سنڌ جي سياست ۾ ڦيريون
سنڌ
اسيمبلي ۾ مخالف پارٽي مسلم ليگ هئي، جنهن جو
اڳواڻ غلام حسين هدايت الله ۽ نائب اڳواڻ مير بنده
علي ٽالپر هو. مسلم ليگ جي ڪوشش هئي ته الهه بخش
جي وزارت کي ڊاهجي. الهه بخش جي وزارت کي ٻن پاسن
کان خطرو هو. جيڪڏهن مسلم ليگ وارن کي راضي ڪري ته
هندو گروپ مخالف ٿئي ٿو! جيڪڏهن هندو گروپ کي راضي
رکي ٿو ته مسلم ليگ مخالفت ڪري ٿي! مسلم ليگ وزارت
جي خلاف عدم اعتماد لاءِ پروگرام مرتب ڪيو.
الهه
بخش سمجهيو ته هن جي وزارت ڊهڻ واري آهي، تڏهن هن
غلام حسين هدايت الله ۽ مير بنده علي ٽالپر کي
وزارت ڏيئي انهن مسلمان ميمبرن جي حمايت حاصل ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي، جيڪي مخالف پارٽيءَ سان تعلق رکندر
هئا. هو انهن کي ٻن وزارتن جي آڇ ڏيئي حمايت حاصل
ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. حالانڪ اهي مسلم ليگ پارٽيءَ
جا اڳواڻ ۽ نائب اڳواڻ هئا.
سال
1939ع ۾ الهه بخش پنهنجي وزارت ۾ ٻن جاين جو اضافو
ڪيو، جنهن ۾ ڏيئل مل دولت رام، پير الاهي بخش ۽
مير بنده علي ٽالپر کي پنهنجي وزارت ۾ شامل ڪيو.
هن وزيرن جي کاتن ۾ ردو بدل ڪئي. پير الاهي بخش کي
تعليم ۽ مقامي خود حڪومت؛ مير بنده علي ٽالپر کي
روينيو ۽ ڏيئل مل دولت رام کي زراعت ۽ ٻيلن جا
کاتا ڏنا ويا. تاريخ 20 فيبروري 1939ع تي سر غلام
حسين وزارت ۾ شامل ٿيو، جنهن کي داخلا، قانون ۽
انتطام عمومي جا کاتا ڏنا ويا. تاريخ 23 فبروري
1939ع تي ٻنهي هندو وزيرن نهچلداس ۽ ڏيئل مل دولت
رام استعيفا ڏني، پر 13 اپريل تي هو وري وزارت ۾
شامل ٿيا.
سنڌ
اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جو اڳواڻ ۽ نائب اڳواڻ، مسلم
ليگ کي ڇڏي وزارت وٺي الهه بخش جا حمايتي بنجي
ويا. حالانڪ انهن ٻنهي اڳواڻن مسلم ليگ جي عهدنامي
تي صحيحون ڪيون هيون. اسيمبليءَ ۾ مسلم ليگ جي
پوزيشن ڪمزور ٿي ويئي. بلڪ ختم ٿي چڪي هئي. هاڻي
ٻيو ڪو به حيلو ڪونه هو، سواءِ انهيءَ جي ته عوام
جي راءِ عامه کي مسلم ليگ جي حمايت ۾ هموار ڪجي.
انهيءَ لاءِ ڪو طريقو يا ڪو مسئلو پيدا ڪرڻو هو؛
مسلم ليگ وارن مسجد منزل گاه جو مسئلو کنيو، جئن
الهه بخش جي حڪومت کي بدنام ڪري ڪيرائجي.
تحريڪ مسجد منزل گاه
تحريڪ جو پس منظر:
مسجد
منزل گاه جي تحريڪ، پنجاب ۾ مسجد شهيد گنج تحريڪ
جي طرز تي هلائي ويئي هئي. ”مسجد شهيد گنج لاهور ۽
امرتسر روڊ تي، جيڪا ڪنهن زماني ۾ ان جي اندر اتر
۾ سکن جي اها جڳهه هئي، جنهن کي سک شهيد گنج چوندا
هئا، رستي جي ڏکڻ طرف مسجد هئي، مسجد جي ويجهو
اسلامي حڪومت جي زماني ۾، جيڪي باغي بغاوت جي ڏوه
۾ گرفتار ڪيا ويندا هئا، تن کي جيل يا ڦاسي اتي
ڏني ويندي هئي. جيڪا مسجد اتر ۾ هئي اها سکن جي
قبضي ۾ هئي.
صوبائي خودمختياري کان اڳ ڪشمير ۾ ڊوگرا حڪومت
هئي، پنجاب جي احرار پارٽي ڪشمير تي مارچ ڪئي هئي،
جنهن ڪري پنجاب ۾ سندس اثر وڌي ويو. پنجاب ۾ احرار
۽ يونينسٽ پارٽي جي وچ ۾ مقابلو هو.
”1935ع جي ايڪٽ موجب صوبائي خودمختياري ۽ 1937ع ۾
عام چونڊون ٿيڻ واريون هيون، جنهن ڪري يونيسٽ
پارٽي جي ليڊر سر فضل حسين سوچيو ته احرار جماعت
هنن جي مخالفت ڪندي، احرارن جي اثر کي گهٽ ڪرڻ
لاءِ ضروري
سمجهيو، هن هڪ اسڪيم ٺاهي اخبار زميندار جي ايڊيٽر
مولانا ظفر علي خان کي گهرايائين، جيڪو احرارن جو
سخت مخالف هو. مولانا لاهور ۾ اچي ”نيلي پوش“
جماعت تيار ڪئي ۽ مسجد شهيد گنج جي آزاديءَ جو
نعرو هنيو. خدا جي گهر جي آزاديءَ جو سوال هو؛
ٿوري ئي وقت اندر پنجاب جي عوام ان کي جهاد سمجهي
ڪاهي پيا. احرارن مولانا ظفر عليءَ جي مخالفت ۾
هئڻ سبب هن تحريڪ ۾ حصو نه ورتو ۽ عوام کان الڳ
رهي پنهجن گهرن اندر رهيا. پنجاب جي ماڻهن چيو ته
احرار سچا مسلمان نه آهن جو هن تحريڪ ۾ ساٿ نٿا
ڏين. انهيءَ سبب جي ڪري احرار جماعت جو اثر ختم ٿي
ويو. اليڪشن ۾ يونينسٽ پارٽي زبردست ڪاميابي حاصل
ڪئي، پر فضل حسين چونڊن کان اڳ فوت ٿي ويو. ان جي
جاءِ تي يونينسٽ پارٽي جو اڳواڻ سڪندر حيات خان
ٿيو.
اهڙيءَ طرح الهه بخش سومري کي سنڌ اسيمبليءَ اندر
مسلمان ۽ هندو ميمبرن جي حمايت حاصل هئي. مسلم ليگ
چاهيو پئي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي وزارت قائم ٿئي،
انهيءَ لاءِ ضروري هو ته راءِ عامه کي الهه بخش
سومري جي خلاف ڪجي. هندو، مسلم راءِ عامه هن جي
خلاف منظم ڪجي؛ جئن الهه بخش عوام ۾اعتماد وڃائي
وزارت تان استعيفى ڏيئي.
الهه
بخش جڏهن وزارت ٺاهي هئي ته ان وقت سنڌ جي ليڊرن
آل انڊيا مسلم ليگ کي سنڌ جي سياست ۾ ملوث ڪيو،
جئن آل انڊيا مسلم ليگ جي مدد سان الهه بخش کي
اقتدار تان هٽائي سگهجي.”آڪٽوبر 1938ع ۾ انهيءَ
مقصد لاءِ سنڌ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس گهرائي
ويئي. هندستان جي ٻين مسلمان صوبن جي اڳواڻن کي هن
ڪانفرنس ۾ مدعو ڪيو ويو.
هن
ڪانفرنس ۾ مسجد منزلگاه جو سوال اٿاريو ويو، مسجد
شهيد گنج ۽ مسجد منزل گاه جو پس منظر هڪڙو ئي هو،
مقصد هو ته هندو مسلمانن کي اشتعال ۾ آڻي، برسر
اقتدار پارٽيءَ کي ڪمزور ڪري حڪومت تي قبضو ڪجي.
تحريڪ مسجد منزل گاه جي شروعات
مسجد
منزل گاه سکر جي نزديڪ درياه جي ڪپ تي واقع هئي،
جيڪا ڊٺل حالت ۾ هئي، ان جي لڳ هندن جو ٽڪاڻو هو،
مسجد کي هندن مسافر خانه طور استعمال ٿي ڪيو. سکر
جا مسلمان حڪومت بمبئي کي وقت به وقت چوندا ٿي
رهيا ته اتي جيڪا مسجد آهي، اها مسلمانن کي ڏني
وڃي.
1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ ڪراچيءَ جي ڪانفرنس ۾ مسجد
منزل گاه جو سوال کنيو ويو، هن اجلاس ۾ قرارداد
پاس ڪري مطالبو ڪيو ويو ته مسجد منزل گاه مسلمانن
کي ڏني وڃي. هن مذهبي مسئلي کي هندو مسلمانن جو
سياسي مسئلو بنايو ويو. هي سوال مسلم ليگ جي ترقي
۽ تباهيءَ جو سوال هو، مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽي، هڪ
ڪاميٽي مقرر ڪئي ته هو هن مسئلي کي کڻي، الهه بخش
وزارت آڏو پيش ڪري.
”مسجد منزل گاه ڪاميٽي جي هڪ ميٽنگ محمد ايوب کهڙي
جي صدارت هيٺ سکر ۾ منعقد ٿي ۽ هيٺئن قرارداد
منظور ڪئي.
1-
موجوده وزارت جي مسجد خلاف پاليسيءَ تي افسوس ۽
رنج جو اظهار ڪيو ويو.
2-
سنڌ اسيمبلي جي مسلمانن کان گهر ڪئي ويئي ته هو
وزارت تي زور آڻي مسجد منزل گاه کي واپس ڪرائين.
جيڪڏهن وزارت ايئن نه ڪري ته هو وزارت جو طرف ڇڏي
ان جو خاتمو ڪن ۽ اهڙي وزارت قائم ڪن جا نه صرف
مسجد، مسلمانن کي واپس ڏيئي بلڪ مسلم قوم جي سچي
خدمت ڪري.
3-
سنڌ جي مسلمانن کي اپيل ڪئي ويئي ته هو پنهنجي
اسمبلي نمائندن کي چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪن ته
جيڪڏهن مسجد منزل گاه ڪاميٽي جي مشوري تي عمل نه
ڪندا ته وري کين ميمبر نه چونڊيو ويندو.
4-
18 آگسٽ
1939ع،
مسجد
منزل گاه جو ڏينهن مقرر ڪيو ويو، جنهن ڏينهن سڀني
ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جلسا ڪري موجوده وزارت جي پاليسيءَ
تي ڏک ظاهر ڪيو وڃي. سنڌ جي مسلمان ميمبرن کان گهر
ڪئي وڃي ته موجوده وزارت جو طرف ڇڏي ڏين.
5-
سنڌ جي مسلمانن کي عام طرح ۽ مسلم ليگ جي برانچن
کي خاص طرح درخواست ڪئي ويئي ته هو هيٺين
هدايتن تي عمل ڪن ۽ مسلم ليگ لاءِ رضاڪار ڀرتي ڪري
کانئن قسم تي عهد ورتو وڃي.
6-
سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ويئي ته، نه فقط مسجد منزل
گاه پر ڪمپائونڊ وال، ريسٽ هائوس سميت، جا وقف جي
ملڪيت آهي، سا مسلمانن کي موٽائي ڏني وڃي.
7- جيڪڏهن مسلمانن جا مطالبا وزارت نه مڃي ته آل
انڊيا مسلم ليگ کي مسجد منزل گاه حاصل ڪرڻ لاءِ
پهرئين آڪٽوبر کان ستياگره شروع ڪرڻ لاءِ چيو
ويندو، جنهن لاءِ مسجد منزل گاه ڪاميٽيءَ جي
سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ويئي ته هو، 27 آگسٽ تي سکر
۾ ڪاميٽي جي ميٽنگ سڏائي، گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار رضاڪار
ڀرتي ڪرڻ جو ڪم شروع ڪري. ستياگره ڪرڻ لاءِ ڏه
هزار روپيه جمع ڪري، جيڪي صاحب رضاڪار ٿيڻ گهرن يا
فنڊ ۾ رقم ڏيڻ چاهين، سي نظر علي خان سيڪريٽري
مسجد منزل گاه ڪاميٽي يا خانبهادر کهڙو سان لکپڙه
ڪن.
تاريخ 27 آگست 1939ع
تي
سکر ۾ ميٽنگ ٿي. جنهن ۾ هيٺيان ماڻهو ورڪنگ
ڪاميٽيءَ تي چونڊيا ويا.
1-
آغا نظر علي، 2- سيد محبوب علي شاه،
3-
واجد علي شيخ، 4- ڊاڪٽر يامين.
رٿ
ڏني: محمد هاشم گذدر
پٺڀرائي ڪئي: قاضي فضل الله
هي
ڪاميٽي مسلم ليگ جي طرفان بنائي ويئي هئي. ڪاميٽي
حڪومت جو ڌيان ڇڪايو ته هن مسئلي لاءِ ترت قدم
کڻي، ٻيءَ صورت ۾ سنڌ ۾ ستياگره شروع ئي ويندي.
حاجي عبدالله هارون سکر ۾ رهي هن تحريڪ کي اڳتي
وڌايو.
جڏهن
هن تحريڪ زور ورتو ۽ مسلمانن ۾ اشتعال وڌڻ لڳو ته
”سنڌ جي وزيراعظم الهه بخش سومري، حاجي عبدالله
هارون کي سکر ڇڏڻ جو حڪم صادر ڪيو. محمد ايوب کهڙي
کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو ۽ جي، ايم سيد، سنڌ مسلم
ليگ جي اڳواڻ جي حيثيت سان تحريڪ مسجد منزل گاه کي
جاري رکيو.
”منزل گاه بحال ڪاميٽي“ بنائي ويئي، هيٺيون منصوبو
ستياگره شروع ڪرڻ لاءِ بنايو ويو. هن منصوبي تحت
سنڌ جي وزيرن ۽ ان جي حمايتي اسيمبلي ميمبرن اڳيان
ستياگره ڪرائڻ جو منصوبو رٿيو ويو. اهو منصوبو
هيٺينءَ ريت بنايو ويو.
ستياگره جي جاءِ |
ستياگره ڪنهن جي اڳيان |
ستياگره ڪير
ڪرائيندو |
1. ڪراچي شهر |
الهه بخش گبول ۽ ٻيا مسلمان وزير |
محمد هاشم گذدر |
2. ڪراچي ضلع |
محمد عثمان سومرو |
پير غلام مرتضى (ميهڙ) |
3. دادو ضلع |
پير الاهي بخش |
سيد علي اڪبر شاه (ميهڙ) |
4. لاڙڪاڻو ضلع |
حاجي امير علي خان |
قاضي فضل الله |
5. نواب شاه ضلع |
سيد محمد علي شاه |
جي.ايم.سيد
۽
سيد خير شاه |
6. ٿرپارڪر ضلع |
غلام نبي شاه |
پير اسماعيل جان سرهندي |
7. هالا |
مخدوم غلام حيدر |
پير غلام مجدد |
8. سکر شهر |
پيرزاده عبدالستار |
محبوب علي شاه |
9. سکر ضلع |
ڪيهر خان بوزدار |
مولوي عبدالرحمان ڀرچونڊي |
10.جيڪب آباد ضلع |
سهراب خان سرڪي |
غلام نبي پٺاڻ
سلطان ڪوٽ |
11. شڪارپورشهر |
وزيراعظم الهه بخش سومرو |
سيد صادق علي شاه |
12. جيڪب آباد شهر |
وزيراعظم الهه بخش سومرو |
غلام نبي پٺاڻ |
13. مسجد منزل گاه |
مسجد منزل گاه وٽ |
واحد علي شيخ |
14. سنڌ |
سنڌ |
پير غلام مجدد سرهندي. |
منزل
گاه ڪاميٽيءَ جي مدد لاءِ هڪ جماعت بنائي ويئي،
جيڪا ستياگره ڪندڙن جي مدد ڪندي، جئن ستياگره
ڪندڙن کي ڪا به تڪليف درپيش اچي ته ان جو جلدي
تدارڪ ڪري سگهجي ۽ تحريڪ کي ڪاميابيءَ سان هلائي
سگهجي. هن جماعت کي هيٺينءَ طرح منظم ڪيو ويو. هن
جماعت لاءِ ڪارڪن ۽ رضاڪار بنايا ويا جن کي مختلف
فرائض سونپيا ويا. هيٺين ڪارڪنن کي پنهنجا فرائض
ڏنا ويا.
کاڌو
پهچائڻ لاءِ:
خان محمد عالم، حڪيم تاج الدين، حاجي گل محمد،
حڪيم عبدالحق ۽ حافظ محمد صديق.
ڪئمپ
آفيس:
نعمت
الله، شيخ عبداللطيف وڪيل، مستر اميد علي، مستري
علي بخش، عبدالڪريم ۽ صاحب علي شاه
پيغام پهچائيندڙ:
ماستر غلام حسين ۽ محمد يامين.
سامان پهچائيندڙ:
سيٺ محمد اسماعيل، عبدالڪريم ۽ سيٺ عبدالرزاق.
شهر
مان سامان گڏ ڪرڻ:
مولوي عبدالعزيز، مولوي محمد بخش، چوڌري غلام
قادر، باغو قصاب، مستري اختر علي ۽ چوڌري گاما.
”اهي رضاڪار جيڪي سکر ۾ گڏ ٿيا، انهن پهرئين
آڪٽوبر 1939ع تي بک هڙتال شروع ڪئي. رضاڪارن کي
منزل گاه خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، مگر رضاڪارن
انڪار ڪيو، جنهن ڪري پوليس آنسو گيس استعمال ڪري
جڳهه خالي ڪرائي.
پير غلام مجدد سرهندي 313 رضاڪارن جي هڪ جماعت
ترتيب ڏيئي مسجد منزل گاه ۾ ستياگره شروع ڪرائي،
سنڌ جي ٻين شهرن ۾ هڙتالون ۽ ستياگره جو سلسلو
شروع ٿي ويو. ”تاريخ پهرئين آڪٽوبر 1939ع تي 313
رضاڪار گرفتار ڪيا ويا جن ۾ 36 سيد، 11 علماءُ ۽ 3
حافظ قرآن هئا.
اسلام جو نعرو لڳايو ويو. دين تي قربان ٿيڻ جا
واعظ ڪيا ويا. جڏهن ستياگره زور ورتو” ان وقت سنڌ
جي وڏي وزير الهه بخش سومري جي حڪومت جي طرفان،
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مولوي محمد صادق کڏي وارو،
مولانا يونس عبدالعزيز دهلي واري کي موڪليو ويو ته
اهي مسلم ليگ جي ڪارڪنن سان ملي ستياگره بند
ڪرائين.
هڪ
طرف مسجد منزل گاه تي مسلمانن ستياگره شروع ڪئي ته
ٻئي طرف هندن جو رد عمل به شروع ٿيو. ”آريه سماج
جو هڪ ليڊر ڊاڪٽر مونجي سکر ۾” تبغ برهنہ“ سان
للڪاريو، هندن کي ڀڙڪايو، فساد ڪرايا ۽ مسجد منزل
گاه کي هندن جو مذهبي مسئلو بنايو.
پهرئين آڪٽوبر کان ستياگره شروع ٿي جنهن ۾ اٽڪل
هزارکن ماڻهو گرفتار ٿيا.
تاريخ 9، نومبر 1939ع ۾ هيٺين اڳواڻن کي سينٽرل
جيل حيدرآباد موڪليو ويو. جهڙوڪ جي.ايم.سيد،
نظر علي پٺاڻ، ڊاڪٽر يامين، نعمت الله قريشي، شيخ
واجد علي، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي پٺاڻ، پير
غلام مجدد، سيد صادق علي شاه، شڪارپور وارو ۽ شيخ
اختر علي شڪارپور وارو.
حڪومت مسجد منزل گاه ڪاميٽي ۽ مسلم ليگ جي اڳواڻن
سان ڳالهيون شروع ڪيون. سکر ۽ ان جي آس پاس
فرقيوارانه هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. هن مذهبي
معاملي کي سياسي رنگ ڏيئي ٻن فرقن جي وچ ۾ خون
وهايو ويو، جن ۾ ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.
مٿين قيدين کي 9، جنوري 1940ع ۾ آزاد ڪيو ويو. سنڌ
اسيمبلي جي اجلاس ۾ سر غلام حسين هدايت الله، مسٽر
سڌوا جي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته؛ 164 گهر ساڙيا
ويا، ڏهن ماڻهن کي گولي لڳي، 158 ماڻهو قتل ٿيا ۽
27 زخمي ٿيا 8 لک هڪ هزار هڪ سو روپين جي ملڪيت جو
نقصان ٿيو. پنج پوليس انسپيڪٽر 7 ڪنسٽيبل معطل ڪيا
ويا. ڪل 997 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 939
ڳوٺاڻان ۽ 58 شهري گرفتار ڪيا ويا.
سيپٽمبر 1940ع
۾
جسٽس
وسيٽن جي چئرمينيءَ هيٺ هڪ جانچ ڪاميٽي مقرر ڪئي
ويئي، جنهن سکر جي فسادن متعلق رپورت ڏني. رپورٽ
موجب فسادن ۾ 151 هندو ۽ 14 مسلمان قتل ٿيا، 58
هندو ۽ 18 مسلمان زخمي ٿيا. هن پنهنجي رپورت ۾
لکيو ته احتجاج مسلم ليگ جي طرفان ڪرايو ويو هو ته
جئن طاقت حاصل ڪري سگهجي.
جسٽس وسيٽن پنهنجي رپورٽ جي آخر ۾ لکيو؛ منزل گاه
جو حصو مسجد هو جيڪو مسلمانن کي ڏنو وڃي ۽ باقي
حصو هندن وٽ رهي.
سکر فسادن واري جاچ ڪورٽ اڳيان قسم تي بيان ڏيندي
مسٽر جمشيد هيٺئن طرح حقيقت ڏني آهي. ”22 آڪٽوبر
جو مسٽر شامداس جي جاءِ تي مسٽر سيد (جي.ايم.سيد) سان منزل گاه واري معاملي بابت منهنجي گفتگو ٿي هئي. سيد مون کي چيو ته
”جمشيد توکي خبر آهي ته آءُ نه ڪٽر آهيان نه تعصبي
پر هاڻوڪي وزارت سنڌ ۾ تباهي آندي آهي، تنهن ڪري
اسان کي ضرور ان جون پاڙون پٽڻ گهرجن.“ مون کيس
چيو ته ان مان قومن جي وچ ۾ ڪشيدگي پيدا ٿيندي!
پاڻ چيائين ته اهڙي ڪشيدگي ٿيڻ جو امڪان ڪونه آهي
پر جيڪڏهن ڪو ممڻ مچي پيو، تڏهن به اهڙين ڳالهين
جو صوبي جي واڌاري لاءِ ٿي پوڻ لازمي ڳالهه آهي.
مون کي وڌيڪ چيائين ته تو ۾ ۽ مون ۾ هي فرق آهي ته
تون انقلاب کان ڊڄين ٿو ۽ منهنجو ويساه هي آهي ته
ملڪ جو واڌارو ٿئي ۽ انقلاب پيدا ٿئي.
هن تحريڪ جو مقصد صرف الله بخش وزارت کي ڪيرائڻ ۽
مسلم ليگ جي حڪومت قائم ڪرڻ هو. هن تحريڪ جا مکيه
اڳواڻ سيٺ حاجي عبدالله هارون، محمد ايوب کهڙو،
واجد علي شيخ، جي.ايم
سيد، محمد هاشم گذدر، قاضي فضل الله ۽ پير غلام
مجدد سرهندي هئا.
باب پنجون
ڪانگريس وزارت جي استعيفيٰ
ڪانگريس، گانڌي جي اڳواڻي ۾ عدم تعاون
تحريڪ ”هندستان خالي ڪريو“
(آزاد
هند)
جي تحريڪ هلائي رهي هئي، ڪانگريس مسلمانن جي
نمائنده جماعت مسلم ليگ کي نظرانداز ڪري ڇڏيو،
مسلمانن جي گهرجن ۽ حقن کي نظرانداز ڪيو ويو.
ڪانگريس حڪومتون مسلمانن
۽
ٻين گهٽ قومن وارن جي حقوق
۽
مفاد جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيون، اختلافي
معاملات ۾ هندن جي مفاد کي سامهون رکي فيصلا ڪيا
ويا. آفيسرن جي فرائض ۾ مداخلت ڪري انهن کي پنهنجي
مرضي موجب هلايو ويو؛ اهڙي فضا پيدا ڪئي ويئي،
جنهن موجب هندو عوام جي دلين ۾ هي خيال پيدا ٿيو
ته هندستان ۾ هندو رائج قائم ٿي ويو.
قائداعظم محمد علي جناح، مهاتما گانڌي
۽
وائسرا هند سان ڳالهيون ڪيون، ڪانگريس مسلمانن جي
ڪنهن به مطالبي تي همدردي نه ڪئي. گانڌي، حڪومت تي
آزادي لا دٻاءُ وڌو عدم تعاون تحريڪ کي اڳتي
وڌايو، ڪانگريس، حڪومت جا مليل خطاب واپس ڪيا
وزارتن تان استعيفيٰ ڏني. مسلم ليگ ڪانگريس سان
تعاون نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس مسلمانن جي الڳ
حيثيت تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. ڪانگريس وزارتن
جي استعيفيٰ ڏيڻ کي جناح صاحب مسلمانن لا نجات
سمجهيو مسلمانن کي اپيل ڪئي ته هو ڪانگريس سان
عدم تعاون ڪري خوشي محسوس ڪن ”يوم نجات“ ملهائين.
ڪانگريس وزارت جي استعيفيٰ مسلم ليگ طرفان يوم
نجات
”سال 1939ع ۾ ڪانگريس صوبائي وزارتن تان
استعيفيٰ ڏني. قائداعظم جناح ان کي پنهنجي فتح
قرار ڏئي
هندستان جي سڀني صوبن ۾
مسلمانن کي تاريخ 22، ڊسمبر 1939ع تي
’يومِ
نجات‘
ملهائڻ لاءِ اپيل ڪئي.
قائداعظم جي هن اپيل تي لبيڪ چوندي سنڌ جي عوام
جلسا ڪري يوم نجات ملهايو. يوم نجات جي سلسلي ۾
ڪراچي جي مسلمانن جو هڪ عظيم الشان جلسو خالقڏنه
هال ۾ زير صدارت حاجي عبدالله هارون جي منعقد ٿيو.
هال ماڻهن سان سٿيو پيو هو، ڪيترائي ماڻهو ٻاهر
درين تي بيهي سارو وقت دلچسپي سان جلسي جي
ڪارروائي ٻڌندا رهيا. 9 بجي صبح تلاوت ڪلام پاڪ
کان پوءِ جلسو شروع ٿيو. مولوي عبدالحئي حقاني هڪ
وجد آفرين نظم يوم نجات متعلق پڙهيو، ان بعد حاجي
عبدالله هارون افتتاحي تقرير ڪئي، جنهن ۾ يوم نجات
ملهائڻ جو واضح مقصد بيان ڪيو. قائداعظم جي ڪيل
اپيل تي مخالفن جي نڪته چيني جو جواب ڏنو ويو. بعد
۾ڪانگريس حڪومت جي ڪيل ظلمن جو مختصر بيان ڪيو
ويو. سر صاحب چيو ته هندو پريس مولوي فضل الحق
وزيراعظم بنگال جي خلاف غلط پروپئگنڊا ڪري رهي
آهي، ته هو پنڊت جواهر لال سان ڪانگريس وزارتن جي
خلاف لڳايل الزامن جو ثبوت ڏيڻ جو انجام ڪري ڦري
ويو آهي! سر صاحب چيو ته اها غلط پروپئگنڊا آهي.
مولوي فضل الحق پنهنجي پهرين ڳالهه تي قائم آهي.
آخر ۾ مسلمانن کي امن سان رهڻ جي هدايت ڪندي، ٻڌي
۽ قومي جذبي کي پيدا ڪرڻ جي اپيل ڪيائين. ان بعد
هيٺيان ٺهراءُ صدر صاحب جي طرفان پيش ٿيا، جيڪي
الله اڪبر جي نعرن جي گونج ۾ قبول ٿيا.
ٺهراءُ نمبر 1: ڪراچي جي مسلمانن
جو هي ميڙ، هي راءِ قائم ٿو ڪري ته ڪانگريسي
وزارتن مسلمانن سان روا ڪيل سلوڪ مان هي ثابت نه
ڪيو آهي ته هو انصاف ۽ معقوليت سان سڀني قومن جي
نمائندگي ڪري ٿي. گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ هن ميڙ
جي اها راءِ آهي ته ڪانگريس وزارتون مسلمانن ۽ ٻين
گهٽ قومن جي حقوق ۽ مفاد جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام
رهيون آهن.
حڪومت جي انتظام متعلق ڪانگريس وزارتون
پنهنجي فرائض جي بجاآوري ۾ پوئتي پيون ۽ قانون ساز
مجلس ۾ پڻ مسلمانن جي عام راءِ جي توهين ڪئي.
مسلمانن جي ڪلچر کي تباهه ڪرڻ جي هر ڪا ڪوشش ڪئي
وئي، انهن جي مذهبي معاشي زندگي ۾ مداخلت ڪئي وئي،
مسلمانن جي سياسي ۽ اقتصاي حقن کي پائمال ڪيو ويو،
اخلاقي معاملات خواه جهڳڙن ۾ هميشه هنن هندن جي
طرفداري ڪئي ۽ هندن جي مقاصد جي تائيد ڪئي،
مسلمانن جي مفاد کي نظرانداز ڪري نقصان پهچايو
ويو.
ڪانگريس حڪومت ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ به
ضلعي آفيسرن جي معمولي فرائض ۾ مداخلت ڪئي، جنهن
جي ڪري مسلمانن کي سخت نقصان پهتو ۽ اهڙي فضا پيدا
ڪئي وئي جنهن ۾ هندو عوام جي دلين ۾ هي خيال پيدا
ٿيو ته هندستان ۾ هندو راڄ قائم ٿي ويو آهي! انهي
ڪري هندن ۾ زياده تر ڪانگريس ۾ ايتري بي خوفي ۽
جرئت پيدا ٿي، جو هنن مخالف هندن ۽ مسلمانن سان
زيادتيون ڪيون. مسلمانن جي حقن ۾ مداخلت ڪئي. انهي
ڪري هي جلسو مختلف صوبن ۾ ڪانگريس حڪومت جي ختم
ٿيڻ تي هڪ قسم جي ظلم کان ڇوٽڪارو محسوس ڪري ٿو ۽
هن ڳالهه تي خوشي جو اظهار ڪري ٿو ته گذريل اڍائي
سالن کان وٺي مسلمانن تي جيڪي ظلم،
زيادتيون ۽ ناانصافيون ٿي رهيون هيون، انهيءَ تي
اڄ ”يومِ
نجات“ ملهايو وڃي. هي جلسو رب کان دعا گهري ٿو ته،
هندستان جي مسلمانن کي اهڙي قوت، طاقت ۽ تنظيم
فرمائي جو اهڙين وزارتن جي قائم ٿيڻ کي روڪي سگهن
۽ مقبول عام وزارتون قائم ڪري سگهن، جي سڀني قومن
سان برابري ۽ انصاف ڪن.
ڪراچي جي مسلمانن جو هي جلسو انهن سڀني
صوبن جي گورنرن ۽ انهن جي صلاحڪار ڪائونسلن کي
درخواست ڪري ٿو ته هر مسلمانن جي جائز شڪايتن ۽
ظلمن، جيڪي ڪانگريس حڪومت ڪيا آهن، انهن اعلانن
مطابق جي گورنرن، گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي
فقره 93 موجب مختلف صوبن جي حڪومت جون واڳون وٺڻ
وقت ڪيا هئا، جلد کان جلد انهن جو ازالو ڪن ۽ سڀني
ظلمن کي دفع ڪري عام ماڻهن کي يقين ڏيارين ته مٿين
حڪومت سڀني سان انصاف ڪرڻ واري آهي.
ٺهراءُ نمبر 2:
قائداعظم محمد علي جناح، وائسراءِ هند سان دوران
ملاقات ۽ مسٽر گانڌي ۽ ٻين ڪانگريسي ليڊرن جي
درميان تازي ڪيل گفتگو ۾ جا روش اختيار ڪئي آهي ان
لاءِ ڪراچي جي مسلمانن جو عام جلسو پرزور تائيد ۽
تصديق ڪري ٿو. هن ڳالهه کي پرزور لفظن ۾ ورجائي ٿو
ته مسلمان هر طرح پنهنجي قائداعظم جا تابع ۽
فرمانبردار آهن. هن جلسي جي راءِ آهي ته قائداعظم
جي ڪوشش ۽ جدوجهد جو مقصد صرف مسلانن لاءِ نه آهي،
پر سڀني قليل تعداد جي قومن جي فائدي لاءِ پڻ آهي.
ان ۾ عام طرح سڄي ملڪ جي حقيقي ترقي ۽ آزادي جي
ضمانت آهي. ان بعد جلسو دعاءِ خير سان ختم ٿيو.
يوم نجات جو سلسلو سڄي سنڌ ۾ جاري رهيو.
تاريخ 22 ڊسمبر جمعي جي ڏينهن ڪوٽڙي جي هيٺين
مسجدن ۾ يوم نجات جون دعائون گهريون ويون. جهڙوڪ
ميمڻ مسجد، ڀٽي مسجد، نانگو لين مسجد، اسٽيشن
مسجد، جامع مسجد جمعي نماز بعد هيٺيان ٺهراءَ پاس
ٿيا:
1.
ڪوٽڙي جي مسلمانن جو هي جلسو قائداعظم محمد علي
جناح جي قيادت ۾ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪري ٿو.
سندس فرمان موجب ٺهراءَ پاس ٿيو ته گذريل اڍائي
سالن ۾ جتي جتي ڪانگريسي حڪومتون قائم ٿيون آهن
اتي اقليت وارن قومن سان خاص ڪري مسلم قوم جي زبان
ڪلچر،
تهذيب ۽ سياسي حقن، کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ايستائين جو يو ٻي سي پي ۽ بهار ۾ مسلمانن جي جان
۽ مال ۽ آبرو خطري ۾ پئجي ويا.
جيئن ته ناانصاف ڪانگريسي حڪومتون دفع ٿي ويون
آهن، تنهن ڪري هي ميڙ رب جا شڪرانه ادا ڪري ٿو ۽
دعا ٿو گهري ته هندستان ۾ اهڙيون حڪومتون قائم ٿين
جيڪي هندن، مسلمانن، اڇوتن ۽ ٻين اقليت وارن قومن
جي صحيح نمائنده هجن.
2.
مسلمانن جو هي ميڙ قائداعظم جي قيادت ۾ مڪمل
اعتماد رکي ٿو ۽ اميد ٿو رکي ته سندس ڪوشش سان
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو ٺاهه ٿي ويندو! جنهن سان نه
فقط مسلمانن پر ٿورائي وارن قومن کي به سموري ملڪ
۾ فائدو پهچندو.
3. هي ميڙ ظاهر ٿو ڪري ته سنڌ جي مسلمانن جو
موجوده سنڌ وزارت ۾ ڪو به اعتماد ڪونهي، گورنر
سنڌ، وائسراءِ هند ۽ وزير هند جو ڌيان ڇڪائجي ٿو
ته موجوده وزارت جو جلد به جلد خاتمو ڪيو وڃي.
4.
هي ميڙ جدا جدا پرڳڻن جي گورنرن کان مطالبو ٿو ڪري
ته سندس پرڳڻن ۾ ڪانگريسي حڪومتن پاران جي
زيادتيون ۽ بي انصافيون ڪيون ويون آهن. تن جي
تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ مسلم قوم جي جائز شڪايتن کي
دور ڪيو وڃي.
”قائداعظم محمد علي جناح جي ارشاد موجب
لاڙڪاڻي جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ عام جلسو ڪري دعائون
گهرڻ بعد ”يوم نجات“ گهڻي زور شور سان پرامن حالت
۾ ملهايو ويو. لاڙڪاڻي شهر جي هر هڪ مسجد ۾ جدا
جدا ٺهراءُ پاس ڪرڻ کان سواءِ عظيم شاهه ميدان تي
شاندار جلسو زير صدارت محمد هاشم گذدر ايم.ايل،
اي جي منعقد ٿيو. هيٺيان ٺهراءُ پاس ڪيا ويا:
1.
هي جلسو عام راءِ ظاهر ڪري ٿو ته ڪانگريس حڪومت
ختم ٿيڻ سبب مسلمانن ۽ ٻين اقليت وارن قومن کي
ظالمانه راڄ کان نجات ملڻ سبب، ڌڻي تعاليٰ جو شڪر
ادا ڪيو ويو.
1.
هي جلسو محمد علي جناح جي اڳواڻي تي مڪمل اعتماد
جو اظهار ڪري ٿو.
2.
هي جلسو موجوده سنڌ وزارت جي موجوده روش تي نفرت
جو اظهار ڪري ٿو ۽ گورنر سنڌ،
وائسراءِ
هند
۽
وزير هند کان استدعا ٿو ڪري ته هن وزارت کي جلد از
جلد ختم ڪري نيون چونڊون ڪرايون وڃن.
3.
هي جلسو انهيءَ ڳالهه تي تشويش جو اظهار ٿو ڪري ته
موجوده وزارت هندن جي دٻاءُ تي کين راضي رکڻ لاءِ
گڏيل چونڊن جي باري ۾ جيڪو بل پاس ڪرائڻ گهري ٿي
سو مسلمانن جي مخالفت هوندي به موجوده وقت ۾ سخت
نقصان ثابت ٿيندو. اهڙي قدم کڻڻ تي هندن ۽ مسلمانن
جا تعلقات جيڪي اڳ ۾ خراب ٿيل آهن سي وڌيڪ خراب
ٿيندا. مٿين صورت ۾ گورنر سنڌ کي استدعا آهي ته
اهڙي بل آڻڻ جي منظوري نه ڏئي.
4.
هي جلسو اصلاح اخبار جي نازيبا روش جي مذمت ڪري
ٿو. هي اخبار محمد علي جناح ۽ ٻين مسلم ليڊرن جي
باري ۾ خراب لکي رهي آهي، ان نامعقول رويي کي هي
جلسو گهڻي نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻين مسلمانن
کي عرض ٿو ڪجي ته اصلاح اخبار جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.
جلسه ۾ هيٺيان ماڻهو حاضر هئا، محمد علي ڪاڪيپوٽو،
مولوي محمد اسماعيل قريشي، مولوي محمد ابراهيم
بٺوي، مولوي عبدالڪريم بٺوي، مولوي غلام حسين
سرائي،
علي گوهر لاهوري، علي محمد وڪيل، وڏيرو حاجي محمد
نواز خان کهڙو، حڪيم محمد عالم، حڪيم علي محمد
شاهه بقاءِ پوري.
”بٺي تعلقي ميرو خان: تاريخ 22 ڊسمبر
1939ع جمعه نماز بعد عام جلسو مولوي عبدالڪريم
بٺوي جي زير صدارت منعقد ٿيو، جنهن
۾
ٺهراءُ منظور ڪري گورنر سنڌ ۽ وائسراءِ هند کان
مطالبو ڪيو ويو ته موجوده سنڌ وزارت کي جلد از جلد
ختم ڪيو وڃي.“
”ڳوٺ سونو جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ تاريخ 22
ڊسمبر 1939ع
تي
مولوي غلام محمد جي صدارت هيٺ عام جلسو منعقد ٿيو.
جتي ٺهراءُ پاس ڪري موجوده سنڌ وزارت کي ختم ڪرڻ
جو مطالبو ڪيو ويو.“
”ڳوٺ نئون آباد ڏوڪري ۾ تاريخ 22 ڊسمبر
1939ع
تي
صاحبزاده عبدالستار جان سرهندي جي صدارت هيٺ عام
جلسو منعقد ٿيو، جتي ٺهراءُ پاس ڪري موجوده وزارت
کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.“
”ضلعي لاڙڪاڻي جي هيٺين شهرن مان سنڌ
وزارت جي خاتمي لاءِ ٺهراءَ منظور ڪيا ويا: ٻيا
جلسا هيٺين ماڻهن جي زير صدارت منعقد ٿيا:
|