سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 14

مخالفت ڪندڙ هئا:

1. راجا صاحب گوڪلداس   2. ڊاڪٽر هيمنداس آر واڌواڻي  3. لعلومل آر موٽواڻي.[1]  هندو ڪانگريسي ۽ ٻين آزاد هندو ميمبرن هن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.

        ”جڏهن پاڪستان جو ٺهراءُ سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پيش ڪيو ويو تڏهن ٻن هندو وزيرن ۽ هڪ هندو پارليامينٽري سيڪريٽري قرارداد جي خلاف ووٽ ڏنو ۽ ست ڪانگريسي ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، مگر ايوان پاڪستان جو ٺهراءَ پاس ڪري مطالبو ڪيو ته هندستان کي ٻن حصن ۾ ورهائي، ڀارت ۽ پاڪستان، ٻه جدا ملڪ بنايا وڃن. هندستان ۾ سنڌ واحد صوبو هو جتي مسلم ليگ جي وزارت هئي ۽ هي وزارت ڪاميابيءَ سان ورهاڱي تائين هلي.[2] هن وزارت ۾ ٻه هندو وزير شامل هئا، اهي هندو وزير ڪانگريسي ته ڪو نه هئا مگر مسلم ليگ سان اتحاد ڪري تعاون ۾ رهيا، مگر جڏهن به مسلمان ۽ هندو جو سوال سامهون ٿي آيو ته هندن هميشه  اهو سوال سامهون رکي هندو مفاد لاءِ ڪم ڪيو. هندن پاڪستان جي سخت مخالفت ڪئي، مسلم ليگ جي ٺهرائن جي مخالفت ۾ هميشه ٺهراءَ پاس ڪندا رهيا. سنڌ اسيمبلي جي ٺهراءَ هندستان جي ٻين اسيمبلين کي متاثر ڪيو: هندستان جي ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ مسلم ليگ جي حمايتي وزارت نه هئي. ڪنهن به صوبي مان اهڙي قرارداد منظور ٿي نه سگهي. ”تاريخ 7 مارچ 1943ع تي مسلم ليگ ڪائونسل پنهنجو ٺهراءُ سنڌ مسلم ليگ جي پاس ڪيل ٺهراءُ جي روشني ۾ پاس ڪيو. آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪائونسل، سنڌ صوبائي اسيمبلي جي فيصلي موجب، جنهن ۾ پاڪستان جي منصوبي تحت جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ 23 مارچ 1940ع تي لاهور واري اجلاس ۾ پاس ڪيو هو، انهيءَ موجب منظور ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اڳتي هلي مسلم اڪثريتي وارا صوبا سنڌ جي نقش قدم تي هلندا.(1) آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل جي هن ٺهراءَ جي موٽ ڪٿان به ڪا نه ملي. ڪنهن به مسلمان اڪثريتي صوبي جي اسيمبلي ۾ اهڙي  قرارداد پاس نه ٿي سگهي. سنڌ هر طرح سان ٻين صوبن کان اڳتي وڌي پاڪستان لاءِ جدوجهد ٿي ڪئي. قائداعظم سنڌ سان تعلق رکندڙ هو. ان جو ذاتي اثر سنڌ جي سياست تي اثرانداز ٿيو. 1943ع تائين ڪا به صوبائي اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ پاس نه ڪري سگهي؛ مسلم ليگ جي وزارت سنڌ ۾ قائم ٿي. مگر ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ مسلم ليگ جي وزارت نه هئي؛ مولوي فضل حق جي وزارت ٿورو وقت مسلم ليگ سان وابسته رهي. ”1940ع واري قرارداد لاهور به، مولوي فضل حق پيش ڪئي. ان جي حمايت يو پي جي چوڌري خليق الزمان کان انهيءَ ڪري ڪرائي ويئي جو چار سال اڳ  هي پڪو پڪو ڪانگريسي هو، متان وري ڦري ڪانگريس ڏي نه وڃي.“(2)

        پنجاب ۾ يونينسٽ پارٽي اقتدار ۾ هئي، سکن جي حمايت هن جماعت سان هئي ۽ ڪانگريس جو به تعاون هن ئي جماعت سان هو. پنجاب ۾ مسلم ليگ جي ميمبرشپ نه وڌي سگهي حالانڪه اتي به اڪثريت مسلمان ميمبرن جي هئي. ساڳي حالت بنگال ۾ هئي، اتي به اڪثريت مسلمانن جي هئي مگر مسلم ليگ جي وزارت ٺهي نه سگهي.(1)

ڪراچي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو 31 اجلاس 1943ع

        تاريخ 24 ڊسمبر 1943ع تي ڪراچي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ايڪٽيهون اجلاس منعقد ٿيو. هن اجلاس جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. اجلاس جو پنڊال خوبصورت جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. هر هنڌ تي مسلم نيشنل گارڊ پنهنجي سالارن سان فرائض انجام ڏيئي رهيا هئا. هن جلسي ۾ اٽڪل 80 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. اسٽيج جي وچ تي چانديءَ جي ڪرسي جناح صاحب لاءِ رکي ويئي، ساڻس گڏ استقباليه ڪاميٽي  جو چيئرمين محترم جي.ايم.سيد ۽ جنرل سيڪريٽري نوابزاده لياقت علي خان ۽ استقباليه ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري يوسف هارون ويٺل هئا. هن جلسي ۾ هندستان جي ٻين مکيه اڳواڻن شرڪت ڪئي جهڙوڪ: پنجاب جو وزيراعظم ملڪ خضر حيات، سردار اورنگزيب خان (صوبي سرحد جا وزير، پارليامينٽري سيڪريٽري ۽ آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ آل انڊيا اسٽيٽس مسلم ليگ جا صدر، نواب بهادر يار جنگ انهن سان گڏ قائداعظم جي همشيره محترمه فاطمه جناح، ليڊي هارون، بيگم طاهره اعجاز آغا شامل هيون. انهن کان علاوه سنڌ جون معزز شخصيتون وڏيرو بانڪو خان ميرپورخاص، وڏيرو يار محمد خان ميرپورخاص، وڏيرو محمد حيات ميرپورخاص، سيد احمد شاهه گرهوڙ، خان صاحب غلام قادر ناريجو ٿرپارڪر، سيد خير شاهه، انهن صاحبن هڪ هڪ هزار رپيا چندو ڏنو ۽ انهن کان علاوه جن پنج سئو رپيا چندو ڏنو سي به اسٽيج تي نمايان هئا.

جي.ايم.سيد جي تقرير

        سڀ کان اول استقباليه ڪاميٽي جي جنرل سيڪريٽري يوسف هارون آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو. ان بعد استقباليه ڪاميٽي جي چيئرمين جي.ايم.سيد پنهنجي مرحبائي تقرير ڪئي. هن پنهنجي تقرير ۾ سنڌ ۽ مختلف دريائن ۽ انهن جي لڳ ڪنارن وارين ايراضين تي پاڪستان قائم ڪرڻ تي زور ڏنو. هن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ”اوهان سڀني جو هن سرزمين سنڌو ۾ خيرمقدم ڪريان ٿو. سنڌو مان منهنجو مطلب ايشيا کنڊ جو اهو ڀاڱو آهي جو درياءِ سنڌ ۽ ان سان مختلف ندين جي ڪناري سان لاڳو ملڪ آهي. قديم زماني ۾ سنڌو هتي جدا جدا ملڪ سڏبا هئا، سنڌو ۾ ڪشمير، صوبو سرحد، پنجاب، بلوچستان ۽ موجوده صوبو سنڌ شمار ڪيا ويندا هئا. ليڪن جيئن زمانو گذرندو ويو، تيئن انهيءَ نالي وارو ملڪ ايراضيءَ ۾ گهٽبو ويو، تان جو هينئر درياءِ سنڌ جي فقط آخري حصي واري ايراضيءَ سان وڃي منسوب ٿيو آهي. اڄ انهيءَ حقيقت کان واقف رهي، اسان انهيءَ منزل ڏانهن دوباره وکون وڌائي رهيا آهيون، جنهن ۾ اهي سنڌ جا مختلف حصا وري ملي هڪ ٿي ويندا جنهن جو راز پاڪستان جي پياري نالي ۾ منحصر آهي. (1)

        جي.ايم.سيد پنهنجي تقرير ۾ هندو مسلمان اتحاد تي زور ڏنو ته جيئن آزادي ملي سگهي. هن چيو ته ”ارمان آهي ته عارضي ۽ بي بقا“ ڳانڍاپي آڻن لاءِ هند جا ڪي باشندا هن سرزمين جي باشندن کي ڀنڀلائي ڀڙڪائي رهيا آهن ۽ اسان جي هن سرزمين جا ڪي مسلم خواه غيرمسلم دوست انهيءَ جي گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊا جي اثر هيٺ اچي ويا آهن ۽ هن تاريخ خواه حقيقت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ۽ ”متحده قوميت“ ۽ ”متحده هندستان“ ته ٺهيو پر ساري روءِ زمين کي متحد ڪرڻ گهرن ٿا.

        الله تعاليٰ شل اسان جي دوستن کي راهه هدايت نصيب ڪري. مگر جيڪڏهن هو غير جي جادو بياني جي ڄار کان پاڻ آزاد (آجو) نه ڪندا ته ان مان اجايو فتنو ۽ فتور پيدا ٿيندو. سرزمين سنڌ جا باشندا هاڻي سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ دنيا جي نئين نظام جي تنظيم ۾ بهرو وٺڻ لاءِ هن کي غير جي اثر کان ضرور آزاد ڪرائڻ گهرجي. آءُ وري به ملڪ جي غيرمسلمانن کي اپيل ٿو ڪريان ته اسان سان هٿ ۾ هٿ ڏيئي پنهنجي وطن کي آزاد ۽ خودمختيار بڻائڻ ۾ مدد ڪن.(1)

        هندن جي ڪردار تي نڪته چيني ڪندي هن چيو ته ”مسلمانن کان خريد ڪريو، جي تحريڪ جڏهن اسان شروع ڪئي ته هنن (هندن) هاءِ گهوڙا مچائي ڏني، هنن ظاهر ثبوت ڏنو ته اسان جي انهن دوستن ۾ قوميت جو  احساس بلڪل ڪو نه آهي، اسان جا مسلمان هنر خواه دولت ۾ پٺتي پيل آهن تنهن ڪري اسان جي غيرمسلم هم وطن دوستن کي جيڪڏهن قوميت جو صحيح جذبو هجي ها ته، جيڪر اسان جي انهيءَ تحريڪ جي تائيد ڪري مسلمانن کي  همٿائين ها ۽ ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو بنياد ۽ ان جي باشندن جي اقتصادي بهتريءَ جو باعث بڻجي پوي ها. مگر جڏهن به ڪي مسلمان پنهنجي مسلم ڀائرن جي سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته کين همٿائڻ جي عيوض اسان جا غيرمسلم دوست پاڻ مسلمانن جي مخالفت ۽ ان تي اعتراض ڪن ٿا. مگر هو نه ٿا ڏسن ته سندن اها روش سندن قومي اتحاد جي قلت ۽ سندن سنگدلي جو مظاهرو ڪري ٿي؛ جنهن  مان قومي اتحاد جي اميد بلڪل نابود ٿي وڃي ٿي. انهيءَ هوندي به جيڪڏهن هو انهيءَ روش تان نه هٽندا ته پوءِ مسلمانن لاءِ فقط هي رستو رهندو جو، اسان الله تعاليٰ تي توڪل رکي پنهنجي نجات ۽ فلاح جي رستي تي وک اڳتي وڌايون.

        محترم جي.ايم.سيد هندستان جي ٻين صوبن جي مسلمانن کي دعوت ڏني ته، هو سنڌ ۾ اچي تحريڪ کي زور وٺائين ۽ سنڌ ۾ اچي تجارتي ۽ هنري سرگرميون پيدا ڪن. هتي اچي پئسو سيڙائين، دڪان کولين، هنري ڪارخانه قائم ڪن، جيڪي لک هتان جي غيرمسلم جي قبضي ۾ آهن. انهي لاءِ اچي اسان جي مدد ڪن. هن تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته ”پاڪستان جي ڏيک ۾ جيڪي هند جي مسلمانن نيڪ ڪوششون ڪيون آهن، تن جو مون کي پورو پورو اعتراف آهي..... هن زمين جا باشندا قرباني ڪرڻ لاءِ تيار آهن ۽ حالتون به سازگار آهن. مگر اسان کي ضرورت مخلص ڪارڪنن ۽ سرمائي جي آهي؛ مخلص ڪارڪنن مان منهنجي مراد آهي مرد ۽ عورتون آهن، جيڪي ملت ۽ مذهب خاطر هن ملڪ ۾ اچي سياسي ۽ معاشري ترقي لاءِ خدمت ڪن. سرمائي مان منهنجو مطلب آهي ته هند جا مسلمان سرمائيدار، آئنده پنهنجي تجارتي ۽ هنري سرگرميون هن سرزمين ڏانهن منتقل ڪن، جيئن آئنده هي ملڪ اقتصادي طرح پاڻ تي مدار رکندڙ ۽ پنهنجي ضرورت جي پوري ڪرڻ جو پاڻ ڪفيل ٿي سگهي.  اهي خاميون دور ڪرڻ ۾ هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهن ٿا.(1) جي.ايم.سيد هندستان جي ٻين صوبن وارن اڳواڻن کي مخاطب ٿيندي  گذارش ڪئي ته اهي پنهنجن صوبن مان هجرت ڪري هتي اچن، جيڪي اقليتي مسلمان صوبن ۾ رهن ٿا. ڇاڪاڻ ته اتي هنن کي ترقيءَ ڪرڻ جا موقعا گهٽ ملندا. هتي اچي اسان سان مدد ڪن، جيئن مسلمان گڏجي پنهنجي ترقي لاءِ ڪم ڪريون. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ چيو ته ”ملت کي منزل مقصود تائين پهچائڻ لاءِ هيٺيون ٽي ڳالهيون درڪار آهن:

1.      ملت جي منتشر شيرازه کي منظم ڪري وحدت جو ڪردار پيدا ڪرڻ.

2.     ملڪ جي اقتصادي حالت کي درست ڪري ان کي پنهنجي پاڻ تي مدار رکڻ ۽ پنهنجو پاڻ خودڪفيل بنائڻ.

3.     آئنده سياست مليه جو پروگرام اسلامي مساوات ۽ اخوت جي تعمير ڪرڻ.

پهرئين ضرورت تڏهن پوري ٿيندي جڏهن ساري ملت ۾ مجاهدانه روح ڦوڪي ملت جي هر هڪ بالغ فرد کي ”نيشنل گارڊ“ ۾ داخل ڪيو ويندو. ٻي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ توهان هند جا مسلمان اسان جي گهڻي مدد ڪري سگهو ٿا. هن ملڪ جا باشندا گهڻو ڪري زراعت پيشه آهن. تجارت ۽ صنعت کان بي بهره آهن، اوهان جو پيشو ۽ تجربو اسان جي اها خامي دور ڪري سگهي ٿو. اسان توهان کي هر قسم جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. توهان جي انهيءَ ڪم کي توهان لاءِ آسان ڪري ڏيڻ لاءِ ”مسلمان کان خريد ڪريو“ جي تحريڪ اسان اڳيئي شروع ڪري ڏني آهي ۽ خدا تعاليٰ جي فضل سان انهيءَ تحريڪ چڱو اثر پيدا ڪيو آهي. انهيءَ تحريڪ کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ دير فقط تجربي ۽ سرمائي جي آهي، جنهن ڪري اسان کي اميد آهي ته هن باري ۾ توهان اسان جي دستگيري ڪندا. اسان جي مخالفن هينئر اسان جي ملت جي شيرازه کي منتشر ڪرڻ لاءِ سرمائيداريءَ جو هٿيار ڪتب  آڻڻ شروع ڪيو آهي ۽ غريب طبقي کي ڀنڀلائي شاهوڪار طبقي خلاف ڀڙڪائڻ لڳا آهن ۽ ملت جي مخالفن جا ايجنٽ ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، قوم جي محنت جي مڪر سان ملت ۾ خانه جنگي ۽ تباهي پيدا ڪري رهيا آهن. امڪان آهي ته بکايل ۽ بي علم ماڻهو حيا جي دام ازوير ۾ گرفتار ٿي وڃن؛ تنهن ڪري اهو نهايت ضروري آهي ته هن مسئلي کي خاطر خواه نموني ۾ حل ڪرڻ لاءِ ترت تدارڪ ڪيو وڃي، جنهن لاءِ اسان سان مخلص ڪارڪنن، مسڪين هارين ۽ غريب مزدورن کي مسلم ليگ جهنڊي هيٺ منظم ٿي انهي اقتصادي ۽ سياسي بهتري واسطي سڀ ممڪن ڪوشش ڪن ته جيئن مخالفن جي فتنه ۽ شرارت کي هميشه روڪي رد ڪري ڇڏجي.(1)

قائداعظم محمد علي جناح جي صدارتي تقرير

        استقباليه جي چيئرمين محترم جي.ايم.سيد جي تقرير بعد آل انڊيا مسلم ليگ جي صدر، قائداعظم محمد علي جناح هندستان جي سياسي حالت تي تقرير ڪندي چيو ته ”اسان ايستائين خاموش نه ويهنداسين جيستائين، جيڪي ملڪ اسان جا آهن؛ سي هٿ ڪري انهن جي حڪومت اسان پنهنجي هٿ نه ڪئي آهي. تقرير جو سلسلو جاري رکندي قائداعظم فرمايو ته ”اسان کي گهرجي ته ساري هندستان اندر مسلم ليگ جي سرگرمين کي مرتب ۽ منظم ڪري ۽ ملائي هموار ڪري هلائڻ لاءِ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پنجن ۽ وڌ ۾ وڌ ستن ڄڻن جي هڪ ”ايڪشن ڪاميٽي“ يعني (مجلس عمل) مقرر ڪرڻ گهرجي؛ جنهن جو ڪم اهو ٿيندو ته اها مسلمانن جي مفاد لاءِ جيڪي به رٿون پيش ٿين تن کي جانچي انهن کي عمل ۾ آڻي. مگر ڪم کي بخوبي سرانجام ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ جي سرگرمين کي جاري رکڻ لاءِ پئسن جي ضرورت آهي. مون کي افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته  ٻه سال ٿي ويا آهن ته انهي ڪم لاءِ مون هندستان جي مسلمانن کي اپيل ڪئي هئي ته ڏهه لک رپيا گڏ ڪري ڏيو! مگر اڃان تائين ساڍا پنج لک رپيا مس جمع ٿيا آهن. انهن پئسن سان اسان پنهنجي قومي تنظيم جي ڪم جي شروعات ڪري سگهون ٿا، ”مجلس عمل“ جي علاوه اسان کي ساري هندستان لاءِ هڪ پارليامينٽري بورڊ پڻ مقرر ڪرڻ گهرجي، جيڪو چونڊن تي نظرداري رکي ۽ چونڊن جي باري ۾ جيڪي اختلاف پيدا ٿين تن کي حل ڪري. توهان کي صاف ٻڌائڻ گهران ٿو ته اسان کي جيڪو مفاصلو درپيش آهي سو اڻانگو ۽ ڊگهو آهي، جنهن لاءِ صبر ۽ مستقل مزاجي جي سخت ضرورت آهي؛ جنهن مان اوهان کي خاص طور اسان جي نوجوان طبقي جي هر فرد کي  صبر ۽ محنت سان قدم به قدم ملائي، پنهنجي قومي عمارت کي قائم ڪرڻو آهي. اها ڳالهه توهان به تسليم ڪندا ته هن وقت تائين جيڪي به حيلا ۽ حرڪتون، چالبازيون ۽ چالاڪيون، هوشياريون ۽ حرڪتون اسان جي اتحاد کي ٽوڙڻ لاءِ ٿيون آهن، تن کي وقت بوقت اسان ڪاميابي سان منهن ڏنوآهي. شروع ۾ جڏهن اسان مسلم ليگ کي نئين سري سان منظم ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن سرڪار ۽ ڪامورن اسان جي مخالفت ڪئي، پر اسان اڳتي وڌندا رهياسين. جڏهن هنن پنهنجي مطلب خاطر اها مخالفت ڍري ڪئي، تڏهن وري ڪانگريس طرحين طرحين جا حيلا هلائي اسان تي سخت حملا شروع ڪيا؛  جڏهن ڪانگريس وزارتون قائم ٿيون، تڏهن ڪانگريس وارن حڪم فرمايو ته مسلم ليگ کي بند ڪري ڇڏيو. ۽ پوءِ هڪ طرف چونڊن ۾ ته ٻئي طرف نام نهاد جماعتن، علمائن ۽ احرارن آزاد ڪانفرنس جي مختلف ذريعن سان اسان کي منتشر ڪرڻ جي ڪوشش  ڪئي. اهڙيءَ طرح مسلم ليگ کي ڊاهڻ ۽ ناس ڪرڻ لاءِ اسان مسلمانن ۾ باهمي اختلاف ۽ بدنظمي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪانگريس هر قسم جون حرڪتون هلايون، مگر جيئن جيئن ڪانگريس ائين ڪرڻ لڳي، تيئن تيئن سندس اقتدار ۽ اعتبار ڪمزور ٿيندو ويو. ۽ اڄ خدا جي فضل سان مسلم ليگ هڪ طاقت آهي، پر اڃان تائين اسان مخالفن جي اهڙين حرڪتن کان آزاد نه ٿيا آهيون. مسٽر چرچل چوي ٿو ته انگريزي سلطنت جي ڏيوالي ڪڍائڻ لاءِ آءُ وزيراعظم نه ٿيو آهيان. مگر مان کيس ٻڌايان ٿو ته پنهنجي رضامندي سان پنهنجو ڪم ختم ڪرڻ وڌيڪ باعزت طريقو آهي؛ بنسبت هن جي ته ڪنهن ماڻهو جو زوري ڏيوالو ڪڍايو وڃي. اها ڳالهه انگريز قوم لاءِ هڪ فخر جو سبب ٿيندي ۽ اسان هن کي هڪ دوستي جي روش ڪري سمجهنداسين، جيڪڏهن مسٽر چرچل ۽ سندس سرڪار دورانديشي کان ڪم وٺي انگريزي سلطنت کي انگلينڊ تائين محدود ڪري! پر جيڪڏهن اها سلطنت زوري ڏيوالي ۾ ويئي ته پوءِ انگريزن کي ڪو به فائدو نه رسندو ۽ انگريز سلطنت جو ڏيوالو هڪ نه هڪ ڏينهن نڪرڻو ئي آهي. ائين بلڪل نه آهي ته  مسلم ليگ هندستان جي آزادي جي مقصد کان غافل آهي، مگر مان عليٰ الاعلان دنيا کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته جيڪي ماڻهو ليگ بنسبت اهڙي پروپئگنڊا ڪن ٿا سي اسان تي ڪوڙو ۽ باطل بهتان هڻن ٿا. اسان جو نصب العين پاڪستان کي حاصل ڪرڻ آهي ۽ انهيءَ ۾ هندن جي آزاديءَ جو راز آهي؛ ڇاڪاڻ ته هندن جي آزادي کان سواءِ پاڪستان ٺهي نه سگهندو! ائين ٿيڻ ناممڪن آهي ته هڪ قوم آزاد ٿئي ۽ ٻي قوم غلام ٿي رهي؟ هندستان جي نئين وائسراءِ لارڊ ويول جيڪا تقرير تازو ڪلڪتي ۾ ڪئي آهي، تنهن مان ظاهر آهي ته هن هڪ سپاهي وانگر صاف اکرن ۾ پنهنجي هوڏ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي ڪو به رواجي ماڻهو سمجهي سگهي ٿو. اها ڳالهه نهايت تعجب جهڙي آهي ته وائسراءِ جي پايه جو ماڻهو سچ پچ ائين سمجهي ٿو ته هو ملڪ جي سياسي حالت کي نظرانداز ڪري هي جنگ کٽي سگهي ٿو! انگريز سرڪار جيڪڏهن هندستان جي سڀني جماعتن جي تائيد نٿي حاصل ڪري سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن نه ڪنهن هڪ جماعت جي تائيد ضرور حاصل ڪري. انگريز سرڪار جي دورانديشي اها آهي ته هن سڀني جماعتن کي ناراض رکيو آهي؛ مگر هو ڄاڻي واڻي اها پاليسي اختيار ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن به جماعت جو تعاون حاصل ڪرڻ نه ٿي چاهي. ڪانگريس عدم تعاون ۽ عام سول نافرماني جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي، پر هندستان جي باقي ٻين جماعتن ڇا ڪيو آهي؟ اسان هر جنگ کي کٽڻ لاءِ انگريزن ڏانهن تعاون جو هٿ ڊگهيريو آهي؛ هن شرط تي ته اسان جو اهو هٿ هڪ رازدان دوست جيان قبول ڪري ۽ اسان کي حڪومت ۾ شريڪ ڪري، خوداختياري ڏني وڃي ۽ جڏهن جنگ ۾ سوڀ حاصل ٿئي تڏهن فائدي ۾ اسان کي ڀاڱي ڀائيوار بنايو وڃي. مگر ان هوندي اسان جي اها آڇ رد ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي جماعت سان به ڪانگريس جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. هو مسلم ليگ کي به غيرقانوني قرار ڏيئي، جيڪڏهن خوش ٿين ته اسان انهيءَ لاءِ بلڪل تيار آهيون! وائسراءِ پنهنجي تقرير ۾ تعاون جي جيڪا اپيل ڪئي آهي، ان ۾ تعاون جي معنيٰ ۽ مفهوم جي هن مٽي پليد ڪئي آهي. صاف لفظن ۾ تعاون جي معنيٰ ڇا آهي؟ اسان کي حڪومت ۾ ڪو به حصو خواه ڪا به اختياري ڏيڻ کان سواءِ، اسان کي چيو وڃي ٿو ته اسان جا چيلا ٿي هلو ۽ اسان جا زيردست ۽ نيچ نوڪر ٿي رهو. اها ڳالهه صرف اها جماعت قبول ڪندي جنهن جي ڪا عزت نه هجي. قائداعظم پوڻا ٻه ڪلاڪ صدارتي تقرير انگريزي زبان ۾ ڪئي جنهن جو ترجمو نواب بهادر يارجنگ صدر آل انڊيا اسٽيٽ مسلم ليگ اردو ۾ ٻڌايو. بعد ۾ سبجيڪٽ ڪاميٽي جي نالي جو اعلان ڪيو ويو؛ جنهن تي سنڌ مان مسٽر ايم اي حافظ رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر ٺٽه، علي محمد مري بلوچ ۽ سيٺ محمود هارون ڪراچي منتخب ڪيا ويا. پهريون اجلاس ڏيڍ بجي خيرخوبيءَ سان ختم ٿيو. تقرير جو سلسلو جاري رکندي قائداعظم فرمايو ته حقيقت هي آهي ته هندستان جي ترقيءَ ۽ آزادي کي جيڪڏهن ڪنهن دوکي ۾ رکيو آهي ته اهي هندو آهن. ڇا ائين ممڪن ٿي سگهي ٿو ته  اسان هندستان جا مسلمان ”اکنڊ هندستان“ يعني ساري هندستان مٿان هندو راڄ قبول ڪيون؟ ”ساري پنڊال مان ”نه، نه“ جا آواز“؛ مگر هندو اهو خيال پچائي رهيا آهن ۽ اڃان ان خواب جي اثر کان پاڻ کي آجو نه ڪري سگهيا آهن؛ ٻئي طرف وري آزادي جو دم ڀرين ٿا، مگر اها آزادي ڪنهن جي؟ مان وري اوهان کي ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو ته، جڏهن هندو آزادي جو نالو وٺن ٿا ته انهيءَ کان هنن جو مطلب فقط هندن جي آزادي آهي ۽ مسلمانن جي غلامي آهي. ”شرم، شرم، جا آواز“ ڇا هندستان جي آزادي کان سواءِ توهان پاڪستان حاصل ڪري سگهو ٿا؟ اسان جڏهن پاڪستان جو نالو وٺون ٿا تڏهن اسان نه فقط پنهنجي مسلم قوم جي آزادي گهرون ٿا مگر هن سان گڏ هندن جي آزادي به چاهيون ٿا. ان صورت ۾ جيڪڏهن هندو پنهنجي خواب يا خام خيال جي اثر هيٺ يا هٺيلي هوڏ سبب، هندو خواه مسلم ٻنهي قومن جي آزادي ۾ رڪاوٽ وجهي، فقط هڪڙي لاءِ آزادي ۽ ٻئي لاءِ غلامي جي طلب ڪن ٿا ته ان صورت ۾ آءُ توهان کان پڇان ٿو ته  هندن کان سواءِ ٻي ڪهڙي قوم آهي جا ملڪ جي آزادي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهي رهي آهي. تنهن ڪري  جيڪڏهن هڪ طرف انگريز سرڪار ته ٻئي طرف هندن کي اسان سان ٺاهه ڪرڻو آهي ته اسان اهڙو ٺاهه فقط عزت وارين شرطن سان ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. هينئر اسان انگريز مدبرن کي هي ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ ٿا گهرون ته، هنن لاءِ هينئر ايمانداري جو رستو فقط هي وڃي رهيو آهي ته هندستان کي، هندو ۽ مسلم قومن جي وچ ۾ ورهايو وڃي. انهن جي اهليت هن مان ثابت ٿيندي ته هو پنهنجي ڀاڱن ۾ اقليت سان ڪهڙي روش ٿا هلن. پاڪستان خواه هندستان ٻنهي جو وڏي ۾ وڏو فرض هي ٿيندو ته جيڪي اقليتون سندن ملڪن ۾ هونديون تن سان هو پوري پوري انصاف ۽ عدل سان سلوڪ ڪن. اسان جو مطلب پاڪستان آهي؛ آخر ان مطلب ۾ ڪهڙي ڳالهه غير ممڪن آهي ۽ اسان کي چيو وڃي ٿو ته اسان جي هن مطالبي کي هندو واجبي سمجهن ٿا، جنهن کي قبول ڪرڻ لاءِ موجوده حالت بهتر نٿا سمجهن، ان جي معنيٰ ته اسان جي بي واجبي مطالبو مڃڻ کان، هو انگريزن جي راڄ کي باقي رکڻ بهتر سمجهن ٿا. ڪي وري اسان کي ائين چون ٿا ته  اسان هندستان جي آزادي کان غافل آهيون، جنهن ڪري اسان جا نوجوان مسلم ليگ خلاف بغاوت ڪندا، ڇا هو غلط نه آهن؟ اهو چوڻ اسان جي نوجوانن جي بيعزتي آهي؛ ڇو ته ان جي معنيٰ آهي ته اسان جا بزرگ وطن جي مقصد کان غافل آهن! توهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته اها پروپئگنڊا فقط اسان جي نوجوانن کي  مسلم ليگ خلاف ڀڙڪائڻ جي خيال سان ڪئي وڃي ٿي. آءُ ته ائين ڏسان ٿو ته طوطي جي آواز کان وڌيڪ ٻي ڪا به تبديلي ڪا نه ٿي آهي. سڀ کان وڌيڪ چالاڪ، پروپئگنڊا ڪميونسٽ پارٽي وارا ڪري رهيا آهن. ڳاڙهو جهنڊو (روسي جهنڊو) ڪانگريسي جهنڊو هاڻي وري مسلم ليگ جي جهنڊي رکڻ جي مهرباني به ڪئي اٿن ۽ ائين پڪاري رهيا آهن ته اسان مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جو ٺاهه ڪرائڻ گهرون ٿا، ڪانگريس جيڪو ٺهراءُ گذريل سال آگسٽ ۾ پاس ڪيو. ان وقت کان وٺي 11 جنوري 1943ع تائين جيڪو طريقو مسٽر گانڌي اختيار ڪيو آهي؛ تنهن مان صاف ظاهر آهي ته هو مسلم ليگ کي نظرانداز ڪري؛ انگريزن کي هندن جي مطالبي مڃرائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيوآهي. جنوري 1943ع کان پوءِ ڪا به تبديلي ٿي آهي ڇا؟ ليڪن ڪانگريس جا رهنما هينئر جيل مان نڪري آيا آهن، هاڻ هو سوچي رهيا آهن ته هو وڪرماجيت واري زماني جي بنياد تي حڪومت جو سرشتو قائم ڪن. ان صورت ۾ ڪو به انصاف پسند ماڻهو مسلمانن مان ڪيئن اها اميد رکي سگهي ٿو ته  هو ڪانگريس جي انهيءَ رٿ سان شامل ٿئي؟ ائين ضرور آهي ته ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ هندو اسان جي نظريه سان همدردي جو اظهار ڪن ٿا، پر اهي به پاڪستان جي لفظ کان ڇرڪن ٿا ۽ ان جي عيوض خود اختياري جو لفظ اختيار ڪرڻ پسند ڪن ٿا. اسان کي چون ٿا ته توهان ڪانگريس سان تعاون نٿا ڪريو! پر حقيقت هن ريت آهي ته ڪانگريس پاڻ مسلم ليگ سان عدم تعاون ڪري رهي آهي. ڪانگريس مسلم قوم کي دٻائڻ گهري ٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن هيلي سان هندو راڄ قائم ڪرڻ چاهي ٿي. اسان فقط انهن هيلن ۽ حرڪتن کان پاڻ کي محفوظ رکي رهيا آهيون. مسلم ليگ کي نهايت فضيلت سان پر بالڪل غيرديانتداريءَ سان چيو ويو ته سندس مطالبو نامناسب آهي، پر ڪانگريس اهو ڪڏهن به نه ڏيکاري سگهي آهي ته مسلم ليگ جي مطالبن ۾ ڪهڙي ڳالهه نامناسب هئي. اهو صاف ظاهر آهي ته هندو مسلم ليگ جي ”نامناسب“ مطالبن قبول ڪرڻ کان انگريزي راڄ هيٺ رهڻ بهتر سمجهندا. قائداعظم وڌيڪ فرمايو ته کيس چيو پيو وڃي ته مسلم ليگ آزادي جي مقصد کان بي پرواهه آهي ۽ جلد يا دير سان مسلم نوجوان مسلم ليگ خلاف بغاوت ڪندا. مسٽر جناح انهيءَ الزام کي ڪوڙو بهتان سڏي، چيو ته اهڙن الزامن لاءِ ”مان چوڻ ٿو گهران ته اهو ليگ خلاف ناجائز ڪوڙو ۽ بيهوده پرچار آهي. انهيءَ ۾ ڪا به صداقت نه آهي ته اسين برطانوي راڄ ۾ خوش آهيون. هندو ئي اسان سان ڪنهن ٺاهه تي اچڻ کان سواءِ برطانوي راڄ هيٺ رهڻ بهتر ٿا سمجهن. مان فقط هيئن چوندس ته اسين فقط پنهنجي ئي طاقت تي اعتماد رکون ٿا. ٻئي ڪنهن تي به اسان جو ڀروسو ڪونهي، پنهنجو ڪم، پنهنجي خدمتن ۽ قربانين سان! اسين پاڪستان حاصل ڪنداسين. هندو اوهان کي پاڪستان ڏيئي نٿا سگهن. هو فقط اهو ڪري سگهن ٿا ته اوهان جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهن. جيئن مسلمان آزادي حاصل نه ڪري سگهن ۽ صرف کين آزادي نصيب ٿئي. ۽ هو ڀلي پنهنجو اهڙو ارادو ظاهر ڪن يا ڀلي نٽائڻ ۽ بهانا بنائين. پر اسان پاڪستان حاصل ڪري رهنداسين. مون کي يقين آهي ته سندن سموريون حرفتون، چالاڪيون ۽ ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ جون ڪوششون هرگز ڪامياب نه ٿينديون. قائداعظم اهو اعلان ڪيو ته هو اسان کي پاڪستان هٿ ڪرڻ کان روڪي نه سگهندا.


[1]  Sindh Assembly debates Vol: XVII No: 6 March, P - 24

[2] G. Allan Qaid – E – Azam Jinnah Lahore, Feroze and Sons, 1967 P: 352

(1) G. Allana Pakistan Movementand Historic Dacuments, Karachi, Paradise Subscribion P-228

(2)  محمد سرور؛ تحريڪ پاڪستان ڪا ايڪ باب، لاهور، سنڌ ساگر اڪيڊمي، 1975ع ص - 74

(1)  محمد سرور، تحريڪ پاڪستان کان ايڪ باب، لاهور، سنڌ ساگر اڪيڊمي، 1975ع ص - 74

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي ڊسمبر 25، 1943ع.

(1)  روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 25، 1943ع.

(1)  جي.ايم.سيد جي استقباليه تقرير، روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 25، 1943ع.

(1)  جي.ايم.سيد جي استقباليه تقرير، روزانه الوحيد ڪراچي، ڊسمبر 25، 1943ع.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org