سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :7

 

هڪ طرف سهيل بن عدي، عبدالله بن عبدالله بن عتبان سان گڏ ڪرمان تي حملو ڪري ان کي فتح ڪيو، ٻئي طرف عاصم بن عمرو، عبدالله بن عمير سان گڏ وڃي سيستان کي پنهنجو تابع ڪيو ۽ مٿن ڍلون مقرر  ڪري واپس آيا.

انهن ٻنهين ملڪن جي فتح ٿيڻ بعد حڪم بن عمرو تغلبي مڪران تي ڪاهيو. هو مڪران جي سرحد ۾ داخل ٿيو ته شهاب بن مخارق ۽ مٿيان ٻئي فاتح به اچي ساڻ مليا. مڪران جي حاڪم سنڌ جي راجا کان مدد گهري، جنهن تي سنڌ جو راجا وڏي جوش و خروش سان هڪ پهاڙي فوج وٺي پاڻ هن جي مدد لاءِ اچي حاضر ٿيو  ۽ لڙائي لڳي. هندوستاني فوج اگرچه بلڪل جانبازي سان مقابلو ڪيو مگر بدقسمتي جو ڪهڙو علاج؟ آخرڪار مڪران جو حاڪم جو اتي جي زبان ۾ رتيبل ڪوٺيو ويندو هو سو مارجي ويو ۽ سنڌ جو راجا(1) به ساڻس گڏ اجل جو شڪار ٿي ويو. مڪراني ۽ سنڌي فوجن شڪست  کاڌي ۽ اهي ماڻهون اهڙي طرح بد حواس ٿي ڀڳا جو هڪ ٻئي کان ئي جدا ٿي ويا. مسلمانن سندن پٺيان ڪاهي پيا ۽ کين سنڌ ۽ مڪران جي وچ ۾ جيڪو درياءَ وهي ٿو تيستائين نه ڇڏيائون. لڙائي جي ميدان ۽ درياءَ تائين جيڪا زمين هئي سا سڄي لاشن سان ڀرجي ويئي. هن فتح حاصل ڪرڻ بعد حڪم غنيمت جي مال مان پنجون حصو جدا ڪيو ۽ صحار عبدي جي هٿان حضرت عمر رضه جي خدمت ۾ موڪلي ڏنو. انهيءَ فتح تي دارالخلافت مديني ۾ ڏاڍي خوشي ڪئي ويئي، ۽ خداءِ عزوجل جو شڪرانو ادا ڪري اهو مال بيت المال ۾ داخل ڪيو ويو. (ابن اثير)

صحار عبدي کان حضرت عمر رضه مڪران جا ملڪي حالات پڇيا جنهن تي هن عرض ڪيو ته ”امير المؤلمنين! اتي پاڻي جي گهٽتائي آهي، مگر ميون سان وڻ ڀريا پيا آهن. چور گهڻا ۽ بهادر آهن، نتيجو هي آهي جو جيڪڏهن ٿوري فوج هوندي ته ضايع ٿي ويندي ۽ گهڻي هوندي ته بک مرڻ جو انديشو آهي. ڇو ته رسد جو انتظام مشڪل ٿي سگهندو وغيره وغيره“ حضرت فاروق فرمايو ته ”اي صحار تون اتي جا حالات بيان ٿو ڪرين يا شاعري ڪري رهيو آهين؟“ مگر پوءِ جڏهن هن سڳوري سنجيدگي سان ٻيهر تصديق ڪئي تڏهن حيران ٿي ويو ۽ مسلمانن کي اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيائين.(2)

بحري جهاد کان ته اڳيئي منع ٿي چڪي هئي تنهن ڪري مسلمان هندوستان جي سرحد ڏي نه وڌيا. فقط خشڪي جو رستو باقي رهيو هو، سو به هينئر صحار عبدي جي بيان روڪي ڇڏيو. انهيءَ سال سنه 23 هجري جي پڇاڙي ۾ حضرت فاروق عالم بالا ڏي روانو ٿيو ۽ تاريخ 3 محرم سنه 64 هجري حضرت عثمان جو نالو خلافت لاءِ منتخب ٿيو.

امير عثمان پنهنجي خلافت جي ٻئي سال سنه 35 هجري ۾ ڪابل تي فوجون موڪليون، جو فتح ٿيو. سيستان، ڪرمان ۽ مڪران ته اڳيئي فتح ٿي چڪا هئا مگر اتي جي ماڻهن جو هي دستور ٿي ويو هو جو جڏهن مسلمان اتان واپس اچن تڏهن هو باغي ٿي وڃن، وري جڏهن مسلمان ڪاهي وڃن تڏهن اطاعت قبول ڪرڻ ۾ دير نه ڪن، ڇو ته هو عربن جي جرات ۽ رحمدلي ٻئي ڏسي چڪا هئا ۽ کين يقين ٿي ويو هو ته انهن سان مقابلو ڪرڻ غلطي آهي، باقي جڏهن اچن تڏهن هڪدم کڻي سندن اڳيان ڪنڌ جهڪائجي. اهو ئي سبب آهي جو انهن تي ڪيترائي دفعا ڪاهون ٿيون آهن جن جو مفصل احوال هتي بيان ڪرڻ اسان جي دائره مقصد کان ٻاهر آهي، تنهن ڪري اسان فقط انهن لڙاين جو ذڪر ڪنداسين جن جو تعلق سنڌ يا سنڌ جي ڪنهن سرحدي علائقي سان هجي.

حاصل ڪلام، انهن ماڻهن کي مطيع ڪرڻ لاءِ ابن عامر خراسان ۾ تيار ويٺو هو، تنهن عبدالرحمان بن سمره کي سيستان جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. هي عبدالرحمان هڪ پراڻو تجربيڪار آفيسر هو. هن جي عالي همت هر جاءِ تي مشهور هئي، ڇو ته هن حضرت سرور ڪائنات ﷺ کي ڏٺو هو ۽ انهي زماني جو هڪ چمڪندڙ مڻيو هو. هن هڪدم اچي زرنج تي گهيرو ڪيو ۽ اهڙا سخت حملا ڪيا جو شهر وارن جلد ئي اچي پناهه گهري ۽ اطاعت جو انجام ڪيو.

چوٿون حملو:

هن بهادر ۽ مقدس صحابي زرنج کان وڌي سنڌ جي سڀني انهن علاقن تي قبضو ڪيو جو زرنج ۽ ڪش جي وچ م هئا. خشڪي جي رستي کان جڏهن اسلامي لشڪر سرحد هند تي پهتو تڏهن اول اول هندستان جي زمين جو جيڪو حصو مسلمانن جي قبضي ۾ آيو سو هي ئي هو، ۽ عبدالرحمان ئي اهو صحابي آهي جنهن سڀني کان اڳ پنهنجي تلوار جو پاڇولو سر زمين هند تي وڌو. هي مڪان هينئر سنڌ ۾ نه آهي بلڪ بلوچستان جي اتر ۽ الهندي وارين حدن تي آهي. تن ڏينهن ۾ سارو بلوچستان سنڌ ۾ شمار ڪيو ويندو هو ۽ سنڌ جي راجا جي قبضي ۾ هو. ان وقت جي جگرافيه ۾ ڪو به ملڪ بلوچستان جي نالي سان مشهور نه هو، بلڪ مڪران ۽ سيستان سان سنڌ جون حدون مليل هيون.

پنجون حملو:

سنه 53 هجي ۾ حضرت عثمان رضه شهادت جو پيالو پيتو ۽ خلافت جي مسند سال جي آخري ڏينهن ۾ اين مصطفى علي مرتضى سان رونق حاصل ڪئي. جنهن جي زماني ۾ سنڌ تي هڪ سخت حملو ٿيو ۽ اهو ئي پهريون حملو آهي جو خشڪي جي رستي خاص سر زمين سنڌ تي ٿيو. هي حملو هن طرح ٿيو جو تغار بن ضعير هندوستان جي سرحد تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيو. هن سان گڏ نامور ۽ شريف عربن جي هڪ چونڊيل ۽ ڪارگر جماعت هئي، جنهن ۾ حارث بن مره عبدي به هو جو هڪ نهايت ئي تجربه ڪار ۽ لائق انسانن مان هو.

هتي فوج پنهنجو ضروري سامان گڏ ڪري سنه 38 هجري جي آخر م بهرج ۽ ڪوه پايه جي رستي کان هندوستان جي طرف ڪوچ ڪيو. هي هر هنڌ ڪاميابي سان جهنڊا ڦڙڪائيندا اچي قيقان تي حملي آور ٿيا. هتي دشمنن سان هڪ سخت مقابلي جي نوبت آئي ڇو ته ويهه هزار پهاڙي فوج سندن آڏو اچي جبلن جا سڀ گهاٽ ۽ رستا روڪي ڦٽا ڪيا. عربن پنهنجي حملي ۾ اهڙي زور سان الله اڪبر جو نعرو بلند ڪيو جو انهي هيبت ناڪ آواز قيقانين جا جگر ٽوڙي ڇڏيا. ڪيترا ته ڊڄي از خود اچي مسلمانن وٽ حاضر ٿيا ۽ اسلام قبول ڪيو، ۽ باقي رهيل ماڻهو وٺي ڀڳا ۽ مسلمانن بنا لڙائي جي غلبو حاصل ڪيو. مطلب ته پوري طرح فتح حاصل ڪري واپس ٿيا. (چچ نامه ۽ فتوح البلدان)

ڇهون حملو:

انهيءَ ڪاميابي مسلمانن جو اهڙو حوصلو وڌائي ڇڏيو جو حارث بن مره عبدي وري حملو ڪيو، مگر هن حملي ۾ قسمت کيس واپس موٽائڻ لاءِ نه، بلڪ خاڪ هند جي حوالي ڪرڻ لاءِ آندو هو. هن ٻئي دفعي جڏهن قيقان تي حملو ڪيو، تڏهن خبر آئي ته امير المومنين حضرت علي رضه شهادت جو شربت پيتو ۽ سندس وڏي فرزند جي رضامندي سان معاويه بن ابي سفيان خليفو ٿيو. انهيءَ ڳالهه حارث کي سخت پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو، مگر تڏهن به هن همت نه هاري ۽ سنه 42 هجري ۾ سرحد خراسان جي ويجهو هڪ سخت جانبازي جي لڙائي م وڙهندي وڙهندي پنهنجي رفيقن سميت قيقان جي زمين تي شهيد ٿي ويو. سندس همراهن مان ڪي ٿورا بچيا، نه ته گهڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.(فتوح البلدان)

حضرت علي رضه جي زندگي ۾ جنگ جمل کان پوءِ حسڪه بن عتاب حبطي ميدان جنگ مان ڀڄي اچي سيستان تي قابض ٿي ويٺو. تنهن کي حضرت علي رضه جي حڪم سان ربعي عنبري وڃي قتل ڪيو هو، مگر ٿورن ئي ڏينهن بعد اتي جي ماڻهن پنهنجي عادت موجب وري بغاوت ڪئي. نه فقط سيستان بلڪ ڪرمان جا ماڻهو به باغي ٿي ويا، حضرت علي رضه پنهنجي ماڻهن سان صلاح ڪئي ته انهن ملڪن جا ماڻهو پنهنجي باغيانه عادت کان باز اچن ئي نٿا، تنهنڪري انهن جو ڪهڙو انتظام ڪجي؟ جاريه بن قدامه راءِ ڏني ته زياد کي انهيءَ ڪم جو ذميوار ڪريو. هو بلڪل هوشيار ۽ لائق شخص آهي، جيڪڏهن هي ملڪ هن جي هٿ ۾ ڏنا ويا ته اميد آهي ته سڀني ڪمن جو انتطام سهڻي طريقي سان ٿي ويندو. حضرت علي رضه ان راءِ تي عمل ڪري سنه 39 هه ۾ زياد کي خراسان جو والي مقرر ڪيو ۽ انهن سڀني ملڪن جي حڪومت به هن جي ئي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي.

زياد حقيقت ۾ هڪ لائق شخص هو ۽ سچ پڇو ته انهي زماني جي سياستدان شخص مان اول درجو رکندو هو.

حضرت علي رضه زياد کي هيءَ خدمت عطا ڪري سندس نالو مٿي ڪيو، ۽ اهو ئي وقت هو جنهن ۾ کيس موقعو مليو ته هو پاڻ کي ملڪ جو هڪ منتظم ۽ لائق والي ثابت ڪري. يعني هن جي ترقي جي بنا خود انهي ساڳي ماڻهو ۽ سندس نسل جي هٿان اولاد علي کي ڪيڏيون مصيبتون سهڻيون پيون ۽ گلزار نبوت جي گهڻن گلن جو خاتمو هن زياد جي ئي اولاد هٿان ٿيو. ڀلا ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿيندو جو سيد الشهداءِ جناب امام حسين عليه السلام جو سر مبارڪ وڍي ان ئي زياد جي پٽ اڳيان رکيو ويو.

ستون حملو:

 امير معاويه رضه جي خليفي ٿيڻ بعد سگهو ئي بصري جي والي عبدالله بن عامر، راشد بن عمر کي هندوستان ڏي روانو ڪيو جو گهڻن شهرن کي فتح ڪري غنيمت جي گهڻي مال ۽ اسباب سان واپس آيو.

معتبر ذريعن سان بيان ڪيو ويو آهي ته جڏهن حارث بن مره عبدي قيقان جي خاڪ ۾ شهيد ٿي ويو هو تڏهن پوري انهيءَ سال هڪ ٻئي عربي شهسوار عبدالرحمان سنڌ تي حملو ڪيو. مگر غالباً هي غلطي آهي ڇو ته هن کان ٻه سال پوءِ عبدالرحمان بن حمزه جي فوج جي نامور آفيسر مهلب، ڪابل جي طرف کان منهن ڪڍي جيڪو حملو سنڌ جي اتر وارن ضلعن تي ڪيو هو سو اهو حملو آهي.

اٺون حملو:

 وري سنه 43 هه ۽ ڪن جي نزديڪ سنه 42 هجري ۾ عبدالله بن عامر، عبدالله بن سوار عبدي کي سواحل هند تي موڪليو، جنهن اڳتي وڌي وڃي قيقان تي حملو ڪيو ۽ انهي سر زمين جي جنگجو قومن کي شڪست ڏيئي گهڻي غنيمت حاصل ڪئي. قيقان ۾ پنهنجي سخت حملن سان هڪ زلزلو پيدا ڪري خليفي  جي درٻار ۾ واپس ويو ۽ بارگاه خلافت ۾ قيقاني گهوڙا نذراني ۾ ڏيئي سرخرو ٿيو.

نائون حملو:

دارالخلافت دمشق ۾ ڪي ڏينهن رهي هن وري قيقان جو رخ رکيو، مگر افسوس هن دفعي کيس فتح جي بجاءِ موت سان ملاقات ڪرڻي پيئي جيئن ته ايندي شرط ترڪي ٽولين سان مقابلو ڪيائين جنهن جو نتيجو هي ٿيو جو هو قيقان جي زمين ۾ ئي پيوند ٿي ويو ۽ ساڻس گڏ جيڪي به رفيق هئا تن مان به گهڻا ته شهيد ٿي ويا.

چچ نامه جي مصنف لکيو آهي ته امير معاويه عبدالله بن سوار کي چار هزار سوار ڏيئي روانو ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ”تون وڃي سنڌ جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ آڻ. اتي جو ڪوهستان جيڪو قيقان جي نالي سان مشهور آهي ان ۾ نهايت عمدا ۽ پوري قدوقامت جا گهوڙا ٿين ٿا. جن مان ٻه گهوڙا هن کان اڳ غنيمت جي مال ۾ مون وٽ اچي چڪا آهن، پراتي جا ماڻهو ڏاڍا شرير آهن ۽ پنهنجي ڪوهستاني درن جي زور تي هميشه سرڪشي جي سزا لوڙڻ کان بچي وڃن ٿا.“ هي غالباً عبدالله بن سوار جي ٻئي سفر سان تعلق ٿو رکي، حالانڪه امير معاويه جي بيان ۾ اهڙا الفاظ  آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو گويا عبدالله بن سوار کي پهرئين ئي دفعي روانو ڪري رهيو آهي، مگر هي الفاظ شايد ناواقف مؤرخن جي ذاتي تصوف کان پيدا ٿي پيل ٿا ڏسجن، انهيءَ ابن سوار جي تعريف ۾ شاعر چوي ٿو:

وابن سوار على عبداتہ،

مؤقد النار وقتال السغب.

 (ابن سوار جيڪو فوجڪشي جي وقت هميشه پنهنجو بورچيخانو گرم رکندو هو، ۽ بکين کي ترار جي منهن ۾ ڏيندو هو. يعني پنهنجي فوج کي سير رکندو هو ۽ دشمن بکيا هوندا هئا.)

هي شخص ڏاڍو فياض هوندو هو. سندس لشڪر ۾ ڪنهن کي به چلهي گرم ڪرڻ جي ضرورت نه ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن اتفاقاً هن پنهنجي لشڪر گاه ۾ ڪٿي باهه ٻرندي ڏٺي تڏهن پڇيائين ته هيءَ باهه ڪٿي آهي. ماڻهن چيو ته هڪ عورت ويائي آهي، تنهنجي لاءِ جنيص (هڪ مزيدار غذا جيڪا کجور ۽ گيهه سان ٺهي ٿي) تيار ٿي رهيو آهي. اها خبر ٻڌي حڪم ڏنائين ته ٽن ڏينهن تائين سڀني ماڻهن کي جنيص کارايو وڃي. (بلاذري)

ڏهون حملو:

سنه 44 هجري ۾ مهلب بن ابي صفره جو عبدالرحمان بن سمره جي فوج جو هڪ نامور سردار هو، تنهن هندوستان جو جهاد ڪيو. هي حملو نه درياءَ جي طرف کان ٿيو ۽ نه مڪران جي طرف کان بلڪ هي هڪ نئون رستو هو جيڪو مسلمانن اڳي ڪڏهن به نه ڏنو هو. اگرچه پوءِ غزنوي ۽ ٻين اسلامي بادشاهن انهيءَ رستي کان اچي حملا ڪيا، ليڪن عرب جي قديم مسلمانن مان ڪنهن به سپهه سالار هن پاسي جو رخ نه ڪيو. مهلب هن ڪوهستاني طلسمن کي ٽوڙيندو اچي پنجاب جي ميدان ۾ قدم رکيو جو انهن ڏينهن ۾ سنڌ سان ئي شامل سمجهيو ويندو هو.

لاهور ۽ ملتان:

مهلب دربار خلافت کان اجازت وٺي پنهنجي گهوڙي کي اوڀر جي طرف منهن ڏنو. ڪابل ۽ پشاور جي وچ وارن جبلن مان لنگهي اچي لاهور تي حملو ڪيو. ملتان ۽ ڪابل جي وچ وارن علائقن کي هن هڪڙي ئي حملي سان سخت ڊيڄاري ڇڏيو. شهر قندابيل جي ويجهو مقابلو ٿيو، جتي مهلب نهايت ئي جانبازي سان ڪاهون ڪري دشمنن کي شڪست ڏني ۽ خوب مال ۽ اسباب هٿ ڪري وڏي نيڪ نامي ۽ سرخروئي سان واپس وڃڻ لڳو. (ابن اثير)

هندوستان جون موجوده انگريزي ۽ اردو تاريخون جن تي هينئر ڀروسو ڪيو ويو آهي تن کي مسلمانن جي فقط انهي ئي حملي جو حال معلوم ٿي سگهيو ۽ هن کان اڳ هند ۽ سنڌ تي جيڪي چڙهايون ٿيون آهن تن تائين ڪنهن جي به نظر نه پهچي سگهي آهي. ان جو سبب هي آهي جو عربي ڪتابن ڏي ڪنهن جو به ڌيان نه ويو آهي. جن اسلامي تاريخ جي سموري وقت ۽ خاص ڪري ابتدائي صدين جا حالات پوري چٽائي ۽ نهايت صحت ۽ صفائي سان بيان ڪري ڇڏيا آهن.

انهن ئي ڏينهن ۾ مهلب جڏهن هندوستان کان واپس ٿيو، تڏهن قيقان ۾ اچي ارڙهن ترڪي سوارن سان مليو. هي ترڪ ٿوري تعداد هوندي وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ آخر هو سمورائي عرب جوانن جي تلوارن جو لقمو ٿي ويا. انهن ترڪن جي گهوڙن جي ڪنڌ ۽ پڇ جا وار ڪپيل هئا. مهلب کي اها ڪٽ پسند اچي ويئي ۽ چيائين. ”هي عجمي اسان کان انهيءَ ڳالهه ۾ وڌيڪ آهن جو پنهنجي گهوڙن جي پڇ ۽ ڪنڌ جا وار ڪپين ٿا.“ ائين چئي هن پنهنجي گهوڙن سان به ائين ڪيو. تنهن ڪري ئي چون ٿا ته اسلام ۾ مهلب پهريون آهي، جنهن گهوڙن جي لاءِ هيءَ ڪٽ اختيار ڪئي.

يارهون حملو:

مهلب جو حملو ڪابل جي طرف کان هو مگر سنڌ جو رستو بلڪل جدا هو. هتي عبدالله بن سوار جي شهيد ٿيڻ بعد، جيڪو انتظام ڪيو ويو، تنهنجي نه مهلب کي خبر هئي نه ان سان مهلب جو ڪو تعلق. عبدالله جي جڳهه تي سنڌ تي سيستان جي والي زياد بن ابي سفيان، سنان بن سلمه بن محبق هذلي کي روانو ڪيو. هي شخص عالم فاضل ۽ خدا پرست هو. هن مڪران کي پنهنجي بهادري جو جوهر ڏيکاري فتح ڪيو ۽ اتي جي آبادي ۽ رونق ۾ ترقي ڏياري، ڪيترا ڏينهن هتي رهي ڪري شهرن  جي سر سبزي جو عمدو انتظام ڪيو.

ابن ڪلبي جو بيان آهي ته مڪران کي هن کان اڳ حڪيم بن جبله عبدي فتح ڪري چڪو هو مگر سنان بن سلمه جي فتح ۾ به ڪو شڪ نه آهي. عرب جي فتوحات جو حال جن ماڻهن تفصيل سان ڏٺو هوندو سي هن فتح جو انڪار اصل نه ڪندا ڇو ته عربن ڪيترن شهرن کي گهڻا دفعا فتح ڪيو آهي، جنهن جو سبب سواءِ سندن رحمدلي جي ٻيو ڪو به ڪونهي. هو ڪنهن به شهر کي فتح ڪرڻ بعد ايتري سختي هرگز نه ڪندا هئا، جيتري هڪ فاتح کي ضرورت ٿئي ٿي.

ٻارهون حملو:

ان کان پوءِ زياد هندستان جي ڪنارن وارن ملڪن تي راشد بن عمرو جديدي ازدي کي روانو ڪيو. (بلاذري)

راشد عرب جي هڪ وڏي شريف خاندان مان هو ۽ خوبين سان به سينگاريل هو. ننڍي عمر ۾ ئي هن بهادري جا جوهر ڏيکاريا هئا. جڏهن زياد، سنان بن سلمه کي معزول ڪرڻ گهريو، تڏهن اتفاقاً هي شريف النفس بهادر امير معاويه جي دربار ۾ پيش ڪيو ويو، ۽ هن جون سڀ وصفون ظاهر ڪيون ويون. معاويه هن جي تعريف ٻڌي سندس ايترو قدر ڪيو، جو کيس پاڻ سان گڏ ويهاريائين ۽ پوءِ فوج جي سڀني آفيسرن ڏي مخاطب ٿي چيائين ته ”هي هڪ بي مثل شخص آهي. اوهان سڀني کي گهرجي ته سندس اطاعت ڪريو ۽ هن کي لڙائيءَ جي ميدان ۾ اڪيلو نه ڇڏجو.“ ائين چئي راشد کي مڪران جي طرف روانو ڪيائين ته سنان بن سلمه جي جاءِ تي وڃي سنڌ جو ڪم سرانجام ڪري.

هن سان گڏ سنان کي لکيو ويو ته مون راشد کي روانو ڪيو آهي، جڏهن ويجهو اچي تڏهن تون سندس استقبال لاءِ وڌي اچج ۽ هن کي سنڌ ۽ هند جي سڀني حالات کان واقف ڪج. راشد جڏهن مڪران کي ويجهو پهتو تڏهن سنان حڪم موجب وڌي اچي سندس آجيان ڪري، سندس اطاعت ڪئي ۽ سڀني حقيقتن کان کيس واقف ڪيو. راشد ساري ڪيفيت حاصل ڪري سرحدي شهرن تي چڙهائي ڪئي. ڪوه پايه وارن کان ڍل وصول ڪري قيقان تي حملو ڪيو. اتان به موجوده ۽ ايندڙ سال جو ڏن وصول ڪري ڪاميابي سان اڳتي وڌيو. هڪ ورهيه جي اندر هي سڀ ڪارروائيون ڪري سيوستان جي واٽ کان واپس روانو ٿيو. مندر ۽ بهرج ٽڪرين تائين پهتو ته ميد قوم جي جابلو ماڻهن جي هڪ زبردست ٽولي جنهن ۾ پنجاهه هزار ماڻهو هئا، تن اچي مقابلو ڪيو. صبح کان سانجهي تائين لڙائي هلي. شام جي وقت راشد شهيد ٿي ويو، تڏهن مجبوراً سنان بن سلمه لشڪر جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪئي. زياد کي هي خبر پهتي ته هن پنهنجي طرفان به سنان کي ئي آفيسر مقرر ڪيو. سنان ٻن سالن تائين اتي ئي رهيو، پوري مضبوطي سان سرحد سنڌ ۽ مڪران جي حڪومت حاصل ڪري سنان پنهنجي ڪارگذارين جا عمدا نمونا ڏيکاريا. قيقان تي حملو ڪري هن وڏي فتح مندي حاصل ڪئي. ڪيترائي نوان ضلعا پنهنجي قبضي ۾ آندا، ۽ آخر فتحون حاصل ڪندو مڪان ٻڌا تائين اچي پهتو جتي لڙائي جي وچ ميدان ۾ نهايت بي رحمي سان مارجي شهادت جو پيالو پيتائين. (چچ نامه)

معاويه جي پوئين وقت سنه 59 هه ۾ خود زياد جو پٽ عباد سيستان جي واٽ کان سرحد هند تي جهاد جي لاءِ نڪتو، جنهن سناروذ تي پهچي علاقي رودبار مان لنگهي هندمند (هلمند) جي واٽ ورتي. اتان وڌي وڃي ڪش تي منزل انداز ٿيو ۽ اتان هلندو هلندو وڃي قنڌار تي ڪڙڪيو. هي جيتوڻيڪ سر زمين هند مان اچي لنگهيو، مگر پنهنجي حملي آوري جي رفتار ۾ يڪا يڪ گهوڙا ڊوڙائيندو هليو ويو تنهنڪري هن حملي جو سنڌ يا سرحد سنڌ سان ڪو تعلق ڪونهي.

تيرهون حملو:

سنان بن سلمه جي شهادت کان پوءِ جيڪو شخص مڪران جو والي مقرر ٿي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو ذميندار بڻيو. سو منذر بن جارود عبدي آهي، جنهن جي ڪنيت ابوالاشعث هئي. هي هڪ بهادر ۽ اولوالعزم شخص هو. هن ايندي شرط توقان ۽ قيقان(1) تي فوجڪشي ڪئي. لڙائي ۾ مسلمانن بلڪل چڱي ڪاميابي حاصل ڪئي. منذر بن جارود هن کان پوءِ اڳتي وڌي وڃي قصدار کي فتح ڪيو. سنان هن شهر کي اڳ فته ڪيو هو، مگر شهر وارن شامت اعمال کان وري بغاوت ڪئي، ۽ پاڻهي پاڻ کي ٻيو دفعو انهيءَ مصيبت ۾ ڦاسايائون. منذر، قصدار کي فتح ڪرڻ کان پوءِ اتي ئي رهي پيو، تان جو اجل جي سڏ کيس قبر جي ڀاڪر ۾ مٺي ننڊ ڏيئي ڇڏي. هڪ شاعر ان جي مرثيي ۾ چوي ٿو.

حل بقصدار فاضحى بها،

في القبرلم يفل مع القاتيلن،

لله قصدار واعنا بها،

اي فتى دنيا اجنت ودين.

يعني قصدار ۾ داخل ٿيو پوءِ جو ڏٺم ته قبر ۾ هو، مجاهدين سان گڏ واپس نه آيو. الله! الله! قصدار ۽ هن جي وادي! ڪهڙي جوان کي نيا ۽ دين قبر جي حوالي ڪيو. (بلاذري)

منذر بن جارود کان پوءِ عبيدالله بن زياد، جو ان وقت پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي بصري جو والي هو، تنهن منذر بن حارث بن بشر کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو.

مگر هو توران جي حد تائين پهتو ئي مس، ته بيمار ٿي پيو ۽ انهي ئي بيماري وگهي اجل جو شڪار ٿي آخرت جو سفر اختيار ڪيو. منذر کي هن طرف رواني ٿيڻ وقت هڪ رڪاوٽ آڏي آئي هئي، مگر هو ان جي ڪا پرواهه نه ڪري عبيدالله جو فرمان مڃي روانو ٿي پيو. تنهنڪري هن جي مرڻ جي خبر ٻڌي هو ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته رڪاوٽ هوندي به هن منهنجي حڪم تي عمل ڪري پنهنجو پاڻ قربان ڪري ڇڏيو. تنهنڪري هن سندس پٽ حڪم سان بلڪل چڱو برتاؤ ڪيو جو ان وقت ڪرمان ۾ هو. خزاني مان ٽي هزار درهم ڏانهس موڪلي، کيس پڻس مرحوم جي جاءِ تي سنڌ ۽ مڪران جو والي مقرر ڪيو. حڪم ڇهن مهينن اندر پنهنجي لياقت ۽ بهادري بخوبي ظاهر ڪئي. (چچ نامه)

چوڏهون حملو:

حڪم کان پوءِ ابن زياد هڪ ٻئي لائق ۽ بهادر سردار ان بحري باهلي کي سرحد سنڌ تي مقرر ڪيو. ابن حري جي هٿان خدا مسلمانن کي گهڻين ئي فتحن تي فخر ڪرڻ جو موقعو ڏنو. هن سنڌ جي سرزمين ۾ پهچڻ شرط جنگ جو ميدان گرم ڪري ڇڏيو، ۽ خوب لڙايون ڪيون جن ۾ فتحياب ٿيو.

ڪي مؤرخ لکن ٿا ته ابن زياد اصل ۾ اها خدمت سنان بن سلمه جي حوالي ڪئي هئي، مگر ان جي طرفان جيڪي فوجون سنڌ تي ويون، تن تي ابن جري باهلي سپهه سالار هو. خير ڪيئن به هجي پر فتوحات جي ڪنجي ابن حري ئي جي هٿ ۾ هئي. شاعر بن حري جي شان ۾ چوي ٿو:

لولا طعاني، بالبوقان مارجعت،

منہ سرايا ابن حري باسلاب.

(جيڪڏهن بوقان ۾ پنهنجي نيزي بازي جو جوهر نه ڏيکاريان ها ته ابن حري جون فوجون مقتولن جا هٿيار ۽ سامان کڻي واپس نه اچن ها.)(بلاذري)


(1)  غالباً هي ڪو سنڌ جي راجا جو شهزادو يا ڪو ٻيو سپهه سالار آهي جو سنڌ جون فوجون وٺي ويو هوندو. ڇو ته راجا چچ پاڻ ته گهڻو پوءِ پنهنجي تختگاه الور ۾ پنهنجي موت مئو آهي.

(2)  بلاذري هن واقعي کي حضرت عثمان رضه جي زماني جو لکي ٿو. ان جو بيان آهي ته جڏهن عبدالله بن عامر عراق جو والي ٿيو تڏهن حضرت عثمان هن کي لکيو ته ڪو اهڙو هندستان روانو ڪر جو اتي جي حالات کان واقف ٿي اچي ۽ مون کي خبر ڏئي. عبدالله بن عامر حڪم موجب حڪيم بن جبله عبدي کي روانو ڪيو، جنهن واپس اچي امير عثمان جي خدمت ۾ اها حقيقت بيان ڪئي جا هتي صحار عبدي جي زباني حضرت فاروق جي اڳيان بيان ڪئي ويئي. مگر اها ڳالهه قياس ۾ نٿي اچي. انهيءَ ڪري جو هڪ ته بلاذري هن روايت جي بيان ڪرڻ ۾ پاڻ اڪيلو آهي. ٻيو هي ته حڪيم بن جبله عبدي جو نالو خلافت عثمان جي مخالفن ۽ دشمنن ۾ آهي. جيئن ته خود حضرت عثمان جي شهادت ۾ به سندس حصو آهي. جنگ جمل ۾ هو حضرت علي رضه جي طرفان ۽ لڙائي ۾ حضرت عائشه کي کلم کلا گاريون ڏيندو هو. تان جو حضرت طلحته جي رفيقن مان ڪنهن سندس ٽنگ وڍي اُڏائي ڇڏي ۽ انهي ئي زخم جي وگهي فوت ٿي ويو. پوءِ اهڙي شخص جي هٿان خود حضرت عثمان جي لاءِ هڪ اهڙي خدمت بجاءِ آڻڻ قياس کان بلڪل بعيد معلوم ٿئي ٿو. تنهنڪري اسان هي واقعا ابن اثير جي بيان مطابق لکيا آهن. 

(1)  بلاذري توقان کي بوقان لکي ٿو ۽ بيان ڪر يٿو ته هتي ماڻهو ان وقت مسلمان آهن ۽ چوي ٿو ته عمران بن موسى بن خالد البرمڪي هت هڪ شهر ٻڌايو آهي جنهن جو نالو بيضاءُ رکيو اٿس هي شهر المعتصم بالله جي زماني ۾ ٻڌايو ويو هو. ٻيا مؤرخ ان جو نالو توقان لکن ٿا. مسٽر ايليٽ جي خيال ۾ ان مان مراد شهر ٻڌا آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org