سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: تحريڪ پاڪستان ۾ سنڌ جو حصو

باب؛ 1

صفحو؛ 4

سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو آل انڊيا

مسلم ليگ عليڳڙهه ڏانهن خط

        هندستان ۾ مسلمانن جي سياسي جماعت آل انديا مسلم ليگ هئي ۽ ڪا به صوبائي سياسي پارٽي ايستائين ڪامياب نه پئي ٿي سگهي، جيستائين ان کي ٻين صوبن جي حمايت حاصل نه هجي. سنڌ جي مسلمانن، انهيءَ سياسي جماعت ۾ شامل ٿيڻ ٿي چاهيو، جنهن کي هندستان جي ٻين صوبن جي به پٺڀرائي هجي. سنڌ ۾ هڪ جماعت سنڌ محمدن ايسوسيئيشن هئي، جنهن مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ ٿي چاهيو. سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو آنرري سيڪريٽري مير ايوب خان بار ايٽ لا، هڪ خط تاريخ 20 جنوري 1912ع ۾ آنرري سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ علي ڳڙهه کي لکيو، جنهن ۾ هن مسلم ليگ جماعت ۾ ضم ٿيڻ جو ارادو ڏيکاريو خط جو متن هن ريت هو.

20 جنوري 1912ع ڪراچي

طرفان: مير ايوب خان بار ايٽ لا ڪراچي

ڏانهن: آنرري سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ علي ڳڙهه.

سائين،

        اسان سنڌ مسلم ليگ قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جو آل انڊيا مسلم ليگ سان تعلق هوندو. آئون توهان جو نهايت شڪر گذار رهندس، جيڪڏهن اوهان جلد به جلد آل انديا مسلم ليگ جا قاعدا قانون ۽ ان جي مقصدن واري ڪاپي اسان جي رهبريءَ لاءِ موڪليندا.

                توهان جو احترام ڪندڙ

                توهان جو فرمانبردار ٻانهو

                        صحيح

                    آنرري سيڪريٽري

                سنڌ محمدن ايسوسيئيشن [1]

آل انڊيا مسلم ليگ لکنو ڏانهن خط

        سال 1912ع ۾ هزهائينس سر آغا خان جڏهن ڪراچيءَ جي دوري تي آيو ته هن، هتي جي مسلمانن کي سنڌ ۾ مسلم ليگ جي شاخ قائم ڪرڻ لاءِ چيو. ڪراچيءَ ۾ حفيظ الله، شهاب الدين بابو، سر آغا خان جي هدايت مطابق آل انڊيا مسلم ليگ لکنو سان رابطو قائم ڪيو. آل انڊيا مسلم ليگ لکنو ڏانهن خط موڪليو ويو. خط جو متن هن ريت هو.

نيپئر روڊ ڪراچي،

4 فيبروري 1912ع

        ڏانهن،

            سيڪريٽري،

        آل انڊيا مسلم ليگ لکنو.

پيارا سائين،

        جيئن ته هزهائينس خواهش ڏيکاري آهي ته ڪراچيءَ ۾ سنڌ لاءِ آل انڊيا مسلم ليگ جي برانچ قائم ڪئي وڃي. هو صاحب تازو هتي آيو هو. اسان جي مسلم ليگ جي قاعدن ۽ قانون جي ضرورت آهي، انهيءَ معاملي ۾ مهرباني ڪري اسان جي مدد ڪندا. اميد ته مهربانيءَ طور ورندڙ ٽپال ۾ انهيءَ جي ڪاپي رواني ڪيندا.

                اوهان جو احسانمند

                توهان جو وفادار

                حفيظ الله شهاب الدين بابو[1]

 

سنڌ ۾ مسلم ليگ جي شاخ جو قائم ٿيڻ

        جيئن ته آل انڊيا مسلم ليگ جماعت عمليءَ طرح ڪا به تحريڪ يا سياسي هلچل شروع نه ڪئي هئي، جنهن ڪري هن جماعت ڪٿي به پنهنجون منظم جماعتون قائم نه ڪيون هيون. سال 1912ع کان 1916ع تائين، سنڌ ۾ ڪا به سياسي جماعت عمليءَ طرح ڪم ڪرڻ شروع نه ڪيو هو. سال 1917ع ۾ سنڌ ۾ آل انديا مسلم ليگ جي شاخ، سنڌ مسلم ليگ قائم ڪئي ويئي. انهيءَ جو اطلاع تار رستي سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ لکنو جي مرڪزي دفتر کي ڏنو ويو. تار جو متن هن ريت هو.

        ”اڄ صوبائي مسلم ليگ سنڌ لاءِ قائم ڪئي  ويئي آهي، جنهن کي سنڌ مسلم ليگ چيو ويندو. ان جا هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويندا.

صدر:                  يوسف علي ڀائي

نائب صدر:            غلام حسين ڀرڳڙي

آنرري سيڪريٽري:    غلام علي ڇاڳلا

جوائنٽ سيڪريٽري:   حاجي عبدالله هارون.[1]

سنڌ مسلم ليگ جي ارتَقَا

        سنڌ مسلم ليگ جي شاخ 3 نومبر 1917ع تي قائم ڪئي وئي، ان جو پهريون اجلاس تايخ 11 نومبر 1917ع تي سيد اسد الله شاهه جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. جنهن ۾ صرف تعليم يافته ماڻهو شريڪ ٿيا هئا.[2] مگر ان ۾ ڪو خاص ڪم ڪو نه ڪيو ويو. وري ”سال 1919ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو ٻيو اجلاس سيد اسد الله شاهه جي صدارت هيٺ سکر ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ مسلمانن جو وڏو تعداد شريڪ ٿيو، انهيءَ اجلاس ۾ هيٺيان ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.

1.                  برطانيه سرڪار جي خلافت متعلق اختيار ڪيل رويي کي ننديو ويو، هندستان جي ماڻهن کي التجا ڪئي ويئي ته اهي پرنس آف ويلس جو استقبال نه ڪن.

2.                 برطانيا سرڪار جي حمايت ۾ مولوي فضل ڪريم جي ڇپايل ڪتاب ”فتويٰ خلافت“ کي ننديو ويو. مسلم ليگ جي پاليسي انگريز سرڪار جي حمايت واري هئي. سنڌ مسلم ليگ، آل انڊيا جي پهرئين شاخ هئي جنهن آل انڊيا مسلم ليگ جي پاليسيءَ کي نظرانداز ڪري انگريز سرڪار جي مذمت ڪئي. جناح صاحب 1919ع تاءِ ڪانگريس پارٽيءَ سان شامل هو. جڏهن خلافت تحريڪ هندستان ۾ زور ورتو ته ڪانگريس هن تحريڪ جي حمايت ڪري ملڪ ۾ هنگاما برپا ڪيا. حالانڪه ڪانگريس کي خلافت سان ڪا به همدردي ڪا نه هئي، جنهن صرف مسلمانن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ خلافت جي حمايت ڪئي. محمد علي جناح ڪانگريس پارٽيءَ مان 1919ع ۾ استعيفيٰ ڏني. سال 1919ع ۾ محمد علي جناح کي آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر بڻايو ويو. سال 1920ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو رويو مسلمانن ڏانهن حوصله افزا نه هو، جنهنڪري جناح ڪانگريس جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏني.[1] سال 1920ع ۾ ناگپور جي ڪانگريس اجلاس دوران محمد علي جناح ڪانگريس مان استعيفا ڏني، جتي اٽڪل روءِ 15 هزار ماڻهو هئا. جناح، گانڌي جي عدم تعاون واري پاليسي جي مخالفت ڪئي، جلسي ۾ هن هڪڙي ماڻهوءَ جو آواز هو جيڪو مخالفت ۾ ٻڌڻ ۾ آيو. [2]

قائداعظم کي جڏهن مسلم ليگ جو صدر 1919ع ۾ بڻايو ويو، ته سنڌ جي مسلمانن هن تنظيم ۾ وڏي دلچسپي ورتي. محمد علي جناح جنهن جو تعلق سنڌ سان هو ۽ نوجوان تعليم يافته وچولي طبقي سان واسطو رکندڙ آئيني ۽ جمهوري اصول تي هلندڙ انسان هو، انهيءَ ڪري هندستان جا مسلمان مسلم ليگ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا.

                صدر:                  جي.ايڇ ڀرڳڙي.

                نائب صدر:            حاجي عبدالله هارون

                جوائنٽ سيڪريٽري:   سيٺ طيب علي ڀائي

ڪائونسل جا ميمبر

        1. سيٺ غلام علي ڇاڳلا، 2. مير ايوب خان، 3. جي جي مرزا، 4. محمد خان، 5. شيخ عبدالعزيز، 6. شيخ عبدالمجيد، 7. محمد علي محمد احمد، 8. حاجي دوسل کتري، 9. ڊاڪٽر نور محمد ايم.بي.بي.ايس، 10. حاجي جي ايس قاسم، 11. ابوبڪر حاجي ذڪريا، 12. جان محمد جوڻيجو بار ايٽ لا  [1]

1920ع کان 1924ع تائين مسلم ليگ پنهنجو ڪو خاص اثر پيدا نه ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته هندستان اندر ڪانگريس طرفان عدم تعاون جي تحريڪ هلي رهي هئي ۽ مسلمانن جي طرفان خلافت تحريڪ جاري هئي. هندن ۽ مسلمانن جي تحريڪ هڪ ٿي ويئي. مسلم ليگ ڪنهن به قسم جي احتجاج ۾ حصو ڪو نه ٿي ورتو. نتيجي طور مسلم ليگ نه هئڻ جي برابر هئي. مسلم ليگ جماعت، جيڪا 1920ع کان خلافت جي پاڇولي اندر رهي، تنهن کي 1924ع ۾ ٻيهر زندهه ڪيو ويو، تڏهن به هي ڪمزور ۽ بي اثر تنظيم رهي[2] تاهم جڏهن ترڪيءَ ۾ انقلاب آيو ۽ ڪمال اتا ترڪ ترڪيءَ جمهوري حڪومت جو سربراهه ٿيو، ان وقت هن خلافت کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. 3- مارچ 1924ع هن اعلان سان هندستان اندر هلندڙ خلافت تحريڪ ختم ٿي ويئي ۽ مسلمان هاڻي وري هڪ ڀيرو مسلم ليگ ڏانهن رجوع ٿيا.

        تاريخ 10 فيبروري 1924ع شيخ عبدالمجيد سابق سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ جي دعوت تي، سنڌ مسلم ليگ جي سڏايل جلسي ۾ اٽڪل چاليهه جدا جدا خيالن جا مسلمان گڏ ٿيا. جلسو ڊاڪٽر شيخ نور محمد جي صدارت هيٺ ٿيو. مسٽر محمد خان مسلم ليگ جي اڳئين ڪم جو ذڪر ڪيو ۽ شيخ عبدالمجيد، قاضي عبدالرحمان ۽ ٻين ڪيترن صاحبن مسلم ليگ کي ٻيهر منظم ڪرڻ تي زور ڏنو.

        حاجي عبدالله هارون پنهنجي والده جي بيماري سبب نه اچي سگهيو ۽ هڪ خط مجبوري جو موڪليائين. هن جلسي ۾ هيٺين ڪارروائي ٿي.

1.                  ٺهراءُ پاس ٿيو ته مسلم ليگ کي وري زندهه ڪيو وڃي.

2.                 سنڌ ۾ مسلم ليگ جو پروگرام ڏنو وڃي.

3.                 جداگانا نيابت بابت سنڌ جي مسلمانن جا رايا گڏ ڪيا وڃن.

4.                 نوڪرين، مقامي جماعتن ۽ ڪائونسلن ۾ مسلمانن جي حقن بابت فيصلو ڪيو وڃي.

5.                 سنڌ کي بمبئي صوبي کان ڌار ڪرڻ، زبان جي اصول تي ڌار صوبائي حڪومت بنائڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو.

6.                 هندستان جي حڪومت ۾ جيڪي آئنده سڌارا ٿيڻا آهن، تن بابت سنڌ جي مسلمانن جا رايا معلوم ڪرڻ لاءِ ويچار ڪيو ويو.

7.                 هارين ۽ ٻين مسلمانن جي اقتصادي حالت سڌارڻ لاءِ سوچيو ويو.

8.                 ٻئي ڪنهن ضروري ڪم تي غور ڪري سگهجي ٿو.

ٺهراءُ پاس ٿيو، جنهن ۾ مسلم ليگ جي ڪم ڪرڻ لاءِ 25 ميمبرن جي ڪاميٽي ٺاهي ويئي. ڪاميٽي عارضي ٽن  مهينن لاءِ هوندي.[1]

سنڌ مسلم  جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

        صدر:          سيٺ حاجي عبدالله هارون

        نائب صدر:    محمد ڪامل شاهه

        سيڪريٽري:   ڊاڪٽر شيخ نور محمد

        خزانچي:       مولوي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي

هيٺيان ميمبر کنيا ويا.

1.                  شيخ عبدالمجيد، 2. محمد ايوب کهڙو، 3. شاهنواز خان ڀٽو، 4. حڪيم شمس الدين، 5. پير تراب علي شاهه، 6. علي انور شاهه، 7. عبدالحميد، 8. عبدالجبار، 9. سيٺ طيب علي ڀائي، 10. ڊاڪٽر غلام حسين صاحب، 11. مير الله بخش ٽالپور، 12. حاجي مير محمد بلوچ، 13. پير غلام مجدد سرهندي، 14. ميران محمد شاهه، 15. ايوب خان، 16. محمد خان، 17. پير الاهي بخش.[1] انهيءَ وقت مسلم ليگ صرف ٺهراءُ پاس ڪندي هئي، مگر ڪو به عمليءَ طرح ڪم نه ڪندي هئي. مرڪزي ليڊرن جي عدم دلچسپي ۽ ان سان گڏ صوبائي مسلم ليگ جي شاخن ۾ به جوش و خروش ڪو نه هو، سال 1922ع تائين آل انڊيا مسلم ليگ جي  جملي ميمبرن جو تعداد 1330 هو.

سال 33- 1931ع دوران ان جو خرچ 3 هزار کان وڌيڪ ڪو نه ٿيو هو[2] اڳواڻن جي، مسلم ليگ سان عدم دلچسپي سبب هي جماعت مڙيئي پئي هلي. 1920ع کان پوءِ جيڪي به آل انڊيا مسلم ليگ جا اجلاس، هندستان ۾ مختلف هنڌن تي منعقد ٿيا، تن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون سنڌ جي نمائندن جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. خلافت تحريڪ کان پوءِ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ هلي، سنڌ جي جدائي وارو مطالبو به آل انڊيا مسلم ليگ جو مستقل مطالبو ٿي ويو. [3]

        1927ع کان پوءِ آل انڊيا مسلم ليگ جا اجلاس جيڪي شمله، دهلي، ڪلڪته ۽ الهه آباد ۾ ٿيا تن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جي نمائندي جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.[4] مسلم ليگ جي الهه آباد واري اجلاس ۾ جتي سر محمد اقبال پنهنجي تاريخي تقرير ۾ ڏکڻ اولهه هندستان اندر مسلمان رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو هو، انهيءَ ميٽنگ ۾ حاضر ميمبرن جو تعداد 75 هو ۽ ڪورم به پورو ڪو نه هو.[5] جڏهن ايترا ماڻهو هئا ۽ جنهن ميٽنگ ۾ ڪورم به پورو ڪو نه هو ته انهيءَ کي گڏجاڻي چئي سهجي ٿو. ۽ ان جلسي ۾ ماڻهن جي ٿوري تعداد واري ميڙ ۾ تقرير ڪرڻ کي مسلمانن جي ضمير جي آواز چئي سگهجي ٿو. تايخ 19 ڊسمبر 1930ع ۾ شاعر مشرق سر محمد اقبال آل انڊيا مسلم ليگ جي الهه آباد واري جلسي ۾ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ هندستان ۾ مسلمان رياست قائم ڪرڻ لاءِ ڳالهايو، پر ياد هجي ته هن مسلم رياست کي هندستان جي وفاق وارو منصوبو ڏنو هو، هن ڪڏهن به آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان لاءِ نه چيو هو[1] جنهن کي پوءِ تصور پاڪستان جو روپ ڏنو ويو. قائداعظم محمد علي جناح 1919ع کان 1930ع تائين مسلم ليگ جو صدر رهيو، مسلمان ليڊرن جو عدم تعاون هئڻ سبب جناح صاحب ليگ جي صدارت کي خيرآباد چئي انگلينڊ هليو ويو. 1929ع کان 1933ع تائين هندستان جون سڀئي سياسي جماعتون گول ميز ڪانفرنس ۾ مشغول رهيون. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ هلي رهي هئي. [2]

1934ع واري چونڊ

        سال 1934ع ۾ مرڪزي اسيمبلي لاءِ اليڪشن ٿي. 1919ع جي ايڪٽ موجب اليڪشن منعقد ڪرائي ويئي هئي، جملي 127سيٽون هيون. نتيجو هيٺين ريت نڪتو.

ڪانگريس                                             44

ڪانگريس قوم پرست (جنهن ۾ اڪثريت مهاسڀا جي هئي)      11

آزاد اميدوار (جن ۾ صرف 3 غيرمسلم هئا)                         22

يورپين                                                  11

سرڪاري ميمبر                                                    26

غير سرڪاري نامزد ميمبر                              13

        اليڪشن دوران قائداعظم انگلينڊ ۾ هو، مگر بمبئي جي مسلمانن قائداعظم جو نالو پيش ڪيو، جنهن ڪري قائداعظم بنا مقابلي ڪامياب ٿيو. [3]

        مرڪزي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ جو ڪو به اميدوار ڪو نه هو، ائين پيو معلوم ٿئي ته هندستان ۾ مسلمانن جي ڪا به سياسي جماعت ڪا نه آهي، حالانڪه مسلمانن جي جماعت مسلم ليگ هئي، مگر هن جماعت عمليءَ طرح اليڪشن ۾ حصو ڪو نه ورتو. مسلم ليگ نيم مرده جهڙي حالت ۾ هئي، اهڙيءَ طرح هندستان جي مکيه اڳواڻن، محمد علي جناح کي لنڊن ۾ خط موڪليا ۽ مسلم ليگ کي ٻيهر منظم ڪرڻ لاءِ کيس التجائون ڪيون. جنهن ڪري قائداعظم محمد علي جناح 1935ع ۾ واپس هندستان پهتو. قائداعظم جناح کي مسلم ليگ جو مستقل صدر بڻايو ويو ۽ هن پنهنجون ذهني ۽ جسماني طاقتون، مسلمان جماعتن ۽ صوبائي اڳواڻن کي منظم ڪرڻ ۾ صرف ڪيون.[1]

        سنڌ ۾، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي جي تحريڪ زور شور سان هلي رهي هئي. سنڌ جا مکيه اڳواڻ هن تحريڪ کي وڌائي رهيا هئا، گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌ جي جدائي وارو سوال اهميت وٺي چڪو هو، سنڌ ۽ هندستان جي مکي اڳواڻن جي ڪوششن سان سال 1935ع ۾ سنڌ کي خودمختيار صوبي بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو. سال 1935ع جي انڊيا ايڪٽ موجب سنڌ کي خودمختيار صوبو بڻائي، سر لينسيلاٽ گرهام کي سنڌ جو پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. 1936ع ۾ سنڌ بمبئي صوبي کان الڳ ٿي هڪ صوبائي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

باب ٽيون

 

صوبائي خودمختياري ۽ سنڌ جون سياسي جماعتون

        1936ع ۾ سنڌ کي هندستان جو هڪ صوبو بڻائي، صوبائي گورنر مقرر ڪيو ويو. گورنر کي هڪ صلاحڪار ڪاميٽي ڏني ويئي، جنهن جو چيئرمين سر غلام حسين هدايت الله ۽ ان جا ميمبر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ديوان هيرانند هئا، صوبائي ڪائونسل ۾ 25 مسلمان ميمبر هئا جيڪي 1930ع ۾ سنڌ مان بمبئي ڪائونسل لاءِ چونڊيا ويا  هئا سنڌ ڪائونسل ۾ هيٺيان مسلمان ميمبر هئا.

1.                  بابا مير محمد بلوچ، 2. خان بهادر غلام نبي شاهه، 3. مير بنده علي ٽالپور، 4. شيخ عبدالمجيد سنڌي،  5. پير غلام حيدر شاهه، 6. حسين علي رحمت الله، 7. حاجي ابراهيم جي ٽيگر، 8. غلام حسين ماچيس والا، 9. رسالدار عبدالرحمان، 10. محمد ايوب کهڙو، 11. خان بهادر شير محمد خان بجاراڻي، 12. ڄام جان محمد خان، 13. سيد جلال الدين قادري، 14. شيخ عبدالعزيز، 15. خان بهادر علي بهائي پٽيل، 16. مسٽر ٻانگي، 17. خان بهادر عبداللطيف، 18. سر شاهنواز ڀٽو، 19. واحد بخش ڀٽو، 20. سيد محمد ڪامل شاهه، 21. سيد ميران محمد شاهه، 22. خان بهادر الهه بخش، 23. رئيس جان محمد ڀرڳڙي، 24. سيد نور شاهه، 25. مسٽر ميهر بخش.

سنڌ صوبائي ڪائونسل جو ميعاد 31 مارچ 1937ع تائين مقرر ڪيو ويو هو، جيستائين نئين صوبائي اسيمبلي ۽ وزارت قائم ٿئي.[1]

        1937ع  جي اليڪشن لاءِ هر هڪ صوبي لاءِمقرر سيٽون رکيون ويون. جداگانه چونڊن واري اصول تي سيٽن جو تعداد مقرر ڪيوويو، جنهن موجب جتي به اقليت واري قوم کي اڪثريت واري قوم جون سيٽون گهٽائي اقليت وارن کي ڏنيون ويون، جيئن هو اقليت جي حقن جي حفاظت چڱي آواز سان ڪري سگهن. 1932ع ۾ وزيراعظم ريمنري ميڪڊنالڊ اعلان ڪيو ته فرقيوارانه فيصلي موجب (ايوارڊ) ۾ چيو ويو ته مسلمانن کي مختلف صوبائي مجلس قانون ساز ۾ جداگانه نسبت سان سيٽون ڏنيون وينديون.

 

صوبو

 

في صد مسلم آبادي

مسلمانن لاءِ مخصوص سيٽن جو في صد

پنجاب

57

49

بينگال

55

48

سنڌ

71

57

اتر اولهه سرحدي صوبا

91

72

آسام

34

31

بهار اوڙيسه

11

24

بمبئي

9

17

مدراس

8

13

وچان صوبا

5

14

1935ع جي ايڪٽ موجب سنڌ اسيمبلي جي جوڙجڪ:

سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي

        عام جايون 18، مسلمان 32، واپاري 2، زميندار 2، مزدور 1، عام زالن لاءِ 1، مسلمان زالن لاءِ 1، ڪل 60 ووٽ حق هيٺين کي هوندو.

1. انڪم ٽيڪس ڏيندڙ 2. ستون درجو پاس ڪيل 3. 30 رپيا ڪراچيءَ يا ٻي هنڌ ڍل ڀريندڙ 4. هاري جيڪو زمين جي ڍل ساليانو 14 رپين کان گهٽ نه ڀريندڙ هجي 5. جن کي پنهنجي زمين هجي 6. زالون جيڪي لکي پڙهي سگهن. [1]

        1935ع جي ايڪٽ موجب سنڌ جي مسلمانن لاءِ 34 جايون مخصوص ڪيون ويون.

        فرقيوارانه ايوارڊ موجب مسلمانن جي اڪثريت وارن صوبن ۾ آبادي کان گهٽ نمائندگي ملي. مسلمانن جا اڪثريتي صوبا انهيءَ ڪري راضي ٿيا، ڇاڪاڻ ته مسلم اقليت کي اسيمبلي ۾ گهڻي تعداد هئڻ سبب کين مناسب آواز هوندو، جنهن ڪري هو پنهنجي حقن جي حفاظت ڪري سگهندا. اهڙيءَ طرح مسلمان اڪثريتي صوبن جي، اقليت وارن صوبن لاءِ هي پهرئين قرباني هئي. ايوارڊ جو فيصلو سياسي ليڊرن جي صلاح مشوره سان ٿيو هو، پر عوام جي انهيءَ ۾ ڪا به راءِ نه ورتي ويئي. ڪانگريس انهيءَ ايوارڊ مان تمام خوش هئي، ڇاڪاڻ ته، اقليت ۾ وڌيڪ سيٽون کين مليون ۽ اڪثريتي صوبن ۾ پارٽي جي پوزيشن پڻ مضبوط هئي. مسلمانن جي نمائندگي ڪرڻ وارا اقليتي صوبن سان تعلق رکندڙ هئا ۽ مرڪزي سياسي پارٽين ۾ به اقليتي صوبن کي فوقيت هئي، جنهن ڪري انهن اکيون پوري ان ايوارڊ کي منظور ڪيو.

سنڌ جون سياسي جماعتون

        سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ هيٺيون سياسي پارٽيون ڪم ڪري رهيون هيون. ڪي سياسي پارٽيون جن جو تعلق آل انڊيا سياسي پارٽين سان هو، اهي سنڌ جي سياست ۾ بهرو وٺي رهيون هيون. جهڙوڪ  ڪانگريس، جمعيت العلماءُ هند، هندو مهاسڀا ۽ مسلم ليگ.

        سنڌ ۾ مسلم ليگ وڌيڪ فعال نه هئي. جنهن ڪري سنڌ ۾ ٻيون سياسي پارٽيون وجود ۾ آيون. جن جو دائره ڪار صرف سنڌ تائين محدود هو. تن مان مکي جماعتون هيٺيون هيون.

سنڌ پيپلز پارٽي

        سنڌ پيپلز پارٽي تاريخ 12 جون 1934ع تي قائم ڪئي ويئي، هن جماعت سنڌ جي سياست ۾ ان وقت حصو وٺڻ شروع ڪيو، جڏهن سنڌ کي صوبائي خودمختياري ملڻ واري هئي. انهي ڪري هيءَ سياسي جماعت بڻائي ويئي، جيئن ايندڙ چونڊن ۾ هي جماعت ڪامياب ٿئي. هن جماعت جا هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

صدر:                  سر شاهنواز ڀٽو

نائب صدر:            خانبهادر الهه بخش سومرو

نائب صدر:            ميران محمد شاهه

جنرل سيڪريٽري:     حاتم علوي

جوائنٽ سيڪريٽري:   جي.ايم.سيد  [1]

        سنڌ پيپلز پارٽي، سنڌ ۾ پهرئين واحد سياسي جماعت هئي جنهن جي سياست جو دائره صرف سنڌ تائين محدود هو.


[1]  خط جي اصل ڪاپي جيڪو آل انڊيا مسلم ليگ علي ڳڙهه ڏانهن تاريخ جنوري  20، 1912ع ۾ لکيو ويو.

[1]  اصلي خط جي ڪاپي جيڪو حفيظ الله شهاب الدين بابو تاريخ 4 فيبروري 1912ع ۾ لکيو.

[1]  اصلي خط جي ڪاپي جيڪو سنڌ مسلم ليگ جي طرفان تاريخ 3 نومبر 1917ع ۾ لکيو ويو.

[2]  روزانه الوحيد ڪراچي، نومبر 16، 1938ع.

[1]  ساقي سجاولئي، محمد علي جناح سجاول، دارل اشاعت سنڌي ادب 1952ع، ص – 18.

[2] R. M White, The Great Leader Qaid-i-Azam Lahore, Feroze Sons, 1962 P – 27.

[1]  اصلي خط جي ڪاپي جيڪا سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ جي طرفان مرڪز کي موڪلي وئي.

[2] B. N. Pandey, Breakup of British India, London Mecmillan, 1969  P-124

[1]  ”اصلي خط“ جيڪو سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ حيدرآباد طرفان تاريخ 12 فيبروري 1924ع لکيو ويو.

[1]  روزانه الوحيد ڪراچي 27 فيبروري 1924ع.

[2] Khalid Bin Sayeed, Pakistan The Formative Phase London, Oxford Univesity, 1968 P -177

[3]  ”روزانه الوحيد“ ڪراچي، نومبر 10، 1938ع

[4]  ”روزانه الوحيد“ ڪراچي، نومبر 10، 1938ع.

[5] Khalid Bin Sayeed, Pakistan The Formative Phase, London, Oxford University 1968, P. 177

[1] B.N. Pandey, Breakup of British India, London, Mecmillan, 1969 P. 144

[2]  روزانه الوحيد ڪراچي نومبر 10، 1938.

[3]  پروفيسر محمد خليل الله، تحريڪ پاڪستان ڪراچي، مڪتبه اختر، 1927ع صفحه - 248

[1] B. N. Pandey, Break up of British India, Londo, Mecmillan, 1969. P. 144

[1]  چوڌري محمد علي، ظهور پاڪستان، لاهور، مڪتبه ڪاروان، 1972ع ص – 42.

[1]  جي-ايڻ ٿڌاڻي، 1935ع جي ايڪٽ موجب هندستان جي حڪومت، گلاب راءِ اين ٿڌاڻي گرداس مل هندو هاءِ اسڪول، حيدرآباد، 1939ع، ص - 63

[1]  جي.ايم.سيد کان مصنف جو ورتل انٽرويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org