سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :3

باب ٽيون

هندوستان تي قديم زماني ۾ غير قومن جا حملا

جيتوڻيڪ دنيا جون سڀ قومون هڪ ٻئي سان وڙهنديون رهن ٿيون ۽ شايد ڪو اهڙو ملڪ هجي جنهن تي غير قومن جا حملا نه ٿيا هجن، مگر هندوستان شروع کان وٺي اڄ تائين هميشه ٻاهرين ماڻهن جو شڪار ٿيندو آيو آهي. خود آريا قوم جو هتي اچڻ هڪ اهڙو زبردست حملو هو جنهن ابتدائي حالت کي اصل ڦيرائي ڇڏيو پر جڏهن هو هتي ويهي رهيا ۽ باختري مان هندوستاني بڻيا تڏهن انهن تي به ٻاهر وارن جون ڪاهون شروع ٿي ويون ۽ جڏهن سنڌ هندوستان جو سرحدي ملڪ هو تنهن ڪري سڀ ڪنهن ڪاهه ڪندڙ جي قدمن پهريائين هن کي پائمال ڪيو.

 

مصر وارا ۽ هندوستان

هن وقت تائين دنيا جي تاريخ ۾ سڀ کان اول سڌريل ۽ جنگجو قوم مصر وارا سمجهيا ويا آهن، جن جو عروج حضرت مسيح کان پنج ڇهه هزار ورهيه اڳ ناموري حاصل ڪرڻ لڳو هو. مصري ان ڳالهه جي دعوى ڪن ٿا ته اسان سڀني کان اڳ هندوستان تي ڪاهه ڪئي آهي.

 

اسائرس جو حملو

انهن جو بادشاهه اُسائرس جنهن کي پراڻي زماني جا مؤرخ ڊيونيسيس ۽ بيڪچس لکن ٿا، سو پنهنجي فوج وٺي وچ وارن سڀني ملڪن کي لٽيندو ڦريندو سنڌ تائين اچي پهتو ۽ سنڌ کي پائمال ڪري هندوستان تي حملو ڪيائين. هو خشڪي جي رستي کان سنڌ ۾ داخل ٿيو ۽ مصر وارا چون ٿا ته ان وقت تائين هتي جا ماڻهو هيڏي هوڏي ڌڪا ٿاٻا کائيندا وتندا هئا. نه انهن کي پوک جي ڪا خبر هئي نه جنگ جي هنرن مان واقف هئا. هو مقابلي جي طاقت نه ساري اٿي ڀڳا ۽ اُسائرس گنگا تائين فتح ڪندو هليو ويو. هن فقط هتي جي ماڻهن کي مغلوب نه ڪيو بلڪ انهن کي تهذيب ۽ انسانيت سيکاري، پوک جون تدبيرون ٻڌايون جنهن جو نتيجو هي ٿيو جو مصر کان سواءِ هن سر زمين ۾ به ان (اُسائرس) کي ديوتا سمجهي سندس پوڄا ڪئي ويئي ۽ ان جي نالي سان شهر آباد ٿيا. هو ٽي سال هتي رهي پوءِ مصر هليو ويو. محققن جو خيال آهي ته مصرين جا ديوتا آئسس ۽ اُسائرس ئي آهن جي هندن ۾ ايسو يا ايشور جي نالي سان مشهور ٿيا. دنيا ۾ ان جي پرستش جو گهڻو رواج ٿي ويو ۽ ان جي نالي تي ڳائي وڄائي ڏينهن ملهايا ويندا هئا. (تاريخ پنجاب – سيد محمد لطيف)

سميرا ميس جو حملو

مصرين جا رقيب ۽ مشرقي دنيا تان قديم فرعوني شوڪت جو اثر سيٽيندڙ بابل وارا جن جي بهادر ۽ عالي همت راڻي سميرا ميس کي قديم دنيا محترم ديوين ۾ جاءِ ڏني آهي. هن راڻي جي اڀرندي سرحد هندوستان ۽ سنڌ سان مليل هئي. پنهنجي مڙس جي مرڻ بعد جڏهن حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪئي تڏهن هن گهڻن سرڪشن ۽ زبردست حريفن کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، پر هندوستان وارن جي مقابلي ۾ ناڪام رهي جن کان شڪست کائڻ جو داغ هو پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي ويئي. ان متعلق قديم مؤرخ چون ٿا ته سميرا ميس درياءَ اٽڪ جي هن پار اُڪرڻ جو گهڻو ئي سامان گڏ ڪيو ۽ جڏهن هندستان وارن کيس هٽائڻ لاءِ مٿس ڪاه ڪئي تڏهن هوءَ وڏي بهادري ۽ همٿ سان وڙهي مگر گهڻو نقصان پرائڻ بعد به درياءَ کان هن پار اُڪري نه سگهي. هندوستان جو راجا تن ڏينهن ۾ وڏو زبردست ۽ منتظم هو. سندس سپاهي بهادر ۽ قلعا مضبوط هئا. هي ماڻهو هاٿين تي سوار ٿي وڙهندا هئا. سميرا ميس هاٿين تي رعب وجهڻ جي هيءَ تدبير ڪئي جو ڍڳن جون کلون لهرائي اُٺن تي وڌيون ۽ انهن کي هاٿي کان به خوفناڪ صورت جو جانور بڻائي ڇڏيو. لڙائي ۾ سندس پيادن هاٿين تي حملو ڪيو مگر ناڪام رهيا، آخر سميراميس زخمي ٿي واپس هلي ويئي ۽ ڀڄي وطن پهچڻ شرط پنهنجي پٽ جي هٿان مارجي ويئي. ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته هوءَ هن هندوستان واري لڙائي ۾ ئي قتل ٿي ويئي.

تبابعه يمني جو حملو

عربي مؤرخن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته يمن جي تبابعه خاندان مان به هڪ اڌ اهڙو حملا آور ٿي گذريو آهي جو جزيره عرب کي قطع ڪري ايراني نار مان لنگهي ايران کي تابع ڪندو سر زمين هند ۾ اچي ڪڙڪيو، مگر افسوس جو تبابعه جي تاريخ اڃان تائين اونداهي ۾ پيئي آهي ۽ موجوده زماني جي تحقيقات ڪندڙن کي اڃان ڪڏهن اهڙو موقع نه مليو آهي جو يمن جي ڊٺل کنڊرن ۽ اتي جي پٿرن کي وڃي جاچين ۽ قديم زماني جي فاتحن به نسبت ڪا راءِ قائم ڪري سگهن.

 

مصر جي فرعون سيسا ستريس جو حملو

ٽيون حملو هندوستان تي مصر جي فرعون سيساستريس ڪيو، هو ملڪگيري جي جوش ۾ جو نڪتو سو شام کان اڳتي وڌي ايشيا ڪوچڪ کي چيريندو ڪوهڪاف جي برفستان ۾ گهڙي هن پار وڃي نڪتو ۽ سادن ۽ ٽريس ملڪن جي ريگستان مان لنگهي اچي هندوستان پهتو. هتي درياءَ اٽڪ مان لنگهي اڳتي وڌيو ۽ فتحون ڪندو وڃي گنگا تائين پهتو. هي زمانو حضرت عيسى کان ارڙهن سؤ ورهيه اڳ جو آهي جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ان جو حملو رامائڻ ۽ مهاڀارت جي لڙائين کان اڳ ٿيو يا انهن جي ويجهي زماني ۾.

 

اغاس شاه تاتاري جو حملو

چوٿون حملو تاتارين جو بيان ڪيو وڃي ٿو. انهن ماڻهن جو پهريون بادشاهه جنهن کان سندن قومي تاريخ شروع ٿئي ٿي سو اُغاس هو. خيال ڪيو وڃي ٿو ته هو ايان جي بادشاهه ڪيومرت جو هم زمان ۽ يافث بن نوح جي نسل مان هو، هن تبت وغيره تي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. ايرانين کي شڪست ڏني ۽ هوشنگه جي هٿان ملڪ خراسان کي فتح ڪيو، پوءِ عراق، آذربائيجان ۽ آرمينيا کي پنهنجو باجگذار (ڏن ڀريندڙ) بڻايو، جڏهن مغرب جي پاسي فارغ ٿيو تڏهن ڪابل ۽ غزني تي حملو ڪيائين انهن شهرن کي فتح ڪرڻ بعد هندوستان جي طرف وڌيو ۽ ڪشمير سان گڏ اتر هندستان تي به قبضو ڪري ويو. ان ڳالهه جو بلڪل پتو پئجي نٿو سگهي ته هو اولهه هندوستان يعني سنڌ جي ڪيتري حصي تي قابض ٿيو ۽ ڇا رڳو ڦرلٽ جي لاءِ آيو هو؟ هن کي هندوستان ۾ رهي حڪومت ڪرڻ جو ارادو ئي نه هو تنهنڪري هن سر زمين ۾ سندس ڪي نشان به باقي نه رهيا.

 

تاتارين جو ٻيو حملو

پنجون حملو به تاتارين جو هو جنهن جو زمانو حضرت مسيح کان (650) ورهيه اڳ جو آهي. انهن ڏينهن ۾ ميڊيا جي پهرين بادشاه سياڪزارس جي حڪومت هئي. ميڊيا وارن اسيريا (بابل) جي شهنشاهيت کي پامال ڪري پنهنجي سلطنت قائم ڪئي هئي، تاتاري وحشي ڪوه قاف کان لنگهي ساري ايشيائي درياءَ اٽڪ جي ڪنارن تائين پکڙجي ويا هئا. سياڪزارس انهن کي وڏي خونريزي بعد پنهنجي ملڪ مان لوڌي ڪڍيو مگر انهن مان ڪي ٿورا سنڌ ۾ رهجي ويا جي جاٽ جي نالي سان مشهور آهن ۽ آڳاٽي زماني ۾ هي جاٽ ماڻهو سنڌو درياءَ جي ڪناري ۽ افغانستان ۾ گهڻا هئا. ڊاڪٽر هنٽر چوي ٿو ته سائدين وحشي (گهڻا ماڻهو سائدين ۽ تاتارين کي هڪ ئي قوم سمجهن ٿا) جي مسيح کان (625) ورهيه اڳ هڪ سيلاب وانگر ايشيا جي سر زمين ۾ پکڙجي ويا هئا انهن جي هڪڙي شاخ موجوده حيدرآباد سنڌ تي (جو انهن ڏينهن ۾ بٽاله سڏبو هو) قابض ٿي وئي. اهي ئي ماڻهو آهن جي يورپ ۾ هن ڪوٺيا وڃن ٿا.

ايران ۽ هندوستان

ايراني هندوستان جا پاڙيسري هئا. جيڪڏهن انهن جي ڪا مستند ۽ قديم تاريخ موجود هجي ها ته انهي مان هندستان جا به گهڻا حالات معلوم ٿي سگهن ٿا. مگر افسوس جيئن هندوستانين ڪا تاريخ نه لکي تيئن ايرانين جي به ڪا پراڻي تاريخ موجود ڪانهي، تنهنڪري اوڀر وارن جو زياده دارو مدار  شاهنامي تي آهي. جنهن ۾ اهڙيون غير معتبر سئل ٻڌل ڪهاڻيون لکيون ويون آهن جن کي هرگز تاريخ جيتري وقعت ڏيئي نٿي سگهجي، جڏهن شاهنامي ۾ سعد بن ابي وقاص ۽ رستم فرخ زاد جي پوئين لڙائي مستند ۽ معتبر تاريخن جي موجود هوندي محض بي بنياد واقعات سان بيان ڪئي ويئي آهي تڏهن انهن پراڻين ڳالهين جو ڪهڙو اعتبار ٿي سگهي ٿو جي ٻئي ڪنهن ڪتاب ۾ موجود نه آهن. تڏهن به جنهن صورت ۾ مؤرخن کي لاچار شاهنامي مان تاريخي ڪم وٺڻو پيو آهي تنهنڪري اسان به ان جي بيان کي نقل ڪريون ٿا.

 

فريدون جو حملو

ايران جي بادشاهه فريدون به جو حضرت مسيح کان تقريباً (750) ورهيه اڳ هو تنهن مغربي هندوستان تي ڪاهه ڪئي، ۽ پنجاب پنهنجي قبضي ۾ آندو. ان زماني سنه 529 ق م (1) تائين هي ملڪ انهي جي قبضي ۾ رهيو، تان جو ڪيخسرو جي مرڻ کان ٿورا ڏينهن اڳي فارسين جي قبضي کان نڪري ويو. ڪيخسرو جي وفات جو سال 529 ق م ٺهرايو ويو آهي،  تنهن ڪري هي خيال ڪرڻ گهرجي جو ٻن صدين کان ڪجهه مٿي سنڌ تي ايرانين جو قبضو رهيو.

ڪيخسرو جو زمانو

مؤرخ زنوفن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيخسرو جي اڀرندي واري سرحد درياءَ اٽڪ تائين هئي. مگر ٻين مؤرخن جو هي خيال آهي ته  پنجاب سڄو هن جي قبضي ۾ هو ۽ هندوستاني ماڻهو فريدون جي زماني تائين برابر ايران جا ڏاني رهيا.

 

افراسياب جو حملو

افراسياب جي زماني ۾ قنوج جي راجا شنگل ڏن ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن تي افراسياب ڏمرجي پنهنجي مشهور سپهه سالار پيران ونسيه کي چاليهه هزار لشڪر سان حملي ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. جنهن کي هندوستاني بهادرن شڪست ڏني ۽ هو ڪن پهاڙن جي اندر گهيري ۾ اچي ويو. جڏهن اها خبر افراسياب کي پهتي تڏهن هڪ لک سوارن سان پاڻ اچي نڪتو ۽ هندوستانين کي شڪست ڏيئي گهڻي پنڌ تائين سندن پٺيان پيو ۽ گهڻن کي ماري ڇڏيائين. راجا شنگل ڀڄي وڃي ترهت جي پهاڙن م لڪو ۽ جڏهن افراسياب جو غصو گهٽيو تڏهن ايلچي موڪلي حاضري ۽ قدمبوسي جي اجازت گهريائين، جا ملي ۽ ان جي حاضر ٿيڻ بعد هن توراني تاجدار پيءُ جي بجاءِ سندس پٽ کي قنوج جي گادي تي ويهاري ۽ خود شنگل کي قيد ڪري پاڻ سان توران وٺي ويو ۽ هاڻي شنگل جو جانشين سندس پٽ ڏن جي رقم سان گڏ پيءُ جي خرچ لاءِ به ڪافي رقم موڪليندو رهيو. (تاريخ پنجاب- سيد محمد لطيف)

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته افسراسياب جي تباهي تائين هندوستاني ماڻهو انهن جا ڏاني رهيا.

گشتاسپ جي پٽ جو زمانو

سنه 521 ق-م ۾ گشتاسپ جو پٽ ايران جي تخت تي ويٺو. يوناني مؤرخ هيروڊٽس جي بيان موجب هن هندوستان تي هڪ نئين طريقي سان حملو ڪيو. اهو هي ته جهازن جو هڪ وڏو انداز گڏ ڪيائين ۽ پنهنجي سپهه سالار سالي لاز کي ان تي امير البحر مقرر ڪري هندوستان جي طرف ان مطلب تي روانو ڪيو ته افغانن جي علائقي کان وٺي سنڌو درياءَ جي ڇوڙ تائين سڀني ملڪن جو پتو لهي اچي تنهن کان پوءِ انهن ملڪن تي قبضو ڪجي.

سالي لاز ٻن سالن جي سفر بعد منزل مقصود تي پهتو ۽ واپس وڃي پنهنجي سفر جي ساري حقيقت بيان ڪئي. اها ثابتي نٿي ملي ته هن دفعي ڪٿي ڪنهن لڙائي جي نوبت پيش آئي مگر ايترو معلوم ٿئي ٿو ته امير البحر هندوستان مان ايترو خزانو کڻي ويو جيترو تاجدار ايران کي هنن صوبن مان ڪڏهن به وصول نه ٿيو هو. قديم مؤرخ هي به بيان ڪن ٿا ته دارا جي قبضي ۾ جيڪي چوويهه ملڪ هئا تن ۾ هندوستان به هو. تڏهن کيس هندوستان مان جيڪا ڍل جي رقم وصول ٿيندي هئي سا سندس ٻين ملڪن جي پيدائش جو ٽيون حصو هئي ۽ اها سموري رقم سوني هوندي هئي.

مگر هندوستان جو جيڪو حصو ايرانين جي قبضي ۾ آيو سو اٽڪ وادي وارن ملڪن جي هڪ حصي کان زياده نه هو.

نوشيروان عادل

نوشيروان جيڪو ساسانين ۾ بلڪل وڏو قانوندان ۽ عادل بادشاهه ٿي گذريو آهي، سو حضرت سرور ڪائنات محمد رسول صلي الله عليہ وآلہٖ وسلم جي ولادت باسعادت جي زماني ۾ ايران جو حاڪم هو، جنهن جو شاهي خطاب ”بادشاه ايران و هند“ مشهور هو. ان ڳالهه جو ته ڪو به ثبوت موجود نه آهي ته هن هندوستان تي ڪڏهن ڪاه ڪئي يا هن سر زمين جو ڪو حصو سندس حڪومت ۾ شامل هو پر انهي لقب اختيار ڪرڻ جو هي سبب هو جو ان جي زماني ۾ هندوستان جي راجائن آل ساسان جي شهنشاهي ۽ عظمت تسليم ڪئي هئي.۽ ان جو بنياد ايڊورڊ سليون جي قول موجب هيئن پيو هو جو سنه 330ع ۾ ايراني سلطنت جو ولي عهد بهرام گور علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ ويس بدلائي هڪ معمولي ماڻهو جي حيثيت ۾ هندوستان آيو ۽ هتي هڪڙي موقعي تي هن سپاهه گري جو اهڙوعجيب و غريب جوهر ڏيکاريو جو سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا. هن ڇا ڪيو جو هڪ هاٿي کي پنهنجي زبردست تير سان ماري وڌو ۽ سندس پهلواني ۽ تير اندازي ڏسي قنوج جي راجا عباس ديو تمام گهڻي سندس تعظيم ڪئي.

 

راجا گنشڪا

هندوستان ۽ ايران جي سرحدي ملڪن جا حالات جيتوڻيڪ گم نامي ۾ آهن مگر تڏهن به ايترو پتو پوي ٿو ته ايران جو اڀرندو علائقو تنهن زماني ۾ نهايت ئي سرسبز ۽ زرخيز هو ۽ مشهور تڪسلا گهراڻي جي راجا ٽوچاري جي زير حڪومت هو. ان گهراڻي جو باني گنشڪا، ڪابل ۽ ساري هندوستان جو راجا هو، جنهن جا سڪا سڄي اتر هندوستان ۾ پکڙيل ڏسجن ٿا. سندس حڪومت جو مرڪز ڪشمير هو. گنشڪا کان اڳوڻن حڪمرانن ڪن يوناني ديوتائن کي مڃڻ اختيار ڪيو هو. حنرت مسيح کان هڪ سو ورهيه پوءِ يونانين جو اثر اڀرندي ايران ۾ فنا ٿي ويو. انهي وقت کان ٽوچاري سڪن تي ايرانين جو اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو ۽ خاص ڪري ساسانين جي زماني ۾ آخر پنجين صدي عيسوي جي شروعات ۾ خود ٽوچاري جي قوم جي هڪ ٻي شاخ ان سلطنت کي برباد ڪري ڇڏيو. انهي قوم جي جنگجو بادشاهه ڪيٽولو هندوڪش جبل کان هن پار لنگهي اچي اهڙو حملو ڪيو جو ٽوچاري گهراڻي جي سلطنت بلڪل فنا ٿي وئي ۽ ننڍي يوبجي جي حڪومت قائم ٿي. ان حملي جو سال مختلف روايتن تي غور ڪري سنه 430ع ٺهراوي اٿن.

 

سڪندر اعظم

عربن کان اڳي جيڪڏهن ڪنهن قوم هندوستان جا ڪي ڀروسي جهڙا حالات بيان ڪيا آهن ته اهي يوناني آهن. سڪندر اعظم جي حملي کين اڀرندي سر زمين جي حالات کان گهڻو واقف ڪري ڇڏيو هو. هندوستان ۽ مغربي ملڪن جا تجارتي (واپاري) لاڳاپا بلڪل قديم زماني کان هليا ٿي جن مغربي قومن کي هندستان جي دولتمندي تي عاشق ڪري ڇڏيو هو، مگر انهن آکاڻين جي بنياد تي مردانگي ڏيکارڻ جي جيڪڏهن ڪا جرات ٿي ته اها سڪندر اعظم کي. جيئن ته هن جڏهن دارا کي ماري سلطنت ايران جو خاتمو ڪري ڇڏيو تڏهن اوڀرجي طرف اڳتي وڌي اچي افغانستان جي سرحد ۾ داخل ٿيو.

 

سڪندر ۽ تڪسلا راجا

درياءَ اٽڪ جي هن پار سڀ کان اول تڪسلا راجائن جي حڪومت هئي.   ان حڪومت جو بادشاهه سڪندر جي اچڻ جي خبر ٻڌي سندس اطاعت قبول ڪري ڪابل کان به اڳتي وڌي وڃي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪيترا تحفا ۽ سوغاتون پيش ڪيون، ۽ پڻ پنهنجي حسن اخلاق سان سڪندر کي اهڙو خوش ڪيائين جو هن سندس تحفن ۽ سوغاتن کان به ڪي حصا زياده قيمتي تحفا کيس عطا فرمايا. پوءِ سڪندر ان ئي راجا سان گڏجي ڪابل کان اڳتي وڌي اچي درياءُ اٽڪ جي ڪناري تي پهتو ۽ حضرت مسيح کان 327 ورهيه اڳ سنڌو ندي کان هن پار لنگهي اچي راجا تڪسلا جي حڪومت ۾ داخل ٿيو. سندس لشڪر جو تعداد 135000 هڪ لک پنجٽيهه هزار هو، جنهن ۾ ڪجهه ديسي لشڪر به شامل هو. سنڌوندي کان هن طرف تن ڏينهن ۾ ٽي راڄ هئا، تڪسلا جو راڄ جنهن جي حد اٽڪل جهلم جي وچ ۾ هئي. پوءِ جهلم کان چناب تائين راجا پورس ۽ جبلن يعني ڪشمير ۾ راجا ابي ساريس جو راڄ هو، ۽ هي سڀ راجا مگڌديس جي راجا جا مطيع هئا، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ گنگا ندي جي ڏاکڻي ڪناري تي هو. انهيءَ زبردست راجا جو نالو چندر گپت ٻڌايو وڃي ٿو. (تاريخ پنجاب)

سڪندر ۽ پورس

سڪندر کي علاقي تڪسلا ۾ داخل ٿي مغربي هند جون ننڍيون ننڍيون حڪومتون نظر آيون اهي هڪ ٻئي جون دشمن هيون ۽ ڪنهن ٻاهرين حملي کي روڪڻ لاءِ پاڻ ۾ اتفاق ڪرڻ جي بجاءِ، الٽو پنهنجي پاڙيسري راڄ کي نقصان پهچائڻ جي وجهه ۾ هوندا هئا، تنهن ڪري تڪسلا جي راجا سڪندر کي جهلم ندي کان پار اُڪرڻ ئي نه ڏنو، مگر سڪندر جهلم ندي جي هڪ ور سبب چوڏنهن ميلن جو ڦيرو کائي ڪنهن ٻئي گهاٽ کان هن پار لنگهي آيو. لڙائي ٿي، پورس جا هاٿي هزار ڪوششون ڪرڻ سان به غنيم جي طرف اصل نه وڌيا بلڪ الٽي پيرن پنهنجي فوج کي لتاڙيندا وٺي ڀڳا. پورس جو پٽ ميدان جنگ ۾ مارجي ويو ۽ هو پاڻ به زخمي ٿيو. (تاريخ پنجاب)

 

پورس سان سڪندر جو سلوڪ

هندوستاني فوج جي ڀاڄ کائڻ ۽ ٽڙي پکڙي وڃڻ بعد سڪندر پنهنجي عزيز دوست مروري کي موڪليو ته راجا پورس جو ميدان ۾ زخمي ٿي پيو آهي، تنهن کي گهڻي تعظيم سان منهنجي تنبو ۾ کڻائي اچ. جڏهن آيو تڏهن سڪندر پاڻ اٿي وڃي ساڻس مليو ۽ وڏي عزت سان پيش آيو. پڇيائين ته ”هاڻي تون مون کان ڇا ٿو گهرين” بهادر پورس جواب ڏنو ته ”اهو جو ڪنهن بادشاهه کي ڪرڻ گهرجي” سڪندر چيو ”اهو ته منهنجو ڪم آهي ۽ آءٌ ڪندس پر تنهنجي به ڪا خواهش آهي ”چيائين ”سڀ ڳالهيون پهرين ئي جواب ۾ موجود آهن.“ انهن جوابن سڪندر جي فياض دل تي اهڙو اثر ڪيو جو پورس جو سچو حامي بڻجي ويو ۽ هن کي پنهنجي دوستن ۾ شامل ڪيو ۽ سندس ملڪ کان سواءِ ٻيو گهڻو ئي پنهنجو فتح ڪيل علائقو کيس ڏنائين. (تاريخ پنجاب)

 

سڪندر نوان شهر ٻڌايا

سڪندر هن فتح جي يادگار ۾ هتي ٻه نوان شهر ٻڌايا، هڪ بوسي خاليا چناب ندي جي الهندي ڪناري تي جو هاڻوڪي شهر جلالپور کي ويجهو هو. ٻيو شهر نڪائيا چناب ندي جي اڀرندي ڪناري تي جنهن جي جاءِ تي هينئر شهر مونگ آهي. پهرين ذڪر ڪيل شهر جو نالو هن پنهنجي گهوڙي جي نالي تي رکيو هو، جيڪو هن ميدان ۾ ماريو ويو.

تن ڏينهن ۾ هن ملڪ جي حالت

چناب ندي جي هن پار اڪرڻ کان اڳ سڪندر فتح ڪيل علائقن جو گشت ڪيو هو، ۽ جيڪا معلومات هن حاصل ڪئي تنهنجو ايتري قدر حصو اسان کي يوناني مؤرخن جي قلم کان معلوم ٿيو آهي ته جيڪو ملڪ جهلم ۽ پنجاب جي وچ ۾ هو سو خوب آباد ۽ آسودو هو. ان ۾ (37) ستٽيهه شهر هئا، جن مان ڪنهن جي به آدمشماري (5000) پنجن هزارن کان گهٽ نه هئي. انهن کان سواءِ ٻيا ننڍا ننڍا ڳوٺ به گهڻا هئا. گشت کان پوءِ سڪندر چناب جي هن طرف آيو ۽ مٿي ذڪر ڪيل شهر نڪائيا ٻڌائي اڳتي وڌيو. چناب ۽ راوي جي وچ ۾ جو علائقو هو سو هڪ ٻئي راجا جي هٿ ۾ هو جنهن جو نالو جالويه پورس هو، ۽ هن ٻئي پورس جو دشمن هو. سڪندر جي اچڻ جي خبر ٻڌي هو راوي ندي کان اڪري هندستان جي اڀرندي وارن شهرن ۾ ڀڄي ويو ۽ سڪندر سندس ملڪ تي قبضو ڪري سندس سارو علائقو پنهنجي دوست پورس کي ڏئي ڇڏيو، ان ڪارروائي کان پوءِ سڪندر راوي ندي جي هن پار آيو.

 

ڪٿيئي قوم

ان علائقي ۾ هڪ زبردست ۽ ويڙهاڪي قوم رهندي هئي جنهن جو نالو يوناني ڪٿيئي ٻڌائين ٿا، غالباً ان مان مراد هاڻوڪي ڪاٺيا قوم آهي، مگر ڪي ماڻهو چون ٿا ته ڪاٺيا نه پر اهي کتري ماڻهو آهن. هن قوم جي گادي جو هنڌ سنگهالا شهر هو، جنهن جي نسبت چيو وڃي ٿو ته انهن ڏينهن ۾ وڏو مضبوط شهر هو. ڪٿيئي قوم جا ماڻهو مقابلي لاءِ اڳيئي تيار هئا. ملتان ۽ اُچ جا ماڻهو به سڪندر سان وڙهڻ لاءِ هنن سان شريڪ ٿي ويا. هيڏي سڪندر جي جهنڊي هيٺ راجا پورس پنهنجي (5000) پنج هزار بهادرن سان موجود هو ٻنهين لشڪرن ۾ مقابلو ٿيو. سڪندر گهيرو ڪري شهر سنگهالا کي فتح ڪيو. هن لڙائي ۾ (17000) سترهن هزار هندوستاني مارجي ويا ۽ (70000) ستر هزار دشمن جي هٿ ۾ قيد ٿيا. سنگهالا شهر فتح ڪرڻ بعد ڊاهي ناس ڪيو ويو، هي علائقو به پورس جي حڪومت ۾ شامل ٿيو. ان سلسلي ۾ ٻه شهر ٻيا به ويران ڪيا ويا، جن جا رهندڙ ڪاهه ڪندڙن جي خوف کان گهر ڇڏي ڀڄي ويا هئا، ۽ جيڪي (5000) پنج هزار ماڻهو ڪنهن لاچاريءَ سبب نه ڀڄي سگهيا، تن کي يونانين ڏاڍي بيرحميءَ سان قتل ڪري ڇڏيو.

 

بياس ندي جي ڪناري وارو ملڪ

بياس ندي سان لڳ جيڪو ملڪ هو، تنهنجي نسبت يونانين جو هيءُ بيان آهي ته اتي جا ماڻهو حسن و جمال ۾ مشهور هئا ۽ حسين هجڻ سان گڏ ذهين به ڏاڍا هئا. انهن جي ڪن ڏاهن قانون به جوڙيا هئا. سندن راجا جو نالو سموفتا هو.

سڪندر ۽ سموفتا

سموفتا کي جڏهن سڪندر جي اچڻ جي خبر ملي تڏهن بيڌڙڪ شهر جا دروازا کولي ڇڏيائين ۽ پنهنجي ٻن نوجوان ۽ سهڻين ڌيئرن ۽ سلطنت جي ٻين اميرن کي ساڻ ڪري سڪندر جي استقبال لاءِ نڪتو. يوناني لکن ٿا ته جنهن وقت هو پنهنجي همراهن سميت سڪندر جي سامهون ايندو نظر آيو ٿي تنهن وقت سندس اڳيان بادشاهي جهنڊو ڦڙڪندو نظر آيو جنهن ۾ جواهرات جڙيل هئا، جيڪي سج جي روشني ۾ چمڪندا آيا. ارغواني رنگ جو هڪ ڊگهو جبو بدن تي هوس، جنهن تي ڪارچوبي جو سنهري ڪم ٿيل هو. ٻنهين ڪنن ۾ ٻه والا هئس ۽ انهن والن ۾ نهايت ئي آبدار موتي پيل هئا. پيرن ۾ سون ۽ موتي مڙهيل جتي هيس. سڪندر جي ويجهو پهچڻ شرط هن پنهنجو شاهي جهنڊو سندس قدمن جي طرف جهڪايو، جنهن کي سڪندر پنهنجي هٿن تي کڻي ورتو ۽ خود پنهنجي هٿ سان پنهنجي تلوار ڇوڙي سندس ڪمر ۾ ٻڌائين. هن امن ڀريل ملڪ ۾ سڪندر پنهنجي فوج کي ڪو وقت ترسائي چڱي طرح آرام ڪرڻ جو موقعو ڏنو. تنهن کان پوءِ بياس ندي جي طرف وڌيو. بياس جي الهندي ڪنڊ تي هڪ ٻيو راجا حڪمران هو جنهن جو نالو دپودرس هو. هي به نذرانو پاڻ سان کڻي اچي حاضر ٿيو ۽ اطاعت قبول ڪئي.

 

سڪندر جي اڳتي وڌڻ جو ارادو

سڪندر کي بي انتها شوق هو ته گنگا جي ڪناري تائين وڌندو هليو وڃان جتي جا عجيب ۽ غريب حالات ٻڌا هئا ۽ ماڻهن يقين ڏياريو هوس ته نهايت ئي سرسبز، شاداب ۽ دولتمند ملڪ آهي. مگر ان سان گڏ پنجاب جي ماڻهن يونانين سان بيان ڪيو هو ته علائقي گنگا جي ماڻهن مقابلي لاءِ وڏا وڏا سامان گڏ ڪيا آهن. اسي هزار سوار، ٻه لک پيادل، ٻه هزار گاڏيون، ٽي هزار هاٿي يونانين کي پامال ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. اتي مگڌ ديس، اندر پرست، هستناپور ۽ مٿرا جون وڏيون زبردست سلطنتون آهن ۽ انهن جا راجا وڏي شان شوڪت وارا آهن. ان کان سواءِ يونانين کي هي به ٻڌايو ويو ته بياس ندي کان پار اڪري وڏيون ڪٺن منزلون پيش اينديون ۽ يارنهن ڏينهن تائين رڳو رڻ پٽ ۽ راوي جي وڏين ڀٽن ۽ بيابانن مان لنگهڻو پوندو. تنهن کان پوءِ گنگا ندي ايندي جا نهايت ئي اونهي ۽ وڏي ندي آهي. هنن وحشت ناڪ خبرن يوناني سپاهين جا حوصلا پست ڪري ڇڏيا. سڪندر پنهنجي سر جفاڪشي ۽ لڙائي جو سخت شوقين هو مگر سپاهي اهڙا ڊنا جو کين ڪيترو ئي همٿايائين پر هڪڙي وک به اڳتي نه وڌيا.

فتح جون يادگارون

جڏهن کيس پڪ ٿي ته هاڻي ضرور موٽڻو آهي تڏهن ارادو ڪيائين ته پنهنجي فتحن جي پڄاڻي تي ڪا يادگار قائم ڪجي سو بلڪل انهي جاءِ تي جتي بياس ۽ ستلج نديون پاڻ ۾ ملن ٿيون ٻارهن قربان گاهون قائم ڪيائين ۽ انهن ۾ مذهبي ديوتائن جي نالي قربانيون ڪيائين. انهن قربان گاهن جو نمونو بلڪل قلعي جي برجن جهڙو هو مگر شان ۽ شوڪت ۾ معمولي برجن کان هزار درجا بهتر هو. يوناني مؤرخ پلوتارڪ لکي ٿو ته سندس زماني تائين اهي قربان گاهون موجود هيون ۽ گنگا تائين جيڪي ملڪ هئا تنهن جا ماڻهو اچي انهن تي قربانيون چاڙهيندا هئا مگر هينئر ته باوجود گهڻي ڳولا جي ڪٿي به سندن پتو نٿو ملي سگهي.

سڪندر جي واپسي

انهن ڪمن کان واندو ٿي سڪندر راوي ۽ بياس ندي لنگهي جهلم ندي تي اچي پهتو. هتي ڪيترين ئي وڏين ٻيڙين جي ٺاهڻ جو اڳئي حڪم ڏيئي ويو هو، جي سندس موٽڻ کان اڳ تيار ٿي چڪيون هيون. هاڻي ارادو ٿيس ته هن دريا جي لهواري ڏکڻ پاسي سفر ڪري هندي سمنڊ تائين هليو وڃان ۽ اتان الهندي جو رخ رکان. پوءِ لشڪر سميت ٻيڙين ۾ سوار ٿيو ۽ سوار ٿيڻ وقت رواج موجب پاڻي جي ديوين تي قرباني ڪيائين.

انهي دريائي سفر جو هي به مطلب هو ته رستي ۾ جيڪي قومون يا سلطنتون ملن تن کي پنهنجي بهادري سان تابع ڪيو وڃي. ان طرف جي جن قومن سندس جاه ۽ جلال جو اقرار نه ڪيو ۽ اطاعت جو ڪنڌ نه جهڪايو سي ٻه هيون. هڪ ملي قوم جنهن مان مراد آهي ملتان وارا ۽ ٻيا اُچ جا ماڻهو، ملتان وارا ذات جا برهمڻ هئا، مگر هئا وڏا بهادر ۽ لڙائي جا ڪوڏيا. سڪندر چناب ندي جي کٻي پاسي هلڻ شروع ڪيو.


(1)  ق م نشان آهي تاريخ جي ماقبل زماني جو، پڌرو هجي ته تاريخ لکندڙن زماني جا ٽي قسم ڪيا آهن يعني هڪ تاريخي زمانو جنهن ۾ خود اڄ ڪلهه جو زمانو به داخل آهي. ان جو مطلب هي آهي ته جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ڪو وڏو واقعو يا خاص ڳالهه ٿي ته ماڻهن ان کي لکي ڇڏيو ۽ سندن اهي تحريرون موجود آهن.

ٻيو زمانو روايتي تاريخ جو زمانو ڪوٺيو وڃي ٿو ان وقت جي پوري پوري تاريخ ته نه لکي ويئي هئي مگر قصا ڪهاڻيون روايتون، مذهبي گيت، پراڻا سڪا ۽ ڪتبا موجود آهن، جن مان انهي زماني جي ڪن احوالن جو پتو پئجي سگهي ٿو.

مگر ٽيون زمانو اهو آهي، جنهن جا قصا ڪهاڻيون به ٻڌڻ ۾ نه آيل آهن البت زمين مان ڪنهن جي، پتل ۽ پٿر جا ٿانو ۽ اوزار زمين ۾ پوريل نڪرن ٿا جن مان پتو پوي ٿو ته ضرور هتي ڪي ماڻهو ويٺل هئا. انهي زماني کي تاريخ جو ماقبل زمانو چيو ويندو يعني تحريري (لکيل) تاريخ کان اڳ جو زمانو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org