن
ته انڊين نيشنل ڪانگريس جو هندو مسلم مسئلي جي
باري ۾، آل انڊيا مسلم ليگ سان ڳالهين ڪرڻ کان
انڪار ظاهر ڪري رهيو آهي ته ڪانگريس جي نيت اها
آهي ته، مسلمان قوم کي حصن جزن ۾ ورهائي، مٿن راڄ
مسلط ڪري، ۽ ساڳئي وقت هندستان جي اقليتن جي مسئلي
کي به سلجهائڻ بدران هميشہ لاءِ منجهائي ڇڏي.
حالانڪ مسلم ليگ گذريل پندرهن سالن کان ان سلسلي ۾
ڪوشش پئي ڪندي رهي آهي.
جڏهن
ته ڪانگريس، پئسي ۽ اخبارن جي زور تي سڌيءَ طرح
مسلمانن کي گمراه ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڏني، هر طرف
مسلمان قوم جي ٻڌي ٽٽي ۽ ٻئي طرف دنيا تي اثر پوي
ته ڪانگريس خود هندستان جي سڀني قومن جي نمائنده
جماعت آهي......
جڏهن
ته هندو راڄ قائم ڪرڻ جي نيت سان ڪانگريس صوبن ۾
اهڙيون وزارتون ٺاهيون آهن، جن ۾ يا ته مورڳو ڪنهن
مسلمان کي شامل نه ڪيو اٿائين، يا جيڪڏهن ڪو
مسلمان وزير کنيو به اٿائين ته اهڙو، جنهن کي
پنهنجي مسلمان قوم ۾ ڪو به نمائندگي جو مقام حاصل
نه آهي. حالانڪ وزارتن قائم ڪرڻ جو اهو طريقو
گورنمينٽ آف انڊيا جي آئيني سڌارن واري ايڪٽ خواه
جاري ڪيل هدايت نامي جي روح ۽ لفظن جي ابتڙ
آهي......
جڏهن
ته ان طريقي سان قائم ڪيل صوبائي وزارتن اهڙي طرح
سان راڄ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، جئن مسلمانن ۾ خوف ۽
هراس پيدا ڪري، سندن حوصلو برباد ڪري ڇڏين،
مسلمانن جي تعميري ثقافتي اثرن کي ختم ڪري ڇڏين،
مسلمانن جي مذهبي رسم و رواج ۽ سندن زميندارين کي
ميساري ڇڏين ۽ سندن حقن کي پامال ڪري ڇڏين......
جڏهن
ته جمهوريت جي تسليم شده اصولن جي ابتڙ ڪانگريس جي
اها ڪوشش آهي ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي،
تن صوبن ۾ به مسلمانن جي سياسي قوت کي اڀرڻ نه ڏجي
۽ ان مقصد سان ڪانگريس انهن صوبن ۾ به اهڙن گروپن
کي طاقت ۾ آڻي رهي آهي، جن گروپن کي مسلمان جو
اعتماد حاصل نه آهي.....
جڏهن ته ڪانگريس پنهنجي مرڪزي هاءِ ڪمانڊ جي نالي
۾ ۽ ان جي ذريعي صوبائي وزارتن مٿان پنهنجو اختيار
ڄمائي رکيو آهي، جيڪو طريقو صرف فاشزم ۽ آمريت ۾
مروج رهي ٿو ۽ جنهن طريقه ڪار جو نتيجو هينئر هي
نڪري رهيو آهي، جو پارلياماني رسم و رواج ۽ آئيني
روايتن کي اڀرڻ جو موقعو ڪونه ملي رهيو آهي،
مسلمانن جي حق تلفي ٿي رهي آهي، ۽ کين سندن جائز
حصي حاصل ڪرڻ کان به محروم رهڻو پيو آهي ۽ ان
اپرانڌ، صوبائي وزارتن کي مسلمانن جي حقوق ۽ مفاد
جي مد نظر سان از سرنو تشڪيل ڪرڻ کان به صاف انڪار
ٿي چڪو آهي.
جڏهن
ته ڪانگريس هي فيصلا ڪري چڪي آهي ته ؛
(الف) مسلمانن جي سخت اعتراض جي باوجود ”وديا
مندر“ اسڪيم کي رائج ڪيو وڃي.
(ب)
بندي ماترم جي گاني کي قومي تراني جي حيثيت ڏيئي،
مسلمانن تي به مڙهيو وڃي، حالانڪ ان گاني جي ڪري
مسلمانن جا جذبات مجروح ٿين ٿا. منجهس بت پرستيءَ
جا جزا موجود آهن ۽ ان جي ڪري مسلمانن جي خلاف
نفرت جو ٻج پوي ٿو.
(ج)
هندي ۽ ديوناگري رسم الخط کي هندستان جو قومي رسم
الخط متعين ڪيو وڃي. حالانڪ مسلمانن ان تجويز جي
سخت مخالفت ڪئي آهي، ڇو ته ان جي ذريعي هندو مذهب
جي خيالن ۽ هندو فلسفي ۽ ڪلچر جو ٻج انساني دماغن
۾ پوکجي ٿو ۽ هندستان مٿان برهمڻ ڪلچر جي مسلط ٿيڻ
جو امڪان روشن ٿئي ٿو.
(د) هندو اڪثريت جي زور تي لوڪل باڊيز ۾ گڏيل
چونڊون ڪرايون وڃن، جئن مسلمانن کي صحيح نمائندگي
حاصل ڪرڻ جو وجهه نه ملي.
(هه) اردو اسڪول بند ڪيا وڃن ۽ اردو تعليم جي
حوصله افزائي نه ڪئي وڃي، جئن هندستان مان اردو جو
نانءُ نشان مٽجي وڃي.
(و) تقرير ۽ جائز سياسي ڪاروبار جي آزاديءَ کي ان
بهاني سان بند ڪيو وڃي ته ”لاائنڊ آرڊر“ قانون ۽
امن عامه لاءِ خطرو پيدا ٿي رهيو آهي.
(ز)
مسلمانن جي مذهبي آزادي ۽ رسمن ۾ رڪاوٽ وڌي وڃي،
ڏاڍ ۽ هٿيارن جي مدد سان.....
جڏهن
ته هندستان جي هندو اڪثريت هزارن سالن
کان
ڇوت
ڇات جي رسم تي ڪاربند رهي آهي، جيڪا رسم قوميت،
انساني مساوات ۽ جمهوريت جي انهن جملي اصولن جي
ابتڙ آهي،
جيڪي اصول باقي ساري دنيا اڳ ۾ ئي اختيار ڪري چڪي
آهي يا انهن لاءِ واجهائي رهي آهي، ۽ جنهن رسم
رستي اڄ هندستان جا ڪروڙين انسان اقتصادي ۽
اجتماعي طرح عدم مساوات جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽
دوامي غلاميءَ جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.... ۽
جڏهن ته هندستان اندر واحد متحد قوميت جو اسرڻ ۽
اڀرڻ ناممڪن بنجي چڪو آهي ۽ جنهن جا ڪارڻ هي آهن
ته، هندو اڪثريت جي پراڻي ڇوت ڇات واري ذهنيت اڃا
قائم آهي. اها هندو اڪثريت مسلمان قوم جي بدخواه
ثابت ٿي چڪي آهي ۽ علاوه
ازين
منجهن مذهب زبان، رسم الخط، ڪلچر، تمدني روايات،
نظرياتي لاڙن ۽ زندگي جي مقصدن ۾ بنيادي فرق
آهي.....
”
تنهنڪري هي ڪانفرنس ضروري سمجهي ٿي ته برصغير ۾
دائمي امن، تمدني، ارتقا، اقتصادي تعمير ۽ بهتري ۽
وڏين ٻن قومن کي حق خودارادي ڏيارڻ خاطر آل انڊيا
مسلم ليگ کي سفارش ڪجي ٿي ته هو هن ڳالهه تي ازسر
نو غور ڪري ته هندستان لاءِ ڪهڙو آئين مناسب
ٿيندو، جنهن جي ذريعي انهن ٻنهي قومن کي پنهنجو
پنهنجو صحيح مقام ميسر ٿي سگهندو، ۽ پنهنجي مٿي
اهڙي آئيني رٿا تيار ڪري، جنهن هيٺ مسلمان قوم
ڪامل مڪمل آزادي حاصل ڪري سگهي....
وڌيڪ
هي ڪانفرنس آل انڊيا گڏيل وفاق کي نامنظور ڪري ٿي
۽ حڪومت برطانيه کان مطالبو ڪري ٿي ته هوءَ ان
ايڪٽ کي عمل ۾ آڻڻ کان پاڻ کي روڪي. ڇو ته ان ايڪٽ
۾ ڏنل رٿا، هندستان جي عوام لاءِ باالعموم ۽
هندستان جي مسلمانن لاءِ باالخصوص نقصانده آهي....
آخر
۾ هي ڪانفرنس اعلان ڪري ٿي ته هندستان جا مسلمان
اهڙو ڪو به آئين قبول نه ڪندا، بشرطيڪه ان جو
بنياد هن ٺهراءُ ۾ مٿي ڄاڻايل اصولن تي رکيل هجي ۽
مسلم ليگ جي مشوري ۽ ان جي منظوري سان تيار ڪيل
هجي.
ٺهراءُ پيش ڪندڙ:- شيخ عبدالمجيد سنڌي ايم.ايل.اي
(سنڌ)
تيار ڪندڙ:- خانبهادر مشتاق احمد گرماني،
ايم.ايل.اي (پنجاب)
تائيد ڪندڙ:- سر حاجي عبدالله هارون، ايم.ايل.اي
(سي. پي)
مولانا عبدالحامد بدايوني (يو- پي)
ڪانگريس کان نفرت پيدا ڪرڻ ۽ مسلمانن جون همدرديون
حاصل ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ جي پروپيگنڊه هئي. عليحدگي
۽ جدا قوم جو تصور، مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ
لاءِ مسلم ليگ جي ڪانفرنس ۾ هي پهرئين قرارداد
هئي. هن قرارداد کي مد نظر رکي، ٻين مسلم ليگ جي
اجلاسن ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا، بنيادي ۽ اصلي
قرارداد ڪراچيءَ جي قرارداد کي چئي سگهجي ٿو. مسلم
ليگ جي ڪنهن به اجلاس ۾ اهڙي جرئت ڪنهن به اڳواڻ
ڪانه ڪئي، جهڙي دليريءَ سان شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
ڪانگريس کي دڙڪو ڏيئي ڏني هئي. مسلمانن جي الڳ وطن
قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ مان شروعات ٿي. سنڌ جي سر زمين
تان ئي پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ پيڙه جو پٿر رکيو
ويو هو.
ڪانفرنس جي ختم ٿيڻ بعد، سنڌ جي مسلمان اڳواڻن ۽
اسيمبلي ميمبرن سان، قائداعظم صلاح مشورا شروع
ڪيا. شيخ عبدالمجيد سنڌي، حاجي عبدالله هارون،
جي.ايم.سيد ۽ غلام حسين هدايت الله جي ڪوشش سان،
سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ ۾ قائداعظم کي ڪاميابي
حاصل ٿي، پر انهيءَ لاءِ ضروري هو ته سنڌ اسيمبلي
اندر مسلمان ميمبرن کي مسلم ليگ جي پليٽ فارم تي
گڏ ڪجي، جيڪي پنهنجن محدود سياسي پارٽين وسيلي سنڌ
اسيمبلي اندر ننڍن ننڍن گروپن جي شڪل ۾ هئا.
انهيءَ لاءِ ضروري هو ته صوبائي سطح تي جيڪي سياسي
جماعتون هيون، تن کي ختم ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ڪجي.
پر هر ڪنهن پاڻ کي مسلم ليگ پارٽيءَ جي اڳواڻيءَ
لاءِ پيش ٿي ڪيو. انهيءَ گهوٽالي کي ختم ڪرڻ لاءِ
ضروري هو ته سڀني جي رضامنديءَ سان چونڊ ڪجي، جنهن
کي سڀني اسيمبلي ميمبرن جي حمايت حاصل هجي.
ٺهراءُ پاس ڪرڻ کان
پوءِ
شيخ عبدالمجيد پنهنجي تقرير ۾ چيو ته وزير پوري
طرح قوم جا خير خواه نه آهن ۽ ڪو به ڀلائي وارو ڪم
نه ڪيو آهي. هن وزيرن تي ملامت واري تجويز جي
تائيد ڪندي شيخ صاحب چيو ته، هن تجويز جي ٻين فقرن
کي ڇڏي فقط پهرئين فقري لاءِ عرض ڪرڻ گهران ٿو،
جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته موجوده وزارت تي
مسلمانن جو اعتماد ڪونه آهي. هي تجويز، ظاهر ۾
موجوده وزارت جي خلاف آهي، مگر اصل ۾ انهي جو خاص
تعلق ڪانگريس سان آهي. اهڙي ساڳي تجويز اوهان
ڪالهه رات پاس ڪري چڪا آهيو، جنهن موجب اوهان
ڪانگريس جي اڄ ڪلهه جي مسلم دشمنيءَ جي مذمت ڪئي
آهي. ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ پنهنجي موجوده پاليسيءَ
کان ڪڏهن به باز نه ايندي. ڪانگريس هندستان ۾ عام
طرح ۽ سنڌ ۾ خاص طرح جو ڪجهه ڪري رهي آهي، انهيءَ
ڪري سنڌ جي مسلمانن جو مٿس ڪو به اعتماد نه رهيو
آهي، مسلمان آزادي گهري ٿو ۽ آزاد هندستان باعزت
رهڻ چاهي ٿو؛ مگر ڪانگريس فيصلو ڪيو آهي ته هو
مسلمانن سان ڪو به باعزت سمجهوتو نه ڪندي! انهيءَ
مان ثابت آهي ته هندستان جي آزادي جي دشمن،
ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ آهي.گانڌيءَ جي 1921ع ۾
هندستانين کي دلاسو ڏنو ته، هڪ سال اندر هندستان
کي سوراجه وٺي ڏيندس. ليڪن ويهه سال گذري ويا اڃان
ٿو سوراج ملي!، اڄ به ڪانگريس جيڪڏهن نو ڪروڙ
مسلمانن جي قائداعظم مسٽر محمد علي جناح سان باعزت
سمجهوتو ڪري ته هڪ سال به نه پر ڇهن مهينن اندر
هندستان آزاديءَ جي نعمت حاصل ڪري سگهي ٿو. مگر
ڪانگريس هندستان ۾ انگريزن جي اقتدار جي خواهشمند
آهي. هن جو انگريزن جي بندوقن، توبن ۽ مشين گنن تي
ڀروسو آهي. هو ڪڏهن به نٿي چاهي ته هندستان آزاد
هجي! ڇاڪاڻ ته هو مسلمانن کان ڊڄي رهي آهي،
انهيءَ ڪري هو هر وقت شرارتون ڪندي رهي ٿي.
ڪانگريس جو هينئر ڪوئي اصول ڪونه رهيو آهي. هنيئر
ٿورو وقت ٿيو ته ڪانگريس اعلان ڪيو ته، هو سنڌ جي
موجوده وزارت جي معاملي ۾ ڪا به مداخلت ڪانه ڪندي.
اڄ جڏهن سڀ مسلمان ميمبر متفق ٿي ويا آهن ۽ هو
مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺان اچي مسلم ليگ جي وزارت
قائم ڪرڻ گهرن ٿا ته تارن ۽ ٽيليفونن جي ذريعي گهٽ
تنقيد ٿي رهي آهي؟ فقط انهيءَ
لاءِ
ته
مسلمانن جو منتشر شيرازو متحد نه ٿئي ۽ نه هو
پنهنجي
لاءِ
جائز
فائدو حاصل ڪن! مگر مون کي منهنجي خدا ۾ ايمان
آهي ۽ پنهنجي قوم ۾ ڀروسو آهي ته هو هينئر انهيءَ
چالاڪيءَ ۾ نه ايندي. سنڌ جا ٽيهه لک مسلمان مون
سان آهن، ڪانگريس ڇا؛ خانبهادر ڇا؛ هو سڀني جي
گردن ٽوڙي سگهن ٿا ۽ وزارت جو خاتمو ڪري سگهن ٿا.
مان وري به پنهنجي مسلم وزيرن کي موقعو ٿو ڏيان ته
اڄ به هوش جي راه تي اچن ۽ وقت جي نزاڪت کي محسوس
ڪندي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺان اچي، ليگ جي پروگرام
کي سامهون رکي، پبلڪ جي خدمت ڪن. اسان مسلمان
وزيرن ۽ باقي ميمبرن کي پاڻ سان ملائڻ گهرون ٿا،
سر حاجي عبدالله هارون يا ٻين صاحبن سان انهيءَ
ڳالهه ۾ متفق نه آهيان ته ڪو سنڌ جدا ٿيڻ ڪري
مسلمانن کي نقصان سهڻو پيو آهي. جي کڻي سهڻو پيو
آهي ته اهو عارضي آهي ۽ انشاءَ الله، جو فائدو
ٿيندو سو مستقل ٿيندو، هينئر اهڙو وقت نه آهي ته
”جهڙو راجا تهڙي پرجا“ پر هن وقت جهڙي پرجا اهڙو
راجا هوندو. هينئر سنڌ جا مسلمان بيدار آهن ۽
انشاءَ الله هو ميدان ۾ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌندا
رهندا.
سيد غلام مرتضى شاهه
(جي.ايم.سيد)
جي تقرير
هن
صاحب چيو ته، ”پيش ڪيل تجويز تي منهنجي دوستن ڪافي
روشني وڌي آهي، هي وزارت گذريل مارچ مهيني وجود ۾
آئي ۽ اڄ ڏينهن تائين قائم آهي. آءُ به هنن جو
مددگار هوس، هينئر مخالف آهيان! ان جو ڪارڻ هنن
جي دانشمندي يا هنن جي بيوقوفي آهي! هو هڪ دوست
نما دشمن آهن. هو نه رڳو دوستن کي دشمن بنائين ٿا
پر ملڪ جو به نقصان ڪن ٿا. مان ڪانگريس ۾ هئس ۽
مون کان جيڪي ٿي سگهيو سو انهيءَ پليٽ فارم تان
ڪيم، ڪانگريس جي جماعت کي سنڌ ۾ بدنام ڪرڻ سنڌ جي
مسلمانن جي دلين مان انهيءَ جي عزت وڃائڻ لاءِ
موجوده وزير جوابدار آهن. مسلمانن جي دلين م جيڪا،
ڪانگريس جي محبت هئي سا هو وڃائي چڪا آهن. جيڪڏهن
ڪانگريس اڃان به خبردار نه رهي ته انهن وزيرن جي
ئي بدولت سندس وقار سنڌ مان آخرين طور مٽجي ويندو.
ٻي طرف مان پنهنجي هندو دوستن کي عرض ڪرڻ گهران ٿو
ته جنهن جماعت سان مون کي هميشہ پيار رهيو آهي ۽
خود مسلمان مون کي هندو نواز يا هندن جو روادار
وغيره نالن سان منسوب ڪن ٿا، مان پنهنجن دوستن کي
يقين سان چوان ٿو ته وزير اوهان کي غلط نموني
برغلائي رهيا آهن! اوهان کي دوست دشمن جي تميز رکڻ
گهرجي، سنڌ ۾ مسلمان هندن جا تعلقات قديم زماني
کان چڱا رهيا آهن، مگر هينئر هندو وزيرن جي مٿين
ڳالهين تي لڳي، جو ڪجهه ڪري رهيا آهن، انهيءَ مان
هو مسلمانن کي اشتعال ڏياري تعلقاتن کي خراب ڪري
رهيا آهن. جيڪڏهن هندو صاحب ترت غور ڪري هنن جي
فريب کان پاڻ کي نه بچائيندا ته هو عظيم غلطي
ڪندا. وزير ته پنهنجي وزارت کي قائم رکڻ لاءِ ڪڏهن
هندن کي پاڻ سان ملائن ٿا، ڪڏهن مسلمانن اڳيان سر
جهڪائين ٿا ته ڪڏهن ڪانگريس جي چائنٺ چمن ٿا. مگر
سنڌ جا ماڻهو هاڻي سجاڳ آهن جو سندن انهيءَ
چالبازين کي پوريءَ طرح سڃاڻي ويا آهن مون کي خوف
آهي ته هو نه فقط سنڌ جي پر هندستان جي مسلمانن جي
متفقه راءِ جي خلاف رهندا ته ان جو نتيجو ضرور
خراب نڪرندو. انهيءَ ڪري آءُ عام پبلڪ کي عام طرح
۽ سنڌ جي هندو صاحبن کي خاص طرح اپيل ڪندس ته هو
وري غور ڪن ۽ پنهنجي رويه کي بدلائن. سنڌ ۽
هندستان جا مسلمان بي غيرت نه آهن، انهن جي غيرت
ايمانيءَ کي نه گورنر روڪي سگهي ٿو نه وزير! خدا
نخواسته جيڪڏهن انهيءَ ڪري ڪا به بدامني پيدا ٿي
ته ان جي سموري ذميواري انهن تي پوندي جي اڄ
پنهنجن مطالبن لاءِ دنيا کي فريب ڏيئي رهيا آهن.
مير ايوب خان جي تقرير
مير
صاحب تجويز جي تائيد ڪندي چيو ته وزارت خاص ذاتي
غرضن جي ڪرسيءَ کي چنبڙي پيئي آهي.ظاهر دنيا کي
اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ چون ٿا ته اسان پنج سو روپيا
پگهار کڻي قرباني ڪئي آهي. مگر جيڪڏهن سندن موٽرن،
بنگلن ۽ ٻين خرچن جو تفصيل ٿو ڏجي ته هزارن تائين
وڃيو پهچجي.
ڀلا!
جي هڪ رواجي نموني سان انهيءَ اعلى پوزيشن سان
رهندا، سو سولائي سان ڪرسي ڪونه ڇڏيندا. جيڪڏهن
هنن ۾ ايمانداري ۽ سچائي آهي ته هو عام راءِ کي
ڏسي يڪدم پنهنجون ڪرسيون خالي ڪن يا پاڻ کي محبوب
ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
خان فقيرا خان آف ائبٽ آباد جي تقرير
خان
فقيرا خان تجويزن جي تائيد ڪئي ۽ چيائين ته مولانا
محمد علي جهڙي شوڪت اسلام، شوڪت علي جهڙو
عزم، غازي عبدالقيوم ۽ غازي علم الدين جهڙو
جذبو
۽ ايمان پاڻ م پيدا ڪريو، رڳو ڪاغذي ٺهراءُ پاس
ڪرڻ مان ڪجهه ڪونه ورندو. ڪمال جو وقت آهي، تاش جو
مثال ڏيندي چيائين ته جهڙيءَ طرح يڪو بادشاه کي
ماري رکي ٿو اهڙي طرح اوهان اتفاق ۽ اتحاد وسيلي
وزارت ته ڇا پر سلطنتن جا رخ بدلائي سگهو ٿا.
آڪٽوبر 1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪراچيءَ جي ڪانفرنس ۾
ٻين صوبن جا ليڊر به آيل هئا. قائداعظم جي مشوري
سان سنڌ مسلم ليگ جو بنياد رکيو ويو ۽ مسلم ليگ جي
ٻيهر تنظيم عمل ۾ آئي.
قائداعظم سنڌ جي مسلمان اڳواڻن سان صلاح مشوري بعد
1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ڪانفرنس دوران ”سنڌ مسلم
ليگ پارٽيءَ جو بنياد رکيو. سڀني مسلمان اسيمبلي
ميمبرن کي چيو ويو ته هو مسلم ليگ ۾ شامل ٿين. سنڌ
صوبائي مسلم ليگ جا هيٺيان عهديدار نامزد ڪيا ويا.
صدر:
حاجي عبدالله هارون
نائب
صدر: پير غلام مجدد جان سرهندي
جنرل
سيڪريٽري: شيخ عبدالمجيد سنڌي
جوائنٽ سيڪريٽري: پير علي محمد راشدي
جوائنٽ سيڪريٽري: آغا غلام نبي پٺاڻ
خزانچي: غلام حسين هدايت الله
سنڌ مان هيٺيان ميمبر آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل تي نامزد
ڪيا ويا.
ڪراچي:
پير
غلام حيدر شاه، سيد مهر علي شاه (سجاول) غلام حسين
هدايت الله، مولوي ضياءُ الله، حاجي نظر الدين
(ايڊيٽر روزانه حيات ڪراچي) مولوي ظهور الحسن درس،
محمد هاشم گذدر، شيخ عبدالمجيد سنڌي.
حيدرآباد:
حاجي
عبدالستار جان سرهندي، غلام مصطفى ڀرڳڙي، بابو
جلال الدين، مير بنده علي ۽ شيخ نور محمد.
ميرپورخاص:
عبدالغفار خان (پليڊر)
نواب
شاه:
سيد
حسين بخش شاه( سڪرنڊ) سيد خير شاه، سيد نور محمد
شاه (ڀريا)
دادو:
سيد
علي محمد شاه راشدي ۽ جي، ايم سيد.
لاڙڪاڻو:
قاضي
فضل الله، محمد ايوب کهڙو ۽ غلام محمد خان اسراڻ.
سکر:
شيخ
واجد علي (شڪارپور) غلام نبي پٺاڻ (سلطان ڪوٽ) آغا
نظر علي خان (ايڊيٽر سنڌ زميندار جيڪب آباد) شيخ
عبدالحڪيم.
سنڌ اسيمبلي ۽ عهدنامون
تاريخ 8، آڪٽوبر 1938ع ڪراچيءَ ۾ قائداعظم محمد
علي جناح جي صدارت ۾ هڪ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ الهه بخش
سومرو، غلام حسين هدايت الله، مير بنده علي ٽالپر،
حاجي عبدالله هارون ۽ جي، ايم سيد شريڪ ٿيا.
”هن ميٽنگ ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو بنياد رکيو
ويو. جنهن جو صدر حاجي عبدالله هارون کي بنايو
ويو. سنڌ جي مسلمان صوبائي اسيمبليءَ جي ميمبرن کي
چيو ويو ته هو مسلم ليگ ۾ شامل ٿين. ”جڏهن سنڌ
صوبائي مسلم ليگ جي تنظيم ڪئي ويئي، تڏهن سنڌ مسلم
ليگ جي صدر حاجي عبدالله هارون، الهه بخش سومري کي
چيو ته هو مسلم ليگ ۾ شامل ٿئي، مگر الهه بخش
سومري جواب ڏنو ته هو مسلم ليگ ۾ انهيءَ شرط تي
شامل ٿيندو ته هي سنڌ جو وزيراعظم رهندو.
الهه بخش سومرو
سنڌ جو وزيراعظم هو، اسيمبلي جي ميمبرن جي اڪثريت
ساڻس وفادار هئي، هندستان جي ٻين مسلمان ليڊرن ۽
جناح صاحب جڏهن اسيمبلي ميمبرن کي گذارش ڪئي ته هو
مسلم ليگ ۾ شامل ٿي مسلم ليگ کي طاقتور بنائين
جيڪا مسلمانن جي حقن لاءِ تحريڪ هلائي رهي آهي؛
جيڪڏهن مسلمان ميمبر مسلم ليگ ۾ شامل پيا ٿين ته
مسلم ليگ جو اڳواڻ وزارت ٺاهي پئي سگهيو! سنڌ جا
ڪجهه ليڊر الهه بخش سومري کي وزير اعظم ٿيڻ نه ٿي
پسند ڪيو: قائداعظم جي صدارت ۾ فيصلو ڪيو ويو هو
ته سنڌ اسيمبلي جا مسلمان ميمبر مسلم ليگ ۾ شامل
ٿي پنهنجو ليڊر چونڊين ۽ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ
جو ليڊر وزارت بنائي. جيڪڏهن مسلم ليگ اسيمبلي
پارٽي پنهنجو ليڊر نٿي چونڊي سگهي ته پوءِ اهڙي
صورت ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر کي اختيار هوندو
ته هو ڪنهن به ميمبر کي سنڌ مسلم ليگ اسيمبلي
پارٽي جو ليڊر نامزد ڪري!
سنڌ
جا مسلمان ليڊر مختلف گروپن ۾ ورهائجي ويا. هرگروپ
جي اڳواڻ پاڻ کي وزيراعظم بنائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي؛
سڀني ايئن ٿي چاهيو ته جيڪڏهن کيس مسلم ليگ جو
اڳواڻ نه بنايو ويندو ته هو مسلم ليگ جماعت ڇڏي
ويندو. سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت ٺاهڻ لاءِ ڪوششون
آل انڊيا تي ٿي رهيون هيون. جناح چاهيو ٿي ته ڪنهن
به طريقي سان سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت قائم ٿئي!
جئن مسلم ليگ جي تنظيم کي وڌائي سگهجي.
قائداعظم سنڌ جي مسلمان ليڊرن کي صلاح ڏني ته هو
پنجاب جي وزيراعظم سر سڪندر حيات ۽ بنگال جي
وزيراعظم مولوي فضل الحق سان مشورو ڪري، مسلم ليگ
اسيمبلي پارٽي جو اڳواڻ چونڊين. مٿين ليڊرن، سنڌ
جي ليڊرن سان صلاح مشوره ڪرڻ بعد هڪ ٺاه تي
صحيحيون ڪيون ان عهدنامي تي صحيح ڪندڙن ۾ هيٺيان
ليڊر هئا؛ الهه بخش سومرو، پير الاهي بخش، غلام
حسين هدايت الله، مير بنده علي ٽالپر، جي.ايم.سيد
۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي. عهدنامون هيٺين ريت هو.
سنڌ
اسيمبليءَ جا مسلمان ميمبر هڪ مستقل سياسي پارٽي،
”سنڌ مسلم ليگ“ جي نالي سان ٺاهيندا. مسلم ليگ
پارٽيءَ جي ميمبرن عهدنامي تي صحيح ڪئي ته هو مسلم
ليگ جي پاليسي ۽ پروگرام سان هلڻ لاءِ ٻڌل رهندا.
اهو نهايت ضروري آهي ته موجوده وزارت استعيفى ڏيئي
۽ مسلم ليگ پارٽيءَ جو اڳواڻ وزارت بنائي. اهي
مسلمان ميمبر جن مسلم ليگ ۾ شموليت نه ڪئي آهي ۽
شامل ٿيڻ ٿا چاهين، انهن جي 13، آڪٽوبر 1938ع تي
ميٽنگ سڏائي وڃي. ميمبرن ڏانهن دعوت ناما موڪليا
ويا، اهو ڪم وزيراعظم الهه بخش ۽ پير الاهي بخش
ڪندا ته هو انهن ميمبرن کي ميٽنگ ۾ گهرائين.
عهدنامي ۾ چيو ويو ته، مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي
پنهنجو اڳواڻ اڪثريتي ووٽ ذريعي منتخب ڪندي.
جيڪڏهن اڳواڻ چونڊجي نه سگهيو ته اهڙي صورت ۾ آل
انڊيا مسلم ليگ جو صدر پارٽيءَ جو ليڊر نامزد
ڪندو. وزيرن جا نالا پارٽي تجويز ڪندي، ٻيءَ صورت
۾ قائداعظم محمد علي جناح ۽ پارٽيءَ جو ليڊر هڪ
صلاح سان گورنر کي وزيرن جا نالا پيش ڪندا، بئراج
واري زمين جي سوال جو فيصلو پنجاب جو وزيراعظم
سڪندر حيات ڪندو؛ جيڪو 12، آڪٽوبر 1938ع واري
مسلم ليگ پارٽيءَ جي اجلاس ۾ پنهنجو فيصلو ظاهر
ڪندو. مسلم ليگ پارٽي سڪندر حيات جي فيصلي کي قبول
ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهندي. هن
عهدنامي موجب، الهه بخش ۽ پير الاهي بخش اسيمبلي
ميمبرن کي تارون موڪليون، اجلاس ۾ گهڻا ميمبر حاضر
ٿيا ۽ اُهي ميمبر جيڪي پاڻ اجلاس ۾ اچي نه
سگهيا،تن اجلاس کي آگاه ڪيو ته اجلاس جو ڪيل فيصلو
انهن کي قبول آهي.“
تاريخ 12 آڪٽوبر مسلم ليگ جو اجلاس منعقد ٿيو، هن
ميٽنگ ۾ الهه بخش جو اهو ئي ساڳيو شرط هو ته هن کي
مسلم ليگ پارٽيءَ جو اڳواڻ چونڊيو ويندو ۽ هي
وزيراعظم جي عهدي تي برقرار رهندو! ميمبرن جي
اڪثريت هن جو اهو شرط قبول نه ڪيو، جيتوڻيڪ هن جي
گروپ ۾ صرف 7 ميمبر هئا. ان بعد اجلاس ۾ چند ڪلاڪ
بحث مباحثي ڪرڻ بعد الهه بخش ۽ هن جو گروپ نڪري
ويو. اجلاس جاري رهيو؛ اهي ميمبر جن مسلم ليگ
پارٽيءَ ۾ شموليت ڪئي تن عهدنامي تي صحيحيون ڪيون،
هن عهدنامي تي 27 مسلمان ميمبرن صحيحيون ڪيون. ان
عهدنامي ۾ چيو ويو ته صحيح ڪندڙ مسلم ليگ پارٽيءَ
جي پاليسي ۽ پروگرام مطابق هلندا.
جن مسلم ليگ جي عهدنامي تي صحيحيون ڪيون هيون تن ۾
گهڻن جون وفاداريون الهه بخش سان هيون. جن عهدنامي
تي زور ڏيئي وزارت تان استعيفى جو مطالبو ٿي ڪيو،
تن جو مقصد صرف الهه بخش کي وزيراعظم جي عهدي تان
هٽائڻ هو. حالانڪ اسيمبلي ۾ هن کي اڪثريت هئي.
جڏهن الهه بخش اجلاس مان نڪري ويو تڏهن مسلم ليگ
جي اڳواڻ حاجي عبدالله هارون، الهه بخش سان ملاقات
ڪئي ۽ کيس ٻڌايو ته مسلم ليگ اسيمبلي هن کي پنهنجو
اڳواڻ چونڊڻ چاهي ٿي! هن جواب ڏنو ته هو غور ڪري
تاريخ 13 آڪٽوبر تي پارٽيءَ کي اطلاع ڏيندو. الهه
بخش مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪيو، ان بعد
غلام حسين هدايت الله ۽ مير بنده علي ٽالپور کي
مسلم ليگ جو اڳواڻ ۽ نائب اڳواڻ چونڊيو ويو. هندو
اخبارن مسلم ليگ خلاف پرچار ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ
ڪانگريس پارٽيءَ جو اڳواڻ سنڌ جي سياسي فضا بابت
تار رستي مرڪزي اڳواڻن، مولانا ابوالڪلام آزاد،
سردار ولب ڀائي پٽيل ۽ سباش چندر بوس کي اطلاع
ڏنو. انهن سنڌ ڪانگريس پارٽي کي مشورو ڏنو ته هو
الهه بخش سومري سان تعاون ڪن ۽ مدد ڪن، جئن هي
ڪانگريس جي طرفان سنڌ جو وزيراعظم رهي سگهي.
سنڌ
۾ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽي قائم ٿي چڪي هئي.
ڪانگريس مسلم ليگ جي مخالف جماعت هئي. ڪانگريس هر
انهيءَ شخص جي حمايت ٿي ڪئي جيڪو مسلم ليگ جي خلاف
هجي. جڏهن مسلم ليگ سنڌ ۾ وزارت ٺاهڻ لاءِ ڪوشش
ڪئي ته ڪانگريس جو تعاون الهه بخش سان رهيو.
آڪٽوبر 1938ع ڪراچي ۾ ”سنڌ صوبائي مسلم ليگ
ڪانفرنس جي خاتمي بعد حاجي عبدالله هارون، سر آغا
خان کي هڪ خط لکيو؛ جنهن ۾ هن واضح طور اشارو
ڪيو ته مسلم ليگي حلقا تمام سنجيدگي سان مسلم
رياستن ۽ صوبن جي هڪ عليحده وفاق کي حاصل ڪرڻ جي
امڪانن تي غور ڪري رهيا آهن. جئن هميشہ هميشہ لاءِ
هندن جي ظلم ۽ ستم کان ڇوٽڪارو حاصل ڪجي.
ڇاڪاڻ ته اهڙو اظهار سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس
۾ ڪيو ويو. ”سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي ڪانفرنس جيڪا
قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ گڏ ٿي هئي،
سا واحد سياسي جماعت هئي، جنهن مسلمانن لاءِ الڳ
وفاق جي قرارداد منظور ڪئي.
”سر حاجي عبدالله هارون، قائداعظم جي ڪيل تقرير ۽
پاس ڪيل قرارداد جون ڪاپيون هزهائينيس آغا خان کي
موڪليون. سر آغا خان جي جواب ۾ تاريخ 20 ڊسمبر
1938ع
تي خط لکيو، جنهن ۾ هندو مسلم تعلقات تي روشني وڌي. هن چيو ته
اسان ممڪن حل جو خوش آمديد ڪنداسون، جئن مسلم ليگ
پاڪستان چاهي ٿي. جيڪڏهن اهو مسلمانن جو آخري
طريقو آهي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته عام راءِ کي جلد
تيار ڪيو وڃي، جئن بهتر ٿي سگهي.
علحدگي جي تحريڪ اڀري رهي هئي. مسلم ليگ جو نصب
العين، مسلمانن لاءِ الڳ وطن قائم ڪرڻ بنايو. جنهن
لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون.
”1938ع جي آخر ۾ ساڳيا مسودا ڊاڪٽر لطيف پبليڪيشن
”هندستان جي مسلمانن جا مسئلا“ لکيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر
لطيف انهيءَ منصوبي تي تبصرو ڪندي چيو ته هندستان
۾ مسلمانن جا مسئلا تمام نازڪ حالت تائين وڌي ويا
آهن.جڏهن کان ملڪ ۾ صوبائي خودمختياري عمل ۾ آئي
آهي، تڏهن کان مسلمانن لاءِ سواءِ ان جي ٻيو ڪو به
رستو ڪونه آهي ته هو پنهنجي مستقبل ۾ سواءِ ڪنهن
ثقافتي علائقن جي پنهنجي لاءِ الڳ وطن قائم ڪن. هن
پنهنجي منصوبي ۾ هندستان کي ٻن قوميت ۾ ورهائڻ جي
سفارش ڪئي. جنهن ۾ مسلمانن جو خاص هڪ وفاق اتر،
اولهه وارا علائقا ۽ ڪشمير ڏيکاريو.
سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم ڪئي ويئي، سنڌ اسيمبلي جو
اڳواڻ غلام حسين هدايت الله کي چونڊيو ويو. مسلم
ليگ چاهيو ٿي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت قائم
ٿئي، انهيءَ لاءِ سنڌ مسلم ليگ الهه بخش سومري
وزارت جي خلاف پرچار ڪرڻ شروع ڪيو، سنڌ ڪانگريس
پارٽي الهه بخش سومري جي حمايت هئي. ”سردار پٽيل ۽
مولانا ابوالڪلام آزاد، الهه بخش سومري جي وزارت
کي مستحڪم بنائڻ، ڪانگريس جي اثر کي وڌائڻ ۽
ڪانگريس جي پاليسي مطابق سنڌ حڪومت کي هلائڻ لاءِ
سنڌ جو دورو ڪيو.
ڪانگريس جو اهو مول متو هو ته هندستان ۾ صرف ٻه
طاقتون آهن؛ ڪانگريس ۽ برطانيه
جناب صاحب انهيءَ جي جواب ۾ اعلان ڪيو ته ٽين طاقت
هندستان جا مسلمان آهن. جناح صاحب هڪ اخباري بيان جاري ڪيو ته ”مان ائين چوندي خوشي
محسوس ٿو ڪريان ته اسان سنڌ جي قانون ساز
اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ پارٽي ٺاهي آهي
۽ مسلمانن جي اڪثريت مسلم ليگ پارٽيءَ جي پاليسي ۽
پروگرام سان متفق آهي.
ڪراچيءَ
۾ آڪٽوبر 1938ع جي آخري اجلاس ۾ جناح صاحب پنهنجي
تقرير ۾ چيو ته ”ڪانگريس هندستان جي ستن صوبن ۾
اڪثريت حاصل ڪئي آهي ۽ هاڻي هي مسلمانن جي مٿان
مسلط ٿيڻ چاهي ٿي؛ آءُ 1936ع کان وٺي ڪانگريس جي
انهيءَ رويي تي احتجاج ڪندو رهان ٿو. آءُ واضع
ڪيان ٿو ته اهو منهنجو مقصد آهي ته جيستائين زنده
آهيان آءُ ڪانگريس کي ڪڏهن به مسلط ٿيڻ جي اجازت
نه ڏيندس. جيڪڏهن ڪانگريس ڪنهن به پارٽيءَ (مسلم
ليگ) سان گفتگو نه ڪندي ته پوءِ ملڪ جا حالات ڪڏهن
به ٺيڪ ٿي نه سگهندا. هي ڪو رواجي مسئلو نه آهي پر
اهو اسان جي موت ۽ زندگيءَ جو سوال آهي. جيڪڏهن اڄ
مسلمان سجاڳ نه ٿيا ته پوءِ هو انهيءَ طوفان کي
منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهن، جيڪو چئني طرفن کان اسان
ڏي وڌي رهيو آهي. مسلمان بهادر آهن ۽ سياسي طرح
سجاڳ آهن، جيڪڏهن انهن پاڻ کي منظم ڪيو ته پوءِ
ڪابه طاقت مسلمانن تي مسلط ٿي نه سگهندي.
”اسان سنڌ ۽ سرحد ۾ اڪثريت لاءِ تمام گهڻي محنت ۽
جدوجهد ڪئي آهي، پر بدقسمتيءَ سان ٻنهي صوبن ۾ آل
انڊيا مسلم ليگ اڪثريت حاصل ڪري نه سگهي.
|