هشام دراصل هڪ نهايت ئي دنيا پرست ۽ چالاڪ ماڻهو هو، سو جهٽ
پنهنجي ڀيڻ خليفي کي نڪاح ۾ ڏيڻ جو منصوبو دل ۾
رٿي ٿوري دير بعد وڃي سندس دروازي تي پهتو ۽
پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو. خليفي ڪڏهن به هن کي نه
ڏٺو هو، سو هن جي اچڻ کان ڏاڍو تعجب ۾ پيو. گهرائي
کانئس حقيقت ورتائين. هن خليفي جي اڳيان پنهنجي
ڀيڻ جي عقل، دينداري ۽ حسن و جمال جي تعريف ڪري
کيس نڪاح ۾ آڻڻ جي آڇ ڪئي.
هشام والي سنڌ
خليفو اها خبر ٻڌي پهريائين ته ڏاڍو خوش ٿيو پر پوءِ ڪن سببن
ڪري سندس ڀيڻ سان شادي نه ڪيائين. باقي انهي آڇ تي
بلڪل گهڻي قدر سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ کيس چيائين ته
توکي خداوند تعالى جزاءِ خير عطا ڪري مگر هن
مهرباني جو عيوضو مون کان في الحال سواءِ ان جي
ٻيو ڪجهه به ادا ٿي نٿو سگهي جو توکي سنڌ جو والي
مقرر ڪريان ٿو. هڪدم اوڏانهن موڪلائڻ لاءِ بارگاهه
خلافت ۾ ويو تڏهن منصور تاڪيد ڪيس ته تنهنجو
پهريون فرض هي آهي جو سنڌ جي جنهن راجا وٽ عبدالله
اشتر پناه گزين آهي تنهن سان خط و ڪتابت ڪري ڪنهن
به طرح کيس پنهنجي قبضي ۾ آڻي مون ڏي روانو ڪج.
جيڪڏهن راجا ان جي ٻانهن ڏيڻ کان انڪار ڪري ته
توکي هينئر کان ئي اجازت آهي ته بي ڌڙڪ هن تي ڪاهه
ڪري به وڃي عبدالله کي هٿ ڪج. مطلب ته هشام هن حڪم
جي تعميل جو واعدو ڪري سنڌ جي واٽ ورتي.(1)
(ابن اثير)
هشام به بني فاطمه جو طرفدار:
منصور اُتان ته هشام کي سيکاري پڙهائي روانو ڪيو، ۽ عمر بن حفص
کي لکيو ته تون پنهنجو عهدو هشام جي هٿ ۾ ڏيئي
قيروان هليو وڃ، ۽ وڃي آفريقاجي حڪومت پنهنجي هٿ ۾
ڪر. هشام جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيو، تڏهن دل ۾ غور
ڪيائين ته منصور جي حڪم جي تعميل ڪهڙي طرح ڪجي؟ ڇو
ته هي پاڻ به عمر بن حفص جو هم مذهب ۽ خاندان نبوت
جو طرفدار هو. هن کي ڪنهن به طرح اها ڳالهه نٿي
وڻي ته جناب سيده النساءِ فاطمه الزهراءِ جي هڪ
جيئري جاڳندي يادگار کي موت جي حوالي ڪيو وڃي، مگر
دنيا جي محبت سنڌ جي حڪومت کان دستبردار ٿيڻ به
نٿي ڏنو. آخر سوچي سمجهي هن اها ڪارروائي ڪئي، جو
سنڌ جي سڀني شهرن ۽ فوجي حلقن ۾ مشهور ڪري ڇڏيو ته
عبدالله اشتر جي نسبت راجا سان لکپڙهه هلي رهي
آهي. خليفي منصور کي به اهڙو اطلاع ڏنو، ۽ لکيو ته
حضور جي حڪم جي هاڻي جلد ئي تعميل ٿي ويندي، مگر
در حقيقت ڪيائين ڪجهه به نه. هوڏي منصور جو هي حال
هو، جو روز بروز تاڪيدن پٺيان تاڪيد پئي آيا ته
عبدالله اشتر جي معاملي ۾ جلدي ڪر. انهيءَ حالت ۾
ڪجهه وقت ٽري ويو.
هشام جو ڀاءُ سفيح:
هشام گهڻو ئي نٽايو ۽ ايتري قدر رعايت ڪئي، جو جيڪڏهن هن جو وس
هجي ها ته ڪڏهن به عبدالله جو وار ونگو ٿيڻ نه ڏئي
ها، مگر جڏهن قسمت ئي بگڙيل هجي ته پوءِ ڇا ٿي
سگهي ٿو؟ هن جي حياتي پوري ٿي چڪي هئي. اتفاقاً
سنڌ جي هڪ ڀاڱي ۾ سفيه کي سردار مقرر ڪري، اوڏانهن
روانو ڪيو. هيءَ فوج جتي وڃڻي هئي، ان جو رستو
اتان هو، جتي عبدالله اشتر هڪ هندو راجا جي سرحد ۾
پناهه گزين هو، ۽ رات ڏينهن سير و شڪار ۾ مشغول
رهندو هو. سفيح جي همراه کي هلندي هلندي پري کان
هڪ لٽ ڏسڻ ۾ آئي، جنهن مان گمان ٿيو ٿي ته ڪو لشڪر
آهي. هي هوشيار ٿي اڳتي وڌيا. جڏهن ڪجهه ويجها ويا
۽ لٽ جو پردو چيريو، تڏهن يارنهن سوار نظر آين ۽
پڇا بعد معلوم ٿين ته عبدالله بن اشتر آهي، جو
پنهنجي رفيقن سان گڏ سرسبز جهنگن ۽ ميدانن ۾ گهمڻ
لاءِ نڪتو آهي.
عبدالله اشتر جي شهادت:
سفيح پنهنجي سپاهين کي حڪم ڏنو، ته عبدالله کي گهيرو ڪري پڪڙي
وٺو. رفيقن مان جيڪي سنجيده ۽ ديندار ماڻهو هئا،
تن کيس انهي ارادي کان روڪيو ۽ چيو ته ”هي رسول
الله جي يادگار فاطمي نسل جو آهي هن کي نه ستايو.
ڏسو ته اوهان جو ڀاءُ به ان جي باري ۾ خلافت جي
حڪمن کي ڪهڙي تجويز سان ٽاريندو پيو اچي. توهان به
ان جي نقش قدم تي هلي کيس ڇڏي ڏيو. ”سفيح انهن
ڳالهين تي هيڪاري رنج ٿيو، ۽ چيائين ته ”رسول الله
ﷺ جي يادگار آهي ته ڀلي هجي، مگر آئون ته هن کي
هرگز نه ڇڏيندس.، رحمدل صلاحڪارن اهو رنگ ڏسي
لاچار کڻي ماٺ ڪئي ۽ سپاهين هڪدم سفيح جي حڪم موجب
سندس گهيرو ڪري ورتو.
عبدالله جيتوڻيڪ ڳچ ڏينهن کان وٺي امن و امان ۽ عيش و عشرت ۾
گزاريندو رهيو، مگر تڏهن به آخر هن جي رڳن ۾ هاشمي
خون موجود هو، ۽ فاطمي غيرت ۽ شجاعت هن جي خمير ۾
هئي. جڏهن ڏٺائين ته مقابل ڌر لڙائي لاءِ تيار ٿي
هن جي جان وٺڻ جي پٺيان آهي، تڏهن پنهنجي سرويچ
رفيقن کي للڪاري، سفيح جي سپاهين تي هڪ غضبناڪ
شينهن جي صورت ۾ وڃي ڪڙڪيو، ۽ پنهنجي بهادرانه
حملن سان سفيح جي ڪيترن ئي همراهن کي ماري ڪيرائي
وڌائين، ۽ آخر وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويو. سندس
ڏهن رفيقن به پوري وفاداري سان ساڻس گڏ آخرت جو
سفر اختيار ڪيو.
هشام جي چالاڪي:
جڏهن سفيح ان واقعي جو اطلاع پنهنجي ڀاءُ کي ڏنو، تڏهن هو دل ۾
ڏاڍو غمگين ٿيو، مگر خلافت جو اهڙو خوف لڳل هوس،
جو ڀاءُ کي ڪجهه به چئي يا ڪري نه سگهيو. هاڻي
هشام دل م خيال ڪيو ته خداءِ واحد خوب ڄاڻي ٿو ته
عبدالله جي خون ۾ منهنجو ڪو قصور ڪونهي، ۽ جيڪي
ٿيڻو هو سو ٿي ويو. پوءِ هاڻي سلطنت جي هٿان جيڪو
فائدو حاصل ٿي سگهي، تنهن کي ڇو ڇڏي ڏيان؟ اهو
خيال ڪري هن منصور کي اطلاع ڪيو ته عبدالله اشتر
کي اوهان جي حڪم موجب مون گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،
مگر پنهنجي بهادري سبب هو جيئرو گرفتار ٿي نه
سگهيو. ۽ وڙهي وڙهي جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو.
منصور ان ڪاميابي جي خوشخبري ٻڌي ڏاڍو سرهو ٿيو، ۽ هشام کي جواب
۾ پنهنجي بي انتها راضپي سان گڏ حڪم ڏنائين ته
هاڻي ان راجا تي به حملو ڪري سندس سارو ملڪ پنهنجي
قبضي ۾ آڻيو، هشام لاءِ هاڻي انهي حڪم جي تعميل ۾
ڪنهن سستي ۽ دير ڪرڻ جو ڪو سبب ئي نه رهيو. ڇو ته
هو هن راجا جو تيسين خير خواه ۽ دوست هو، جيسين هو
آل رسول جو محافظ هو. هشام بنا دير حملو ڪري ڏنو ۽
ٿورين ئي جهڙپن بعد راجا مارجي ويو، ۽ سندس حڪومت
ساري مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويئي.
عبدالله اشتر جو اولاد ۽ منصور جو برتاءُ:
عبدالله اشتر جن ڏينهن ۾ پناه گزين هو، تن ڏينهن هن جي حرم ۾
ڪيتريون ٻانهيون به هيون. جن مان هڪڙيءَ جي پيٽان
هڪ پٽ به هو. هشام جڏهن راجا جي ساري ملڪ تي قبضو
ڪيو. تڏهن اهي ٻانهيون ۽ اهو ڇوڪر به سندس قبضي ۾
آيا. هن انهن سڀني کي عزت ۽ احترام سان منصور ڏي
روانو ڪري ڇڏيو. منصور انهن کي مديني جي عامل ڏي
موڪلي حڪم ڏنو ته هنن کي خاندان بني فاطمہ جي
حوالي ڪري خوب طرح يقين ڏيارج ته هي ڇوڪرو هر طرح
قابل قدر آهي، ۽ هن جي نسب ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ نه
آهي. هي ڇوڪرو مديني جي گهٽين ۾ ڪڏي ٽپي وڏو ٿيو.
سندس نالو محمد بن عبدالله هو، ۽ ابن اشتر جي نالي
سان مشهور ٿيو. مطلب ته هي ڇوڪرو خاندان نبوت جو
اهو چمڪندڙ موتي هو جو هندوستان جي پهاڙن مان هٿ
آيو.
هشام جو زمانو ۽ ان وقت جا شيعا سني:
هشام عقائد ۾ عمر بن حفص جي موافق هو، تنهنڪري شيعت انهي زماني
۾ هيڪاري ترقي حاصل ڪئي. مگر ان وقت جا شيعا اهڙا
نه هئا جهڙا هينئر آهن، اول ته جيتري قدر تاريخ
مان پتو پوي ٿو. تنهن مان ائين ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته
انهن ۾ سبيه فرقي جا ماڻهو جيڪي شيخين (حضرت
ابابڪر صديق رضه ۽ حضرت عمر رضه) کي بد شد ڳالهائڻ
ڪو ثواب نه سمجهندا هئا، ٻيو هيستائين فقط هڪ خيال
۽ هڪ راءِ جو اختلاف هو. شيعن ۽ سنين ڪا ٻن جدا
فرقن جي صورت نه پيدا ڪئي هئي. نه مسجدون جدا
هيون، نه جماعت ۾ ڪا ڦوٽ پيل هئي، نڪي ته ڪي ڪتاب
ئي الڳ الڳ تيار ڪيا ويا هئا. هي ڪمبخت اختلاف ته
ان وقت پيدا ٿيو، جڏهن هڪ طرف سنين اشاعره جي
اعتقاد کي پنهنجي لاءِ چونڊيو ۽ ٻئي طرف شيعن
معتزله جي عقلي ۽ فلسفيانه عقائد کي پنهنجي لاءِ
رٿيو. جنهن کان پوءِ فقہ، حديث ۽ سڀني جزوي کان
جزوي مسئلن ۾ ٻنهين پنهنجي لاءِ جدا جدا ڪتاب
تصنيف ڪرڻ شروع ڪري ڏنا.
هشام جا ڪارناما:
هشام بن عمرو تغلبي جيتونيڪ هڪ شرمناڪ ۽ ذليل طريقي سان سنڌ جي
حڪومت حاصل ڪئي، مگر ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هو
وڏو بهادر ۽ نهايت ئي مدبر حڪمران هو. هن جهڙي طرح
چڱي نموني ۾ حڪومت ڪئي ۽ جهڙيون فتحون ۽ ڪاميابيون
کيس نصيب ٿيون تهڙيون عباسي حڪومت جي زماني ۾ ٻئي
ڪنهن کي به نصيب نه ٿيون. هندوستان ۾ فقط هي ئي
آهي جنهن پنهنجي فتوحات جون لهرون ڪشمير تائين
پهچايون ۽ پنهنجي همت مردانه جون جهنڊيون هماليه
جي چوٽين تي ڦڙڪائي ڇڏيون.
هن کي جڏهن فتح مندي جو خيال آيو تڏهن پنهنجي هڪ بهادر آفيسر
عمرو بن جمل کي ٿوري فوج سان ٻيڙين تي سوار ڪري
نارند جي طرف روانو ڪيو. (بلاذري)
عمرو بن جمل اوڏانهن ويو ۽ هشام پاڻ منصوره ۾ هو ته هڪ همت واري
مشير راءِ ڏنيس ته ”اوهان جي اولوالعزمي ۽ عالي
همتي لاءِ منصوره جو ميدان بلڪل تنگ آهي اوهان کي
هلي ملتان رهڻ گهرجي. جتي هر طرف جهاد جا رستا
کليل آهن.“ هي جملو هڪ همت واري شخص تي وڏو اثر
ڪري ٿي سگهيو، سو هشام جي دل ۾ چڀي ويو ۽ هڪدم
پنهنجي ڀاءُ بسطام کي پنهنجو جانشين بڻائي منصوره
۾ ڇڏي ۽ پاڻ وڏي فوج سان اتر پاسي روانو ٿي وڃي
اتر الهندي هندوستان جي دور دراز ملڪن تي حملي آور
ٿيو. (يعقوبي)
فتح ڪشمير
هن فتحمندي جي رفتار ۾ هو برابر پنهنجا فاتحانه جهنڊا ڦڙڪائيندو
ڪشمير تائين وڃي پهتو ۽ ڪشمير کي به فتح ڪري
ورتائين،(1)
۽ اُتي جي حسن پيدا ڪندڙ زمين مان ڪيتريون ٻانهيون
۽ ٻانهان پنهنجي قبضي ۾ آندائين. ملتان جا ماڻهو
گذريل فتحن کان پوءِ وري باغي ٿي ويا هئا تنهنڪري
ڪشمير ڏي وڃڻ وقت هن ملتان تي به حملو ڪيو ۽ جهٽ
ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتو. ڪشمير کان واپس اچي
هو قندابيل ۾ پهتو. هتي ڪي فتنه پرداز عرب هئا جن
جي هٿان سنڌ جي والين کي هميشه تڪليف پهچندي رهندي
هئي. هشام قندابيل ۾ داخل ٿي انهن بغاوت ڪندڙ
فسادين کي جلا وطن ڪري ڇڏيو.(1)
(بلاذري ۽ يعقوبي)
هشام جڏهن انهن خشڪي جي حملن مان ڍؤ ڪري چڪو تڏهن بحري حملن جو
ارادو ڪيائين. اڳ ۾ ته عمرو بن جمل کي روانو ڪيو
هئائين مگر هاڻي پاڻ جهازن تي سوار ٿي سنڌو درياءَ
۾ لهوارو هليو ۽ عربي سمنڊ ۾ سفر ڪري وڃي قنڌار تي
ڪاهيائين، ۽ قنڌار کي فتح ڪرڻ بعد خوف ڪاميابي سان
منصوره ۾ موٽي آيو. (يعقوبي)
هشام جون ڪاميابيون:
هشام جي زماني ۾ هر جاءِ تي امن و امان ۽ خوشحالي هئي. هن جي
قوت، رعب ۽ ادب جو ڌاڪو به ملڪ تي اهڙو ويٺل هو،
جو چئني طرفن جا ماڻهو سندس نالي کان پيا ڏڪندا
هئا. اهو ئي سبب هو جو هن جو ملڪي انتظام سندس
آخري زماني تائين بلڪل مضبوطي ۽ سهڻائي سان هلي
رهيو هو. (بلاذري)
هشام جون هي ڪارگزاريون ڏسي منصور ايتري قدر خوش ٿيو، جو آخر
ڪرمان جي حڪومت به هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. سنه 956هه
۾ هو هند سنڌ ۽ سر زمين ڪرمان جي اڇي ڪاري جو پورو
پورو مالڪ ۽ مختيار هو. (ابن اثير)
هشام جا پويان ڏينهن:
ان کان پوءِ هشام کي اچي پنهنجي وطن جي اُڪير کنيو. خليفي منصور
جي لاءِ هن اڳئي اهڙا اهڙا عمدا تحفا گڏ ڪري رکيا
هئا، جن جهڙو هڪ به تحفو اڳ ڪڏهن ڪنهن زماني ۾
هندوستان مان نه ويو هو. هي اهي سڀ تحفا کڻي. عراق
جي طرف روانو ٿيو. (يعقوبي)
بغداد ۾ پهچي هن نهايت سرخروئي سان منصور جي اڳيان مٿو جهڪايو.
منصور کيس وڏي انعام و اڪرام سان سندس ڪاميابي تي
مبارڪباد ڏني. ان کان پوءِ هشام بغداد ۾ ئي رهڻ
لڳو. مگر افسوس! وطن جي دلچسپين مان ڪو ٿورو ئي
لطف حاصل ڪيائين ته موت جو پيغام اچي پهتس، جيئن
ته بغداد ۾ پهچڻ کان ٿورن ئي ڏينهن بعد سنه 157 هه
۾ داعي اجل کي لبيڪ چئي وڃي قبر جي ڀاڪر ۾ سمهيو.
(ابن اثير ۽ يعقوبي)
معبد سنڌ جو والي
هشام کان پوءِ منصور سنڌ جي حڪومت تي معبد بن خليل تميمي کي
موڪليو. جنهن جي نسبت چيو وڃي ٿو ته هن نهايت
نيڪنامي سان حڪومت ڪئي، تان جو سن 158 هه ۾ زماني
پاسو ورايو. خليفو منصور وڃي خاڪ جي اندر مقيم ٿيو
۽ خليفي مهدي جي ڳچيءَ ۾ خلافت جو هار وڌو ويو.
(يعقوبي -ابن اثير)
مهديءَ جي خلافت
158 هه کان 169 هه تائين
خليفي مهدي تخت خلافت تي ويهڻ شرط عمر بن عبدالعزيز وانگي سڀني
ملڪن جي بادشاهن کي خطن جي رستي دين اسلام جي دعوت
ڏني. گهڻن بادشاهن ته هڪدم سندس دعوت نامون قبول
ڪري اطاعت جو گردن جهڪايو. جن بادشاهن خليفي مهدي
جي دعوت مڃي، تن مان هڪڙو ته سنڌ جو راجا هو، جو
”راءِ“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. ۽ هندوستان ۾
ٻيو هڪ وڏو راجا هو جنهن جو نالو ”مهراج“ لکن ٿا،
۽ چيو وڃي ٿو ته هو انهي قديم راجا پورس جي حڪومت
جو وارث هو، جيڪو سڪندر رومي سان لڙيو هو.
(يعقوبي)
لکن ٿا ته معبد بن خليل والي سنڌ جي زماني ۾ جاٽ قوم وارن شورش
۽ فساد جي بازار گرم ڪري ڇڏي هئي.
روح بن حاتم والي سنڌ
مهدي جي خلافت کان ٻئي سال يعني سنه 159 هه ۾ سنڌ جي والي معبد
بن خليل فنا جو پيالو پيتو ۽ مهدي سندس جاءِ تي
پنهنجي وزير ابو عبدالله جي سفارش سان روح بن حاتم
کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو.(1)
(ابن اثير)
روح سنڌ ۾ پهتو، ۽ اڃان پوري طرح ملڪي انتظام به پنهنجي هٿ ۾ نه
کنيو هئائين ته جاٽن (جي سنڌ ۽ هند جي الهندي طرف
بلڪل گهڻي انداز ۾ رهندا هئا) هڪ ٻئي پٺيان فسادن
جي باه ٻاري ڏني. انهن ۾ ڪو اهڙو جوش و خروش پيدا
ٿي ويو هو، جو کين دٻائڻ لاءِ روح کان ڪجهه به ٿي
نه سگهيو. (يعقوبي)
آخر مهدي هن کي هتي سال به پورو ڪرڻ نه ڏنو، ۽ کيس معزول ڪري
سنڌ جي حڪومت بسطام بن عمرو جي هٿ ۾ ڏني.(ابن
اثير)
بسطام والي سنڌ
هي بسطام هشام بن عمرو جو ڀاءُ هو، جو خليفي منصور جي زماني ۾
وڏي ڌوم ڌام ۽ شان و شوڪت سان سنڌ تي حڪومت ڪري
چڪو هو. ان جي زماني ۾ ڪجهه عرصي تائين منصوره جي
حڪومت بطور نائب هن جي هٿ ۾ رهي چڪي هئي، ۽ هشام
جي بغداد واپس اچڻ کان پوءِ به ڪيترا ڏينهن هي
اُتي جو حڪمران هو، جنهنڪري اميد ٿي سگهي ٿي، ته
پنهنجي گذريل تجربات جي مدد سان هو بلڪل چڱي حڪومت
ڪري سگهندو. مگر مهدي جي ڦرندڙ طبيعت سگهو ئي يعني
سنه 161هه جي ابتدائي زماني ۾ هن کي معزول ڪري وري
روح کي مقرر ڪيو، جو هن کان ٿورو اڳ نالائق ثابت
ٿي ان عهدي تان هٽايو ويو هو. (ابن اثير)
عبدالملڪ والي سنڌ
ٻئي سال روح جي تقدير وري ساڳيو ناڪامي جو رنگ ڏيکاريو، ۽ سنه
161 هه ۾ هن جي جاءِ تي نصر بن محمد بن اشعث خزاعي
مقرر ڪيو ويو. (ابن اثير)
نصر اڃان سنڌ جو والي مقرر ٿي پهتو ئي مس ته پٺيان مهدي سنڌ جو
سارو ڪاروبار محمد بن سليمان بن علي هاشمي جي هٿ ۾
ڏيئي ڇڏيو جنهن نصر کي هڪدم معزول ڪري عبدالملڪ بن
شهاب مسمعي کي روانو ڪيو. (يعقوبي)
خليفي مهدي جون ڦيريون گهيريون
خليفي مهدي کان وڌيڪ ڦرندڙ طبع بادشاه شايد دنيا ۾ ڪو ٿيو
هوندو. جيڪڏهن ٻئي ڪنهن ملڪ جي انتظامن ۾ هن ڪو
مضبوطي کان ڪم ورتو هجي ته خدا ڄاڻي، مگر هندوستان
جي حڪومت سان هن جيڪو سلوڪ ڪيو سو اهو هو جو ڏٺو،
ڀلا ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿيندو، جو پنهنجي يارنهن
ورهين جي حڪومت ۾ ان سنڌ جي اندر ٻارنهن والي مقرر
ڪيا، ۽ اهڙي بي اعتباري سان جو ڪي سر زمين هند ۾
پهتا مگر اڃان انتظامي ڪمن کي ئي پوري طرح هٿ ۾ نه
کنيائون ته معزول ڪيا ويا، ۽ ڪن کي ته رستي ۾ ئي
موقوفي جو پروانو ملي ويو، جن کي رڳو هندوستان جي
شڪل ڏسڻ به نصيب نه ٿي ۽ اڌ مان ئي موٽايا ويا.
وري نصر بن محمد خزاعي:
عبدالملڪ بن شهاب مسمعي جڏهن سنه 161 هه ۾ سنڌ جو والي مقرر ڪيو
ويو، تڏهن هن سنڌ ۾ پهچڻ کان پوءِ سترنهين ڏينهن
معزولي جو پروانو حاصل ڪيو. مهدي جو ٿورو اڳ حڪومت
هند جو انتظام محمد بن علي هاشمي جي هٿ ۾ ڏنو هو
ان کان کسي ورتو، ۽ سندس مقرر ڪيل والي عبدالملڪ
کي به معزول ڪري، سندس جاءِ تي وري نصر بن محمد کي
ٻيهر مقرر ڪيو. نصر کان وڌيڪ نڀاڳو شايد ڪو هوندو
ئي ڪونه. جيئن ته هو اڃان رستي ۾ ئي هو، ۽ سنڌ جي
زمين تي پير به نه پاتو هئائين ته موقوفي جو حڪم
ملي ويس، ۽ اڌ مان ئي موٽي آيو. (يعقوبي- ابن
اثير)
زبير بن عباس حاڪم سنڌ
هاڻي مهدي گهڻو زمانو ٻين ماڻهن کان بدگمان ٿي، سنڌ جي حڪومت
خاص پنهنجي خاندان وارن کي ڏني. زبير بن عباس کي
جو قشم بن عباس جي نسل مان هو، سنڌ جو والي مقرر
ڪيو. مگر هي آساني سان سمجهي ٿو سگهجي ته شاهي
خاندان وارن جي نازڪ طبعي ۽ آرام پسندي ڀلا ايڏي
وڏي دور دراز سفر جون تڪليفون ڪيئن ٿي پسند ڪري
سگهي، زبير سنڌ جو حاڪم ٿيو پر حڪومت ڪرڻ لڳو
بغداد ۾ ويهي. پاڻ ويٺو گهر جي اندر ۽ اتان احڪام
جاري ڪرڻ شروع ڪري ڏنا ۽ جي پهتا ٿي ڪن مدتن بعد.
جنهن ڪري بي انتظامي روز بروز وڌندي ٿي ويئي.
(يعقوبي)
مصبح حاڪم سنڌ
آخر مهدي کي اها خبر پيئي ۽ سندس طبيعت ڪنهن به طرح پسند ڪري نه
سگهي، جو هڪ وسيع ڏورانهين ملڪ تي هيئن بي پرواهي
سان حڪومت ڪئي وڃي، تڏهن هن زبير بن عباس کي به
معزول ڪيو، ۽ مصبح بن عمرو تغلبي کي جو هشام بن
عمرو جو ٽيون ڀاءُ هو، سنڌ جو والي مقرر ڪيو. مصبح
سنڌ ۾ پهچي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي، مگر هن
جي وقت ۾ اهڙي بدامني رهي جو سنڌ جي رهاڪو عربن ۾
هڪ ٻئي جي تعصب کان اچي يمانبه ۽ نزاريه جو جهڳڙو
پيدا ٿيو.
نزاري ۽ يماني تعصب:
هي پهريون ئي وقت آهي، جنهن ۾ منحوص تعصب سر زمين هند ۾ فتنن ۽
فسادن جي باهه ڀڙڪائي. مصبح هن فساد کي بند ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي مگر وريو ڪجهه به نه. هي فساد ايترو وڌي
ويو. جو ان جي دانهن خليفي مهدي تائين وڃي پهتي.
(يعقوبي)
ڪن معتبر مؤرخن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان زماني ۾ يا ان
کان ٿورو پوءِ ڀرو عمرو بن هشام تغلبي جي پٽ
عبدالله جي هٿ ۾ به سنڌ جي حڪومت جي واڳ ڏني ويئي،
جو وڏو فياض ۽ سخي مرد هو، جنهن جي شان ۾ ابو
النصر مشهور عرب شاعر ڪيترائي شعر چيا هئا. (اغاني
جلد 10 صفحه 101)
ليث حاڪم سنڌ
خير هاڻي مهدي مصبح کي به معزول ڪيو، ۽ پنهنجي غلام ليث بن ظريف
کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪري روانو ڪيو. هي ٻه ڀائر
هئا ۽ سندن ڄمڻ جي جاءِ ڪوفو آهي، جتي هو ڪنهن
شريف عرب جا غلام هئا. علي بن سليمان هنن ٻنهين کي
اُن شخص کان خريد ڪري آڻي خليفي ابو جعفر منصور کي
نذراني طور ڏنا. منصور وري هي ٻئي غلام مهدي کي
ڏيئي ڇڏيا، جنهن انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي
هٿن سان کين اوج تي پهچايو. جيئن ته ليلى بن ظريف
ترقي ڪري ڪري اهواز جو حاڪم مقرر ٿي ويو، ۽ ليث جي
قسمت ۾ سنڌ جي حڪومت آئي، جو حڪومت جو پروانو وٺي
اچي سنڌ ۾ پهتو.(اغاني جلد 6 صفحه 47)
ليث سنڌ ۾ اچي منصوره ۾ رهيو، ۽ فقط هڪڙو مهينو ئي مس آرام سان
ويٺو ته يڪايُڪ جاٽن اهڙو شور ۽ هنگامو مچائي ڏنو
جو هر طرف کان هن فتنه انگيز ٽولي جو زور ٿي ويو.
حڪومت جي طرفان ڪوشش ڪئي ويئي، مگر هيءَ بدنصيب
شامت زده قوم ڪنهن به طرح فسادن کان باز نه آئي.
جڏهن ڪو به علاج ڪارگر نه ٿيو، تڏهن ليث غصي ۾ اچي
تلوار کڙي ڪئي، جنهن ٿورن ئي ڏينهن جي اندر انهن
جو نالو نشان ميٽي ڇڏيو. گهڻا ته تلوار جو لقمو ٿي
ويا، ۽ جي باقي بچيا سي ڀڄي ڀڄي وڃي ٻين پاسن ڏي
پناهه گزين ٿيا. (يعقوبي)
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ليث وڏو خوش نصيب شخص هو، جو غلامي کان
حڪومت جي درجي تي پهتو، ۽ هي ئي شخص آهي جنهن کي
مهدي جي زماني ۾ پڇاڙي تائين سنڌ جي حڪومت تي قائم
رهڻ جو موقعو مليو. ليث جنهن فوج جي مدد سان جاٽن
جو فتنو بند ڪيو هو تنهن بابت اڄ تائين ڪنهن به
تحقيقات کان ڪم نه ورتو آهي، تنهنڪري اُن حقيقت جو
اظهار هتي ضروري ڄاڻي هيٺ لکجي ٿو.
سنه 165 هه ۾ جڏهن جاٽن جو هنگامو زور شور سان جاري هو، ۽ ليث
هر قسم جون تدبيرون ڪري ٿڪجي پيو، ۽ هن فساد کي
لاڳيتو هڪ ٻن سالن جي مدت به گذري چڪي هئي، انهي
زماني ۾ مهدي حج جي سفر تي نڪتو، مگر رستي ۾ معلوم
ٿيس ته اڳيان ريگستاني منزلن ۾ پاڻي بلڪل ملي نٿو
سگهي، تنهن ڪري هو هڪ منزل تي ترسي پيو ۽ اتي ئي
لٿل هو، ته کيس سنڌ جي فتني فساد جي گرم بازاري جو
حال اچي پهتو. مهدي اها خبر ٻڌي، اُتي ويٺي ئي
فوجن جو انتظام ڪيو، ۽ هڪ جرار فوج تيار ڪري بصري
رواني ڪئي، جتان هو جهازن تي سوار ٿي سنڌ ۾ آئي.
اها ئي فوج هئي جنهن جي مدد سان ليث جاٽن تي فوجي
قانون جاي ڪري فتنو فساد بند ڪيو. (يعقوبي)
مهدي اها فوج رواني ڪري بغداد واپس آيو، ڇو ته پاڻي جي نه ميسر
ٿي سگهڻ هن کي عرب جي ريگستانن ۾ اڳتي وڌڻ کان
روڪي ڇڏيو. بغداد پهچي چئن ورهين تائين هن سنڌ کي
خوش قسمتي جو اهڙو موقعو ڏنو جو ڪنهن نئين والي جي
صورت ڏسڻي نه پيس. هتي جي حڪومت ليث جي ئي هٿ ۾
هئي ته سنه 159 هه ۾ مهدي عالم آخرت ڏي روانو ٿيو.
۽ خلافت جو تاج موسى هادي جي سر تي رکيو ويو.
موسى هادي کي حڪومت جي بلڪل ٿوري مهلت ملي. هن تخت تي ويهڻ کان
هڪ سال ۽ ٽن مهينن بعد عين جواني جي آغاز ۾ فنا جو
پيالو پيتو، ۽ انهي وقت جي اندر شايد سنڌ جو ڪڏهن
ڪو خيال به هن جي دل ۾ نه گذريو هوندو، جتي ليث بن
ظريف بي کٽڪي حڪومت ڪندو رهيو.
|