ڳوٺ
فريد آباد تعلقو ڏوڪري زير صدارت محمد پريل خان
سيال ڳوٺ غني کهاوڙ تعلقو وارهه زير صدارت خان
محمد شاهه. ڳوٺ بنگل ديرو تعلقو رتوديرو زير صدارت
حاجي محمد عباس ڀٽو.
ضلعي لاڙڪاڻي جي هيٺين ڳوٺن مان پڻ ساڳي
قسم جا ٺهراءُ پاس ڪيا ويا. جهڙوڪ ڳوٺ عمر گوپانگ،
ڳوٺ عثمان خان گوپانگ،
خبڙ
نئون، سهاڳو خان، ڳوٺ ٽڳڙ، باڊهه، پٽڙ
۽
ڪڪڙ.
ضلعي حيدرآباد ۾ هيٺين شهرن مان ٺهراءُ
پاس ڪيا ويا. جهڙوڪ ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ولي محمد،
مٽياري ۽ تلهار.
”ضلعي نوابشاه جي هيٺين ڳوٺن مان يوم نجات
جي سلسلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪيا ويا:
ڳوٺ ابراهيم چنا، شر (سڪرنڊ)، محراب پور
(سڪرنڊ)، سرائي سڄڻ زرداري“
ڳوٺ ملڪه (مورو) ڳوٺ احمداڻي لغاري (مورو) قاسم
کاهي (نوشهرو فيروز) شاهپور چاڪر (نوابشاهه)
”سکر ضلعي جي هيٺين شهرن مان ساڳي قسم جون
قراردادون منظور ڪيون ويون. ميان جو ڳوٺ
(شڪارپور)، چڪه (سکر) حاجي حسين ملاه (گهوٽڪي) ۽
ڳڙهي ٻڍل (شڪارپور) گهوٽڪي ۽ سکر
ٿرپارڪر ضلعي جي هيٺين ڳوٺن مان به اهڙي قسم جا
ٺهراءُ پاس ڪري سنڌ وزارت جي خاتمي جا مطالبا ڪيا
ويا. لاڏيون (سنجهورو) ڪنگرو (ڊگهڙي) نبيسر ۽
نبيسر روڊ.
سنڌ مسلم ليگ جي سالياني
تنظيم ۽ ٺهراءُ
”تاريخ
28 جنوري 1939ع سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي جنرل باڊي
جي گڏجاڻي حاجي عبدالله هارون جي صدارت هيٺ ڪراچي
۾ منعقد ٿي، صوبائي سنڌ مسلم ليگ لاءِ هيٺيان
عهديدار چونڊيا ويا.
صدر: حاجي عبدالله هارون
نائب صدر: جي.ايم.سيد
نائب صدر: محمد ايوب کهڙو
جنرل سيڪريٽري: شيخ عبدالمجيد سنڌي
جوائنٽ سيڪريٽري: پير علي محمد راشدي
جوائنٽ سيڪريٽري: آغا غلام نبي پٺاڻ
خزانچي: حاجي عبدالله هارون
ڪاروباري ڪميٽي جا ميمبر: محمد ايوب
کهڙو، محمد هاشم گذدر، سيد خير شاهه، سيد حسن بخش
شاهه، سيد نور محمد شاهه، جي.ايم.سيد، غلام نبي
اسراڻ، حاجي عبدالله هارون، شيخ عبدالمجيد سنڌي،
سيد غلام نبي شاهه، قاضي فضل الله، مولوي محمد
اسماعيل، پير علي انور شاهه، سيد اڪبر شاهه، محمد
يوسف، محمد بخش، غلام نبي پٺاڻ، آغا نظر علي، شيخ
واجد علي، سيد محبوب علي شاهه، سيٺ عبداللطيف
ميمڻ، پير عبدالستار جان سرهندي، پير محمد اسحاق
جان سرهندي، پير غلام مرتضيٰ سرهندي، سيد غلام
حيدر شاهه، محمد حسن شورو، مولانا ضياءُ الله،
مولانا ظهور الحسن، حاجي نظرالدين
۽
چوڌري غلام محمد.
هن ميٽنگ ۾ هيٺيان ٺهراءُ بحال ڪيا ويا.
1.
هي ميٽنگ متفقه طور قائداعظم محمد علي جناح کي
آئنده آل انڊيا مسلم ليگ ڪانفرنس، جيڪا لاهور ۾
ٿيڻ واري آهي، تنهن جو صدر منتخب ڪيو وڃي. انهيءَ
جو اطلاع تار رستي سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ کي
موڪليو وڃي.
2.
هي فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ جا عهديدار
ورڪنگ ڪاميٽي جا ميمبر ٿي رهندا، ان کانسواءِ جنرل
باڊي کي حق رهندو ته پاڻ مان 25 ڄڻن کي ورڪنگ
ڪاميٽي تي چونڊين.
3.
گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ جي عهديدارن ۽
ورڪنگ ڪاميٽي جي ميمبرن جي چونڊ ڪئي وئي.
4.
جيڪو به ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر ٽن ميٽنگن ۾ لڳاتار
غيرحاضر رهيو ته هن جي جاءِ خالي سمجهي، ٻئي کي
نامزد ڪيو ويندو.
5.
صوبي سنڌ جي هن گڏجاڻي جو رايو آهي ته سکر ضلعي ۾
جيڪي بدقسمتي سان افسوسناڪ واقعا ٿيا آهن تن جي
جوابدارموجوده وزارت آهي. انهن سڀني ماڻهن سان،
جيڪي هن نقصان جو شڪار ٿيا آهن، تن سان دلي همدردي
ڪري ٿي، ٻنهي قومن کي اپيل ڪري ٿي ته پاڻ ۾ محبت ۾
رهن ۽ الهه بخش سومري جي اهڙي پاليسي جو شڪار نه
ٿين، جنهن موجب صاحب موصوف قومن ۾ تفرقو وجهي
حڪومت ڪرڻ گهري ٿو.
6.
هي فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ جي سيڪريٽري پاران
اخبارن ۾ اعلان ڪيو وڃي ته آل انڊيا مسلم ليگ
لاهور واري اجلاس ۾ صوبي سنڌ مان جيڪي صاحب
ڊيليگيٽ ٿي وڃڻ گهرن سي 20 فيبروري جي اندر
سيڪريٽري
مسلم
ليگ کي درخواست ڏياري موڪلين، ڇاڪاڻ ته سيڪريٽري
سنڌ
جي سرٽيفڪيٽ کان سواءِ ڪو به ڊيليگيٽ ٿي نه
سگهندو.
7.
فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ ورڪنگ ڪاميٽي
پارليامينٽري ڪاميٽي جا فرائض انجام ڏيندي.
8.
هي فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اسيمبلي جي چونڊ لاءِ
جيڪي حضرات مسلم ليگ جي قوائد و ضوابط جا پابند
ٿي
امدوار بيهڻ گهرن ٿا سي پنهنجون درخواستون 12
اپريل
1940ع تائين صدر سنڌ مسلم ليگ کي ڏياري موڪلين.
اميدوارن جا نالا به مناسب وقت تائين مخفي رکيا
ويندا. جن صاحبن کي مسلم ليگ جي طرفان نامزد ڪيو
ويندو، انهن جي نالن جو اعلان نامينيشن پيپر ڀرڻ
کان اڳ ڪيو ويندو. سيڪريٽري صاحب کي هدايت ڪئي وئي
ته اهڙو اعلان اخبارن جي اشاعت لاءِ موڪلي.
9.
هي فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ تحريڪ کي صوبي سنڌ ۾
زور وٺائڻ لاءِ هڪ لائوڊ اسپيڪر ۽ لاري خريد ڪئي
وڃي؛ جنهن لاءِ هيٺين صاحبن مالي امداد ڏيڻ جو
اعلان ڪيو. جي.ايم.سيد ۽ خير شاهه هڪ هزار، محمد
ايوب کهڙو هڪ هزار ۽ وڌيڪ خرچ حاجي عبدالله هارون
ڀريندو، حاجي عبدالله هارون اعلان ڪيو ته اسان جي
ورڪرن جيڪڏهن ڇهن مهينن منجهه سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو
ته هو ٻي لاري خريد ڪري ڏيندو.
10.
هي فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ جي امدادي
سرمائي لاءِ 500 ماڻهن کان گهٽ ۾ گهٽ 10 رپيا
ساليانو چندو ورتو وڃي.
11.
هي فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ تحريڪ کي زور وٺائڻ
لاءِ مختلف تڪن ۾ ضلعي مسلم ليگ ڪانفرنسون ڪوٺايون
وڃن. انهي سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس 25 فيبروري 1940ع
تي ڳوٺ مراد ميمڻ ملير ۾ ڪئي وڃي. هن ڪانفرنس
گهرائڻ لاءِ سمورو انتظام پير غلام مرتضيٰ سرهندي
ڪرڻ قبول ڪيو. صوبي سنڌ جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي
وئي ته اهڙيون ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ لاءِ ٻين
پرائمري برانچن کي پڻ هدايت ڪري.
12.
هي به فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس
جو اجلاس مئي مهيني ۾ لاڙڪاڻي ۾ گهرايو وڃي، جنهن
جو انتظام لاڙڪاڻي جو صدر محمد ايوب کهڙو ڪندو.
13.
هي فيصلو ڪيو ويو ته جرڳن جي بل جي مخالفت ڪئي وڃي
۽ مسلم ليگ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وڃي ته هو ان
بل جي مخالفت ڪن.
14.
هي به فيصلو ڪيو ويو ته آل انديا مسلم ليگ کي
درخواست ڪجي ته سکر منزل گاهه مسجد جي فسادن ۽
گرفتارين جي ضروري تحقيقات لاءِ هڪ تحقيقاتي
ڪاميٽي مقرر ڪري.
15.
هي فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ رليف فنڊ جي
عهديدارن جي چونڊ ڪئي وڃي. جنهن لاءِ هيٺيان
عهديدار مقرر ڪيا ويا.
صدر: محمد ايوب کهڙو
جنرل سيڪريٽري: سيد محبوب علي شاهه
خزانچي: حافظ محمد صديق
۽ ٻيا ميمبر هئا؛ آغا نظر علي خان،
جي.ايم.سيد، خير شاهه، ڊاڪٽر محمد يامين، نعمت
الله قريشي، ابو شوڪت حمزو، شيخ واجد علي، سيد
رسول بخش شاهه، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي، حاجي
گل خان، تاج الدين ۽ غلام نبي بروهي.
لاهور واري ٺهراءُ جي سنڌ مان پٺڀرائي
تاريخ 21، 22، 23 مارچ 1940ع ۾ آل انڊيا
مسلم ليگ جو تاريخي اجلاس قائداعظم محمد علي جناح
جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. ”مسلم ليگ جي اجلاس کان
اڳ 21 مارچ 1940ع تي مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي جي
ميٽنگ قائداعظم ۽ سڪندر حيات سان ٿي، جتي قائداعظم
کي قرارداد جو مسودو ڏنو ويو. جيڪو جناح صاحب کي
هڪ ياداشت نامي جي صورت ۾ حاجي عبدالله هارون کيس
1، فيبروري 1940ع ۾ ڏنو.
لاهور جي اجلاس ۾ سنڌ جي طرفان خانبهادر محمد ايوب
کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي.ايم.سيد جيڪي ان
وقت ۾ سنڌ وزارت ۾ شامل هئا سي اجلاس ۾ نمايان ڏسڻ
۾ پئي آيا.
هن اجلاس ۾ سنڌ مان ٻيا هيٺيان معزز شخص شامل ٿيا.
”ايم اي خالق، سيد حسن بخش شاهه (محرابپور) حاجي
دوست محمد (لاڙڪاڻو)، حق نواز خان صاحب (شڪارپور)
امير احمد (لاڙڪاڻو) غلام محي الدين صاحب،
عبدالحئي صديقي (سکر) مسٽر منير احمد (لاڙڪاڻو)
عبدالرئوف صاحب ڪراچي، محمد اسلم ڪراچي،محمد هاشم
جوڻيجو، محمد رمضان صاحب، محمد علي چوڌري
(ٿرپارڪر) مقبول احمد (ٿرپارڪر) چوڌري رحمت الله
(ٿرپارڪر) مرزا رحمان بيگ (سکر) رئيس افضل خان
کيڙو (مورو).
”پاڪستان جو ٺهراءُ جيڪو بنگال جي وزيراعظم مولوي
فضل حق جي طرفان پيش ڪيو ويو هو، ان ٺهراءُ جي
حمايت ۾ تقرير ڪندي حاجي عبدالله هارون چيو ته اها
هڪ عالم آشڪار حقيقت آهي ته، هندستان ۾ مسلمان سنڌ
کان آيا، سنڌي مسلمانن جو اهو پهريون سوال آهي
جيڪو هاڻي مسلم ليگ جي سامهون آهي. سال 1938ع سنڌ
مسلم ليگ هڪ ٺهراءُ منظور ڪري ”آزاد رياستون“ جي
عنوان سان ڇپايو هو، جنهن ۾ اتر، اوڀر ۽ اولهه
وارا علائقا شامل هجن. انهيءَ کان پوءِ آئيني
منصوبا بڻايا ويا، جن تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي. اهو
مسلمانن جو فرض آهي ته هن ٺهراءُ کي بغير ڪنهن
رنڊڪ جي منظور ڪيو وڃي. حاجي عبدالله هارون هندن
کي چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن، هندو صوبن ۾ مسلمانن سان
اتفاق وارو سلوڪ نه ڪيو ويو ته، مسلم صوبن ۾ هندن
سان اهو سلوڪ ڪيو ويندو جيڪو هٽلر يهودين سان ڪيو
هو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اها تجويز جيڪا ٺهراءُ جي
شڪل ۾ ڏني ويئي آهي اها هندن ۽ انگريزن لاءِ قابل
قبول هوندي.
”هن لاهور واري ٺهراءُ منظور ٿيڻ کان پوءِ تڏهن
سنڌ ۾ مسلم آزاد رياست پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ
منظور ڪيا ويا. انهي مقصد لاءِ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان
لاهور جي ٺهراءُ جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.
هيٺين طرح سان ٺهراءُ منظور ڪيا ويا.
1.
”سنڌ جو عوام لاهور جي ٺهراءُ جي مڪمل حمايت ڪري
ٿو.
2.
سنڌ جي مسلمانن کي قائداعظم محمد علي جناح جي
اڳواڻيءَ ۾ مڪمل ڀروسو آهي.
3.
هندستان جا مسلمان اهڙو ڪو به دستور قبول نه ڪندا
جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ کي قبول نه هوندو. سنڌ جي
هيٺين شهرن ۽ ڳوٺن مان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.
1.
مورو، ديهه خالصو (مورو)، محبوب تنيه (ميرو خان)
”جهمپير، محمد خان جروار (ماتلي) ميان جو ڳوٺ
(شڪارپور) شڪارپور، چڪ (سکر)، هالا، ٽنڊو محمد
خان، سيد صاحب شاهه (نوابشاهه) قمبر، پير (قمبر)،
چاچڙ (ڪوٽڙي)، شاهپور چاڪر.
سنڌ
۾ مسلم ليگ جي سڀني برانچن قرارداد لاهور جي حمايت
۾ ٺهراءَ منظور ڪيا. اهڙي طرح سنڌ مسلم ليگ لاهور
قرارداد جي مڪمل حمايت ڪئي. ”سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل
جي گڏجاڻي 22 ڊسمبر 1940ع تي زير صدارت حاجي
عبدالله هارون جي ڪراچي ۾ ٿي ۽ ان ۾ هيٺيان ٺهراءَ
بحال ڪيا ويا:
1.
جنهن صورت ۾ سنڌ اسيمبلي جي اندر ڪن گروپن درميان
جيڪو ٺاهه ٿيو هو، سو هينئر هن ڪائونسل جي پڇڻ
کان سواءِ بدلايو ويو آهي. هن ڪائونسل انهي ٺاهه
جي باقي بچيل حصن تي يعني، گڏيل چونڊن وان ٻنهي
بلن تي ويچار ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڪائونسل جي
اڳيان آل انڊيا مسلم ليگ لکنو واري سيشن ۾ پاس ڪيل
ٺهراءَ به اچي چڪو آهي. سنڌ سرڪار طرفان گڏيل
چونڊن واري بل جي اشاعت کان پوءِ هن ڪائونسل کي
مسلمان جماعتن طرفان درخواستون پهتيون آهن، جنهن
مان صاف ظاهر آهي ته مسلم عوام گڏيل چونڊن جي خلاف
آهي. ان کان سواءِ ڪائونسل اهو محسوس ڪري ٿي ته
گڏيل چونڊن جو سوال آل انڊيا اهميت رکي ٿو. آل
انڊيا مسلم ليگ جن بنيادي اصولن جي برخلاف آهي، ان
حالت ۾ ڪائونسل مسلم ليگ وزيرن، ۽ اسيمبلي جي
مسلمان ميمبرن کي استدعا ڪري ٿي ته هو گورنمينٽ کي
آگاهه ڪن ته هو اهو بل پاس نه ڪرائي پر جيڪڏهن
هروڀرو حڪومت زور رکي ته مخالفت ڪن.
2.
سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل سنڌ جي موجوده سياسي حالتن ۽
ليگ جي تنظيمي ڳالهين تي ويچار ڪرڻ بعد هيٺيون
فيصلو ڪيو آهي ته، مسلم ليگ وزيرن، مير بنده علي،
محمد ايوب کهڙو ۽ شيخ عبدالمجيد کي گهرجي ته هو
جنوري 1941ع جي خاتمي کان اڳ سنڌ اسيمبلي اندر
مسلم ليگ پارٽي جو وجود قائم ڪن. اهڙي پارٽي قائم
ٿيڻ بعد نئين سر حالتن تي غور ويچار ڪيو ويندو، ان
وچ ۾ ڪائونسل سنڌ اسيمبلي جي هر هڪ مسلمان ميمبر
کي استدعا ٿي ڪري ته هو مسلم ليگ پارٽي ۾ شريڪ ٿي
مسلمانن جي اتحاد کي مضبوط ڪن. صوبي سنڌ جي مسلم
ليگ کي پختي پائي تي بيهارڻ لاءِ ضروري آهي ته سڄي
تحريڪ تي مڪمل ڪنٽرول رهي. پريس ۽ پروپئگنڊه جي ڪم
کي وڌائجي، مسلم ليگ جي ورڪرن جا جٿا پيدا ڪجن.
3.
مٿين مقصد جي
حصول لاءِ هيٺين طرح ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جنهن جو
چيئرمين مسٽر جي.ايم.سيد، سيڪريٽري محمد هاشم گذدر
ٿيندا. ان ڪاميٽي کي وڌيڪ عهديدار ۽ ٻين وڌيڪ
ميمبرن کي مقرر
ڪرڻ جو اختيار هوندو.
ڪاميٽي جا ميمبر هي هوندا:
جي.ايم.سيد، يوسف هارون، قاضي فضل الله، آغا غلام
نبي پٺاڻ، سيد حسن بخش شاهه،
پير عبدالستار جان سرهندي ۽ مسٽر محمد هاشم گذدر.
ڪاميٽي يڪدم هيٺيان قدم کڻندي:
(الف): هر شهر ۾ پرائمري مسلم ليگ برانچون قائم
ڪرائيندي.
(ب): پريس، پليٽ فارم ۽ پروپئگنڊه وسيلي اسيمبلي
جا اصول عوام تائين پهچائيندي.
(ث): عوام جي ڀلي جا ڪم ڪندي. مسلمانن جي معاشرتي،
اقتصادي، تعليمي ۽ سياسي بهبودي جي لاءِ ڪوشش
ڪندي، ڪاميٽي،
صوبائي مسلم ليگ جي ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪاميٽي جي
ضابطي اندر رهندي، مٿين مقصدن جي حصول لاءِ جلد هڪ
اسڪيم تيار ڪندي، ڪاميٽي گهٽ ۾ گهٽ هر ٽئين مهيني
پنهنجي رپورٽ صوبائي ورڪنگ ڪاميٽي ڏانهن موڪليندي.
(ج): سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي گڏجاڻي ضلعي
مئجسٽريٽ حيدرآباد ۽ سنڌ حڪومت جي مذمت ڪري ٿي، جو
هن سکر فسادجي ٽن قيدين کي حيدآباد سينٽرل جيل ۾
11 ڊسمبر تي ڦاسين ڏيارڻ بعد لاش سندن عزيزن جي
حوالي نه ڪيا، ۽ نه ئي انهن جي جنازه نماز پڙهائي
ويئي ۽ لاش مخفي طور جيلن ۾ دفنائي ڇڏيا.
مارچ 23، 1940ع کان هر سال انهيءَ تاريخ
تي سڄي هندوستان ۾ ”يوم پاڪستان“ مسلم ليگ جي
طرفان ملهايو ويو. سنڌ ۾ به هر سال ”يوم پاڪستان“
ڌام ڌوم سان ملهايو ويو. هر هنڌ کان پاڪستان جو
مطالبو ڪيو ويو. اهڙي طرح پاڪستان جو مطالبو
مسلمانن جي ضمير جو آواز بڻجي ويو. يوم پاڪستان
ملهائڻ جي هڪ تقريب مثال طور ڏجي ٿي جيڪا نوابشاهه
جي مسلمانن طرفان ملهائي ويئي.
”حضرت قائداعظم محمد علي جناح جي فرمان
موجب 23 مارچ 1940ع ۾ يوم پاڪستان وڏي شان شوڪت
سان ملهايو
ويو. جلوس ۽ ميٽنگ جو بندوبست مسلم ليگ نيشنل گارڊ
جي طرفان ڪيل هو. پروگرام هيٺين ريت هو.
1.
وچ چڪري ۾ ميٽنگ جو پنڊال جنهن کي بهترين نموني
سينگايو ويو هو. صبح جو 8 وڳي نيشنل گارڊ نوابشاهه
جي سالار مسٽر محمد عظيم خان جهنڊي بلند ڪرڻ جي
رسم ادا ڪئي.
2.
شام جو چار وڳي جامع مسجد کان بئنڊن سان جلوس ڪڍيو
ويو، جنهن جو انتظام نيشنل گارڊ جي هٿ ۾ هو ۽ جلوس
هيٺين ريت سينگاريل هو:
سيد
غلام قادر شاهه سينگاريل گهوڙي تي سبز جهندي سان
جلوس جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، پويان منظم نيشنل
گارڊ جا رضاڪار قومي ترانه چوندا ٿي هليا. ان کان
پوءِ مسلم نوجوانان جماعت ۽ شهر جا ماڻهو هئا.
لائوڊ اسپيڪر سينگاريل بگيءَ ۾ لڳايل هو جنهن تي
قومي ترانا ۽ تقريرون ٿينديون رهيون. ان کان پوءِ
جلوس ۾ هزارن جي تعداد ۾ پبلڪ هئي. سڄي جلوس لاءِ
گلن جي هارن جو بندوبست سيد غلام قادر شاهه طرفان
ڪيل هو، جلوس مسلمانن جي هر هڪ پاڙي مان قومي
ترانن ۽ الله اڪبر ۽ مسلم ليگ جي فلڪ-شگاف
نعرن سان گذرندو رهيو. چونڪ چونڪ تي قومي ترانن ۽
تقريرن سان هلندو رهيو، ساري شهر جو چڪر ڏيئي شام
جو ساڍي ستين بجي پروگرام موجب تلاوت قرآن مجيد
سان ميٽنگ شروع ڪئي ويئي. ميٽنگ جو صدر سيد غلام
قادر شاهه کي چونڊيو ويو، جنهن پنهنجي صدارتي
تقرير ۾ مسلم ليگ کي مصبوط ڪرڻ لاءِ هدايت ڪئي. ان
بعد مسٽر محمد صالح ڪوريجي قومي ترانو ٻڌايو، پوءِ
مسٽر الهه اوڀايو وڪيل، مسٽر عبدالوالي وڪيل، مسٽر
محمد عظيم سالار نيشنل گارڊ، بخاري ابرار حسين
شاهه ۽ ڊاڪٽر صوفي صاحب تقريرون ڪيون. يڪراءِ
هيٺيان ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
1.
نوابشاهه مسلم ليگ جو هي جلسو حضرت قائداعظم محمد
علي جناح صاحب جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد رکي ٿو ۽ ان
جي هر هڪ حڪم تان اسان مسلمان جاني ۽ مالي قرباني
ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هي ٺهراءُ فلڪ شگاف نعرن سان
پاس ڪيو ويو.
2.
اسان نوابشاهه جا مسلمان، پاڪستان کان سواءِ ٻي ڪا
به جوڙجڪ جيڪا اسان تي زوري مڙهي ويندي قبول ڪرڻ
لاءِ تيارنه آهيون.
3.
ڪنٽرول دڪانن جي ورهاست آدمشماريءَ جي لحاظ کان
ڪئي وڃي ۽ 1942ع وارو قانون رد ڪيو وڃي ۽ ٻهراڙين
۾ ڊيپو انهيءَ لحاظ سان مقرر ڪيا وڃن جيئن پبلڪ کي
ڪا به تڪليف نه ٿئي.
نوابشاهه ميونسپالٽي ۾ 11 سيٽون آهن. هينئر اسان
مسلمانن جي آدمشماري وڌيل آهي، تنهن ڪري اسان جي
زوردار استدعا آهي ته آدمشماري جي لحاظ کان سيٽون
به وڌايون وڃن.
يوم پاڪستان سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ جوش و
خروش سان ملهايو ويو. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان پاڪستان
جو مطالبو ڪيو ويو. سنڌ جي مسلمانن هر شهر ۾ جلسا
جلوس منعقد ڪري پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو. سنڌ جي
ماڻهن پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ جناح صاحب جي هر حڪم
جي پوئيواري خوشي سان ڪئي.
پاڪستان ٺهراءَ جي سنڌي هندن جي مخالفت
ملڪ ۾ جيڪي به سياسي سڌارا عمل ۾ آندا ٿي
ويا، هندن هر اهڙي قاعدي ۽ قانون جي مخالفت ٿي ڪئي
جيڪو خاص طور مسلمانن جي ڀلائي لاءِ هئو. اصولي
طور جڏهن 1935ع جو ايڪٽ نافذ ٿي رهيو هو ۽ سنڌ جا
مسلمان، سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪري هڪ الڳ صوبائي
حيثيت ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائي رهيا هئا ته، سنڌ جي
هندن انهيءَ تحريڪ جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌ کي
صوبائي حيثيت ملڻ سان سنڌ جي هندن کي پاڪستان ڏسڻ
۾ ٿي آيو، جڏهن به سنڌ جي مسلمانن جلوس ڪري،
ٺهراءُ پاس ڪري ۽ ڪاميٽي ٿي بڻائي ته سنڌ جي هندن
انهيءَ جي ردعمل ۾ ڪانفرنسون ڪوٺائي مطالبا ٿي ڪيا
۽ ڪاميٽي بنائي جوابي تحريڪ ٿي هلائي. سنڌ جي
جدائي لاءِ تحريڪ هلندڙ هئي ته ان دوران سنڌ جي
هندن به ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن جا اقتصابات هيٺ ڏجن
ٿا:
ڪل سنڌ هندو ڪانفرنس زير صدارت ديوان لعل
چند نولراءِ جي 2 اپريل 1934ع
تي
ڪراچي ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس جي مرحبا ڪاميٽيءَ جي
چيئرمين پنهنجي تقرير ۾ چيو.
”مهربان ڊيليگيشن ڀينر ۽ ڀائرو، آءُ توهان
سڀني جو مرحبا ڪاميٽي جي پاران شڪرگذار آهيان جو
توهان پنهنجي وقت ۽ سهولت جو سانگو نه ڪري هيتري
وڏي انداز ۾ شامل ٿيا آهيو. هندن جي بچاءُ ڪاڻ،
توهان پنهنجو فرض سمجهيو آهي هن ميڙ ۾ اچي شريڪ
ٿيڻ، ۽ اهو ئي ساڳيو ويچار سنڌ هندو ايسوسيئيشن جي
بانيڪارن جو آهي. آءُ توهان سڀني ڀائرن ۽ مهربان
پرڌان صاحب توهان جي به وڏي خوشيءَ سان آجيان
ڪريان ٿو. هي ڪانفرنس هن مراد سان ڪوٺائي ويئي آهي
ته هندن جي ڀلي ڪاڻ ڪيترن ئي ڳالهين جو ويچار ڪجي
۽ جلد ئي اهي سڀ توهان جي ويچار اڳيان رکيون
وينديون.
سنڌ جا هندو ڪو ٿورا نه آهن. 26 سيڪڙو سنڌ
جي آدم مان آهن. ٻيو ڪو هنن کي وطن ڪو نه آهي. سنڌ
ديش جي جيوت ۾ مکي ۽ چڱو بهرو وٺي رهيا آهن. هو
رڳو وياج خور ڪو نه آهن جهڙي طرح سان سندن ورودي
(دشمن) کين بدنام ڪرڻ لاءِ سڏي رهيا آهن. هو زمينن
جا به مالڪ آهن ۽ ٻيو نه ته ٽيون حصو پوک جو هنن
جي ملڪيت آهي ۽ شهرن ۾ زمين جو وڏو حصو هنن جو
آهي، مسلمانن جي ٻنين جو ڪيترو حصو هو مقاطي تي
پوکين ٿا، ڪيترن ئي زميندارن جا هو مکي آهن، سک
پرانت جي زرعي پيدائش ڪاڻ ڳچ پئسا هندو ئي خرچين
ٿا.
ڪوآپريٽو بئنڪن ۾ سندن وڏيون ڌراوتون آهن.
ٻنين جي پيدائش هو خريد ڪن ٿا ۽ وڪڻن ٿا. ملڪ جي
ڪاريگرن، هنرن، واپار ۽ بئنڪن ۾ هو چڱو بهرو وٺن
ٿا. انڪم ٽيڪس جو وڏو حصو هندن وٽان وصول ٿئي ٿو.
ڪراچيءَ جي شهر ۾ جي واپاري مال گهرائين ٿا تن ۾
ساري ملڪ جي اندر جي مال خريد ڪندڙ آهن، تن جي وچ
۾ هندن جي معرفت ڏي وٺ ٿئي ٿي. اوچ وڏيا جي ڪري
گهڻن ئي وڏن ڌنڌن ۽ عهدن تي هو پهتا آهن. وديا ڏيڻ
۾ هو ماهر آهن ۽ ماستريءَ جو هنر ته کائون ڪير
سکي! سرڪاري نوڪرين ۾ به هنن
چڱو نالو ڪڍيو آهي. مطلب ته ملڪ جا جدا جدا
سپرداين مان جيڪڏهن هنن کي ڪڍي ڇڏجي ته باقي ڪجهه
نه رهندو. هندن جي مدد ۽ پورهئي کان سواءِ سارو
ملڪ انهيءَ جهنگ پڻ جي حالت کي رسندو جا سرحد جي
ملڪن جي آهي، جتي نه علم نه ڪاريگريون. نه هنر، نه
وڻج نه واپار ۽ انسان جهڙا حيوان!
هندن جو هيڏو وڏو حصو سنڌ جي پرڳڻي ۾ آهي،
تنهن ڪري وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته هند سرڪار
ڄاڻي ٻجهي ۽ ڪنهن خاص مطلب سان سنڌ جي جدائي جي
سوال نسبت جي صلاح مصلحتون هندستان ۾ يا انگلينڊ ۾
ٿيون آهن، تن سڀني کان سنڌ جي هندن کي ريٽي ڦٽو
ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي پڪارون سنڌ جا هندو ڪن ٿا تن
کي ڌڪار سان ليکيو وڃي ٿو. ۽ اهو ئي چوڻ ۾ اچي ٿو
ته ڄڻ، سنڌ جا هندو هستيءَ جي پٽيءَ تان ميسارجي
ويا آهن ۽ سو به اها حالت سرڪار ڪري، جا هام هڻي
ته ٿورائي وارين قومن جو بچاءُ ڪندڙ ۽ حامي پاڻ
آهي. شايد سرڪار جي نظر ۾ ٿورائي واريون قومون اهي
ئي آهن، يا مسلمان آهن يا يورپي! هن ڳالهه ۾ آءُ
گهرو وڃڻ نٿو چاهيان ۽ نه ڪي ثابت ڪرڻ ته مسلمانن
جا اڳواڻ ۽ انگلينڊ جي سرڪار ڪهڙيءَ طرح وقت به
وقت ڦيريون کائي رهيا آهن. عالم آشڪار آهي ته ٻه
ڪانفرنسون جي سنڌ جي هن باري ۾ ٿيون آهن تن ۾ کوٽ
جي ويچار ڪندي هوشيار ۽ آزمودگار ڄاڻن، هي ڄاتو ته
کوٽ اسي لک، سال در سال ٿيندي.
اسان جا مسلمان دوست سمجهن ٿا ته سنڌ جدا
ٿيڻ کان پوءِ هو ڪو بهشت ماڻيندا، حساب ڪيو ويو
آهي ته سنڌ جي سالياني اپت 150 لک ٿيندي، جنهن مان
وڏو حصو زمين جي ڍل مان ايندو. هند سرڪار مان
خيرات ملندي سا ته بيراج جي وياج ۽ کوٽ ٽوٽ يا گاس
پيس ڏانهن ڪتب آندي ويندي. زميندار هينئر ئي پڪار
ڪري رهيا آهن ته اگهن جي ڪرڻ ڪري زمين جون ڍلون 25
يا 50 سيڪڙو گهٽايو وڃن. ٻن سالن جي اندر جي سنڌ
جدا ڪئي ويئي ته ڪو اگهن چڙهڻ جو امڪان ڪونهي! يا
ته زميندان تي ڍلون وجهڻيون پونديون، جنهن جو اهو
نتيجو ٿيندو ته پاڻ هيٺ ٿي ويندا، يا ته شهرن ۾
رهندڙ ماڻهن تي؛ جي واپار ڌنڌي يا هند ۾ لڳل آهن ۽
ڌنڌا ۽ هنر گهڻو ڪري يورپيئنس ۽ هندن جي هٿ ۾ آهن.
ڳريون ڍلون وجهي هنن کي اڏائڻو پوندو.
جدا سنڌ جي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ مسلم
زميندار گهڻا ٿيندا، جنهن جي ڪري شهرن ۽ ڳوٺن جي
وچ ۾ چٽاڀيٽي لڳندي. جنهن مان جي انگور نڪرندا سي
توهين سمجهي سگهو ٿا! بيراج کاتو جو خاص گورنر جي
هٿ رهندو – تنهنجي ڪري ممڪن آهي ته زميندارن تي
زور پوي.
هند سرڪار جا هيتري ساري خيرات ڏيندي سا
پوري جانچ
ٿئي
سال ڪندي ته ايندي! ۽ اها ئي ڪوشش ڪندي ته ڪيئن
خيرات جو اندازو گهٽائجي- جنهن جو نتيجو اهو ٿيندو
جو سنڌين کي پاڻ تي نيون ڍلون مڙهڻيون پونديون.
سنڌ جدا ڪرڻ سان سنڌ جون حالتون بهتر نه پر بدتر
ٿينديون. جيڪڏهن سنڌ جدا ڪئي وڃي ته بينگالي
بهادرن وانگر مڙس ٿي ان کي منهن ڏيو، بينگال جي
ورهاڱي ڀيري- بنگالين سرڪار جو سر جهڪايو، سنڌ جا
هندوءَ توهان آزمائش جي وقت ۾ پٺتي پوندا؟ لنڊن ۾
سنڌ جي جدائي خلاف پرچارڪرڻ لاءِ سنڌ جي هندن جي
هڪ شفارت موڪلي ويندي.
سکر جي ڊويزنل صدر پنهنجي تقرير ۾ چيو ته،
”اسين اٽڪل اسي، نوي سالن کان بمبئي سان گڏيل
آهيون ۽ سنڌ ان سان گڏيل رهندي. اسين هن حالت ۾
بهتر آهيون. سنڌ جدا ٿيڻ تي سنڌ جي حالت بهتر نه
پر بدتر ٿيندي. هندو نوجوانن کي منهنجو چوڻ آهي ته
پنهنجي ڌرم، شرم، ڪرم، ڌن، دولت ۽ عزت جو بچاءُ
ڪيو! هن چيو ته توهان هندستان جا رهواسي معنيٰ
هندن جو آستان. مسلمان، هندستان کي اڄ پاڪستان
بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ڪشنچند واڌو مل پنهنجي تقرير ۾ چيو ته
”جيڪڏهن سنڌ جي هندن يڪراءِ ٿي سنڌ جي جدائي خلاف
آواز بلند ڪيو ته پارليامينٽ کي اختياري نه ٿيندي
جو سنڌ جدا ڪري.
ڪراچيءَ جي چندر سين جيٺلي چيو ته ”سنڌ جي
هر هڪ هندو بچي جي اندر ۾ منتر ڦوڪيو ته سنڌ جدا
ٿيڻ نه ڏيئي.“
هن ڪانفرنس ۾ هي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.
1.
هي ڪانفرنس سرڳواسي پرنسپال صاحب سنگهه ساهاڻي ۽
ڊي جي آڏواڻي جي سنڌ هندو ايسوسيئيشن جا ڳچ وقت
بانيڪار هئا، تن جي موت تي ڏک ظاهر ڪري ٿي ۽ سندن
پوين سان همدردي ٿي ظاهر ڪري.
2.
هي ڪانفرنس پروفيسر حشمتراءِ ڇٻلاڻيءَ جي بي موقعي
موت تي سخت افسوس ظاهر ڪري ٿي، جدائي واري مسئلي
تي هن جيڪي ويهي پورهيا ڪيا ۽ انگن اکرن، حقيقتن
پيش ڪرڻ ۾ جيڪي دماغي قابليت، هتي خواه ولايت ۾
ڏيکاري ۽ سنڌ جي حقن جي جيڪا پهرين سجاڳي ڪئي،
تنهن لاءِ واجب آهي ته هي ڪانفرنس سندس ذڪر ڪيل
علائقي موجب شڪر گذار ڪندي. سندس يادگار قائم ڪري
سندس پوين سان همدردي ٿي ظاهر ڪري.
3.
هي سنڌ جي هندن جي ڪانفرنس، سنڌ کي بمبئي علائقي
کان ڌار ڪرڻ واري رٿيل فيصلي جي سخت مخالفت ڪندي.
انگلينڊ سرڪار کي زوردار عرض ٿي ڪري ته اهو اهڙو
گهاتڪ ۽ مصيبت جهڙو قدم نه کڻي.
4.
هي ڪانفرنس سنڌ جي هندن کي سجاڳ ٿي ڪري هڪ شفارت
ٺاهي موڪلجي جيڪا اتي پرچار ڪري. پارليامينٽ جي
ميمبرن، انگريز قوم ۽ انگريز مدبرن جي همدردي حاصل
ڪري.
5.
سنڌ جا هندو گڏيل چونڊ جي فائدي ۾ آهن.
اهڙيءَ طرح نه رڳو سنڌ جي جدائي خلاف هلچل هلائي
پر پاڪستان جي ٺهراءُ ۽ تحريڪ جي پڻ مخالفت ڪئي.
پاڪستان جي ٺهراءُ ۽ تحريڪ خلاف، سنڌ جي هندن
طرفان هڪ ڪانفرنس تاريخ 12 جنوري 1941ع زير صدارت
مهاتما ٻڌ ديوجي حيدرآباد ۾ منعقد ٿي. هن ڪانفرنس
جو اهتمام آنربل راءِ صاحب گوڪلدس سابق وزير لوڪل
سيلف گورنمينٽ سنڌ ڪيو. ”هن ڪانفرنس ۾ منجلا ديوي
(بڙودا) هڪ گيت ڳايو. ان کان پوءِ آچاريه جڳديش
ڀوشڻ ڀڄن ڳايو. پوءِ چيئرمين آجيان ڪاميٽي، بولچند
ڏاندو مل پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”سڄڻو! هن سمي
جيڪي سڄي دنيا ۾ وهي واپري رهيو آهي، سو توهان کان
ڳجهو نه آهي، ۽ ٺيڪ هن ئي ڪٺن سمي مسلم ليگ،
پاڪستان جي پاڪ نالي تي، ناپاڪ هلچل هلائي – ڀارت
لاءِ نئون خطرو کڙو ڪيو آهي.
|