”تاريخ 22 جولاءِ 1945ع
تي
سنڌ
مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ساليانه اجلاس زير صدارت
شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خالقڏنه هال ۾ منعقد ٿيو.
جلسي ۾ جناب شيخ عبدالمجيد صاحب، سيد غلام مرتضيٰ
شاهه، سيٺ يوسف هارون، ايم.ايل.اي
(سينٽرل) حاتم اي علوي صاحب، مسٽر احمد خان
بارڪزئي، قاضي عبدالمنان ۽ سيد جمال الدين بخاري
وغيره تقريرون ڪيون. جلسي ۾ اٽڪل ڏهه هزار کن
فرزندان توحيد شرڪت ڪئي. تلاوت قرآن مجيد بعد صدر
صاحب ڪرسي تي ويهي مسٽر حاتم علوي کي جلسي جي
افتتاحي رسم ادا ڪرڻ لاءِ چيو.
مسٽر حاتم علوي مسلم شاگردن کي مخاطب ٿي چيو ته
اوهان کي پنهنجي حقوق جي حفاظت ڪرڻ لاءِ هر ممڪن
ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هينئر جڏهن ايل ڊبليو هاسٽل مان
آمريڪي فوجون نڪري ويون آهن، تڏهن اتي مسلمان
شاگردن کي رهڻ ڏنو وڃي. جيڪڏهن کين نه رهڻ ڏنو وڃي
ته زوري ان جو قبضو وٺڻ گهرجي. مسٽر حاتم علي جي
تقرير بعد استقباليه ڪاميٽي جي چيئرمين مسٽر احمد
خان بارڪزئي تقرير ڪئي. ان بعد شيخ عبدالمجيد صاحب
فيڊريشن جي عهديدارن جا نالا ظاهر ڪيا، جن کي مسلم
اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪائونسل منتخب ڪيو هو. ان بعد
صوبه سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي.ايم.سيد صاحب شاگردن
کي پنهنجي فرائض کان واقف ڪندي چيو ته اوهان جو
فرض آهي ته اوهان عوام ۾ بيداري آڻڻ لاءِ هر ممڪن
ڪوشش وٺو. ڇاڪاڻ ته اهو ڪم اوهان جي فرائض ۾ داخل
آهي. مسٽر جي.ايم.سيد شملا ڪانفرنس جي ناڪاميابي
جو ذڪر ڪندي، ان ڪانفرنس جي ناڪامي لاءِ ڪانگريسين
کي جوابدار ٺهرايو. مسلم شاگردن کي مخاطب ٿي
چيائين ته هينئر جڏهن ڪانگريس ڏسي رهي آهي ته مسلم
عوام مسلم ليگ جي پٺيان آهي تڏهن هو مسلم ليگ کي
ڌڪ هڻڻ لاءِ سڀ ئي جائز ۽ ناجائز طريقا اختيار ڪرڻ
تي ڪمرڪشي بيٺي آهي. جن مان هڪ هي به آهي، جو هو
قوم پرست ۽ ڪن ٻين مسلمانن کي منظم ۽ متحد ڪرڻ جون
تجويزون سوچي رهي آهي. تنهن ڪري اوهان مسلم شاگردن
جو فرض آهي
ته
اوهان اهڙي ڪوشش وٺو، جيئن ڪانگريس پنهنجي انهن
ناڪام ارادن ۾ ڪامياب ٿي مسلمانن جي تنظيم کي
نقصان نه رسائي سگهي! پڇاڙي ۾ چيائين ته ڪانگريس
چاهي ٿي ته مسلمانن کي خود اختياري جو حق نه ڏجي ۽
کين پنهنجن اڪثريت وارن صوبن ۾ حڪومت قائم ڪرڻ نه
ڏني وڃي. ليڪن ڪانگريس کي ياد رکڻ گهرجي ته
هندستان جي ڏهن ڪروڙن مسلمانن ۾ هينئر ايتري ته
سياسي بيداري اچي چڪي آهي جو هينئر ڪنهن به غير
قوم يا حڪومت جي ضابطي هيٺ رهڻ نٿا چاهين. شاهه
صاحب کان پوءِ علي محمد انصاري نالي ڪاليج جي
شاگرد پاڪستان متعلق نظم پڙهيو. ان بعد سيٺ يوسف
عبدالله هارون تقرير ڪندي چيو ته، اسان جي مسلم
قوم جو صحيح رهنما قائداعظم محمد علي جناح آهي،
جنهن لاءِ علامه مرحوم سر محمد اقبال ڏانهس سال
1935ع ۾ هڪ خط ۾لکيو هو ته موجوده وقت
۾
هندستان جي مسلمانن جي ڪشتي جو صحيح رهنمائي ڪندڙ
ناخدا مون کي ساري هندستان جي مسلمانن ۾ اوهان جي
شخصيت کان سواءِ ٻيو ڪو به ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.
جڏهن مرحوم علامه اقبال جهڙي شخصيت قائداعظم کي
مسلمانن جي رهنمائي لاءِ موزون ٿي سمجهيو، تڏهن
مون کي حضرت اقبال کان زياده هندستان ۾ ٻيو ڪو به
مسلمان نه ٿو سجهي جو مسلمانن جو وڌيڪ خيرخواهه
هجي. تنهن ڪري ان مان ثابت آهي ته اسان جو صحيح ۽
حقيقي رهنما محترم قائداعظم محمد علي جناح صدر آل
انڊيا مسلم ليگ ئي آهي. تنهن ڪري سڀني مسلمانن جو
فرض آهي ته هو ان جي هر حڪم جي تعميل ڪري، هر ڪنهن
قسم جي قرباني ڪرڻ لاءِ تيار رهي. پنهنجي نصب
العين پاڪستان حاصل ڪرڻ ۾ ڪوشان رهي. سيٺ صاحب
موصوف مسٽر حاتم علوي جي ڪيل تقرير جو حوالو ڏيندي
چيو ته جيڪا تقرير هن صاحب ڪئي آهي تنهن جو هڪ هڪ
نڪتو بي بها ۽ موتي کان زياده قيمتي آهي. مسلم
شاگردن کي ان تي عمل ڪري دنيا کي ثابت ڪري ڏيکارڻ
گهرجي ته جيڪڏهن مسلمان ڪنهن به ڳالهه ڪرڻ جو
مضبوط ارادو ڪري ٿو ته ان کي دنيا جي ڪا به طاقت
نه ٿي روڪي سگهي. مسٽر حاتم علوي پنهنجي تقرير ۾
چيو آهي ته مسلم شاگردن کي ايل، ڊبليو هاسٽل جو
زوري قبضو وٺڻ گهرجي، تنهن تي آءُ شاگردن کي چوندس
ته هو ان تي عملي قدم کڻي خالي ٿيل هاسٽل تي زوري
قبضو ڪري دنيا کي ثابت ڪري ڏيکارين ته جهڙي طرح
مسلم شاگردن هاسٽلن تي قبضو ڪيو، تهڙيءَ طرح هو
پنهنجو پاڪستان حاصل ڪري اتي اسلامي حڪومت قائم
ڪندا.
مقامي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙ سيد جمال الدين
بخاري تقرير ڪندي چيو ته مون کي وڏي خوشي ٿي آهي
جو آءُ ڏسي رهيو آهيان ته اڄ سنڌ جا مسلم شاگرد به
دنيا جي حالت کان متاثر ٿي ان موجب قدم کڻي رهيا
آهن. جيڪڏهن انهن جي اها رفتار رهي ته مون کي يقين
آهي ته هو به دنيا جي ٻين ترقي يافته قومن جي
شاگردن وانگر زندگي جي هر شعبي ۾ ڪامياب ٿيندا.
سنڌي علم ادب جو ذڪر ڪندي ڪامريڊ بخاي چيو ته سنڌ
کي پنهنجي علم
و
ادب جو وڏو ذخيرو آهي جيڪڏهن سنڌ جا مسلم نونهال
ان کي جياري شعر و شاعري ۽ مضمون نگاري وڌائڻ جي
ڪوشش ڪندا ته سنڌي علم و ادب مالا مال ٿي سگهي ٿو
۽ هر قوم ۽ ملڪ جي واڌاري جو دارومدار ان ملڪ جي
ڏيهي ٻولي جي واڌاري ۽ سڌاري تي آهي. سنڌ
جا
جاگرافيائي حالات بيان ڪندي چيائين ته سنڌ هڪ
زراعت پيشه صوبو آهي، تنهن ڪري ان کي زور وٺائڻ
لاءِ مسلم شاگردن کي جڳائي ته هو سرڪار تي زور
آڻين ته هو اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ زرعي تعليم جو
بندوبست ڪري ته جيئن هو پنهنجي صوبي جي زرعي حالت
سڌاري،ان کي هڪ شاهوڪار ملڪ بنائين. سڄي سنڌ جي
ڪاروبار جو مدار هارين نارين تي آهي، تنهن ڪري
اوهان مسلم شاگردن جو فرض آهي ته اوهان سرڪار تي
زور آڻيو ته هو هارين نارين جي اولاد لاءِ تعليم
جو خاطرخواهه بندوبست ڪري.
ڪراچي جي مسلم شاگردن جي رهائش جو ذڪر ڪندي چيائين
ته جن شاگردن کي رهڻ جي لاءِ پورو اجهو به ميسر نه
آهي سي پنهنجي تعليم ڪهڙي طرح حاصل ڪري سگهندا؟ جا
سرڪار شاگردن کي رهڻ جي جاين جو بندوبست ڪري ڏيڻ ۾
قاصر رهي آهي سا سرڪار حڪومت ڪرڻ جي اهل نه آهي.
جنهن مان ثابت آهي ته موجوده حڪومت جو سرشتو ئي
بيڪار ۽ نڪمون آهي. ان بعد قاضي عبدالمنان هيٺيون
ٺهراءُ پيش ڪيو.
صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي هي ڪانفرنس آل
انڊيا مسلم ليگ جي پريزيڊنٽ محترم قائداعظم محمد
علي جناح جي قيادت ۽ سعادت ۾ مڪمل عقيدت مندي جو
اظهار ٿي ڪري ۽ هن شملا ڪانفرنس ۾ جيڪو رخ اختيار
ڪيو تنهنجي پڻ حمايت ڪري ٿي.
”تاريخ 9 آڪٽوبر 1945ع تي صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس
فيڊريشن جي ڪائونسل جو اجلاس فيڊريشن جي آفيس
(ڪراچي) ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ هيٺيان ٺهراءُ بحال
ٿيا:
1.
صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪائونسل جو هي
اجلاس صوبه سنڌ مسلم ليگ ليڊرن جي اندروني اختلاف
کي ننديندي، کين استدعا ٿي ڪري ته باهمي اختلاف
دور ڪري، ڪانگريسي ڇاڙتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مسلم
عوام جي همدردي حاصل ڪريو. هي ميٽنگ سنڌ جي
مسلمانن کي به استدعا ٿي ڪري ته پاڻ ۾ متحد ٿي
پاڪستان جي مسلم ليڊرن کي پاڻ ۾ متحد ڪرڻ لاءِ مٿن
زور آڻين.
2.
هي اجلاس گهڻي غور و فڪر بعد ان نتيجي تي پهتو آهي
ته موجوده چونڊون سنڌ جي مسلمانن لاءِ بلڪل نازڪ
آهن. موجوده جنگ ختم ٿيڻ بعد سنڌ جي مسلم قوم لاءِ
قحظ ۽ رشوت جو انديشو آهي ۽ سنڌ جي مسلم شاگردن
لاءِ وري بيروزگاري جو خطرو آهي.
تنهن ڪري ڪاميٽي هن نتيجي تي پهتي آهي ته جيستائين
ايندڙ چونڊن بعد سنڌ اسيمبلي ۾ مسلمانن جي مضبوط
پارٽي جي حڪومت قائم نه ٿيندي، تيستائين مٿي ذڪر
ڪيل مصيبتن مان نجات حاصل ڪرڻ جي ڪا به اميد نه
آهي.
انهن
حالات جي مدنظر، ليگ پارٽي ئي آهي جا مسلم عوام جا
اهي سڀ مطالبا پورا ڪري سگهي ٿي.
مٿي ذڪر ڪيل حالات جي مدنظر صوبه سنڌ مسلم
اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪائونسل جي هي ميٽنگ سڄي صوبي
جي مسلم شاگردن کي اپيل ٿي ڪري ته اسڪولن ۽
ڪاليجن مان نڪري پنهنجا نالا اچي مسلم ليگ
اميدوارن جي ورڪرن ۾ داخل ڪرائين. هي ميٽنگ سنڌ جي
مسلم عوام کي مشورو ٿي ڏئي ته پنهنجي مختلف ڳوٺن ۽
شهرن ۾ چونڊن لاءِ انتخابي ڪاميٽي قائم ڪن ته جيئن
مسلم ليگ وارن کي سو فيصد ڪاميابي حاصل ٿي سگهي.
هي ميٽنگ مسٽر هينري ٽرو مين جي ان تجويز
کي ناواجب ۽ نامناسب ٿي سمجهي، جنهن جو مطلب آهي
ته فلسطين جي مسلم ڀائرن سان مشڪلات جي وقت ساڻن
همدردي ڏيکارڻ پنهنجو فرض سمجهي، ملڪ جي موجوده
تعطل حل ڪرڻ لاءِ انتظاري ٿي ڏيکاري، جيڪو تعطل ۽
ڇڪتاڻ فلسطين ۾ يهودين کي داخل ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ
ڪري پيدا ٿيو آهي. هي ميٽنگ برطانيه جي وزيراعظم
مسٽر ڪليمينٽ ائٽليءَ کي تنبيهه ٿي
ڪري
ته جيڪڏهن فلسطين ۾ هڪ لک يهودين کي داخل ٿيڻ جي
اجازت ڏني وئي ۽ هندستان جي مسلمانن ۽ فلسطينين جي
مرضي خلاف اتي ڪو به قدم کنيو ويو ته صوبي سنڌ جا
مسلم شاگرد خصوصن ۽ سڄي هندوستان جا مسلمان عمومن
اهڙي قدرتي ناراضگي ڏيکاري مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار
ٿيندا، جنهن جا نتيجا بلڪل خراب نڪرندا.
آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي تازو بمبئي ۾
جيڪو رخ مسلم ليگ ڏانهن اختيار ڪيو، تنهن تي هي
ميٽنگ اظهار افسوس ٿي ڪري، هي
اجلاس ان راءِ جو آهي ته ڪانگريس جي اهڙي مسلم ليگ جي خلاف اختيار ڪيل
پاليسي ملڪ ۾ فرقه وارانه ڇڪتاڻ پيدا ڪندي جا
ڳالهه نه فقط هندستان جي آزادي جي ٺاهه ۾ هڪ قسم
جي رنڊڪ ثابت ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ هندستان تي
انگريزن جي حڪومت وڌيڪ وقت لاءِ قائم رهندي.
جيئن ته هندستان جا مسلمان هينئر سڀني
حالتن کان بخوبي واقف آهن، تنهن ڪري هينئر ڪانگريس
منجهانئن ڪو ناجائز ۽ غير واجب فائدو نه وٺي
سگهندي. هي ڪانفرنس ليڊرن کي خبردار ڪرڻ ٿي گهري
ته جڏهن هندستان جا مسلمان مسلم ليگ جي جهنڊي
هيٺيان جمع آهن، تڏهن انهن ۾ اختلاف پيدا ڪرائي
سندن اتحاد کي ٽوڙڻ لاءِ هو جيڪي ڪوششون ڪري رهيا
آهن سا سندن وڏي غلطي آهي. تنهن ڪري ڪانگريس لاءِ
صلاح واري ڳالهه اها آهي ته، هو جيڪي پئسا مسلمانن
جي اتفاق ٽوڙڻ لاءِ صرف ڪري رهي آهي، سي کيس نيڪ
ڪم ڪرڻ لاءِ خرچ ڪرڻ گهرجن.
صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي
ڪائونسل جي هي ميٽنگ مرڪزي اسيمبلي ۾ ڪانگريس
پارٽي جي سابق نائب صدر خان عبدالقيوم خان، مرڪزي
سرڪار جي بچاءُ کاتي جي سابق ميمبر ملڪ سر فيروز
خان نون، صوبه سنڌ جي سابق انجنيئر کاتي جي وزير
عبدالستار ۽ پنجاب صوبي ڪانگريس ڪاميٽي جي
پريزيڊنٽ ميان افتخارالدين جي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ
ڪري سندس گرم جوشي سان خيرمقدم ٿي ڪري. هي ميٽنگ
انهي راءِ جي آهي ته انهن صاحبن جي مسلم ليگ ۾
شامل ٿيڻ ڪري هندستان جي مسلم قوم جي واحد نمائنده
جماعت کي مدد حاصل ٿيندي.
هن موقعي تي هي ميٽنگ هندستان جي انهن
سڀني مسلمانن کي استدعا ٿي ڪري ته جيڪي قوم پرست
مسلم ليگ ۾ شامل نه ٿيا آهن سي مسلم قوم جي مفاد
خاطر سڀ مسلم ليگ ۾ شامل ٿين.
صوبه سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي
ڪائونسل جو هي اجلاس هن راءِ جو آهي ته جيئن ته،
جنگ ختم ٿيڻ سبب فوجون واپس پنهنجن ملڪن ڏانهن
موڪليون ويون آهن ۽ جيڪي جايون فوجن جي رهائش لاءِ
سرڪار پنهنجي قبضي ۾ ڪيون هيون، سي عام ماڻهن کي
واپس ڏنيون پيون وڃن، انهيءَ حالات جي ڪري هي
ميٽنگ سنڌ سرڪار تي زور ٿي آڻي ته ليسلي ولسن
هاسٽل سنڌ جي مسلم شاگردن کي موٽائي ڏني وڃي. جن
لاءِ اها مخصوص آهي. جيئن شاگرد پنهنجي ايندڙ ٽرم
لاءِ پنهنجو مطالعو سهولت سان ڪري سگهن. ڇا لاءِ
ته امتحان به بلڪل عنقريب ٿيڻ وارو آهي.
سال 1945ع ۾ مرڪزي اسيمبلي جون چونڊون
ٿيون، سنڌ جا مسلمان شاگرد مسلم ليگ اميدوار جي
حمايت ۾ راءِ عامه کي مسلم ليگ جي حمايت ۾ آندو.
”سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جي زير اهتمام شاگردن جون جدا
جدا ٽوليون تعلقن جي جدا جدا پولنگ اسٽيشن ڏانهن
موڪليون ويون. هڪ دستو احمد خان بارڪزئي جي هٿ هيٺ
ڳڙهي ياسين جي ڏکڻ ۽ امروٽ ڏانهن موڪليو ويو.
امروٽ واري تڪ تي شاگردن سرگرمي سان پروپئگنڊه
ڪئي، نعرن ۽ تقريرن رستي ووٽرن تي اثر وڌو ويو ته
مسلم ليگ اميدوار يوسف هارون کي ڪامياب ڪن.
ٻيو دستو ضياءُ الدين احمد شيخ جي زير
نگراني شڪارپور تعلقي جي مختلفل پولنگ تي ڪم ڪري
رهيو هو. مسلم ليگ ورڪرن سان گڏ ووٽرن کي آڻڻ جو
انتظام ڪرڻ ۽ پروپئگنڊه ڪرڻ ۾ منصب علي انصاري
گهڻي محنت ڪئي.
ٽيون دستو منور علي مغل جي هٿ هيٺ سکر
تعلقي ۾ ورڪ ڪئي. اهڙي طرح لاڙڪاڻي جي پولنگ تي
مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي طرفان موٽرن تي چڙهي
پروپئگنڊه ڪئي. انهن ۾ علي گوهر کهڙو، الطاف حسين
۽ غلام قادر نهايت محنت سان ورڪ ڪئي.
”سال 1946ع واريون عام چونڊون، جن جي
نتيجي جي بنياد تي پاڪستان کي وجود ۾ اچڻو هو،
مسلمانن لاءِ هڪ نهايت ڏکيو مسئلو هو. ان ڏس ۾
شاگردن جي مدد جي سخت ضرورت هئي. انهي ڪري مسلم
ليگ طرفان کين اپيل ڪئي وئي ته هو مسلم ليگي
اميدوارن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ميدان ۾ اچن.
شاگردن انهيءَ اپيل تي لبيڪ چئي. ان ۾ ڪو به شڪ
ڪونهي ته مسلمان شاگرد شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڃي عام راءِ
کي هموار نه ڪن ها ته مسلم ليگي اميدوار وڏي
اڪثريت سان ڪامياب نه ٿين ها.
سنڌ ۾ 1946ع جي پهرين اليڪشن دوران ”سنڌ
مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان 15 شاگردن جو جٿو
بشير احمد صديقي جي اڳواڻي ۾ ضلعي دادو ڏانهن
موڪليو ويو جن جي.ايم.سيد جي تڪ ۾ جي.ايم.سيد
جي مخالفت ۾ ڪم ڪيو.
هي دستو 6 جنوري 1946ع
تي
ڪراچي مان روانو ٿيو ۽ واٽ تي گهارو ۽ ٺٽي ۾ ورڪ
ڪيو. 8 تاريخ ڪوٽڙي ۽ سيوهڻ روانو ٿيو، جتي مسلم
اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي لاري کي حادثو پيش آيو جنهن ۾
هڪ ورڪر محمد اقبال قريشي زخمي ٿيو جنهن کي واپس
حيدرآباد جي اسپتال ۾ ”داخل ڪيو ويو.
اهڙي طرح شاگردن جا جٿا مقرر ڪري مسلم
ليگي اميدوارن جي حمايت ۾ پروپئگنڊه ڪرڻ لاءِ
موڪليا ويا. نتيجي طور مسلم ليگ وڏي اڪثريت سان
ڪامياب ٿي.
قائداعظم محمد علي جناح جڏهن ڪانگريس ۽
انگريز سرڪار کان مايوس ٿي ”سڌي قدم“ جو ڏينهن
ملهائڻ لاءِ مسلمانن کي اپيل ڪئي، تڏهن سنڌ جي
مسلمانن ان تي لبيڪ چئي سڄي سنڌ ۾ جلسا ۽ جلوس
ڪڍيا. مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي طرفان ”سڌي قدم“
ملهائڻ لاءِ پروگرام مرتب ڪيو ويو. ”آل انڊيا
مسلم ليگ ڪائونسل جي فيصلي موجب 16 آگسٽ 1946ع تي
سڌي قدم کڻڻ جي سلسلي ۾ جيڪو ڏينهن ملهائڻو
هو،
تنهن تي صوبي سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن هيٺيون
پروگرام مرتب ڪيو.
مقامي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سڀني مسلم
شاگردن کي استدعا آهي ته هو 16 آگسٽ واري ڏينهن
تي مٿي ۾ جناح ڪيپ ۽ شلوار پائي اچن.
1.
سنڌ مسلم ڪاليج ۾ جهنڊي لهرائڻ جي رسم ادا ڪرڻ،
ساڍي اٺين صبح کان نائين بجي صبح تائين.
2.
سنڌ مسلم ڪاليج کان ليسلي ولسن مسلم هاسٽل تائين
جلوس ڪڍڻ.
3.
ليسلي ولسن ۽ مسلم هاسٽل ۾ ان موقعي تي هڪ جلسو
مسٽر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيندو،
جنهن ۾ شيخ غلام حسين هدايت الله، مسٽر محمد هاشم
گذدر، مير غلام علي ٽالپر ۽ پير الاهي بخش ۽ ٻيا
تقريرون ڪندا.
انهن مٿئين
پروگرام موجب شاگردن ”سڌو قدم“ وارو ڏينهن ملهايو
۽ پاڪستان جي موضوع تي تقريرون ڪيون ويون. سال
1946ع ڊسمبر ۾ سنڌ اسيمبلي جون ٻيهر چونڊون ٿيون.
هي چونڊون پاڪستان جي بنياد تي لڙيون ويون. سنڌ جي
شاگردن مسلم ليگ جي حمايت ۾ ورڪ ڪيو.
”قائداعظم هڪ سئو (شاگرد) علي ڳڙهه جا
رضاڪار موڪليا جن جو ليڊر مسٽر منظر عالم ۽ ڊپٽي
ليڊر مسٽر اي ٽي ايم مصطفيٰ هو. يقينن علي ڳڙهه جي
شاگردن بينظير ڪم ڪيو.
انهن سان گڏ سنڌ جي شاگردن مسلم ليگ جي
حمايت ۾ جلسن ۽ جلوسن ۾ تقريرون ڪيون.
اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي برانچن جا عهديدار ۽ ڪارڪن
نيشنل گارڊس پڻ سخت محنت ڪئي. جهڙوڪ قاضي محمد
اڪبر (ڪراچي) محمد عظيم (نوابشاهه) حاڪم علي
زرداري (نوابشاهه) قاضي فيض محمد چاچا پاڪستاني،
قاضي فيض محمد (محرابپور) جان محمد ايم عطار
(مورو) محمد هاشم ملنگ (مورو) در محمد اوستو (جيڪب
آباد) عبدالنبي شيخ (سکر) عبدالشڪور منشي
(حيدرآباد) وغيره.
”نيشنل گارڊ جا ميمبر ناري ۽ ميرپورخاص
ڊويزن ۾ مسلم ليگ اميدوارن لاءِ اليڪشن جو ڪم ڪرڻ
لاءِ سالار نيشنل گارڊ پاڻ سان غلام قادر، گل محمد
۽ ٻيا ڏهه نيشنل گارڊ ڪمانڊ ۾ وٺي عمرڪوٽ کان
اليڪشن جي ڪم لاءِ نڪتو. هو صاحب پنهنجي دستي سان
گڏ ڪرتاءُ، بوزدار، ساماري، جيمس آباد، ڪاڇيلي،
ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏي، نئين ڪوٽ، فضل ڀنڀرو،
نبي سر روڊ ۽ ڪنري مان ٿي عمرڪوٽ پهتو.
اهڙيءَ طرح دادو تڪ ۾ بشير احمد صديقي
شاگرد لا ڪاليج ڪراچي ۽ ٻيا شاگرد گڏجي قاضي محمد
اڪبر جي حمايت ۾ ورڪ ڪئي. هر هنڌ جلسا ڪري قرآن
شريف جون آيتون پڙهي ۽ مولود چئي، جلسن ۾ تقريرون
ڪيون. ساري سنڌ ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ مدرسن جا شاگرد
ٽولين جي شڪل ۾ مسلم ليگ جي اميدوارن جي حمايت ۾
ورڪ ڪئي. مسلم شاگردن جي جدوجهد ۽ اڻ ٿڪ محنت جي
ڪري راءِ عامه کي مسلم ليگ جي حمايت ۾ ڪيو. مسلم
ليگ جي اميدوارن جي ڪاميابي ۾ سنڌ جي مسلمان
شاگردن جو وڏو حصو آهي. نتيجي ۾ مسلم ليگ جي
اميدوارن
اڪثريت
سان
ڪاميابي حاصل ڪئي.
باب
ڏهون
تحريڪ پاڪستان
۽
سنڌ
جون
مسلمان عورتون
تحريڪ پاڪستان ۾ جتي هندستان جي ٻين
مسلمان عورتن ڪم ڪيو اتي سنڌ جي مسلمان عورتن پڻ
اهم ڪردار ادا ڪيو. مسلمان عورتن مردن سان گڏ
ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪيو. اها پڻ حقيقت آهي ته
جيتري مردن کي آزادي جي ضرورت هئي عورتن کي به
آزادي جي ضرورت هئي،
عورتن کي به آزادي جي لاءِ تڙپ هئي، مسلمانن کي
ڪڏهن به آزادي نه ملي سگهي ها؛ جيڪڏهن عورتون عملي
طرح ان ۾ حصو نه وٺن ها. عورتن جي تعاون ۽ مدد کان
سواءِ ڪڏهن به مقصد ۽ منزل حاصل نه ٿي سگهي ها؛
تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جي مسلمان عورتن جو ڪردار
تعريف جي قابل آهي، انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته
مسلمان مرد ته تعليمي ميدان ۾ پٺتي پيل هئا پر
مسلمان عورتون بلڪل ئي علم جي زيور کان خالي هيون.
عورتن ۾ تعليم جو نه هئڻ جو خاص سبب انگريز حڪومت
جي سامراجي پاليسي ۽ رسم و رواجن جون زنجيرن هيون.
سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون عورتون هيون جن
پنهنجن گهرن منجهه ئي تعليم حاصل ڪئي، تاهم گهرو
تعليم عورتن جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ناڪافي هئي.
اهي صرف پڙهي ۽ لکي سگهنديون هيون. تعليم جو اهو
رواج صرف مسلمانن جي دولتمند خاندانن ۾ هو، هي
عورتون سنڌي ۽ فارسي لکي ۽ پڙهي سگهنديون هيون. ۽
گهڻن کي ته صرف قرآن پاڪ جي تعليم ڏني ويندي هئي.
1937ع ۾ قائداعظم محمد علي جناح، آل انڊيا مسلم
ليگ سب ڪاميٽي جي ٻيهر تنظيم ڪئي. انهي دوران آل
انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ هڪ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.
جنهن ۾ هڪ وومين مسلم ليگ ڪاميٽي جي تنظيم ڪئي
وئي، ان ڪاميٽي جي صدر بيگم محمد علي کي بنايو
ويو. جنهن ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ دورا ڪري صوبن جي هر هڪ
ضلعي ۾ برانچون قائم ڪيون. انهيءَ ڪاميٽي ۾ هر هڪ
صوبن مان هيٺيون عورتون شامل ڪيون ويون.
آل انڊيا مسلم ليگ وومين سب ڪاميٽي
سنڌ: بيگم نصرت عبدالله هارون
پنجاب: بيگم شاهنواز، بيگم تصدق حسين،
فاطمه بيگم ، بيگم وقار النساءِ
بينگال: بيگم اختر سليمان
يو
پي: بيگم راحيلا شيرواني، بيگم عزيز رسول،
بيگم اسماعيل خان، بيگم وسيم ۽ بيگم حبيب الله
سي
پي: بيگم صديق علي خان
دهلي: بيگم شائسته اڪرام الله، بيگم
اقبال حسين ملڪ، بيگم انجمن آرا، بيگم نورالصباح،
بيگم قيصر انور علي.
مدراس: بيگم حافظ
بمبئي: مس فاطمه جناح
مٿئين وومين سب ڪاميٽي مسلم ليگ لاءِ ڪم
ڪيو. ڪاميٽي جي صدر مسلم ليگ جي پروگرام کي عوام
تائين پهچائڻ لاءِ ڳوٺن جو دورو ڪيو. ٻن سالن کان
پوءِ بيگم نصرت عبدالله هارون آل انڊيا وومين مسلم
ليگ جي صدر نامزد ٿي. جنهن پوري ملڪ جو دورو ڪري
مسلمان عورتن کي منظم ڪيو. 1943ع ۾ بيگم عبدالله
هارون کي آل انڊيا وومين مسلم ليگ سب ڪاميٽي جو
صدر نامزد ڪيو ويو. هن پوري ملڪ جو دورو ڪري
مسلمان عورتن کي تحريڪ پاڪستان لاءِ سجاڳ ڪيو.
انهي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ بيگم نصرت عبدالله هارون
دهلي ۾ ”نصرت ڪلب“ جو بنياد وڌو. بيگم صاحبه ڪلب
منجهه مسلمان عورتن اڳيان آزادي جي تحريڪ لاءِ
تقريرون ڪندي هئي. نصرت ڪلب کي صرف مسلمان عورتن
لاءِ مخصوص ڪيو ويو جيڪو صرف مسلمان عورتن جي
تحريڪ جو مرڪز هو.
تاريخ 26 اپريل 1943ع
تي
دهلي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾
ٺهراءُ منظور ڪيو ويو، جنهن
۾ چيو ويو ته
آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس 1941ع
۾
مدراس ۾ منعقد ٿيو هو، جنهن جي قرارداد نمبر 8
مطابق
ڪاميٽي کي اختيار ڏنو ويو هو ته ڪاميٽي جي ڪنهن به
ميمبر جي جاءِ موت، استعيفيٰ يا ڪنهن ٻئي سبب خالي
ٿئي ته اها ڀري سگهجي ٿي،
تنهن مطابق خالي ٿيل جاين تي
سنڌ جي هيٺين عورتن کي آل انڊيا سب ڪاميٽي لاءِ
نامزد ڪيو ويو.
تنهن مطابق خالي ٿيل جاين تي
نصرت عبدالله هارون، بيگم انور هدايت الله ۽ بيگم
جي الانا.`
|