سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :4

 

ملتان تي حملو

ملتان کان اڳ ان جي آڏو هڪڙي شهر جي ويجهو پهچڻ شرط يونانين ٻيڙين تان لهي هڪدم حملو ڪري شهر جي رهندڙن مان گهڻن کي قتل ڪيو. ڪيترا قيد ڪيا ۽ قلعي کي گهيرو ڪري ورتو. برهمڻن اها حالت ڏسي همت نه هاري ۽ وڏي مردانگي سان قلعي جي حفاظت ڪرڻ لڳا. پهرين ئي حملي سان يونانين کي هٽائي ڇڏيائون. پنهنجي شڪست ڏسي سڪندر کي ڏاڍو جوش آيو ۽ پاڻ فوج وٺي اڳتي وڌيو ۽ تڪليف سر تي کڻي اهڙو حملو ڪيائين جو ڀانيو ٿي ته موت جو خطرو به ڪونهيس. هڪ سرويچ بهادر وانگي قلعي جي ڀت هيٺان وڃي پهتو، خود سڪندر ئي پهريون شخص هو جو ڏاڪڻ رکي مٿي چڙهي ويو. پنهنجي سردار جي هيءَ بهادري ڏسي يوناني سپاهي چئني طرف ڏاڪڻيون رکي مٿي چڙهي ويا. پر برهمڻن جڏهن ڏٺو ته قلعو هٿان وڃي ٿو تڏهن گهڻن ته قديم دستور مطابق زالون ۽ ٻار ٻچا گهر ۾ گڏ ڪري ۽ گهر کي باهه ڏيئي جيئري پاڻ کي ساڙي مري ويا. ٻيا وري سڪندر جي فوج داخل ٿيڻ کان اڳ شهر مان نڪري ريگستان ۾ ڀڄي ويا ۽ جهنگن ۽ جبلن ۾ وڃي لڪا. اهڙا ڪي ٿورا هئا جن فاتح جي اڳيان حاضر ٿي اطاعت جو گردن جهڪايو.

سڪندر شهر فتح ڪري ملي قوم جي تختگاه ملتان ۾ پهتو. هتي اوسي پاسي جا گهڻا ماڻهو ڀڄي اچي پناهه ۾ رهيا سڪندر ارادو ڪيو ته انهن کي هڪڙيئي حملي ۾ پائمال ڪري ڇڏجي. پنهنجي فوج جا ٻه حصا ڪيائين. هڪ حصي جو سپهه سالار پاڻ ٿيو ۽ ٻئي حصي تي پنهنجي جنرل پرڊڪاس کي سردار مقرر ڪري پهريائين پاڻ حملو ڪيائين. اهڙو سخت حملو هو جو شهر جو هڪ دروازو کولي وڌائين. اها حالت ڏسي شهر جا ماڻهو ڀڄي وڃي قلعي ۾ لڪا ۽ هنن قلعي کي اچي گهيرو ڪيو. گهيري ڪرڻ شرط سڪندر حڪم ڏنو ته هر طرف کان ڏاڪڻيون رکي قلعي تي چڙهي وڃو. ان باري ۾ جهڙي ڦڙتي سڪندر گهري ٿي سا فوج کان ظاهر نه ٿي، تنهن تي ڪاوڙجي هڪڙي سپاهي کان ڏاڪڻ ڦري ورتائين ۽ قلعي جي ڀت تي رکي مٿي چڙهڻ لڳو. سندس ٽي سرويچ آفيسر به سندس پٺيان چڙهڻ لاءِ تيار ٿيا. اڳ ۾ سڪندر پاڻ هو. پهريدارن کي پري هٽائي هڪدم ڀت تي چڙهي وڃي بيٺو، ساڻس گڏ ٻيا رفيق به چڙهي آيا. ملتان جي راجا سڪندر جي آبدار زره ۽ چمڪندڙ هٿيار ڏسي سڃاڻي ورتو ته هي سڪندر پاڻ آهي. سو يڪدم تير انداز سپاهين کي جي هيڏي هوڏي قلعي جي برجن تي پکڙيا پيا هئا. تن کي اشارو ڪيائين، جنهن تي انهن سڀني سڪندر تي ڪاه ڪئي. سڪندر جي سپاهين پنهنجي بادشاه کي مٿي چڙهندو ڏسي پاڻ به چڙهڻ لڳا. مگر ملتان وارن مٿن اهڙي سخت ڪاه ڪئي جو گهڻن کي ماري هيٺ ڪيرائي وڌائون، پر خود سڪندر تي جن ماڻهن ڪاه ڪئي هئي تن کي هن ماري ماري هٽائي ڇڏيو ۽ ڪن کي هيٺ ڪيرائي وڌو. سڪندر ڏٺو ته يوناني هاڻي مٿي چڙهي نٿا سگهن ۽ آءٌ اڪيلو ڀت تي بيٺو آهيان، جتان نه چڱي طرح مقابلو ڪري ٿو سگهجي، ۽ نه پوري طرح پير ڄمي ٿا سگهن. پٺ تي هٽڻ سندس شان جي خلاف هو تنهنڪري نهايت دليري سان قلعي جي اندر ٽپي پيو، ساڻس گڏ ٽي فريق به ٽپي پيا. هاڻي يوناني سپاهي قلعي کان ٻاهر بي قرار رهيا ۽ بادشاهه دشمنن جي گهيري ۾ اچي شجاعت جا جوهر ڏيکاري رهيو هو. هن دل ۾ اهو ٺهرايو هو ته يا شهر فتح ڪندس يا بهادرن وانگي لڙي لڙي جنگ جي ميدان ۾ مري ويندس. دشمنن جو سردار مقابلي لاءِ آيو ۽ سڪندر هن کي گهڙي جو گهڙي ۾ ماري رکيو توڙي هو اڪيلو نه هو بلڪ ساڻس ٻيا به گهڻا رفيق هئا سي به سڀ مارجي ويا. ڳچ تائين هي تماشو نظر اچي رهيو هو جو سڪندر ۽ سندس ٽيئي رفيق ڀت جي ڀر ۾ بهادرن وانگي پير ڄمايون بيٺا هئا ۽ جيڪو سندن ويجهو آيو ٿي سو ماريو ٿي ويو يا زخمي ٿي ڀڄيو ٿي ويو. سندن اکين مان شعلا نڪري رهيا هئا ۽ ڪنهن کي اچڻ جي جرات نٿي ٿي. ايتري ۾ هڪڙي بهادر ايراياس کي جو سڪندر سان گڏ بيٺي لڙيو تنهن کي هڪڙو تير اهڙو اچي لڳو جو هو ڪري پيو ۽ مري پيو ۽ ٻيو هڪڙو گز جيترو ڊگهو تير خود سڪندر جي سيني تي اچي ٽٽو ۽ لوه جي زهر کي ڀڃي اندر چڀي ويو. تڏهن به سڪندر دل مضبوط ڪيون بيٺو هو. پر رت ايتري نڪتس جو هيڻائي غالب ٿي ويئي ۽ مقابلي جي طاقت باقي نه رهي. مگر دل ۾ خيال آيس ته موت جو وقت اچي ويو سو اڳئين کان به زياده بهادري سان وڙهڻ لڳو. آخر طاقت بلڪل جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ هو پنهنجي سپر تي غش ٿي ڪري پيو. ٻئي يوناني بهادر جي ساڻس رفيق هئا سي کيس پنهنجي سپرن جي آڙ ۾ وٺي دشمن جي ڌڪن کي روڪڻ لڳا. جيتوڻيڪ هو پاڻ به زخمن کان چور هئا. مگر سڪندر جي هيءَ حالت ڏسي پنهنجي مصيبت وساري ڇڏيائون.

هيڏي ٻاهر يونانين جي اها حالت هئي جو سڪندر جي اندر وڃڻ بعد نهايت بيتاب هئا، هزار ڪوششون ڪيائون مگر وريو ڪجهه به نه. جيڪي ڏاڪڻ رکي قلعي تي چڙهيا ٿي تن کي هنن ڪيرائي ٿي وڌو ۽ اهڙو وارو ئي نٿي ملين جو ڪو به مٿي پهچي سگهي. تنهن کان سواءِ قلعي جي ڀت تي چئني طرفن فولادي ڪليون کتل هيون جنهنڪري جيڪڏهن ڪو مٿي پهچي به ويو ٿي ته ڀت تي بيهي سگهڻ جي جاءِ نٿي ملي. آخر يونانين ڇا ڪيو جو بازيگرن جيان هڪ ٻئي تي چڙهي پنهنجو پاڻ کي قلعي جي چوٽيءَ تي پهچايائون ۽ جيئن تيئن ڪري لڙڪي ڦڙڪي ڪلين کي هٽائي پاسي ڪري مٿي چڙهي ويا. جڏهن ٻن چئن هنڌان انهي حيلي سان ڪي سپاهي چڙهي پيا تڏهن ٻين کي به همٿ پيدا ٿي ۽ چئني طرفن کان ڪيترائي بهادر قلعي جي چوٽيءَ تي پهچي ويا ۽ اتان جو ڀت جي ڀر ۾ سڪندر کي ڪريل ۽ ٻن رفيقن کي سندس حفاظت ڪندي ڏٺائون سو سندن جوش ۽ غضب جي ڪا حد نه رهي، گوڙ ڪندا ۽ نعرا هڻندا هيٺ ٽپي پيا ۽ هڪدم سڪندر کي پنهنجي حلقي ۾ محفوظ ڪري ورتائون. ٿوري دير ۾ يوناني لشڪر جو وڏو حصو قلعي جي اندر ٽپي آيو ۽ ملتان ۾ هر طرف قتل ۽ خونريزي جو بازار گرم ٿي ويو. غصي ۾ ڀريل يوناني سپاهين جڏهن شهر ۾ تلوار هلائڻ شروع ڪئي تڏهن نه اهو خيال ٿي ڪيائون ته ڪير پوڙهو آهي ۽ ڪير ننڍو ٻار، ۽ نه ڏٺائون ٿي ته ڪير مرد آهي ۽ ڪير عورت، جيڪو سامهون آيو سو ڪٺو. ساري يوناني لشڪر ۾ سڪندر جو انتظار هو، جڏهن دشمنن کان ميدان صاف ٿي ويو تڏهن هن کي سپر تي رکي سندس تنبو ۾ کڻي آيا ۽ ڏٺائون ته اڃا جيئرو آهي، تڏهن سندن پيٽ ۾ ساهه پيو. ڪريٽوڊمس حڪيم جو ساڻس گڏ هو تنهن وڏي هنرمندي ۽ هوشياري سان سندس سيني مان تير ڪڍيو، تير ڪڍڻ بعد ماڻهن ۾ هن جي مرڻ جي خبر مشهور ٿي ويئي جنهن کان ساري لشڪر ۾ پريشاني پيدا ٿي پئي، ۽ هي حال ٿي ويو جو ڪنهن جا به هوش ۽ حواس پورا نه هئا، مگر حقيقت ۾ سڪندر خوش هو، جڏهن ماڻهن جي پريشاني جي خبر ٻڌائين تڏهن تنبو کان ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي سرويچ سپاهين جي تسلي لاءِ ساڄو هٿ مٿي کڻي کين سلام ڪيائين. پوءِ گهوڙو گهرائي ان تي سوار ٿيو ۽ آهستي آهستي ساري لشڪر جي اڳيان اچي لنگهيو. ان وقت جي جوش و خروش جي انتها نه هئي. سڀني يڪ آواز ٿي خوشي وچان اهڙي زور سان نعرا لڳايا جو آسپاس جا جبل ۽ جهنگل انهن جي آواز سان ڀرجي ويا. نعرن جا الفاظ هي هئا. ”سڪندر جي عمردراز ”فاتح ايشيا هميشه تندرست ۽ بامراد آهي.“

 

اچ وارن جي اطاعت

ملتان وارن کي جڏهن هيڏي وڏي رُڪ ملي چڪي تڏهن ملي ۽ اُچ ٻنهين قومن اطاعت جو پيغام موڪليو جنهن کي سڪندر ڪمال نيڪ نفسي سان قبول ڪيو ۽ هن نئين فتح ڪيل سلطنت تي فلپ نالي هڪ شخص کي پنهنجو نائب مقرر ڪيائين ۽ اُچ وارن پيغام اطاعت سان گڏ پنهنجا هڪ هزار بهادر سپاهي ۽ پنج سؤ گهوڙا گاڏيون هڪلڻ وارن سميت بطور نذراني جي موڪليا. سڪندر انهن جي هن طرز عمل کان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اهي سپاهي، گاڏيون ۽ ٻيو سمورو سامان وري ڏانهن واپس روانو ڪيو.

 

سڪندر جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ وچ جا ڪي حالات

اڃان تائين سڪندر جي زخم جو علاج ٿي رهيو هو ۽ سندس ڪي رفيق راوي ۽ چناب جي ملڻ واري جاءِ تي جهازن جو هڪ وڏو انداز تيار ڪري رهيا هئا. موجوده پنجاب جي ڏاکڻي حد يعني اتي جنهن جو نالو پنهنجي نالي تي سڪندريه رکيائين ۽ ان کي جهاز راني ۽ تجارت جو مرڪز مقرر ڪيائين پوءِ هتان اڳتي جو سفر شروع ٿيو ۽ اچي سوگڊي جي سلطنت ۾ پهتا. جتي هاڻوڪو شهر بکر(1) آهي. هتي جي راجا هڪدم اطاعت قبول ڪئي ۽ گهڻا هاٿي ۽ قيمتي تحفا نذراني ۾ پيش ڪيائين. جنهن جي عوض ۾ هو پنهنجي ملڪ تي ساڳي طرح حڪمران رکيو ويو.

سڪندر پنهنجا ٻيڙا هتان هڪلي اُچ جي سرحد ۾ داخل ٿيو. راجا پهريائين ته آڻ مڃي مطيع ٿيو هو، مگر هاڻي معلوم ٿيو ته هن کان سرڪشي ظاهر ٿي آهي. نڪي نئين سر اچي اطاعت ڪيائين. نه نذرانو ڏنائين. هن جي عيوض ۾ سندس ٻه شهر لٽيا ويا. خود راجا گرفتار ڪري قتل ڪيو ويو.

ان کان پوءِ سڪندر سڊومانا ۾ دسخل ٿيو. جنهن جي نسبت خيال ڪيو وڃي ٿو ته اهو سنڌ جو ملڪ آهي هتي جو راجا سڪندر جي اچڻ جي خبر ٻڌي ڀرپاسي وارن جبلن ۾ لڪي ويو. شهر جي سردارن يونانين جي پهچڻ تي شهر جا دروازا کولي ڇڏيا ۽ نذرانا کڻي اچي سڪندر وٽ حاضر ٿيا ۽ پنهنجي وطن کي تباه ٿيڻ کان بچائي ورتائون.

هتي سڪندر  کي هڪ ٻي لڙائي ڪرڻي پيئي، جنهن جو سبب هي ٿيو جو برهمڻن پاڻ ۾ گڏجي هي وچن ڪيو ته انهن ٻاهرين ڪاه ڪندڙن مليڇن کي جيئن به ٿي سگهي هن پاڪ زمين مان ماري ڪڍي ڇڏجي. انهن جي سازش ايتري قدر پکڙي جو بکر جو راجا جنهن سڪندر جي آڻ مڃي هئي اهو به ساڻن شريڪ ٿي ويو. سڪندر جڏهن هيءَ خبر ٻڌي تڏهن پيٿون نالي پنهنجي هڪ آفيسر کي سندن مقابلي تي روانو ڪيو. ان يوناني سپهه سالار ميدان ۾ پهچي برهمڻن کي شڪست ڏني. سندن گهڻا ماڻهو ماريائين ۽ قيد ڪيائين. قيدين ۾ بکر جو بيوفا راجا موسي ڪانس به هو. جو سڪندر جي سامهون آندو ويو ۽ گهڻن برهمڻن سان گڏ کلئي ميدان تي سوري تي لٽڪايو ويو.

 

پٽيالي جي راجا جي اطاعت ۽ سڪندر جو موت

هن باغي سرڪش کي سڌو ڪري سڪندر اڳتي وڌيو ۽ سنڌو ندي جي ڇوڙ کي ويجهو وڃي پهتو. هتي درياءُ ڇڄي ٻه شاخون ٿي پيو آهي. ان علائقي ۾ سڀ کان وڏو شهر پٽيالو هو ۽ هڪ ننڍو راجا موڪريس نالي هتي جو حاڪم هو. موڪريس آڻ مڇي سڪندر وٽ اچي حاضر ٿيو ۽ پنهنجو جهنڊو آڻي ان جي اڳيان اڇلايائين ۽ پنهنجي خزاني جون ڪنجون پيش ڪيون. سڪندر جهنڊو هن کي موٽائي ڏنو. سندس حڪومت جيئن هئي تيئن قائم رکي ۽ وڏي عزت سان کيس موڪل ڏني. هاڻوڪن تحقيقات ڪندڙن جو خيال آهي ته پٽيالو اهو شهر آهي جو اڄ ڪلهه حيدرآباد سنڌ (1) جي نالي سان سڏجي ٿو. هتي پهچي سڪندر وطن ڏي موٽي وڃڻ جو ارادو ڪيو. پنهنجي فوج جي سردار تيارڪس کي نون عظيم الشان جهازن جو سردار مقرر ڪري حڪم ڏنو ته درياءَ جي رستي سمنڊ ۾ داخل ٿي ايراني نار جو رخ ڪري ۽ پاڻ سنه 326 ق م ۾ لشڪر جي هڪ وڏي تعداد سان گڏ خشڪي جي رستي مڪران کان ٿيندو اڳتي هليو مگر افسوس! جو هن سفر سندس حياتي جو ڏيئو گل ڪري ڇڏيو، جيئن ئي هو دجله ندي جي ڪناري قديم شهر بابل تائين پهتو ته بجاءِ وطن جي کيس عالم آخرت تي وڃڻو پيو.

هندوستاني راجائن جي بغاوت ۽ راجا پورس جو قتل

سڪندر جي واپس ٿيڻ شرط هندستان جي راجائن جو من وڌي ويو ۽ اها رعيت به باغي ٿي وئي. جنهن اطاعت قبول ڪئي هئي. مقدوني گورنر جنهن کي سڪندر پنهنجو نائب ڪري ڇڏي ويو هو، تنهن کي ماري ڦٽو ڪيائون ۽ ان جو لشڪر جنهن ۾ يوناني ۽ هندي حئي هئا سو باغين جي ڊپ کان ڀڄي ۽ ٽڙي پکڙي ويو. ڪي سپاهي ته مارجي به ويا. هي حال سڪندر کي پنهنجي حياتي ۾ ئي معلوم ٿي ويو هو ۽ پنهنجي مارجي ويل گورنر جي جاءِ تي هن هڪ نئين گورنر کي موڪليو. جنهن جي جهنڊي هيٺ هڪ يوناني فوج جوش ۾ اچي گهڻن ئي هندوستانين کي قتل ڪيو ۽ راجا پورس کي به ان گورنر ماري ڇڏيو.

 

راجا چندر گپت

مطلب ته اولهه هندستان ۾ قتل ۽ خونريزي جي بازار گرم هئي ته اڀرندي هندوستان جو هڪ زبردست راجا چندر گپت اچي پهتو، جنهن ان وقت هندوستان ۾ هڪ زبردست سلطنت قائم ڪري ورتي هئي. چندر گپت پهريائين ته هڪ سياح جي حيثيت سان گنگا وادي جي علاقي کان پنجاب ۾ آيو هو، مگر سڪندر کي ڏسي دل ۾ اميد پيدا ٿيس ته هو جڏهن گنگاندي  جي ڪناري پهچندو تڏهن ان جي مدد سان پنهنجي دشمنن کي ماري هٿان ويل ملڪ پنهنجي قبضي ڪندس. هو انهي مطلب تي سڪندر جي لشڪر ۾ ڳچ ڏينهن رهيو به هو، پر سڪندر جڏهن واپس هليو ويو تڏهن  نا اميد ٿي ٻين تدبيرن ۾ مشغول ٿيو. جڏهن ته هوشيار دانا ۽ اثر وارو ماڻهو هو، تنهنڪري سڪندر جي وڃڻ بعد هن فقط پنهنجا وڃايل علاقا قبضي نه ڪيا، بلڪ پالي بوٿرا کان جنهن کي اڄ ڪلهه پٽنا چون ٿا نندا گهراڻي جي راجا کي ڪڍي ٻاهر ڪيو ۽ سارو اُڀرندو هندوستان سندس حڪومت ۾ شامل ٿي ويو. مشرق ۾ پنهنجو بنياد مضبوط ڪري چندر گپت پنجاب جي ملڪن تي چڙهائي ڪئي ۽ يوناني فوجن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ سڀني راجائن کي مطيع ڪيائين. هڪڙو بيان طرح آهي ته سڪندر جي وفات کان پوءِ جڏهن اتر پنجاب جا يوناني امير به واپس هليا ويا ۽ يوناني جا بجا قتل ڪيا ويا تڏهن اوسي پاسي جي ڳوٺن ۾ وڃي اتي جي ماڻهن سان رلي ملي ويا.

 

سليڪس نڪاؤر يوناني جو حملو

سڪندر جي وفات کان پوءِ جنهن سردار کي جتي وجهه مليو سو خودمختيار بڻجي ويو. سليڪس نڪاؤر جو سڪندر جي طرفان بابل جو گورنر هو تنهن نه فقط بابل جو علائقو پنهنجي قبضي ۾ رکيو بلڪ فرات ندي کان هن طرف سڪندر جا فتح ڪيل سمورا علائقا پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين. هن جڏهن ٻڌو ته چندر گپت سڪندر اعظم جي فتوحات جو اثر هندوستان جي سر زمين مان بلڪل فنا ڪري ڇڏيو آهي تڏهن هڪ زبردست لشڪر وٺي آيو ۽ اٽڪ ندي کان لنگهي اچي چندر گپت جي علائقي تي حملا شروع ڪيا. ديسي فوجن کي ڪيتريون شڪستون ڏنائين ۽ غالباً  اڀرندي هندوستان تائين وڌندو هليو وڃي ها، مگر اوچتو خبر مليس ته بابل ۾ بغاوت کڙي ٿي ويئي سو پنجاب کان موٽي بابل ڏي روانو ٿيو، تڏهن به هلڻ وقت هن  هندوستاني راجائن سان صلح ڪري ورتو. پنجاب جي راجا ته ڊڄي پنج سؤ هاٿي ۽ هڪ سو جنگي گاڏيون سڪندر جي هن بهادر جانشين کي نذراني ۾ ڏنيون، مگر چندر گپت جي شان شوڪت جو اثر سندس دل ۾ اهڙو پيدا ٿيو جو کيس پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ويو، ۽ يوناني عالم مگاسٿنس کي پنهنجي سفير جي حيثيت سان سندس درٻار ۾ ڇڏي ويو. ان مگاسٿنس هتي رهي سنڌ وارن جي حالات کان واقف ٿي پنهنجو اهو مشهور ڪتاب لکيو جيڪو قديم هندستان جي حالات تي هڪ زبردست سند خيال ڪيو وڃي ٿو.

 

انيٽوڪس جو حملو

بس ان کان پوءِ يونانين جو اثر هندستان مان روز بروز فنا ٿيندو ويو. جيتوڻيڪ واپار جا لاڳاپا هندوستان ۽ شام جي وچ ۾ چڱي طرح قائم هئا مگر انهن کي سياسي حيثيت سان ڪو واسطو نه هو. آخر سنه 206 ق م ۾ سليڪس مٿين جي پوٽي انيٽوڪس جنهن کي هندوستاني انيٽا ڪويونا راجا ڪري چوندا هئا، تنهن پنجاب تي حملو ڪيو. هيڏي پنجاب ۾ انهن ڏينهن چندر گپت جي پوٽي اسوڪا يا اشوڪ جي حڪومت هئي. انيٽوڪس کي لڙائي جي جراءت نه ٿي تنهنڪري صلح ڪري واپس هليو ويو، پر ان صلح سان ايترو فائدو ضرور حاصل ٿيو جو هندوستان ۾ يوناني جو اثر ڪيترن ڏينهن تائين قائم رهجي ويو.

 

باختر جي بادشاهه انراديتس جو حملو

ان کان پوءِ سنه 165 ق م ۾ باختر جي بادشاهه انراديتس پنجاب تي حملو ڪيو، ۽ پنجاب ۾ قدم رکڻ شرط ڏکڻ ڏي رخ رکيائين. شهر پٽاله اڄ ڪلهه تائين برابر دشمن کي شڪستون ڏيندو ۽ فتحون ڪندو هليو ويو. جڏهن ڏکڻ ۾ سمنڊ سندس رستو روڪي ڇڏيو، تڏهن اڀرندي جي طرف ڪڇ ۽ گجرات تي زبردست فوجون روانيون ڪيائين. هن جون اهي فتحون ڪي وائڙيون ۽ بي بقا نه هيون، بلڪ هن کان پوءِ هي کٽيل ملڪ ڪيترو وقت سندس پونئيرن جي قبضي ۾ رهيو. جيئن ته هن جي جانشينن تي نينڊر ۽ ايپ پولي ٽوڊٽس سنه 126 ق م تائين پنجاب ۽ سنڌ تي راڄ ڪيو. تنهن کان پوءِ اها حڪومت ڦٽي ويئي ۽ حضرت مسيح کان اڳي هڪڙي صدي جي شروعات تائين پنجاب، وادي اٽڪ ۽ ڪابل تي قابض رهيا جنهن جو ثبوت سندس سڪن مان ملي ٿو جيڪي اڃا تائين انهن ملڪن ۾ نڪرندا رهن ٿا.

 

مٿوي ڊاٽس جو حملو

هي به پتو ملي ٿو ته سنه 145 ق م جي ويجهي زماني ۾ مٿوي ڊاٽس جي نالي هڪ پارٿي بادشاهه هندوستان تي حملو ڪيو ۽ اهو به معلوم ٿئي ٿو ته سنه 110 ق م سائديا (چين ۽ ترڪستان جي وچواري ملڪ جا ماڻهو) علاقي پنجاب تي غالب هئا.

چيني مؤرخ لکن ٿا ته پوتي ماڻهو، (جاٽ)، جيڪي ملڪ چين ۽ تين شان (آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ جبل) جي گهڻي زمين تي حڪومت ڪري رهيا هئا، تن کي انهن ماڻهن گهڻي خونريزي ۽ وڏين وڏين لڙاين کان پوءِ اتان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ جڏهن هو انهي طرح اتان شڪست کائي جلاوطن ٿيا، تڏهن سندن وڏيون وڏيون ٽوليون افغانستان ۽ پنجاب  ۾ سنڌو ندي جي ڪناري تي رهي پيون جن هتي رهي اهڙي قوت پيدا ڪئي جو سنه 105 ق م ۾ منا ماڻهن جي هٿان تڪسلا جو راڄ کسي ورتائون ۽ سندن قوم جا بادشاهه آيس ۽ اريبيسس هن پنجن دريائن واري ساري ملڪ تي حڪمران رهيا. انهن جو زمانو سائدين جو زمانو خيال ڪيو وڃي ٿو.

 

راجا وڪرما جيت ۽ سائدين

انهن سائدين بادشاهن کي آخر هندوستان جي زبردست راجا وڪرما جيت سنه 56 ق م ۾ علائقي پنجاب کان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو مگر ان جي مرڻ کان پوءِ سائدين ماڻهن جي هڪ بلڪل وڏي نئين ٽولي آئي، جنهن ساري پنجاب تي قبضو ڪري هڪ نئون شاهي گهراڻو قائم ڪيو، جنهن گهراڻي جا بادشاهه ڪدڦيسس ڪوٺيا ويندا هئا. جڏهن انهن ماڻهن جي زوال جو وارو آيو ۽ هتي رهي هي به هندوستاني بڻجي ويا، تڏهن سائدين جو وري هڪ نئون ٽولو اچي پهتو، جنهن ملڪ تي قبضو ڪري ڪنس گهراڻي جو بنياد وڌو.

 

ڪدڦيسس ۽ ڪنس گهراڻو

جنهن کان پوءِ هي ملڪ انهن ٻنهين گهراڻن جي هٿ ۾ رهيو.  جن جا سڪا باميان، پنجاب ۽ ڪابل جي زمين مان نڪتا آهن. انهن مان پتو پوي ٿو ته هي گهراڻا پنجين صدي عيسوي تائين پنجاب تي قابض ۽ حڪمران هئا.

مٿين واقعن جي حقيقت اسان کي چيني سياح فاهين جي تحرير مان معلوم ٿئي ٿي جو پنجين صدي عيسوي ۾ پنجاب جي پنجن دريائن تان لنگهيو آهي، ۽ پڻ ڪوٽا واقع راجپوتانا جي هڪ مندر جي ڪتبن مان، جيڪي سلپوره جي جاٽ راجا جي وقت جا آهن. اهو سنه 409ع جو زمانو آهي.

 

اڦتاليتس

پنجين صدي جي شروعات ۾ ڪدڦيسس گهراڻي کي سفيڌن يعني اڦتاليتس ماڻهن فنا ڪري ڇڏيو، جيڪي وري 555ع ۾ ترڪن هٿان تباه ۽ برباد ٿي ويا.

مطلب ته عربن جي واقفيت جو زمانو شروع ٿيڻ کان اڳ پنجاب ۽ سنڌ جا حالات جدا جدا ڌرين قومن کان جيڪي معلوم ٿي سگهيا سي ايتري قدر آهن. اهي حالات هڪ جاءِ تي گڏ ڪري تاريخ جو ڪو مضبوط سلسلو قائم ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. خصوصاً ايرانين جي بيان ۽ پونئين ذڪر ڪيل واقعن جي اختلاف کي دور ڪري ڪو صحيح نتيجو ڪڍڻ ته اصلي ناممڪن آهي. هاڻي تنهن کان پوءِ اهو زمانو شروع ٿئي ٿو جنهن جا احوال اسان کي عربي مؤرخن ۽ سياحن کان معلوم ٿيا آهن جن مان اول هن سر زمين جي انهي شاهي گهراڻي جو ذڪر ايندو جن کي عربن پائمال ڪري پنهنجي سلط نت قائم ڪئي.


(1)  ملتان کان جيڪڏهن دريا جي رستي سنڌ ڏي اچبو ته اُچ بکر کان ضرور اڳ ۾ ايندو پر هي جنهن شهر کي بکر ٺهرائي ۽ اڳتي هلي لکي ٿو ته هتان روانو ٿي پوءِ سڪندر اُچ مان ٿيندو سنڌ ۾ وارد ٿيو، انهي صورت ۾ ڪيئن اعتبار ڪجي ته هاڻوڪي بکر به نسبت هن مؤرخ جو خيال صحيح آهي؟ (مصنف)

(1)  هاڻوڪي وقت پٽالي نالي هڪ شهر پنجاب ۾ آهي ۽ خدا ڄاڻي ته حيدرآباد بابت ان مؤرخ جو هي لکيو ڪيتري قدر صحيح آهي ۽ جيتوڻيڪ سنڌوندي جو ڇوڙ حيدرآباد کان سو ڏيڍ سو ميل پري آهي. پر جڏهن هي لکي ٿو ته ان کي ويجهو وڃي پهتو ۽ نه ڌر اُتي. تڏهن هيڏي دور دراز سفر ۾ ايترو پنڌ ڪو گهڻو نه چئبو، ۽ هي ائين چوي ٿو ته هتي درياءُ ڇڄي ٻه شاخون ٿيو آهي. سو ڀانئجي ٿو ته متان ڦليلي ڦاٽو هجي جو حيدرآباد کان ئي درياءَ مان ڦٽي نڪتو آهي.، تنهنڪري ممڪن آهي ته اها تحقيقات صحيح هجي. ٻي صورت ۾ اها ڳالهه ٻن هزارن ورهين کان به اڳي جي ڳالهه آهي، خدا کي خبر ته تن ڏينهن ۾ درياءَ توڙي زمين جو نقشو ڪهڙي نموني تي هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org