وليد بن يزيد بن عبدالملڪ جي خلافت
6 ربيع الاخر 125 هه کان جمادي الاخر 26 تائين
هاڻي هشام بن عبدالملڪ داعي اجل کي لبيڪ چئي قبر جي ڪنڊ اختيار
ڪئي ۽ سندس جي جاءِ تي وليد بن يزيد عبدالملڪ تخت
خلافت تي قدم رکيو. هي عمرو جي خلافت ۽ سندس قديم
رقيب ابن عرار جو طرفدار هو تنهن ڪري هن تخت تي
ويهڻ شرط عمرو کي معزول ڪري يزيد بن عرار کي سنڌ
جو والي مقرر ڪيو. اگرچه عمرو بي خطا ۽ بي قصور
معزول ڪيو ويو هو، مگر هي انڪار ڪري نٿو سگهجي ته
يزيد به سنڌ ۾ بلڪل چڱي طرح حڪومت ڪئي. ان جي ڪار
گذارين ثابت ڪري ڏيکاريو ته جيتوڻيڪ وليد نا
انصافي کان ڪم ورتو مگر جيڪي ڪيائين سو نامناسب نه
هو. يزيد اسلامي حڪومت کي خوب مضبوط ڪيو ۽ پڇاڙي
تائين هر دلعزيز ۽ نيڪنام رهيو. هن عربن جي قومي
فسادن کي به اهڙو دٻائي ڇڏيو جو سندس زماني ۾ ڪنهن
به اهڙي جهڳڙي جي شڪايت نه ٻڌڻ ۾ آئي. (يعقوبي)
عربي زبان جي سنڌ م ترقي
هاڻي عربي زبان کي سنڌ ملڪ ۾ ايتري ترقي ملي جو هتي عربي شاعر
به پيدا ٿيڻ لڳا ۽ اگرچه اهي اصل ۾ کڻي عربي نسل
جا ئي هجن مگر سندن خاندان کي هن ملڪ ۾ رهندي
ايترو زمانو گذري چڪو هو جو هو ”سنڌي“ سڏيا ويندا
هئا، نه عرب. جيئن ته ابو عطاءُ سنڌي جو ڪلام
ايتري مقبوليت جي درجي کي پهتو جو عرب ۾ هو وڏي
بلند نگاهه سان ڏٺو ٿي ويو ۽ ايتري قدر مشهور ٿيو
جو ابن اثير ڪيترن جاين تي کيس نقل ڪيو آهي.
خلافت جي نازڪ حالت
انهن سڀني ڳالهين هوندي به هي زمانو خلافت جي لاءِ نهايت ئي
نازڪ هو بني اُميه جي دور پوري ٿيڻ کي فقط ڇهه ست
سال باقي رهجي ويا هئا. بني هاشم جي جوانمردن پوري
مضبوطي سان مخالفت ۽ بغاوت جو سلسلو جاري رکيو مگر
هاڻي خاص بني عباس جا ماڻهو چؤطرف پکڙجي ويا ۽ ابو
مسلم جي خوفناڪ ڪوششن جو آواز ساري خراسان ۾ ٻڌجڻ
لڳو. اهو به ٺهيو پر جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ دهشت
ناڪ نتيجن جي خبر ٿي ڏني اها هيءَ هئي جو خود
خاندان بني اميہ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو. اختلاف به
اهڙو جو ساري شاهي خاندان ۾ نفاق پئجي ويو. اها
قوت جا سلطنت جي باغين جي پاڙ پٽڻ لاءِ هئي سا
خونريزين تائين پنهنجي قومي جهڳڙن ۾ ٽٽڻ لڳي. آخر
126 هجري ۾ خليفي وليد بن يزيد باغين جي گهيري ۾
ڦاسي پنهنجي ئي محلات جي اندر مارجي ويو. جنهن مرڻ
وقت نهايت ڏک ۽ ارمان وچان هي ڪلمون زبان مان ڪڍيو
ته ”يوما کيوم عثمان“ يعني اڄ به اهو ڏينهن آهي
جهڙو ڏينهن حضرت عثمان تي مظلومي جون مصيبتون وٺي
آيو هو. جن ماڻهن وليد کي گهر ۾ گهڙي ماريو تن ۾
هڪ سنڌي شخص به هو جيڪو اسلامي لشڪر ۾ وڏي اثر
واري حيثيت رکندو هو. (ابن اثير)
يزيد بن وليد جي خلافت
126 هجري ۾ ڇهن مهينن ٻن ڏينهن لاءِ
وليد کان پوءِ سندس پٽ يزيد، ”يزيد ناقص“ جي لقب سان خليفو ٿيو.
هن کي تخت تي ويهڻ شرط دارالخلافت جي آسپاس ۾ ئي
اهڙيون مشڪلاتون ۽ اهڙا جهڳڙا پيش آيا جو هندوستان
جي طرف هو بلڪل توجهه ڪري نه سگهيو.
منصور بن جمهور
انهن ڏينهن ۾ بني اُميه جي بدقسمتي سبب سندن قومي جهڳڙن کي ڏسي
ڪي اهڙا ماڻهو نڪري پيا جي پنهنجي فائدي جي غرض تي
پڇاڙي تائين انهن جهڳڙن کي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ رهيا
ته پنهنجي مقصدن پوري ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وجهه ملي.
انهن ماڻهن ۾ هڪ شخص منصور بن جمهور به هو، هي
نهايت ئي چالاڪ ۽ هوشيار ماڻهو هو. اُن زماني ۾
جيڪي به فساد پيدا ٿيا ٿي تن کي هن پنهنجي چالاڪي
سان وڌائي وڌائي اهڙي ناموري حاصل ڪئي ۽ اهڙي ترقي
جي درجي تي پهچي ويو جو هن جا حالات تعجب کان خالي
بلڪل نه آهن ۽ لطف ته هي جو هر جهڳڙي ۾ شريڪ هجڻ
بعد ان جي برن نتيجن کان هن پنهنجو پاڻ کي اهڙي
خوبي بچائي ورتو جو ڪيترائي ماڻهو مارجي ٿي ويا ۽
ڪيترا ڀڄي ٿي ويا مگر هي پڇاڙي تائين دنيا جي نگاه
۾ مقبول ۽ مانوارو رهيو. سندس حياتي جي حالات تي
آخر تائين غور ٿو ڪجي ته هي به پتو نٿو پوي ته هو
ڪنهن جو طرفداري نه هو. جن ماڻهن خليفي وليد کي
سندس محلات ۾ گهڙي وڃي ماريو تن ۾ هي به هو. جڏهن
بني اميه جي هڪ وڏي ٽولي انهي مظلوم خليفي جي
قاتلن کان بدلي وٺڻ لاءِ اٿي کڙي ٿي، تڏهن منصور
ساري اسلامي دنيا کي پاڻ سان موافق بنائڻ لاءِ
مشهور ڪيو ته مون وليد کي فقط شريعت جي مخالفت
سببان ماريو. هو کلي طرح اسلامي اصولن کان ڦري
ويندو هو تنهن ڪري منهنجو فرض هو ته تخت خلافت کي
هن کان خالي ڪريان، جڏهن يزيد بن وليد تخت نشين
ٿيو، تڏهن منصور هن وٽ وڃي ظاهر ڪيو ته مون خاص
تنهنجي خير خواهي لاءِ اها جرائت ڪئي. يزيد خود
وليد جو مخالف هو ۽ انهن ماڻهن جو طرفدار هو جن
وليد کي قتل ڪيو هو سو منصور جي هن بيان تي ڏاڍو
خوش ٿيو. منصور انهي طرح سان وقت جي خليفي کي راضي
ڪري خراسان جي حڪومت حاصل ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور
کي پنهنجي طرفان ري جو والي مقرر ڪيو مگر جڏهن هن
جي چالاڪين جو راز پڌرو ٿي پيو تڏهن ٽن مهينن کان
پوءِ يزيد کيس معزول ڪري ڇڏيو.
منصور بن جمهور پنهنجي معزولي کان پوءِ ڪيترا ڏينهن هيڏي هوڏي
رلڻ ۽ فساد جي ٻج پوکڻ ۾ لڳايا آخر جڏهن عبدالله
بن معاويه خاندان بني اميه جو هڪ شهزادو، يزيد جي
مخالفت تي تيار ٿيو تڏهن منصور جهٽ هن وٽ وڃي کيس
ڪاميابي جو اهڙو يقين ڏياريو جو هو کلم کلا خلافت
جو مدعي ٿي پيو. جڏهن قصو هيستائين پهتو تڏهن هن
جي هٿ تي بيعت ڪري کيس پاڻ سان وٺي يزيد جي مقابلي
لاءِ نڪتو. لڙائي ۾ عبدالله سان قسمت بي وفائي ڪئي
۽ سخت شڪست کائي نهايت بري حالت سان اُٿي ڀڳو.
منصور به پنهنجي هن نئين امام کي سندس بدبختي جي
حوالي ڪري پاڻ ڀڄي وڃي ٻئي ڀڃ گهڙ ۾ لڳو.
اتفاق سان اُنهي زماني ۾ هڪ ٻيو اُموي شهزاد اُٿي کڙو ٿيو جنهن
جو نالو عباس بن هشام هو. منصور ته اهڙا وجهه پئي
ڳوليا تنهن هڪدم وڃي هن جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ خلافت
جي مقابلي لاءِ نئين فوج وٺي اتي هليو پر هينئر به
شڪستن تي شڪستون کائي جڏهن ڏٺائين ته ڪا به
تدبير ڪارگر نٿي ٿئي تڏهن عباس کي اُتي ئي بي يارو
مددگار ڇڏي اُٿي ڀڳو ۽ وري ڪن ٻين تازه دم باغين
جي ڳولا ۾ نڪتو. ڪيترن ڏينهن تائين هيڏي هوڏي
بغاوتن جي باه ڀڙڪائيندو رهيو تان جو يزيد کي دنيا
موڪل ڏني ۽ ابراهيم بن وليد تخت نشين ٿيو.
ابراهيم بن وليد جي خلافت
سنه 126 هجري ڪل مدت چار مهينا
سنه 126 هجري بني اُميه جي لاءِ اهڙو نڀاڳو سال هو جو سندن
خلافت جي هن پوئين زماني ۾ جيڪي ٻيون ڦيريون
گهڻيون ٿيون اُهي ته کڻي ڇڏيو پر فقط هن هڪ سال جي
اندر ٻن خليفن مسند خلافت کي خالي ڪيو ۽ ٻه خليفا
تخت نشين ٿيا. يزيد جي وفات ڪرڻ بعد سندس ڀاءُ
ابراهيم بن وليد خليفو ٿيو مگر هن غريب سان به
سندس قسمت يزيد کان به وڌيڪ بي وفائي ڪئي. هو
خليفي ٿيڻ کان فقط چئن مهينن بعد تخت خلافت تان
لاٿو ويو ۽ مروان بن محمد خليفو ٿيو. (ابن اثير)
مروان بن محمد جي خلافت
هي سلطنت بني اُميه جو پويون خليفو هو ۽ جنهن جي قسمت ۾ هو ته
هو اموي نسل جي تباهي ۽ ان عظيم الشان خاندان جي
عورتن ۽ ٻارن جي مارجي وڃڻ جو تماشو اکين سان ڏسي
۽ پاڻ به ذلت سان مارجي وڃي.
جنهن زماني ۾ خلافت جلد جلد پلٽا کائي رهي هئي ۽ سلطنت بني
اُميه پنهنجي آخري دور ۾ سڪرات جهڙا تڪڙا تڪڙا ۽
گهٽيل پساهه کڻي رهي هئي ان وقت منصور بن جمهور
پنهنجي عادت موجب فتنه انگيزي جي ڪمن ۾ مشغول هو ۽
عباسي حڪومت کي ڪوٺي آڻڻ ۾ جلدي ڪري رهيو هو جنهن
جي هٿان خود سندس حياتي پوري ٿيڻ واري هئي. اتفاق
سان مروان جي زماني ۾ شيبان نالي هڪ پرجوش باغي
پيدا ٿيو جنهن جي قوت ٽوڙڻ ۾ خليفي کي وڏيون
تڪليفون سهڻيون پيون. منصور جو اڳيئي اهڙا وجهه
ڳوليهندو وتيو ٿي، سو يڪدم وڃي شيبان سان شريڪ ٿيو
مگر اهڙي هوشياري سان جو فقط پري کان ئي مدد ڪندو
رهيو. خلافت جي لشڪر جڏهن شيبان کي پهرين شڪست ڏني
تڏهن منصور ڀڄي وڃي اُنهي ڪوهستاني علائقي تي قابض
ٿيو جو عراق ۽ ايران جي وچ ۾ هو، تنهن کان پوءِ
وري هو لڙائي ۾ شيبان سان ڪڏهن به شريڪ نه ٿيو
البت اتي ئي ڪوهستان ۾ ويٺي ويٺي سندس مدد لاءِ
لشڪر ۽ جنگ جو سامان موڪليندو رهيو. آخر شيبان به
شڪستون کائي کائي عراق مان نڪري سيستان ڏي هليو
ويو ۽ رلندي رلندي اتي ئي زمين جي حوالي ٿي ويو.
هاڻي سلطنت جي مخالفتن ۽ خلافت جي باغين جي طاقت ظاهري سببن ڪري
بلڪل ٽٽي ويئي. اهي سڀ ماڻهو جن کي فساد کان سواءِ
ٻي ڪا دلچسپي نه هئي سي پنهنجو وطن ۽ عراق جو
علائقو ڇڏي ڀڄڻ لڳا. منصور بن جمهور اڃان به هڪ
اهڙي محفوظ مڪان ۾ هو جو هن ڪنهن به ٻئي پاسي جو
ارادو نه ڪيو ۽ ساڳي طرح ڪوهستان جي لڪن ۾ ويٺو
رهيو مگر ٻيا سڀ ماڻهو هنن ملڪن کي ڇڏي ڏورانهن
شهرن ڏي هليا ويا.
انهيءَ لڏ پلاڻ جي سلسلي ۾ 128 هه ۾ اُموي خاندان جو هڪ شهزادو
عباس بن هشام جو منصور جي اُڀارڻ تي خلافت سان
مقابلو ڪري شڪست کائي چڪو هو تنهن به جان جي خوف
کان مجبوراً وطن کي خيرباد چئي پنهنجو سارو اهل و
عيال جهازن تي سوار ڪيو ۽ هندوستان ۾ اچي سڪونت
اختيار ڪئي.
هن عباس جو بني عباس جي پهرين خليفي سفاح سان بلڪل گهڻو تعلق
هو. جڏهن سنه 132 هه ۾ هن ٻڌو ته سفاح جي سر تي
خلافت جو تاج رکيو ويو آهي، تڏهن ان جي دوستي جي
خيال ۾ اهڙو محو ٿي ويو جو پنهنجو پيدائشي گناهه
يعني بني اُميه جي نسل مان هجڻ ئي وسري ويس مطلب
ته خطا ڄاڻي ته ڪهڙا خيالي پلاءَ پچائيندو سنڌ کي
ڇڏي عراق ۾ آيو. سفاح هن جي گهڻي خاطرداري ڪئي ۽
کيس بلڪل گهڻي تعظيم ۽ تڪريم سان پنهنجي محلات ۾
لاٿو. هي اهو وقت آهي جو بني اُميه جي لاءِ قتل
عام جو حڪم جاري هو ۽ هن بدنصيب نسل جا سڀ ماڻهو
مرد زالون پوڙها ۽ ٻار سواءِ ڪنهن تميز ۽ لحاظ جي
بيقصور تلوار جي منهن ۾ ڏنا ٿي ويا. اهڙي وقت ۾ هڪ
اُموي شخص جو خاص طرح خلافت جي محل ۾ ٽڪائڻ ۽ شاهي
مهمان هجڻ تعجب کان خالي نه هو مگر آخر ثابت ٿي
ويو ته اهو تعجب بيجا هو ڇو ته عباس جي صورت سفاح
جي غلام سديف جڏهن ڏٺي تڏهن هي اشعار پڙهي سفاح کي
گويا وسريل ڳالهه ياد ڏياري ڇڏيائين.
لا يغرنک ماترى من رجال،
ان تحت الضلوع داع دويا،
قضع السيف وارفع السوط حتى.
لا ترى فوق ظهرها اُمويا.
ترجمو: ماڻهن ۾ جو ظاهري ميلاپ تون ڏسين ٿو سو توکي ٺڳي نه، ڇو
ته پاسرين جي هيٺان ماريندڙ مرض هوندو آهي.
تنهنڪري تون تلوار کان ڪم وٺ ۽ چهبڪ بلند ڪر تان
جو روءِ زمين تي ڪو به اُموي شخص نظر نه اچي.
سفاح جي لاءِ هي اشارو ڪافي هو. يڪدم سندس طبيعت ۾ ڦيرو اچي ويو
۽ گهڙي جو گهڙي ۾ هن مظلوم شاهي مهمان کي گهرائي
قتل ڪري ڇڏيو. (ابن اثير)
منصور جو فساد ۽ سندس سنڌ ۾ پهچڻ
اتفاقاً سنه 129 هه ۾ عبدالله بن معاويه ايران تي قابض ٿي وري
خلافت جي دعوى ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو. منصور
بن جمهور کي هي سڀ کان عمدو موقعو هٿ آيو. ڪوهستان
کان لهي وري اچي عبدالله سان همراه ٿيو پر جڏهن
مروان جي موڪليل شاهي فوجن سان مقابلو ٿيو تڏهن
قسمت کيس وري دغا ڏني. هاڻي منصور جي دل ۾ ايتري
قدر خوف پيدا ٿي ويو جو عراق جي ويجهو رهڻ ۾ کيس
بي انتها خطرا نظر ٿي آيا تنهن ڪري هن به خشڪي ئي
خشڪي جي رستي سنڌ جي واٽ ورتي. خلافت جي طرفان معن
بن زائده سندس پٺيان روانو ڪيو ويو مگر معن کي هن
جي لٽ به هٿ نه آئي ۽ هو اچي هندوستان ۾ پهتو.
منصور هندوستان ۾ هن خيال سان آيو جو سنڌ جو والي يزيد بن عرار
سندس عزيز هو ۽ ڀانيائين ته ان وٽ وڃي ڪو وقت آرام
وٺان. هو سر زمين سنڌ ۾ داخل ٿي درياءَ سنڌ جي
ڪناري لهي پيو ۽ اتان پنهنجي اچڻ جو اطلاع يزيد کي
موڪليو. يزيد هن جي حرڪتن ۽ لچاين کان اڳيئي واقف
هو تنهن صاف چوائي موڪليس ته هيڏي اچڻ جو ارادو نه
ڪر. هي جواب ٻڌي منصور کي ڏاڍو غصو آيو ۽ يزيد کي
چورائي موڪليائين ته آءٌ توکي پنهنجو عزيز سمجهي
تو وٽ ٿي آيس مگر هاڻي منهنجو خدا کي سوال آهي ته
هو مون کي تنهنجي مهرباني ۽ قرابت کان بچائي ۽
انهي بي ننگائي جو نتيجو توکي سگهو ئي معلوم
ٿيندو. (يعقوبي)
منصوره ۽ ابن عرار جو مقابلو
هي جواب موڪلي ۽ ڌمڪي ڏيئي منصور شهر سدوسان ۾ ترسي پيو. اُتي
ڳچ ڏينهن رهي هن ٻيڙيون ٺهرايون ۽ اوسي پاسي جي
ماڻهن کي دڙ دلاسا ڏيئي ۽ ڀڙڪائي ڪجهه فوج گڏ ڪري
ورتي، پوءِ ٻيڙين کي اُٺن تي لڏائي اچي درياءَ
مهراڻ ۾ وڌو ۽ ابن عرار جي مقابلي لاءِ روانو ٿيو.
(يعقوبي)
منصور جي ان ئي ڪارروائي مان اندازو ڪري ٿو سگهجي ته هو ڪيتري
قدر چالاڪ، هوشيار ۽ مدبر شخص هو. ابن عرار
جيتوڻيڪ هندوستان ۾ وڏيون وڏيون ڪار گذاريون ڪري
چڪو هو مگر منصور جنهن چالاڪي ۽ بهادري جو مرد
ميدان هو، ان سان ابن عرار کي ڪا نسبت ڏيئي ٿي
سگهجي ڇو ته ان عرار جون ناموريون فقط هندن جي
مقابلي تائين محدود هيون ۽ منصور اهو شخص هو جنهن
عمر جو وڏو حصو عراق ۽ عرب جي ميدانن ۾ زور آزمائي
ڪندي گذاريو هو ۽ جيتوڻيڪ هميشه شڪستون پئي
کاڌائين مگر انهي قوم جي مقابلي ۾ پنهنجي بهادري
جا جوهر ڏيکاري چڪو هو جنهن کان وڌيڪ بهادر قوم ان
وقت دنيا جي پردي تي هئي ڪانه.
شهر منصوره جو گهيرو
جڏهن ابن عرار کي معلوم ٿيو ته منصور سندس مقابلي لاءِ اچي ٿو
تڏهن منصوره کان نڪري اچي ساڻس سامهون ٿيو مگر
منصور جهڙو جوان هو تهڙو ئي مقابلو ڪيائين. ابن
عرار کي سخت شڪست نصيب ٿي ۽ ڀڄي وڃي شهر منصوره جي
چوديواري ۾ لڪو. هاڻي منصور وڌي وڃي منصوره جو
گهيرو ڪيو. آخر ابن عرار تنگ اچي امن گهريو. منصور
دل ۾ بيحد سڙيو ويٺو هو، ابن عرار جي امن طلب ڪرڻ
جو حال ٻڌي مٿس رحم اچڻ جي بجاءِ سخت ڪاوڙيو. ڇو
ته هيءَ انهي شيءِ جي گهر هئي جا اڳ ۾ منصور ابن
عرار کان ڪئي هئي ۽ صاف جواب حاصل ڪري پشيمان ٿيو
هو. مطلب ته هن درخواست تي نهايت ڏمرجي منصور
چوائي موڪليس ته تو جهڙي ماڻهو لاءِ مون وٽ پناه
ڪانهي. منهنجي حڪم سان ٻاهر نڪري اچ پوءِ آءُ جيئن
مناسب سمجهندس تيئن ڪندس.
ابن عرار جو موت
ابن عرار مجبوراً فقط انهي اُميد تي ته من منصور مون کي معاف
ڪري شهر جو دروازو کولي ڏنو ۽ هٿ ٻڌي اچي منصور جي
اڳيان بيٺو ۽ معافي جو طلبگار ٿيو، مگر منصور
ايتري قدر ڪاوڙيل هو جو کيس بلڪل ترس نه پيو ۽ ابن
عرار کي هڪڙي ٿنڀ سان ٻڌائي مارائي ڇڏيائين.
(يعقوبي)
منصور سنڌ جو حاڪم
ان کان پوءِ منصور سنڌ جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ورتي ۽ خود منصوره
۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي جو
ساڻس گڏ آيو هو قندابيل ۽ ديول جو حڪمران مقرر ڪري
روانو ڪيو.(1)
هاڻي هنن ڏينهن ۾ بني اُميه جي حڪومت اندروني
فسادن ۾ ايتري قدر ڦاٿل هئي جو سنڌ جي طرف بلڪل
توجه ڪري نه سگهي، جيتوڻيڪ اها خبر به پيس ته
منصور سنڌ تي قابض ٿي ويو آهي ۽ خلافت جي مقرر ڪيل
حاڪم تي هن وڏو ظلم ڪيو مگر اُتان کانئس بدلي وٺڻ
لاءِ ڪا به ڪارروائي ٿي نه سگهي ۽ منصور پوري زور
۽ بلڪل بي فڪري سان ملڪ سنڌ کي پنهنجو تابع فرمان
بڻائي ڇڏيو.
منصور سنه 130 هجري جي قريب يا هڪ سال اڳي پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو
مگر هن جو مفصل حال معلوم ٿي نه سگهيو ته ڪهڙي طرح
حڪومت ڪيائين، فتح مندي ۽ جهاد جي اعتبار سان ڪيئن
رهيو. هتي جي هندن ۽ مسلمانن سان هن ڪهڙو برتاءُ
ڪيو مگر قياس ائين چوي ٿو ته هن کان سواءِ وڙهڻ
جهڙڻ جي ماٺ ڪري ويٺو نه ٿيو هوندو ڇو ته ابتدا
کان وٺي هن جي حياتي هميشه خونريزين ۽ لڙائين ۾
گذري هئي ۽ پڇاڙي ۾ به هن عباسي حڪومت جي اڳيان
مرڻ گهڙي تائين مٿو نه جهڪايو.
عباسي حڪومت
هاڻي اُهو زمانو هو خلافت جي انقلاب ۽ بني هاشم ۽ بني اُميه جي
هڪ ٻئي جي عداوتن ساري اسلامي دنيا ۾ ڏڪڻي وجهي
ڇڏي هئي. گهڻن ئي فسادن ۽ خونريزين کان پوءِ وڃي
زماني هڪ پهلو تي قرار ورتو ۽ قسمت بني عباس جي سر
تي خلافت جو تاج رکيو. اڳيون حڪمران گهڻو بلڪل
تباهه ڪيو ويو. نون حڪمرانن کي جڏهن گهرو ويڙهه
کان فراغت حاصل ٿي تڏهن انهن ملڪن جي طرف توجهه
ڪيائون.
|