سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :30

 

مرزا محمد باقيءَ تي مرزا جان بابا جو اوچتو حملو

ناهيد بيگم، جيڪا دهليءَ ۾ رهندي هئي، سا پنهنجي ڌيءَ رائحه بيگم سميت پنهنجي ماءُ بيبي ماه بيگم سان گڏجڻ لاءِ ٺٽي ۾ آئي. مرزا محمد باقي ناهيد بيگم سان ٺاهه ڪري ان جي ڌيءَ رائحه بيگم سان نڪاح ڪيو. رائحه بيگم اڳي نجات خان سان پرڻيل هئي، پر زال مڙس جي ناسازيءَ ڪري نجات خان طلاق ڏيئي ڇڏيو هوس. رائحه بيگم ۽ مرزا محمد باقي جو پاڻ ۾ قرب ٿي ويو هو، تنهن ڪري مرزا محمد باقي کي ماهه بيگم ۽ ناهيد بيگم جي طرفان ڪنهن به تڪليف جو انديشو نه رهيو.

سنه 977 هجريءَ ۾ مرزا محمد باقي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ پرپٺ اڪبر بادشاهه کي ڏنو. ماهه بيگم، ناهيد بيگم ۽ مسڪين خان ترخان سان گڏ پنهنجي اها نياڻي تمام قيمتي ۽ شاهاڻي ڏاج  سميت اڪبر بادشاهه ڏانهن رواني ڪيائين ۽ پاڻ به انهيءَ لڏي کي اڳڀرو اماڻڻ لاءِ پنهنجي نئين زال رائحه بيگم سوڌو شامل ٿيو. جڏهن اهو سارو لڏو لڪي جبلن وٽ آيو، تڏهن مرزا جان بابا، جيڪو اڳيئي اتي سميجه ماڻهن جي وڏي ڪٽڪ سان موجود هو، تنهن رات جو اوچتو ئي اوچتو مرزا محمد باقيءَ جي اٽالي تي ڪاه ڪئي. مرزا محمد باقي ٻيڙيءَ جي پاڇل تان ٽپو ڏيئي درياءَ ۾ ڪري پيو ۽ تري وڃي ٻيءَ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو ۽ صحيح سلامت اچي ٺٽي کان نڪتو. باقي سندس زال رائحه بيگم کي سميجن قتل ڪري ڇڏيو. ماه بيگم، ناهيد بيگم ۽ مسڪين خان ترخان کي مرزا جان بابا ڪو به نقصان رسڻ نه ڏنو. اهي موٽي ٺٽي ۾ آيا.

مرزا محمد باقي سان ماه بيگم جو مقابلو

رائحه بيگم جي قتل ٿيڻ کان هڪ سال پوءِ ناهيد بيگم ماهه بيگم ۽ مسڪين خان ترخان کي مرزا محمد باقي ٻيو ڀيرو پنهنجي نياڻيءَ ۽ ان جي شاهاڻي ڏاج سميت اڪبر بادشاهه ڏي روانو ڪيو. انهن کي وري به مرزا جان بابا سميجن ۽ سوڍن جي لشڪر سان واٽ تي سامهون گڏيو. مسڪين خان ترخان ڳالهين ۾ مرزا جان بابا سان ٺهي ويٺو. ان جي مدد سان ماه بيگم ۽ ناهيد بيگم به مرزا جان بابا سان ملي وييون. تنهن ڪري مرزا جان بابا مرزا محمد باقيءَ وارو ڌيءَ کي ڏنل قيمتي ڏاج ۽ سامان پنهنجن سپاهين کي ورهائي ڏنو ۽ ماه بيگم کي هاٿيءَ تي سوار ڪري لشڪر جو سپهه سالار بنايائين ۽ پاڻ لشڪر سميت ان سان همراه ٿي ٺٽي تي ڪاهي آيو. مرزا محمد باقي به پنهنجو لشڪر مقابلي لاءِ وٺي اچي سامهون ٿيو. سخت جنگ بعد ماه بيگم جي لشڪر ڀاڄ کاڌي، ماهه بيگم قيد ٿي پيئي، ناهيد بيگم وڃي بکر کان نڪتي ۽ مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين ڪڪراله ڏانهن ڄام مهر (1) جي ملڪ ۾ وڃي نڪتا.

مرزا محمد باقي ٺٽي جي هڪڙي بزرگ ميان سيد علي کي وچ ۾ آڻي مرزا جان بابا ۽ يادگار مسڪين کي صلاح لاءِ گهرايو ۽ ٻنهي کي قتل ڪرائي ڇڏيائين ۽ بيبي ماه بيگم کي به قيد ۾ ئي اڃ بک ڏيئي مارايائين. (تاريخ معصومي)

سلطان محمود خان جي ٺٽي تي ڪاهه

انهن ڏينهن ۾ سلطان محمود خان وري به لشڪر گڏ ڪري ٺٽي تي ڪاهي آيو ۽ ٺٽي شهر جي ٻاهران اچي ڇانوڻي ڪيائين. مرزا محمد باقي کي جنگ ڪرڻ جي طاقت ڪانه هئي، تنهن ڪري سلطان محمود خان جي لشڪر ۽ ٺٽي جي وچ ۾ جو درياءَ هو، تنهن ۾ ٻيڙين جون قطارون بيهاري ڇڏيائين، جن ۾ ويٺل سپاهي ڄڻڪ ٺٽي شهر جي حفاظت ڪري رهيا هئا. سلطان محمود خان ٻه ٽي دفعا ٻيڙين تي حملا ڪيا، جن ۾ فقير محمد خان ترخان (مرزا عيسى جو ناٺي) ۽ سلطان محمد ترخان قتل ٿي ويا. جڏهن سلطان محمود خان پير آر جي ڳوٺ ۾ هو، تڏهن اطلاع مليس ته ترسون محمد خان جا ڀائر اچ جو قلعو فتح ڪري چڪا آهن، شايد بکر تي ڪاهه ڪن. انهيءَ خبر ملڻ شرط سلطان محمود خان وري به بکر ڏي موٽي ويو. (تاريخ معصومي)

هجري سنه 974 ۾ مرزا محمد باقي وري به پنهنجي ڌيءَ کي شاهاڻن ڏاجن سميت شيخ عبدالغفور بن شيخ عبدالوهاب ۽ ملاتردي سان گڏي اڪبر بادشاهه ڏانهن موڪليو، پر اڪبر بادشاهه انهيءَ سڱ وٺڻ کان انڪار ڪيو، تنهن ڪري سنديس ڌيءَ ڏاج سميت واپس ٺٽي آئي. (تاريخ معصومي)

مرزا محمد باقي جا ظلم

مرزا جان بابا کي قتل ڪرائڻ بعد مرزا محمد باقي ٺٽي شهر جي معزز ماڻهن جي پٺيان هٿ ڌوئي لڳو. جن جن چڱن مڙسن ۾ رڳو شڪ پوندو هوس تن کي مارائي ڇڏيندو هو. ڪيترائي درويش ۽ نيڪ ماڻهو جن سندس چڱيون چڱيون خدمتون ڪيون، تن مان ڪين ٽريو. مثلاً شيخ ميرڪ عبدالوهاب پوراني، سيد جلال بن سيد علي شيرازي، جيڪو سندس ڀاءُ مرزا محمد صالح جو ناٺي هو. ڪن جون سسيون لاهرايائين ڪن کي ڦاسيون ڏنائين ۽ ڪن کي درياءَ ۾ ٻوڙايائين. (هسٽري آَف سنڌ جلد 2 پارٽ 1 مرزا صاحب)

مرزا محمد باقي جا پويان ڏينهن

مرزا محمد باقي پنهنجي حڪومت جي پوين ڏينهن ۾ وري به ارغون سردارن تي مهربانيون ڪرڻ شروع ڪيون. جيڪي ارغون جدا جدا شهرن ڏي ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن کي گهرائي ڪن کي پينشنون ڏنائين. ڪن کي عهدا ڏنائين ۽ ڪن کي جاگيرون ڏنائين. انهيءَ وقت ۾ اڪبر بادشاهه جو سپهه سالارِ مجاهد خان بکر ۾ آيو هو ۽ بکر جي قلعي کي اچي گهيرو ڪيو هئائين. مرزا محمد باقي خيال ڪيو. ته هينئر سيوهڻ جي قلعي هٿ ڪرڻ جو وجهه آهي. تنهن ڪري هن پنهنجي هڪڙي پٽ مرزا پاينده بيگ کي مرزا جان بيگ ۽ شمس ڪشميريءَ سان گڏي سيوهڻ ڏانهن موڪليو. پنهنجي ٻئي پٽ شاهه رخ کي شير علي ڪوڪه سان گڏي نصرپور جي قلعي جي سنڀال لاءِ موڪليائين. پنهنجي ٽئين پٽ مرزا مظفر ترخان کي علي خان ڪوڪه سان گڏي چاچڪان ۽ بدين لاڙ ملڪ جي حفاظت لاءِ روانو ڪيائين. مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي سلطان ساربان کي نيرون ڪوٽ جي حفاظت لاءِ موڪليائين.باقي پاڻ ٺٽي ۾ پنهنجن خاص صلاحڪارن سميت رهيو پيو هو ۽ سندس ملڪ جي جدا جدا هنڌن جون رپورٽون وقت به وقت وٽس پيون اينديون هيون. (هسٽري آف سنڌ ج 2 ڀ 1 – مرزا صاحب)

مرزا محمد باقي جي خودڪشي

 مرزا محمد باقي جي پڇاڙي اچي ٿي هئي. هن پاڻ کي ڏاڍو ظالم ۽ سنگدل ثابت ڪيو هو. پر پڇاڙيءَ ۾ هيڪاري وڌيڪ ظالم ٿي پيو. گهڻن کي اهو ويساه هو، ته مرزا محمد باقي جو هوش سالم نه رهيو آهي. هن کي اچي ڊپ لڳو، ته ”مون کي زهر ڏيئي نه ماريو وڃي“ تنهن ڪري هن پنهنجي کاڌي پيتي جو سامان پنهنجي هڪڙي خاص اعتبار واري اردليءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. ان جو پٽ مرزا شاهه رخ نصرپور ۾ پنهنجي مرڻيءَ مري ويو، مگر مرزا محمد باقي پٽس جي موت جي سبب بابت ڪنهن ثابتي نه ملڻ ڪري نصرپور جي زالن جون ڇاتيون وڍايون ۽ مردن کي هاٿين جي ٽنگن ۾ ٻڌائي گهٽين ۽ بازارن مان گهمايائين جنهن ڪري هو چچرجي مري ويا. تنهن کان پوءِ قاسم ارغون کي نصرپور جو حاڪم (مرزا شاهه رخ جي عيوض) مقرر ڪيائين.

هڪڙي رات مرزا محمد باقي پنهنجي سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ بتي وسائي ڇڏي ۽ هڪڙيءَ تکي جوهردار تلوار جي چنهنب پٽ تي رکيائين ۽ تلوار جو هٿيو ڀت سان لڳائي وٺي زور ڏنائين ته آنڊا نڪري پيس. هو پنهنجا آنڊا هٿ ۾ جهلي ذري تائين هيڏانهن هوڏانهن پي هليو ٿورڙن منٽن کان پوءِ پٽ تي ڪري پيو ۽ مري ويو. اهو حادثو هجري سنه 993 (عيسوي سنه 1584) ۾ ٿيو. هن ارڙهن ورهيه حڪومت ڪئي. سندس لاشو مڪلي ٽڪريءَ تي دفن ڪيائون.

ڪيترائي ماڻهو بيگناهه مرزا محمد باقي جي ڏوهه ۾ پڪڙيا ۽ ماريا ويا جيئن ته دريائي پخالي کي انهيءَ ڏوهه جي شڪ ۾ ڪپڙن منجهه ويڙهي باهه ڏيئي ساڙيائون، ڪورچي کي ڪارائي سان چيرائي ٻه اڌ ڪري پوءِ ٽڪر ٽڪر ڪري اڇلايائون. ڪيترن هندن کي سنگسار ڪري مارايائون. ملڪ احمد نالي هڪڙي شخص جي جيئري کل لاهرائي ان جو گوشت وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڪتن کي کارايائون ۽ کل بهه سان ڀرايائون.

مرزا محمد باقي جيئري ته ڪئين بي گناهه پنهنجن هٿن سان مارايا پر مئي پڄاڻان به ڪيترن ئي بي گناهه شخص کي قتل ڪرايائين. (هسٽري آف سنڌ مرزا صاحب ۽ تحفة الڪرام)

مرزا محمد باقيءَ جي چال چلت

مرزا محمد باقي جي چال چلت جو فيصلو سندس ڪارنامن مان ئي ڪري سگهجي ٿو. هو نهايت ظالم ۽ پٿر دل ماڻهو هو. هو پنهنجي پيءُ جو پٽيل هو. هن پنهنجو خزانو ۽ پنهنجا گدام ٻين کان زبردستيءَ سان کسيل دولت ۽ جنسن سان ڀريا هئا. هو نهايت ڪنجوس ۽ مکي چوس هوندو هو. پنهنجن نوڪرن کي روڪڙن پئسن جي بدران ڀانڊن جو پراڻو ۽ سڙيل ان ڏيندو هو. سندس هڪڙي پياري نوڪر تي اهو ڪم رکيل هوندو هو، ته هو گهوڙن جي ڪڙهن مان لڏ چونڊي تنهن مان ان جا داڻا ڪڍائي گڏ ڪندو هو، جيڪي خرارن جا خرار ٿيو ويندا هئا. هن پنهنجن ڪيترن ئي نوڪرن کي فقط بدگمانيءَ جي ڪري شڪنجن ۾ پيڙائي ڇڏيو هو. ڪيترن کي قتل ڪرائڻ بعد ٽڪر ٽڪر ڪري انهن جي عزيزن ڏي ڏياري موڪليندو هو. ڪيترن جا نڪ، ڪن ۽ چپ وڍائي ڇڏيا هئائين. ڪيترن جون ڏاڙهيون پٽائي پوٺو ڪرائي پوءِ انهن کي بازارن ۾ گهمارائيندوهو. (هسٽري آف سنڌ مرزا صاحب)

مرزا محمد باقي کي جڏهن خبر پوندي هئي، ته فلاڻي ماڻهوءَ وٽ ڌن دولت آهي، ته اها زبردستيءَ سان ان کان کسي وٺندو هو. وٽس پئسي ۽ دولت جي ڪا به کوٽ ڪانه هوندي هئي، ته به دربار ۾ اچڻ شرط اهو ئي بحث ڇيڙيندو هو، ته ڌن دولت ڪيئن وڌائجي. هڪڙي ڀيري اميرن اچي عرض ڪيس ته ”گدامن ۾ ڪا به جاءِ خالي ڪانهي، جنهن ۾ نئين سال جو اناج رکجي، تنهن ڪري حڪم ڏيو، ته پراڻو ۽ سڙيل ان غريبن کي ڏيئي نئون ان انهن جاين ۾ رکون“. مرزا محمد باقي جواب ڏنو ته ”انهيءَ ڳالهه جو فيصلو سڀاڻي ڪندس“. رات جو ڇا ڪيائين جو نوڪرن کي حڪم ڏنائين، ته چيڪي مٽيءَ جون مانيون پچائي رکو. صبح جو جڏهن سڀ امير وزير اچي دربار ۾ حاضر ٿيا، تڏهن ڍاڪون ڀرجي آيا ۽ دسترخوان  وڇائجي ويا. امير امرائن کي عجب لڳو، ته ”اڄ الائي ڪهڙو سدورو سج اڀريو آهي، جو مرزا محمد باقي هيتري ساري نوازش پنهنجن درٻارين تي ڪئي!“ ڍاڪون ڏسي هراس به ٿين، ڇاڪاڻ جو مرزا محمد باقي جڏهن ڪنهن تي رنج ٿيندو هو، ته ان جو سر ڪپائي ڍاڪونءَ ۾ وجهي ان جي عزيزن ڏي ڏياري موڪليندو هو. جڏهن سڀ امير هٿ ڌوئي گرڙي ڪري اچي دسترخوانن تي ويٺا ۽ ڍاڪن جا پڙ لاٿائون، تڏهن ان جو پاڻي ئي هارجي وين: ڇا ڏسن، ته چيڪي مٽيءَ جون مانيون ۽ سڙيل اناج جا ڍوڍا رکيا آهن! سڀ هٿ جهلي هڪ ٻئي جي منهن ڏانهن ڏسڻ لڳا.

مرزا عبدالباقي سڀني کي چيو، ته ”ڇو ماني نٿا کائو؟ مون وٽ ته اهو طعام آهي. اوهان کي شايد مون مسڪين جي ماني نٿي وڻي؟ ”هُو ڍوڍن مان ننڍڙا ڀورا ڀڃي کائڻ لڳا. مرزا چين ته ”ڇو، اهي اڇيون مانيون نٿا کائو؟“ اميرن چيو: ”حضور جو اقبال اعلى هجي اهي مٽيءَ جون مانيون اسان کان نٿيون کاڄن“.  تنهن تي هو اچي بگڙيو ۽ گاريون ڏيندي ۽ چوڻ لڳو: ”اي بيوقوفو! ڇا اوهان جي سياڻپ منهنجي بادشاهت جي حفاظت ڪري سگهندي؟ نڪمو، سڙيل ان به آئيءَ ويل ڪم اچيو وڃي، ڇاڪاڻ ته مٽيءَ کان ضدبار چڱو آهي، ڏسو ته مٽيءَ جي مانيءَ کان وئون ٿا وڃو ۽ مون کي ٿا صلاح ڏيو ته پراڻو ان ڦٽو ڪري ڇڏ. شايد وسري ويو اٿو، ته همايون بادشاهه جڏهن سنڌ ۾ هو، تڏهن سخت ڏڪار پوڻ ڪري ڏتڙيل ماڻهو پراڻيون کلون ۽ جانورن جا چم گرم پاڻيءَ ۾ رڌي نرم ڪري کائيندا هئا“. (انتخاب تاريخ طاهري سنڌي)

مرزا جاني بيگ جي حڪومت (سنه 1584ع کان 1591ع تائين)

مرزا جاني بيگ جي تخت نشيني

مرزا محمد باقيءَ کان پوءِ سندس وڏي پٽ مرزا پايند بيگ کي تخت تي ٿي وهاريائون، پر ان جو دماغ سالم نه هو، تنهن ڪري سڀني اميرن وزيرن پايند بيگ جي پٽ مرزا جاني بيگ کي تخت ۽ تاج جو ڌڻي مقرر ڪيو، جو اميرن خواه غريبن ۾ هردل عزيز هو ۽ سڀني اميرن خواه غريبن سان نهايت مهربانيءَ ۽ نوازش سان هلندو هو. هڪڙي ظالم حاڪم کان پوءِ ههڙي مهربان ۽ رحمدل حاڪم اچڻ ڪري ماڻهن کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ جن ماڻهن فڪر ۽ اوسيئڙن ۾ راتين جون راتيون سمهي آرام نه ڪيو هو، سي آرام سان ستا ننڊون پيا ڪندا هئا. مرزا محمد باقي ٻئي پيءُ پٽ سيوهڻ ۾ هئا، جتان انهن کي گهرايو ويو هو. مرزا محمد باقيءَ جو ٻيو پٽ مرزا مظفر بيگ بدين ۾ هو. سو پيءُ جي وفات ڪرڻ واري ڏينهن ئي ٺٽي اچي پهتو هو، پر اميرن وزيرن ٽي ڏينهن ان کي ٺٽي شهر ۾ گهڙڻ ئي نه ڏنو، جيستائين ڪه مرزا پايند بيگ مرزا جاني بيگ سيوهڻ مان نه آيا هئا.

تخت تي ويهڻ شرط مرزا محمد باقيءَ جي ڪن خير خواه اميرن جي زور رکڻ تي مرزا جاني بيگ انهن ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون، جن بابت انهن اميرن کي شڪ هو، ته هو مرزا محمد باقيءَ جا خوني آهن. درحقيقت سڀ بي ڏوهي ماڻهو شڪ ۾ ماريا ويا هئا جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي. انهن بدنصيب ماڻهن کي طرح طرح سان موت جون سزائون ملنديون ڏسي مرزا مظفر بيگ کي اهڙو ڊپ ٿيو، جو هو پنهنجو ڪيترو سارو سامان پنهنجي منزل (ٺٽي شهر کان ٻاهر) ئي ڇڏي تڙ تڪڙ ۾ بدين ڏي موٽي ويو. اتي هو وڃي پنهنجي آئنده وارن خراب ڏينهن ڏسڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو. (هسٽري آف سنڌ – مرزا صاحب)

بدين ۾ چاچي ڀائٽي جي جنگ

 جڏهن مرزا جاني بيگ کي خبر ملي ته چاچس مرزا مظفر بيگ ترخان بدين ۾ لشڪر پيو گڏ ڪري، تڏهن ان پنهنجن اميرن کي صلاح مصلحت لاءِ گڏ ڪيو، جن ٺهراءُ ڪيو، ته ڪچي ۾ ڪو اهڙو بندوبست ڪجي، جو بغاوت کي ٻنجو اچي وڃي. مرزا مظفر بيگ علي خان ڪوڪه جي صلاح سان تياري ڪري چڪو هو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو انهن جو لشڪر بدين کان روانو ٿيڻو هو. رات وچ ۾ مرزا جاني بيگ بدين ۾ رهندڙ مغلن ڏانهن خط لکي موڪليو ته جيڪڏهن مرزا مظفر بيگ زور وٺي ويندو ۽ ڪامياب ٿيندو، ته هو پنهجا ڪڇ ملڪ (1) وارا عزيز راجپوت گهرائيندو ۽ انهن کي اوهان تي ضرور فوقيت ڏيندو جنهن ڪري اوهان کي گهڻو پشيمان رهڻو پوندو ۽ جيئڻ کان تنگ ٿي پوندؤ. هي وقت ويچار ڪرڻ جو اٿؤ. مون کان جيتري قدر ٿي سگهندو، اوتري قدر اوهان جي مرضي رکندس ۽ اوهان جي پٺ ڀرائي ڪندس، جيڪڏهن اوهين هن وقت مظفر بيگ کان جدا ٿي نه سگهندؤ ته حرڪت ڪانهي. سڀاڻي صبح جو جڏهن اسان جي وچ ۾ جنگ چالو ٿيندي، تڏهن ان جو طرف ڇڏي ڏجو.“

انهيءَ طرح مرزا جاني بيگ چاچڪان (جوڻ شهر) ۽ بدين جي مغلن کي خاطريءَ جهڙا انجام ڏيئي انهن کي پنهنجي طرف ڪيو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن جنگ جو نغارو وڳو ۽ مرزا جاني بيگ ۽ مرزا مظفر بيگ جي وچ ۾ لڙائي شروع ٿي ويئي، تڏهن مرزا جاني بيگ جي لشڪر خاص طرح مرزا مظفر بيگ جي راجپوت پلٽڻ تي جلهه ڪئي، جن جو تعداد انهيءَ فوج ۾ گهڻو هو. مرزا مظفر بيگ پنهنجن مغل سردارن ۽ مغل سپاهين کي هڪل ڪئي ته وارو ڪريو، پر انهن مرزا مظفر بيگ جي ڪا به ڳالهه ڪانه ٻڌي. تنهن ڪري مرزا مظفر بيگ پهريائين پنهنجي ماءُ ۽ ٻين ڪن خاص لاڳاپيدارن کي ڪڇ ڏي روانو ڪيو ۽ پوءِ پاڻ به تڪڙو تڪڙو ڪڇ ڏي ڀڄي وڃڻ لاءِ مجبور ٿيو.

مرزا مظفر بيگ جي ڀاڄ کائڻ کان پوءِ مرزا جاني بيگ حڪم ڪيو، ته جيڪو به سامان مرزا مظفر بيگ ۽ سندس ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ ڇڏي ويا آهن، سو سڀ اٺن تي چاڙهي ڪڇ ڏي روانو ڪريو ته انهن کي وڃي ملي، تنهن کان پوءِ مرزا جاني بيگ بدين جي قلعي ۾ گهڙيو ۽ مغلن تي ايتريون بخششون ۽ نوازشون ڪيائين، جيڪي انهن جي اميدن کان به زياده هيون. مغلن کي وڏيون جاگيرون ڏنائين ۽ ڏاڏس مرزا محمد باقي جيڪي زخم انهن مغلن جي دلين تي ڪيا هئا. سڀ ٺاريائين.

مرزا مظفر بيگ ڪڇ جي راجا راءِ ڀاراهه وٽ وڃي پناهه ورتي ۽ مرزا جاني بيگ فتح ۽ سوڀ سان ٺٽي ۾ موٽي آيو. (هسٽري آَف سنڌ ج 2 پ 1 مرزا صاحب)

مرزا جاني بيگ جا سڌارا

بدين جي جنگ فتح ڪري ٺٽي ۾ اچڻ وقت مرزا جاني پنهنجن عملدارن ۽ سپاهين کي مرزا محمد باقي جي لٽيل خزانن مان گهڻو انعام اڪرام ڏنو ۽ ان جا ڀاڱا ڪرائي غريبن ۽ محتاجن کي چڱيءَ طرح خيرات طور ڏنائين. ٺٽي شهر جي ماڻهن جا هنيان جيڪي مرزا محمد باقيءَ جي وقت ۾ مکڙين وانگر ٻوچيا پيا هئا، سي هينئر بهار جي گل وانگر ٽڙي پيا. (تحفة الڪرام ج 3)

اڳي ٺٽي ۾ پورچوگيزن جي مهر واريون اشرفيون ۽ ڊگها چاندي جا سڪا هلندا هئا جن کي ”لاري“ ڪري سڏيندا هئا. مرزا عيسى ترخان ٽامي جا سڪا جاري ڪرايا، جن کي ”مهر عيسائي“ ڪري سڏيندا هئا. مرزا جاني بيگ ”مهر عيسائي“ جو مقدار گهٽ ڪرايو ۽ ان تي ”ميري“ نالو رکيائين ۽ ان جا ماپا به اڳين ماپن کان گهٽ مقدار وارا ڪرايائين. ماڻهو انهيءَ ڪوتاهيءَ کي بڇڙو سنوڻ سمجهڻ لڳا. (تحفة الڪرام ج 3)

نواب صادق محمد خان جو سنڌ ۾ اچڻ

 بادشاهه کي جڏهن خبر پيئي ته مرزا محمد باقي وفات ڪري ويو آهي ۽ پوٽس مرزا جاني بيگ بهادريءَ ۽ نيڪناميءَ سان حڪومت هلائي رهيو آهي ۽ پنهنجي پيءُ پايند بيگ کي حڪومت جو مدارالمهام (وزيراعظم) مقرر ڪيو اٿس، تڏهن هڪڙو شهنشاهي فرمان مرزا جاني بيگ جي نالي موڪليائين، جنهن ۾ لکيائين ته ”قديم وقت کان وٺي اسان جي خاندان جو خطبو سنڌ جي جامع مسجدن ۾ پڙهيو وڃي ٿو، مگر ڳچ وقت کان وٺي تابعداريءَ جي ڍل اسان کي ڪانه ٿي پهچي نڪي اسان جو سڪو سنڌ ۾ هلايو وڃي ٿو، تنهن ڪري تابعداري جي ڍل به اسان ڏي هڪدم موڪليو ۽ اسان جو سڪو به ملڪ ۾ هلايو“ اڪبر بادشاهه انهيءَ فرمان جي تعميل ڪرائڻ لاءِ پنهنجي درباري نواب صادق محمد خان کي وڏو لشڪر ڏيئي سنڌ تي چاڙهي موڪليو.

مرزا جاني بيگ انهيءَ فرمان جي جواب ۾ لکي موڪليو ته ”اسين قديم وقت کان وٺي انهيءَ دربار جا غلام آهيون. حضور جن جو خطبو قائم رکڻ حضور جن جو سڪو پنهنجي ملڪ ۾ هلائڻ پنهنجو فخر ٿا ڄاڻون تابعداريءَ جي ڍل عرض رکائڻ لاءِ تيار آهيون مگر ڳچ ورهين کان وٺي هيءُ ملڪ چڱيءَ طرح آباد ئي نه رهيو آهي تنهن ڪري ڪجهه مهلت عطا ٿئي، ته آءٌ حضور جن جي خدمت ۾ تابعداري جي ڍل جو سمورو حساب پنهنجي چاچي مرزا شاهه رخ جي هٿان موڪليندس“.

اهو جواب اڃان اڪبر بادشاهه جي دربار ۾ پهتو ئي ڪين هو، ته ايتري ۾ نواب صادق محمد خان پنهنجي لشڪر سميت سيوهڻ جي قلعي تي اچي ڪڙڪيو. سيوهڻ جي قلعي جو سنڀاليندڙ بلبل خان ۽ ٻيا امير صادق محمد خان سان جنگ جوٽي بيٺا، جنهن ۾ نواب صادق محمد خان نااميد ٿي پيو. ايتري ۾ مرزا جاني بيگ به لشڪر وٺي سيوهڻ روانو ٿيو. جاني بيگ جي اچڻ جي خبر ٻڌي نواب محمد صادق خان ڀڄي وڃي بکر پهتو ۽ اتان وڃي اڪبر بادشاهه وٽ رسيو. مرزا جاني بيگ ڍل جا پئسا ۽ قيمتي سوکڙيون پنهنجي چاچي مرزا شاهه رخ جي هٿان اڪبر بادشاهه ڏانهن ڏياري موڪليون ۽ پاڻ بي اونو ٿي وڃي ٺٽي ۾ رهيو. (تحفة الڪرام ج 3)

نواب خان خانان جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ جاني بيگ سان جنگ ڪرڻ

نواب صادق محمد خان سيوهڻ جي قلعي تان سخت شڪست کائي شهنشاهه اڪبر سان وڃي احوال ڪيو، تنهن تي اڪبر بادشاهه کي ڏاڍي چڙ لڳي. تنهن ڪري هن نواب خان خانان (عبدالرحيم بن بيرم خان يا بهرام خان) کي وڏو لشڪر ڏيئي هجري سنه 999 عيسوي 1590ع ۾ ٺٽي هٿ ڪرڻ لاءِ روانو ڪيو. مرزا جاني بيگ اها خبر سڻي خشڪي جو لشڪر خواه دريائي لشڪر گڏ ڪري نصرپور جي نزديڪ بوهري ڳوٺ ۾ وڏي کاهي کوٽائي ننڍو قلعو مضبوط ٺهرائي اتي وڃي ڇانوڻي ڪئي. رسيم بيگ کي ٻيو لشڪر ڏيئي سيوهڻ موڪليائين ۽ ان کي حڪم ڏنائين، ته قلعي جون ڀتيون مضبوط ڪرائي ۽ قلعي جي اندر جيڪي جايون آهن، سي ڊهرائي پٽ ڪري ڇڏي مگر لڪيءَ جي جبلن تي ڪو به بندوبست ڪونه رکيائين اها وڏي غلطي ڪئي هئائين.

نواب خان خانان بکر کان ٿيندو سڌو لڪي جي جبلن تي اچي منزل ڪئي ۽ لڪيءَ جي جبلن وارو لنگهه پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين. پوءِ ڪجهه لشڪر سيوهڻ جي قلعي تي موڪليائين ۽ پاڻ لشڪر وٺي مرزا جاني بيگ جي ڇانوڻي تي ڪاهي آيو. واٽ تي هڪڙو درويش گڏيس، تنهن کان دعا پنيائين. درويش چيس ته ”ٿورا ڏينهن ٿيا آهن، جو سنڌ جو ڪرامتي ڪڪر مخدوم نوح هالائي عليہ الرحمة رحلت ڪري ويو آهي. جيڪڏهن تو اڳ ۾ وڃي ان جي فاتحہ خواني ڪئي، ته تنهنجي فتح آهي، پر جيڪڏهن مرزا جاني بيگ وڃي اڳ ۾ فاتحہ خواني ڪئي، ته ان جي فتح آهي“. نواب خان خانان اتان سڌو هالن ۾ آيو ۽ اچي مخدوم نوح (عليہ الرحمة)  جي فاتحه خواني ڪيائين ۽ فتح جي دعا پنيائين. مرزا جاني بيگ اگرچه ويجهو هو، ته به اها سعادت اڃا حاصل نه ڪئي هئائين. (تحفة الڪرام)

نصرپور جي نزديڪ نواب خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ جا لشڪر هڪ ٻئي سان اچي  سامهون ٿيا. نهايت خونريز جنگ ٿي ۽ ٻنهي طرفن جا نهايت نامور پهلوان قتل ٿي ويا. آخر نواب جي سپاهين پنهنجن پٽڪن ۾ تيرن جون بٿيون نشانيءَ خاطر ٽنبيون ۽ مرزا جي لشڪر ووڻن جون سايون ٽاريون نشانيءَ خاطر پنهنجن پٽڪن ۾ هنيون پوءِ ٻنهي طرفن جا سپاهي جنگ جي ميدان ۾ اچي پاڻ ۾ اٽڪيا پهريائين مرزا جاني بيگ جو لشڪر زور هو، پر پوءِ هٽڻ لڳو.

نصرپور ڏي اچڻ وقت نواب خان خانان کي مرزا جاني بيگ جي طرفان خسرو خان هڪ سؤ ويهه ٻيڙين ۾ لشڪر چاڙهي نصرپور کان ٻارهن ميل پري روڪڻ لاءِ ويو هو، پر ان کي دريائي جنگ ۾ نواب خان خانان شڪست ڏيئي اچي مرزا جاني بيگ جي ڇانوڻي تي پهتو هو.

نصرپور واري جنگ ۾ جيتوڻيڪ مرز اجاني بيگ جي لشڪر کي شڪستون پي پهتيون، ته به ان کي ڀرتي ملندي آئي تنهن ڪري هو بهادريءَ سان پير کوڙي نواب خانان سان جنگ ڪندو رهيو. تنهن ڪري نواب خان خانان پنهنجي لشڪر کي جيڪو تمام گهڻو هوس، نئين نموني ۾ ورڇيو. هڪڙو لشڪر سيوهڻ جي قلعي تي موڪليو هئائين، ٻيو لشڪر ٺٽي تي موڪليائين ۽ ٽيون لشڪر بدين تي روانو ڪيائين ۽ چوٿون فتح باغ ۽ پنجون (چاچڪان) جي قلعن تي موڪليائين.

نواب خان خانان جي مرضي هئي، ته سنڌ جو تختگاهه ٺٽو هٿ ڪجي، تنهن ڪري پاڻ ٺٽي ڏانهن ويندڙ لشڪر سان روانو ٿيو.

سيد بهاءُ الدين ۽ سيد مير (1) معصوم شاهه (تاريخ معصومي جي مصنف) کي ٻين عملدارن سان گڏ سيوهڻ روانو ڪيائين.

نواب خان خانان جي عملدارن جدا جدا قلعن تي وڃي گهيرا ڪيا ۽ انهن سڀني قلعن جي سنڀاليندڙن کان مرزا جاني بيگ ڏي پيغام آيا ته ”مدد اچي ڪريو” مرزا جاني بيگ پهريائين سيوهڻ جي قلعي ڏي روانو ٿيو. جڏهن لڪي جي جبلن وٽ پهتو، تڏهن خان خانان جو 1200 سپاهين جو لشڪر سامهون ٿيس، جيڪو نواب خان خانان انهيءَ لنگهه بند رکڻ لاءِ اڳيئي اتي بيهاري ڇڏيو هو. مرزا جاني بيگ سان ٻه هزار سپاهي همراهه هئا. اتي سخت جنگ لڳي: ڪجهه خشڪيءَ تي ۽ ڪجهه درياءَ تي. اتي مرزا جاني بيگ جي لشڪر کي سخت شڪست پهتي. مرزا جاني بيگ وٽ باقي فقط يارهن ماڻهو وڃي رهيا، ته به هو بهادريءَ سان جنگ ڪندو رهيو. آخر اهي يارهن ماڻهو به ڀڄي ويا.

مرزا جاني بيگ اتان انڙپور ۾ آيو، جيڪو ڳوٺ لڪيءَ واري جنگ جي ميدان کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي هو. اتي هو هڪڙي ڪچي قلعي ۾ اچي رهيو، پر خان خانان جي لشڪر ان قلعي تي به اچي گهيرو ڪيو.، اتي به مرزا جاني بيگ کي لشڪر جي ڀرتي پهچي ويئي تنهن ڪري هن جنگ ڪئي.

نواب خان خانان کي تسلي ٿي، ته مرزا جاني بيگ مرڻ ڌاران ڪڏهن جنگ جي پچر نه ڇڏيندو. تنهن ڪري هن صلح جي ڪوشش شروع ڪئي. (هسٽري آَف سنڌ ج 2 ڀ 1 مرزا صاحب)

نواب خان خانان ۽ مرزا جاني بيگ جو صلح

نواب خان خانان مرزا جاني بيگ کي چوائي موڪليو، ته ”اسين ٻئي ڄڻا ساڳئي شهنشاهه اڪبر بادشاهه جا نوڪر ۽ تابعدار آهيون ۽ ساڳئي تيموريه خاندان جا فرد آهيون. زماني جي گردش ڪري اسان کي پاڻ ۾ هيتري جنگ ڪرڻي پيئي. تو جيڪا بهادري هن جنگ ۾ ڏيکاري آهي، سا ڪڏهن به وسرڻ جي نه آهي. پر توکي ياد رکڻ گهرجي ته هوڏانهن دنيا جو زبردست شهنشاهه اڪبر بادشاهه آهي. جنهن جي دروازي تي وڏا وڏا بهادر پنهنجيون پيشانيون گسائي رهيا آهن. تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته هيڏي ساري رتوڇاڻ، جيڪا ٿي رهي آهي، سا هڪدم بند ڪريون. آءٌ تسلي ٿو ڏيان، ته شهنشاهه اڪبر بادشاهه توسان تمام عزت ۽ شان ڀري هلت ڪندو. تنهن ڪري صلاح ڀري ڳالهه آهي، ته جيڪي گذريو آهي سو وساري صلح ڪريون“.

صلع جي پيغام پهچڻ کان اڳ مرزا جاني بيگ پهريائين ارادو ظاهر ڪيو هو، ته ”ڪچو صلح ڪجي، جنهن موجب ٽيهه ٻيڙيون ۽ سيوهڻ جو قلعو نواب خان خانان کي ڏجي ۽ پوءِ بنان اٽڪ ٺٽي ۾ پهچجي ۽ اتي دشمن سان جنگ ڪري صفائي ڪجي“. ۽ نواب خان خانان کي جيتوڻيڪ سندس آفيسرن صلاح ڏني هئي، ته ڪچو صلح نه ڪجي ۽ مرزا جاني بيگ جي ڪمزوريءَ مان فائدي وٺڻ جو وجهه هٿان نه ڇڏجي، پر نواب خان خانان رڳو هن خيال ڪري انهيءَ ڪچي صلح قبول ڪرڻ لاءِ به تيار هو، ته بي گناهه انسانن جي رتوڇاڻ بند ٿئي.

انهيءَ ڪچي صلح بحال ٿيڻ کان اڳ مرزا جاني بيگ پنهنجي پيءُ مرزا پايند بيگ ۽ پنهنجي پٽ مرزا ابو الفتح کي لکي موڪليو هو، ته ”ٺٽو شهر ناس ڪرائي ڇڏيو ۽ پنهنجا ٻار ٻچا ڪلان ڪوٽ ۾ وڃي رهايو، جيڪو ڪوٽ اهڙن موقعن لاءِ مرمت ڪرائي تيار رکايو ويو آهي“. مرزا جاني بيگ جي لکڻ موجب پڻس ۽ پٽس عمل ڪيو ۽ ٺٽي جو سهڻو شهر ڊهي ڍير بڻجي ويو. بدقسمتيءَ سان انهن ڏينهن ۾ ئي مرزا جاني بيگ کي پڻس پايند بيگ ۽ پٽس ابوالفتح جي وفات جي خبر پهتي ۽ سنديس دل کي هڪڙو سخت ڌڪ لڳي ويو.

مرزا جاني بيگ جا ماڻهو پنهنجن فوت ٿيل عزيزن جي ماتم ۾ ڪارو لباس ڍڪيو ويٺا هئا ۽ مرزا جاني بيگ پنهنجي پيءُ ۽ پٽ جي وفات جي ماتم ۾ ويٺو هو، ته نواب خان خانان جي طرفان مٿيون صلح جو پيغام پهتس. مرزا جاني بيگ کي هينئر صلح ڪرڻ ڌاران ٻيو ڪو به رستو ڪونه هو. تنهن ڪري پنهنجن سڀني گورنرن ڏي هڪدم حڪم موڪليائين، ته ”هر هڪ قلعي جون ڪنجيون اڪبر بادشاهه جي ماڻهن جي حوالي ڪيون وڃن“.

انهن حڪمن صادر ٿيڻ کان پوءِ نواب خان خانان جي ماڻهن نيرن ڪوٽ جو قبضو محمد خان ترخان کان ورتو ۽ شاهه گهر جو قبضو ابوالقاسم ارغون کان ورتو ۽ اهڙيءَ طرح ٻين قلعن جا قبضا به سڀ نواب خان خانان جي ماڻهن کي ملي ويا.

اهي سڀ ڳالهيون فيصل ٿي ويون تنهن کان پوءِ مرزا جاني بيگ انڙپور کان ٺٽي ۾ آيو ۽ نواب خان خانان سن ۾ رهي پيو، ڇاڪاڻ جو درياءُ ان وقت تمام زور سان ڀريو پي وهيو. سياري جي شروع ۾ نواب خان خانان به ٺٽي ۾ آيو ۽ اتان فتح باغ ۾ وڃي مرزا جاني بيگ سان مليو. مرزا جاني بيگ ۽ نواب خان خانان ٻئي ڄڻا جدا جدا گهوڙن تي هئا ۽ سندن نوڪر پيادا هئا. پهريائين سندن نوڪرن هڪ ٻئي کي دوستن وانگر ڀاڪر پائي کيڪاريو ۽ پوءِ مرزا جاني بيگ ۽ نواب خان خانان گهوڙن تان لهي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي کيڪاريو ۽ گڏجي اچي فتح باغ شهر ۾ گهڙيا. ٿورو وقت فتح باغ ۾ رهي پوءِ مرزا جاني بيگ ڪجهه وقت لاءِ تغلق آباد ۾ وڃي رهيو ۽ نواب خان خانان ٺٽي ۾ اچي سياسي ڪمن جو جوڙجڪ ڪرڻ لڳو. اهو صلح هجري سنه 1000 (عيسوي سنه 1591) ۾ ٿيو.

نواب خان خانان لاهري وارو سامونڊي بندر ۽ ٻيا ضروري هنڌ نظر مان ڪڍيا تنهن کان پوءِ مرزا جاني بيگ جي خواهش موجب ٻئي گڏجي شهنشاهه اڪبر بادشاهه وٽ وڃي حاضر ٿيڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا.

ترخان گهراڻي جي خودمختيار حڪومت سنڌ ۾ پوري ٿي چڪي، سنه 1591ع کان وٺي جيڪي ترخان سردار ٺٽي جا حاڪم ٿيا، سي دهلي جي شهنشاهه اڪبر اعظم جا نواب سمجهڻ گهرجن، نڪي خودمختيار حاڪم. ترخان گهراڻي جي خودمختيار حڪومت ڪل اٺٽيهه سال سنڌ ۾ هلي.

(هسٽري آف سنڌ ج 2 ڀ 1 مرزا صاحب)


(1)  تحفة الڪرام ۾ ڄام ڏيسر لکيل آهي. (مؤلف)

(1)  مرزا محمد باقي هڪڙي شادي ڪڇ جي راجا جي ڪٽنب مان ڪئي هئي، جنهن مان مرزا مظفر بيگ ڄائو هو. (تحفة الڪرام)

(1)  سيد مير معصوم شاهه جڏهن دهليءَ ۾ اڪبر بادشاهه جي ملاقات جو شرف حاصل ڪرڻ ويو هو. تڏهن اڪبر بادشاهه مٿس ڏاڍو راضي ٿيو هو ۽ درٻيلو ڪاڪڙي ۽ چانڊڪو علائقا جاگير طور بخشيا هئائينس. پوءِ اڪبر بادشاهه ان کي نواب خان خانان سان گڏ سنڌ فتح ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. (هسٽري آف سنڌ مرزا صاحب)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org