سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :14

باب پنجون

سنڌ ۾ عباسين جو آخري اثر

المعتصم بالله جي خلافت

218هه کان 227 هه تائين

 

زماني آخر مامون جو ورق الٽايو هن سنه 218 هه ۾ دنيا کي ڇڏيو ۽ سندس ڀاءُ المعتصم بالله تخت خلافت تي جلوه آرا ٿيو. (بلاذري)

المعتصم جي زماني ۾ محمد بن فضل کي پنهنجي جهاد واري سفر تان مجبوراً سندان ۾ واپس اچڻو پيو. هو پنهنجي همت ۽ حوصلي ۾ ٿڪو نه هو. يقيناً هو پنهنجي فتح مندي جي رفتار ۾ بلڪل پري وڃي نڪري ها. هو شهر حالي تي قبضو ڪري چڪو هو ته اوچتو کيس هيءَ خبر پهتي ته سندس پرپٺ وجهه وٺي سندس ڀاءُ ماهان بن فضل سندان تي قبضو ڪري ويٺو آهي. (بلاذري)

محمد بن فضل جو بي رحم ڀاءُ

محمد خاص پنهنجي ڀاءُ جي طرفان ههڙي خلاف اُميد ڪارروائي جو حال ٻڌي سخت حيران ٿيو ۽ جڏهن سندان ۾ پهچي ان ٻڌل خبر جي تصديق ٿيس ۽ اُهو شهر جو سندس حڪومت جو مرڪز ۽ گهڻي عرصي تائين سندس قبضي ۾ رهي چڪو هو تنهن جا دروازا خود پاڻ تي بند ڏٺائين، تڏهن ٻاهر ڪنهن ڳوٺ ۾ ترسي پيو ۽ دارالخلافت بغداد جي طرف مدد جي لاءِ عريضي رواني ڪيائين.

معتصم بالله هن جي درخواست تي توجه ڪري ارادو ڪيو ته ماهان کي هٽائي وري محمد بن فضل مقرر ڪيو وڃي، مگر جيسين اُتان ڪا مدد پهچي تيسين ماهان کيس ڪمزور ڏسي مقابلو ڪيو. وڏي خرابي هيءَ ٿي جو سندان ۽ ان جي آسپاس واري رعايا به گهڻو ڪري سڀ ماهان جي طرفدار ٿي ويئي هئي ۽ فوجي حلقن ۾ به هر طرف محمد جي خلاف ناراضپي جو اثر پکڙجي ويو هو. جنهن جو نتيجو هي ٿيو جو هن غريب کي ڪٿي به پناهه ملي نه سگهي. خود سندس همراهن مان به گهڻا هن کي ڇڏي وڃي ماهان سان مليا ۽ آخر هو پنهنجي بي مهر ڀاءُ جي هٿ ۾ گرفتار ٿي قتل ڪيو ويو ۽ سندس لاش هڪ عام رستي تي ٽنگايو ويو ته ماڻهن کي عبرت ٿئي. (بلاذري)

عمران حاڪم سنڌ

مامون جي پڇاڙي تائين منصوره جي حڪومت موسى برمڪي جي هٿ ۾ هئي ۽ معتصم جي ابتدائي زماني ۾ به اُهو ئي حڪمران هو. ان جي نسبت مؤرخن جو چوڻ آهي ته هو هڪ نيڪ ۽ فياض فرمانروا هو. هن بلڪل انصاف ۽ عدل پروري سان حڪومت ڪئي ۽ سنڌ ۾ پنهنجي نيڪين ۽ رهم دلين جون گهڻيون يادگارون ڇڏيون، ۽ آخر ڪن ڏينهن بعد پنهنجي حياتي جو مدو پورو ڪري سنه 221 هه ۾ عالم آخرت کي روانو ٿيو ۽ مرڻ وقت پنهنجي پٽ عمران کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري ويو. دارالخلافت ۾ جڏهن هيءَ خبر پهتي تڏهن خليفي معتصم بالله به عمران کي سنڌ جو والي تسليم ڪيو ۽ حڪومت جو پروانو لکي ڏانهس ڏياري موڪليو. (بلاذري)

عمران جو قيقان تي حملو

عمران کي جڏهن هي حڪمنامون ملي ويو  تڏهن هن پنهنجي دل جا پر جوش حوصلا پورا ڪرڻ جي طرف توجه ڪيو. سڀ کان اول هن قيقان تي حملو ڪيو جنهن تي جاٽ قوم جو قبضو ٿي ويو هو. جاٽن کي سندن سرڪشي ۽ بي فرماني سبب خوب سزائون ڏنيون ۽ بلڪل چڱي طرح انهن جي پاڙ پٽي قيقان تي قبضو ڪيو. هي ڪارروائيون ڪري هو واپس آيو. موٽڻ وقت رستي ۾ دريا جي ڪناري هڪ مناسب مڪان ڏسي اتي نئون شهر ٻڌايو، جنهن جو نالو ”بيضاءِ“ رکيائين ۽ ان ۾ فوجي ڇانوڻيون ٺهرائي منصوره ۾ هليو ويو. (بلاذري)

باغي قندابيل تي حملو

شهر قندابيل تي محمد بن خليل نالي هڪ شخص زبردستي قبضو ڪري احڪام خلافت کان منهن موڙي ويٺو هو. هي شهر جبل جي چوٽي تي هو ۽ نهايت مضبوط، مگر عمران جڏهن اچي هن شهر کي گهيرو ڪيو تڏهن محمد بن خليل ٿورا ڏينهن قلعي بند ٿي ويهڻ بعد آخر عاجز ٿي ٻاهر نڪتو ۽ مقابلو ڪيو، جنهن ۾ عمران کيس شڪست ڏيئي وڃي شهر تي قبضو ڪيو ۽ اتي جي سڀني سرڪش ۽ فتنه پرداز عرب سردارن کي اتان لڏي وڃي شهر قصدار ۾ رهڻ جو حڪم ڏنو. انهي طريقي سان سڀ فسادي ماڻهو قندابيل مان نڪري ويا ۽ امن امان قائم ٿي ويو. (بلاذري)

ميد قوم جي سرڪشي ۽ ان تي حملو

قندابيل جو انتظام ڪري هي جوان مرد عمران ميد قوم تي حملي آور ٿيو ڇو ته هو خلافت جي اطاعت کان نڪري ويا هئا. عمران هنن ماڻهن سان جيڪي لڙايون ڪيون تن ۾ به خونريزي گهڻي ٿي. خاص قوم ميد مان ٽي هزار ماڻهو قتل ٿي ويا مگر انهي هوندي به انهن اطاعت جو اقرار نه ڪيو تڏهن عمران وڌي وڃي سندن شهر گي گهيرو ڪيو ۽ ارادو ڪيائين ته چاهي ڪجهه به ٿي پوي مگر هنن کي جوڳي سزا ڏيڻ ڌاران اصل نه ڇڏبو.

هن گهيري جي وقت ۾ عمران هڪ پٿر جو مضبوط رستو ٺهرايو جو ”سڪته الميد“ جي نالي سان مشهور ٿيو. پوءِ هو شهر کان ٿورو هٽي وڃي دريا جي ڪناري تي منزل انداز ٿيو ۽ اتي انهن جاٽن کي، جي گرفتار ڪري پاڻ سان وٺي آيو هو، پاڻ وٽ گهرايو ۽ سندن هٿن تي مهرون لڳرايون ۽ کين حڪم ڏنو ته جڏهن به توهان کان حاضري ورتي وڃي تڏهن راجا چچ جي جاري ڪيل فرمان موجب توهان مان هر شخص هڪڙو ڪتو پاڻ سان ضرور آڻي جنهن ڪري هو آساني سان سڃاپجي سگهي. ان حڪم جو هي نتيجو ٿيو جو ڪتن جي قيمت وڌي ويئي ۽ ڪن وقتن نه به مليا ٿي ۽ آخر هڪ هڪ ڪتو پنجاهه پنجاهه درهم (ساڍا ٻارنهن روپيا) تي وڪاڻو ٿي. (بلاذري)

ان کان پوءِ هن وڏي زور سان ميدن تي حملو ڪيو جنهن ۾ جاٽ قوم جي انهن سردارن جي اسلام قبول ڪيو هو کيس نهايت ئي زوردار مدد ڏني ۽ اهڙيون ڪارگذاريون ڏيکاريون، جن جهڙيون شايد هن کان اڳ ڪنهن عرب سردار به ڪٿي نه ڏيکاريون هونديون. عمران هن حملي وقت نه فقط ميدن جي شهر تي گهيرو ڪري ٻاهرين مدد روڪي، بلڪ هڪ انجنيئري ڪمال ڏيکاري شهر وارن کي بلڪل عاجز ڪري وڌو. اهو هي جو هن شهر جي وچان جيڪا مٺي پاڻي جي نهر وهي پئي جنهن جي پاڻي تي ئي شهرن وارن جي زندگي جو دارو مدار هو. عمران ڇا ڪيو جو سمنڊ وٽان کاٽي کڻائي ان جو کارو پاڻي آڻي هن نهر ۾ ملايو جنهن ڪري نهر جو پاڻي پيئڻ جي لائق نه رهيو ۽ شهر وارا پاڻي جي هڪ سرڪي لاءِ به سڪي رهيا. مگر انهي هوندي به شهر جا دروازا کڻي کولين سو اصلي نه. ساڳي طرح اندر لڪا ويٺا رهيا ۽ نيٺان نيٺ اطاعت جو اظهار نه ڪيائون ته نه ڪيائون. عمران به همت نه هاري ۽ گهيري تي ڄمي ويهي رهيو. (بلاذري)

ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته عمران جي هٿان ميدن جي بچي وڃڻ جي ڪا اُميد نه هئي مگر دنيا جي اندر ڪي اهڙا اتفاق پيش اچي وڃن ٿا جن جي ڪري تقدير جو مسئلو بخوبي ثابت ٿي پوي ٿو ۽ جي انسان جي لاءِ هڪ عجيب عبرت جو سبق ٿي پون ٿا. اهڙو ئي واقعو هتي به پيش آيو. هوڏي ميدن تي فتح حاصل ٿيڻ جي پوري پوري اميد هئي ۽ هيڏي عمران بن موسى جي عمر جو پيمانو ڀرجي چڪو هو.

وري نزاري ۽ يماني وارو جهڳڙو

پويون ذڪر ڪيل تقديري معاملو هن طرح پيدا ٿيو جو وري اهو ساڳيو متعصبانه جهڳڙو جنهن اسلام کي گهڻو نقصان پهچايو، يعني يمانيه ۽ نزاريه عربي قبائل جو تعصب سنڌ جي اندر ڀڙڪي اٿيو. عمران يمانيه ماڻهن جو طرفدار هو. بس انهي دشمني سبب نزاري ماڻهو سندس جان وٺڻ جي پٺيان تيار ٿي ويا. عمر بن عبدالعزيز هباري جو هبار بن اسود جي نسل مان هو ۽ پنهنجي جرئت ۽ لياقت جي سببان سڀني نزارين جو سردار مڃيو ٿي ويو، سو يڪايڪ اُٿي کڙو ٿيو ۽ هڪ فوج وٺي عمران جي مقابلي لاءِ نڪتو. (بلاذري)

عمران جو مارجي وڃڻ

عمران ميدن جي گهيري ۾ ايتري قدر سرگرم هو جو ٻئي ڪنهن به معاملي جي طرف ڪا توجه نٿي ڪيائين. هن کي عمر جي رواني ٿيڻ جي ڪا به خبر نه هئي ۽ هو نهايت ئي تيزي سان منزلون طئي ڪندو اهڙو اوچتو اچي ڪڙڪيو جو عمران جو لشڪر هوشيار به نه ٿيو ته هن چالاڪ حريف يڪايڪ حملو ڪري عمران کي ماري وڌو. هي عمر بن عبدالعزيز ٽن پيڙهين کان هندوستان ۾ رهندڙ هو ۽ هن جو ڏاڏو حڪم بن عوافه ڪلبي سان گڏ سنڌ ۾ وارد ٿيو هو. (بلاذري)

عنبسه حاڪم سنڌ

عمران جي مارجي وڃڻ جي خبر جڏهن معتصم کي پهتي تڏهن هن کي اها ڳالهه نه وڻي ته هڪ شخص خلافت جي مقرر ڪيل والي کي ماري وجهي ۽ پوءِ هن جي اها ڪارروائي جائز به رکي وڃي، تنهن يڪدم عنبسه بن اسحاق ضبي کي سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. عمر بن عبدالعزيز اگرچه هڪ لائق ۽ بهادر والي کي ماري وڌو هو، ۽ پاڻ به ذاتي طور هڪ وڏي قوت وارو ماڻهو هو ڇو ته سنڌ جي مسلمانن تي تن ڏينهن ۾ هن کان زياده ٻئي ڪنهن به ماڻهو جو اثر نه هو، مگر خليفي معتصم جي طرفان عمران جي جاءِ تي جڏهن عنبسه بن اسحاق ضبي مقرر ٿي آيو تڏهن هن کي سواءِ اطاعت ۽ فرمانبرداري جي ٻيو ڪو چارو نظر نه آيو.

ان سان گڏ هي به صاف معلوم ٿئي ٿو ته خود عنبسه جي دل تي به عمر جي طاقت جو ايترو اثر پيل هو جو جيتوڻيڪ خلافت جي منشا هيءَ هئي ته هن جي طاقت ٽوڙي ڇڏجي، مگر عنبسه کيس ڪجهه به نه ڪيو ۽ ٻين سڀني پاسن جي مسلمانن سردارن جتي جتي بي فرماني ڪئي انهن سڀني کي خوب سزائون ڏيئي هي به ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو ڪو دل جو ڪمزور نه هو. مگر عمر بن عبدالعزيز پوري بي فڪري ۽ آزادي سان ويٺو رهيو ۽ عنبسه ڪڏهن کائونس پڇيو به نه ته عمران کي مارڻ جا سبب ڪهڙا هئا؟

عنبسه جڏهن سنڌ جي حڪومت تي مقرر ٿي آيو تڏهن هن جي منصوره ۾ پهچڻ کان اڳ عربي نسل جا ڪيترائي وڏا اثر وارا سردار گهڻن شهرن کي دٻائي ويهي رهيا هئا مگر جڏهن هو منصوره ۾ داخل ٿي ويو، تڏهن مجبوراً سڀني اطاعت جو گردن جهڪائي ڏنو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي سنڌ جي حڪومت ملڻ جي مبارڪباد ڏني. فقط عثمان نالي هڪ شخص احڪام خلافت کان منهن موڙڻ ۾ استقلال (مضبوطي) ڏيکاريو، ۽ جيتوڻيڪ عنبسه گهڻيون ئي ڪوششون ڪيون مگر هن اطاعت اصل نه مڃي. آخر عنبسه هڪ لشڪر وٺي مٿس چڙهائي ڪري ويو. عثمان شهر ۾ لڪي وڃي پناهه ورتي ۽ اهڙي مضبوطي ۽ حڪمت عملي سان مقابلو ڪندو رهيو جو حملي ڪندڙن کي نون سالن جي لاڳيتي گهيري کان پوءِ مس وڃي فتح نصيب ٿي. (يعقوبي)

عنبسه اهڙيون ڪار گذاريون ڪيون ۽ اهڙي بيدار مغزي سان حڪومت ڪندو رهيو جو معتصم کي ڪڏهن به سندس بدلي ڪرڻ جي ضرورت معلوم نه ٿي تان جو هن جو دور پورو ٿي ويو.

هڪ زبردست باغي بابڪ جي گرفتاري

معتصم جي زماني ۾ خلافت جو سڀ کان وڏو ۽ زبردست دشمن بابڪ هو، جنهن گهڻي وقت کان وٺي بغاوت شروع ڪئي هئي ۽ خلافت جي فوجن کي هن جي مقابلي ۾ اڪثر وڏا وڏا روڙا پيش اچي چڪا هئا. آخر معتصم جي ترڪي جي جوانمرد سپه سالار افشين هن کي پوري زڪ ڏيئي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن سنه 223 هجري ۾ افشين هن نامور قيدي کي خلافت جي نئين تخت گاه سامره ۾ معتصم جي اڳيان آڻي حاضر ڪيو تڏهن معتصم ايتري قدر خوش ٿيو جو خوشي جي جوش ۾ اچي موتين جا ٻه قيمتي هار کڻي افشين جي ڳچيءَ ۾ وڌائين ۽ ٻه ڪروڙ درهم کيس انعام ڏنائين.(1) تنهن کان سواءِ هڪ ڪروڙ درهم ٻيا به هن غرض لاءِ ڏنائينس ته پنهنجي همراهن کي انعام و اڪرام ڏيئي خوش ڪري ۽ ايتري قدر سندس قدرداني ڪئي جو جنهن وقت هو بابڪ کي وٺي سامره جي طرف روانو ٿيو تڏهن جنگ جي ميدان کان وٺي سامره تائين هن اهڙو انتظام ڪري ڇڏيو هو جو هر منزل تي هن کي هڪ نهايت ئي قيمت سروپا ڏني ٿي ويئي. (ابن اثير)

قدرداني فقط ايتري ئي ختم نه ٿي چڪي هئي، بلڪ معتصم هن خدمت جي عيوض افشين کي سر زمين سنڌ ۾ هڪ وڏي جاگير به مرحمت فرمائي، ۽ شاعرن کي موڪليو ته وڃي هن جي مدح خواني ڪن. (ابن اثير)

هي جاگير ڏيڻ صاف ظاهر ٿو ڪري ته المعتصم جي زماني تائين سنڌ جي فقط ڪنارن وارا شهر نه، بلڪ هن زمين جا گهڻا ڀاڱا خلافت جي قبضي ۾ هئا، هاڻوڪن شهرن تي البته جهڙي طرح اسان پاڻ مٿي بيان ڪري آيا آهيون، ڪن سرڪش مسلمانن غلبو ڪري ورتو هو ۽ جن آخر ۾ ننڍن ننڍن حاڪمن ۽ اميرن جي حيثيت پيدا ڪئي.

عسيقان ۽ ان جو مندر

المتعصم بالله جي زماني جو هڪ هي واقعو بلاذري نقل ڪيو آهي جو غالباً دلچسپي کان خالي نه ٿيندو. بلاذري انهي زماني  جو ماڻهو آهي تنهنڪري هن جي بيان کي پنهنجي قياس تي ڪوڙو ڪري نٿو سگهجي. اهو هي آهي ته انهن ڏينهن ۾ ڪشمير، ملتان ۽ لاهور جي وچ ۾ هڪ مڪان هو جنهن جو نالو عسيقان(1) هو. هيءَ هڪ ننڍڙي رياست هئي جنهن تي هڪ هندو راجا حڪومت ڪندو هو. گهڻو ڪري هن شهر ۾ بت پرست ماڻهو رهندا هئا. هتي هڪ وڏو بتخانو هو جنهن ۾ انهي وڏي ديوتا جي مورت رکيل هئي جنهن جي پوڄا تي اسڀ کان افضل مڃي ويندي هئي. هن بتخاني جي عمارت بلڪل عاليشان هئي. غير معلوم زماني کان وٺي برابر هن جي پوڄا ٿيندي پئي آئي، ۽ هميشه کان هتي جا راجا ان ديوتا جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندا رهندا هئا.

اتفاقاً معتصم جي زماني ۾ اتي جي راجا جو لاڏلو پٽ بيمار ٿيو. پيءُ ويچاري دوا درمل ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي، پري پري جا حڪيم طبيب گهرايا مگر اهي سڀ هن جي علاج ۾ ناڪام ٿي ٿڪجي هليا ويا. ڇوڪر روز بروز ڳرندو ٿي ويو ۽ بيماري وڌندي پئي ويئي.

دنيا جو عام دستور آهي ته اهڙي مجبوري جي حالت ۾ انسان وڃي مذهب جو دامن پڪڙي ٿو. جيئن ته راجا انهيءَ مندر جي سڀني پنڊتن ۽ پوڄارين کي گهرائي چوي ته ”ديوتا جي اڳيان وڃي دعا گهرو ۽ التجا ڪريو ته منهنجو پٽ چڱو ڀلو ٿئي.“ پوڄارين راجا جي درخواست منظور ڪري بتخاني جي واٽ ورتي.

ديوتا وٽان جواب ته ڪهڙو مليو هوندو مگر پوڄارين ڳالهه گهڙي ٺاهي راجا کي خوش ڪرڻ لاءِ ٿوري دير بعد اچي چيو ته ”مهاراج ! اوهان پنهنجو جگر ٿڌو رکو، ديوتا جي مدد سان راڄ ڪنور (شهزادو) چڱو ڀلو ٿي ويندو. اسان ٺاڪرجي کان دعا گهري ۽ اسان کي معلوم به ٿي ويو ته اسان جي دعا قبول ٿي ويئي. جڏهن ديوتا وچن ڪري چڪو آهي ته پوءِ ڪنهن به ڳالهه جو انديشو ڪونهي. اهڙو تسلي جهڙو واعدو هو جو راجا علاج کان به غفلت ڪري ڇڏي ۽ بلڪل برهمڻن جي چوڻ تي ڀروسو ڪري ويٺو. هن جون اُميدون قوي ٿي ويون ۽ دل ۾ آرام پيدا ٿي ويس.

مندر جو ڊهڻ

مگر اتفاق يا برهمڻن جي بدقسمتي جو سندن واعدي جي خلاف يڪا يڪ مرض وڌيو ۽ اهو لاڏلو پٽ پنهنجي پيءُ جي ڏک ڀريل دل کي داغ ڏيئي دنيا مان هليو ويو. هي ايڏو وڏو صدمو هو جو راجا جا هوش و حواس بجا نه رهيا ۽ خصوصاً برهمڻن تي ته هن جو غصو چريائي جي درجي تي پهچي ويو. نتيجو هي ٿيو جو يڪا يڪ هن جي دل مان بتن، مندرن ۽ برهمڻن جي وقعت بلڪل ويندي رهي. هن رعايا جي عقيدن جو ڪجهه لحاظ يا ملڪ جي جوش و خروش ۽ عام رنجيدگي پيدا ٿي پوڻ جو به ڪو ويچار نه ڪري هڪدم مندر کي ڪيرائي، مورت کي ڀڃي ذرا ذرا ڪري ڦٽو ڪيو ۽ سڀني پوڄارين ۽ خادمن کي قتل ڪرائي ڇڏيو.

راجا جو مسلمان ٿيڻ

ان ڪارروائي کان پوءِ راجا کي مذهبي تحقيقات جو شوق پيدا ٿيو ۽ سڀني انهن مذهبن تي نظر ڊوڙائي، جي سندس اڳيان هئا ۽ جن مان هو واقفيت حاصل ڪري ٿي سگهيو. سندس مرضي هئي ته اها جاچ ڪريان ته دنيا ۾ ڪهڙو مذهب سچو آهي. اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ سندس حد جي اندر ڪي مسلمان سوداگر به موجود هئا. راجا کي جڏهن انهن جي موجودگي جو حال معلوم ٿيو تڏهن کين پاڻ وٽ گهرائي ورتو. جن سندس درٻار ۾ اچي اسلام جا اصول ۽ عقيدا بيان ڪيا ۽ چيائون ته ”اسلام جو عرض فقط هي آهي ته دنيا جي اندر خالص توحيد (خدا جي هيڪڙائي) مڃي وڃي ۽ انسان جي سڀني عادتن، ڪمن ۽ عبادت ۾ ڪنهن به قسم جي شرڪ جو ميلاپ اصل نه هجي، ۽ هڪ اسلام ئي آهي جو اهڙي خالص توحيد جي طرف دنيا کي ڪوٺي ٿو.“

اهي ڳالهيون راجا جي دل تي اهڙو اثر ڪري ويون جو هن پنهنجو آبائي مذهب ترڪ ڪري يڪدم کڻي دين اسلام قبول ڪيو.

الواثق بالله جي خلافت

سنه 227 هه کان سنه 232 هه تائين

 

هاڻي سنه 227 هجري آيو ۽ المعتصم بالله داعي اجل کي لبيڪ چئي وڃي خاڪ جي فرش تي آرامي ٿيو، ۽ تخت خلافت تي هن جي بدران الواثق بالله قدم رکيو. (ابن اثير)

عنبسه بن اسحاق جيڪو معتصم جي زماني ۾ والي سنڌ مقرر ڪيو ويو هو، سو ئي برابر هن جي زماني تائين رهيو آيو ۽ هن جون ڪار گذاريون اهڙيون قابل قدر هيون، جو واثق به سندس تبديلي جو ڪو به سبب نه ڏٺو ۽ سنڌ جي حڪومت جا سڀ اختيارات هن ئي جي هٿ ۾ رکيا.

سنڌ ۾ پهريون قيدخانو

واثق جي خلافت ۾ عنبسه، منصوره جي سڀني انتظامن کان واندو ٿي، شهر ديول جي واٽ ورتي، هيستائين سرڪاري ڏوهارين کي بند رکڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪا به خاص عمارت موجود نه هئي. عنبسه کي هتي جي فسادن، بغاوت ۽ آپي خاني ٽولن کي دٻائڻ لاءِ گهڻن ماڻهن جي قيد ۾ رکڻ جي ضرورت پيش آئي. تنهنڪري هن ديول ۾ پهچي، انهيءَ قديم شڪسته حال مندر کي ان ڪم لاءِ رٿيو، جو محمد بن قاسم جي حملي وقت منجنيق عروس جي مار کائي چڪو هو ۽ ڏيڍ سؤ ورهيه گذري وڃڻ هوندي به هو اڃان تائين بيٺو زماني کي پنهنجو گذريل حال ٻڌائي رهيو هو.

عنبسه مندر جي طولائي گنبذ جي چوٽي ڀڃائي ڪيرائي ڇڏي ۽ سندس ڇت وري نئين سر عام جاين وانگي سنئين سڌي ٺهرائي ۽ اڳوڻي عمارت مان جيڪي پٿر نڪتا، سي شهر جي ٻين ضروري عمارتن جي مرمت ۾ ڪم آندا. هن کي شهر ديول جي اصلاح جي بلڪل گهڻي خواهش هئي، جنهن ڏي هو هاڻي پوري آزادي ۽ فارغ البالي سان توجهه ڪري سگهيو. (بلاذري)

 

المتوڪل بالله جي خلافت

سنه 232 هه کان سنه 247 هه تائين

هاڻي سنه 232 هه آيو ۽ واثق بالله کي سفر آخرت پيش اچي ويو. خلافت جو تاج المتوڪل بالله جي سر تي رکيو ويو. هن تخت تي ويهڻ شرط واثق جي زماني واري نامور ترڪي سردار ايتاخ کي ڪنهن ناراضپي سبب قتل ڪرائي ڇڏيو. سنڌ جو والي عنبسه انهي ئي جي سفارش سان ان عهدي تي مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن متوڪل خلافت جو تاج پنهنجي مٿي تي رکي ايتاخ کي تباه ڪري ڇڏيو، تڏهن سندس نظر هن جي مقرر ڪيل سردارن ڏي به ڊوڙڻ لڳي. اهي خبرون ٻڌي عنبسه کي به اچي ڊپ ورتو ۽ آخر هن مصلحت ان ڳالهه ۾ ڏٺي جو سنڌ کي ڇڏي عراق هليو ويو. انهيءَ لاءِ ته بغداد جي ويجهو پهچي ماڻهن کي پاڻ سان موافق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

هارون بن ابي خالد حاڪم سنڌ

اهڙي نازڪ وقت ۾ جڏهن ته اڳئي پر غضب نگاهون پئجي رهيون هيون، عنبسه جو پنهنجي هيڊ ڪوارٽر کي ڇڏڻ متوڪل جي لاءِ هڪ ڪافي بهانو هو. هن يڪدم کيس معزول ڪري هارون بن ابي خالد مروزي کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو(1) (يعقوبي)

هارون جي حڪومت جو حال بلڪل معلوم ٿي نه سگهيو، ۽ هاڻي اهو زمانو اچي ويو جنهن کان وٺي هندوستان کي خلافت سان بلڪل ٿورو تعلق رهيو. ڇو ته عربي سردار، جي خلافت اسلاميه جا رڪن ۽ ٻانهن ٻيلي هئا، تن کي ته اڍائي سؤ ورهين جي دولت مندي، اهڙو عياش بڻائي ڇڏيو جو هو پر جمال ۽ نازنين ٻانهين سان گڏ عاليشان محلاتن جي اندر ويهي رهيا ۽ جفاڪش نو مسلم بهادر جي ترڪستان ۽ ٻين پهاڙن ۽ لڪن مان نڪري اچي خلافت سان رفيق ٿيا هئا، سي ملڪ جي جدا جدا ڀاڱن تي غلبو حاصل ڪري پاڻ خود مختيار حاڪم بڻجي ويهي رهيا. هوڏي عربن ۾ بني فاطمه امامت جي دعوى ڪري اهڙا مختلف فرقا پيدا ڪري ڇڏيا جن خلافت جي رهي کهي طاقت کي به پاڻ ڏي جذب ڪري ورتو.

هارون ڪي ٿورائي ڏينهن حڪومت ڪئي ته يڪايڪ سنڌ جي رهاڪو عربي قبيلن جا اچي پاڻ ۾ جهڳڙا پيدا ٿيا.  هارون جيڪا اصلاح جي ڪوشش ڪئي تنهنجو نتيجو اهو نڪتو جو فسادي ماڻهن سنه 240 هه ۾ سر زمين سنڌ جي ئي اندر کيس پورو ڪري ڇڏيو. (بلاذري)

عمر بن عبدالعزيز هبار جي حڪومت

هارون بن ابي خالد جڏهن باغين جي هٿان مارجي ويو تڏهن سنڌ کي خلافت جي ڪنهن به وڪيل يا نائب کان بلڪل خالي ڏسي عمر بن عبدالعزيز  هباري جنهن جو هتي روز بروز ترقي ڪندو ٿي ويو، پنهنجي ڪامل ترقي حاصل ڪرڻ جي تدبيرن ۾ مشغول ٿيو، عرب جي ماڻهن جو وڏو حصو ته اڳئي سندس  طرفدار هو، هاڻي هن گهڻو ڪري سڀني ماڻهن کي پاڻ سان موافق بنائي، سنڌ جي حڪومت جي واڳ سواءِ ڪنهن انتظار جي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتي. شايد خليفي متوڪل کي هارون جي مارجي وڃڻ جي خبر پهتي. اڃان ڪي ٿورڙائي ڏينهن ٿيا هوندا ۽ اڃان هن ڪنهن ٻئي والي کي چونڊيو ئي نه هو ته عمر بن عبدالعزيز هباري جي هڪ درخواست  اچي دربار خلافت ۾ پهتي جنهن جو مضمون هي هو ته ”ملڪ سنڌ ۾ سخت بدنظمي ٿي رهي آهي ۽ هتي جي انتظام لاءِ مون کان زياده ڪارائتو ماڻهو ڪو مشڪل ملي سگهندو، ڇو ته آئون هتي جي ساري حالات کان بخوبي واقف آهيان ۽ گهڻي زماني کان هتي ئي رهندو پيو اچان. جيڪڏهن هن ملڪ جي حڪومت منهنجي حوالي ڪئي ويندي ته آئون واعدو ٿو ڪريان ته هتي جي بدانتظامي جي شڪايت ڪڏهن به توهان تائين نه پهچندي.“ متوڪل ٻين ملڪن جي فسادن کان ايتري قدر پريشان ٿي رهيو هو جو هن کي عمر بن عبدالعزيز جي درخواست ضرور منظور ڪرڻي پيئي. جيئن ته سگهو ئي عمر بن عبدالعزيز جي نالي حڪومت جو پروانو اچي ويو. (يعقوبي)

دارالخلافت بغداد کان سنڌ جي بي تعلقي

سر زمين سنڌ کي هاڻي دارالخلافت بغداد سان بلڪل ٿورو تعلق وڃي رهيو. جيتوڻيڪ عمر بن عبدالعزيز خلافت جي ئي حڪم سان سنڌ جو والي مڃيو ويو، مگر هن کان پوءِ ڪڏهن به خلافت کي پنهنجي طرفان ڪو والي موڪلڻ نصيب نه ٿيو. سنڌ جا ڪيترائي ڀاڱا هن کان اڳ عربي نسل حڪمرانن جي تابع ٿي. آزادي جي سند حاصل ڪري چڪا هئا ۽ باقي جيڪو حصو اڃان تائين خلافت جي تابع هو. ان جي قسمت عمر بن عبدالعزيز هباري جي هٿ ۾ اهڙي طرح ڏني ويئي جو وري کانئس بلڪل وٺڻ ۾ نه آئي. ڇو ته هن کان پوءِ سنڌ جي حڪومت اصلي ورثي طور هن جي ئي خاندان ۾ رهي.

خلافت عباسيه جي ڪمزوري

دراصل خلافت عباسيه ۾ ضعف اچي ويو هو ۽ ان جي طاقت انهن مختلف حڪمرانن ۾ جذب ٿيندي ٿي وئي، جي نالي ڪاڻ ته خلافت جا مطيع سمجهيا ٿي ويا مگر حقيقت ۾ هو سلطنت جا باغي ۽ خلافت جا دشمن هئا. خليفن ۾ هاڻي اها طاقت ئي نه رهي هئي. جو ڪنهن به صوبي جي حاڪم کان سندس حوالي واري حڪومت کسي سگهن.

خراسان جي طاهريه حڪومت

خراسان، غزنه ۽ سيستان وغيره اوڀر وارا ملڪ مامون رشيد جي ئي زماني کان طاهر ذواليمينين جي خاندان جي قبضي ۾ اچي ويا هئا، جيتوڻيڪ هن فياض ۽ نيڪ خاندان ڪڏهن به مخالفت نه ڪئي ۽ نه خلافت جي احڪام جو ڪڏهن انڪار ئي ڪيو. هيءَ ننڍي سلطنت جيتوڻيڪ آزاد ۽ خود مختيار نظر ٿي اچي، مگر در حقيقت اڀرندي ملڪن ۾ خلافت جو شان فقط هن ئي خاندان جي وفاداري سان قائم هو. خاندان طاهريه جي ئي دٻدٻي ۽ هيبت کان ڪنهن به باغي يا فتنه انگيز شخص جو اثر بغداد تي ڪو دٻاءُ آڻي نٿي سگهيو.

يعقوب بن ليث جي ابتدا

خلافت جي بدقسمتي کان هاڻي خاندان طاهريه ۾ به ضعف اچي ويو، ۽ خلافت جي حفاظت بجاءِ خود هو پاڻ پنهنجي حفاظت ڪرڻ کان به لاچار ٿي پيو. هن خاندان جي ضعف سان گڏ سيستان ۾ ڪيترائي باغي ۽ سرڪش پيدا ٿيڻ لڳا. جيئن ته سنه 238 هه ۾ بست جو رهاڪو صالح بن نضر ڪناني نالي هڪ شخص پيدا ٿيو جنهن ماڻهن کي پاڻ سان ملائي علائقي سيستان تي قبضو ڪري ورتو. هن جي فوج ۾ يعقوب بن ليث صفاري نالي هڪ شخص هو جنهن جون ڪارروائيون هينئر کان ئي ٻڌائي رهيون هيون ته هي ڪو وڏي قسمت وارو شخص آهي. خراسان جي امير طاهر بن عبدالله بن طاهر ۾ اڃان ايتري طاقت هئي جو خبر ٻڌڻ شرط هڪدم هن تي ڪاهي ويو ۽ کيس وڏي شڪست ڏيئي سيستان کي وري پنهنجي حڪومت سان شامل ڪري ورتو.

درهم بن حسين

طاهر بن عبدالله جي سيستان مان واپس وڃڻ بعد صالح مري ويو ۽ هڪ ٻيو باغي انهي ساڳي ٽولي کي ساڻ وٺي ميدان ۾ نڪتو، جنهن جو نالو درهم بن حسين هو. هي هڪ فوجي شخص هو. يعقوب بن ليث جيڪو اڳ صالح بن نضر جي همراهن ۾ هو تنهن جي لاءِ هاڻي درهم جي دل ۾ ايترو رسوخ ٿي ويو هو، جو پنهنجي فوج جي سپهه سالاري انهي ئي جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. طاهر بن عبدالله کي ايتري جرئت نه ٿي جو وري فوج وٺي اچي درهم جو مقابلو ڪري. آخر هن جي سستي ۽ غفلت درهم جي ٽولي کي پاڻ سنڀالڻ ۽ هڪ زبردست فوج جي حيثيت پيدا ڪري وٺڻ لاءِ ڪافي مهلت ڏيئي ڇڏي.

يعقوب جي حڪومت

 درهم فقط هڪ سپاهي هو. هن ۾ آفيسري جي ڪا لياقت نه هئي، تنهنڪري سندس لشڪر ۾ اهڙي بي بندوبستي ٿي پيئي جو آخر سڀني ماڻهن گڏجي يعقوب بن ليث کي پنهنجو حڪمران مقرر ڪيو. ڇو ته هن جي لياقت ۽ حسن تدبير جو هر شخص کي اقرار هو. جڏهن درهم کي اها خبر پيئي تڏهن هن پاڻ به يعقوب جي سرداري تسليم ڪري ورتي. هاڻي يعقوب بن ليث جي قوت ۽ شوڪت وڌڻ لڳي. تان جو خراسان، غزنه، مڪران وغيره سمورا اڀرندا ملڪ هن جي قبضي ۾ اچي ويا. هاڻي يعقوب جو دٻدٻو ايترو وڌي ويو جو بغداد جي خليفي کي به سندس گهڻو خيال رکڻو پيو. مگر يعقوب ڪڏهن به خلافت جي مخالفت جي دعوى نه ڪئي. بغداد جي ماتحت صوبن تي متصرف ٿي خليفي کي لکي موڪليو ته آئون درٻار خلافت جي هميشه اطاعت ڪندو رهندس.

بغدادي خليفن جو سگهو سگهو بدلجڻ

هاڻي خلافت جي حالت هيڪاري ابتر ٿي رهي هئي، ڏهاڙي تخت سلطنت کي هڪ نئين خليفي جي صورت ڏسڻي پيئي، جيئن ته ان وقت کان جڏهن صالح بن نضر سيستان تي پهرئين پهرئين ڪاهيو، يعني سنه 237 هه کان وٺي سنه 257 هه تائين پنج خليفا تخت تي ويهي چڪا هئا. متوڪل جنهن جي زماني ۾ صالح بغاوت جو جهنڊو کڙو ڪيو هو، سو 247هه ۾ مارجي ويو، ۽ مستعين بالله خليفو ٿيو جو سنه 251 هه ۾ تخت تان لاٿو ويو، پوءِ معتز خليفو ٿيو ۽ سنه 255هه ۾ وڏي ذلت سان قتل ڪيو ويو. تڏهن مهتدي جي هٿ ۾ خلافت آئي، مگر يارنهن مهينن بعد اهو به تخت و تاج کان جدا ڪيو ويو. ۽ معتمد خليفو ٿيو.

معتمد خليفو بغداد

معتمد جڏهن ڏٺو ته اوڀر ۾ هاڻي ڪا به قوت يعقوب بن ليث کان وڌيڪ آهي ئي ڪا نه تڏهن هن جي دل وٺڻ لاءِ پنهنجي طرفان به سيستان ۽ سنڌ جي صوبن جي حڪومت کيس ڏيئي ڇڏي. مگر يعقوب جي حرص ۽ ايتري تي قناعت نه ڪئي، بلڪ هن ڪرمان، خراسان ۽ ايران تي به قبضو ڪري ورتو. مجبوراً معتمد انهن ملڪن جي سند به هن کي لکي ڏني.

عمرو بن ليث جو زمانو

سنه 265 هه ۾ يعقوب مري ويو، تڏهن هن جو ڀاءُ عمرو سندس جانشين ٿيو. عمرو ايڏي وڏي سلطنت جو مالڪ ٿيڻ بعد به خليفي معتمد جي خدمت ۾ پنهنجي جانشين ٿيڻ جو احوال لکي اقرار ڪيو ته آئون به هميشه اوهان جي اطاعت ڪندس. معتمد کي هي واعدو بلڪل غنيمت معلوم ٿيو، جيئن ته هن جي ڀاءُ موقف جو معتمد جي زماني ۾ حڪومت جي اڇي، ڪاري جو مالڪ هو، تنهن عمرو بن ليث جي جانشيني قبول ڪئي ۽ خراسان، اصفهان، سيستان، سنڌ ۽ ڪرمان سندس قبضي ۾ ڏنا، ۽ وڌيڪ عزت ڏيڻ لاءِ شاهي قلعي جي حفاظت جو اعلى عهدو به هن جي حوالي ڪيو. (ابن اثير ۽ ابن خلدون)

ان وقت سنڌ جي حالت

انهن تاريخي شاهدين مان ائين ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ خلافت جي قبضي کان جدا ٿيڻ شرط صفاريه خاندان جي حڪومت ۾ شامل ٿي ويئي هئي، مگر هئي فقط نالي ڪاڻ شامل، ڇو ته ڪڏهن ائين به ثابت ڪري نٿو سگهجي ته يعقوب بن ليث يا سندس پٽ عمرو سر زمين سنڌ تي فقط ڪو قدم به رکيو. هو ٻئي هميشه اولهندي ملڪن ۾ رهيا ۽ هنن جي حملي آورين  ۽ فوجڪشي جا ميدان فقط خراسان، سيستان، مڪران، زابلستان (غزنه) ۽ ايران ئي رهيا. يعقوب بن ليث جي نسبت فقط ايترو ثابت ٿئي ٿو ته هڪ دفعو هن هندستان جي فتح ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ انهي غرض سان هو فوج وٺي مغرب جي طرف روانو ٿيو. مگر ٿورو ئي پنڌ هلي باميان فتح ڪرڻ بعد هو فتح مندي جي ارادي کان دست بردار ٿي ويو. باميان جي فتح وقت، جي مورتون ۽ قديم زماني جا بت هن کي هٿ آيا سي بغداد روانا ڪري، پاڻ  پنهنجي فوج سميت اولهه جي طرف موٽيو.

بهر تقدير ائين بلڪل ثابت نٿو ٿئي ته يعقوب بن ليث ڪڏهن به سنڌ جي حدن ۾ ڪو پير پاتو. (ابن اثير ۽ ابن خلدون)

سنڌ جو هباري خاندان

ان سان گڏ اسان کي زبردست شاهدين مان ائين معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ المتوڪل  جي زماني کان جو هباري خاندان جو غلبو ٿيو، سو هن جي نسل ۾ برابر هليو پئي آيو. غالباً جڏهن معتمد هي ملڪ يعقوب بن ليث ۽ سندس ڀاءُ عمرو کي ڏنو، تڏهن عمر بن عبدالعزيز هباري به هنن ٻنهين سان اطاعت جو واعدو ڪري ۽ پنهنجي طرفان هر طرح جي تسلي ڏياري کين ٻين اڀرندي ملڪن جي جهڳڙن ۾ لڳائي ڇڏيو، ۽ انهي تجويز سان پنهنجي آزادي ۽ حڪومت قائم رکي، تان جو اسان کي مختلف سياحن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته صفاري ماڻهو پنهنجي حڪومت جو پورو زور ڏيکاري ختم به ٿي ويا ۽ سنڌ تي عمر بن عبدالعزيز جو نسل اهڙي ئي بي فڪري ۽ آزادي سان حڪومت ڪندو رهيو جهڙي طرح اڳي ڪندا ٿي رهيا.

ابن طباطبا ۽ سنڌ ۾ مذهب زيديه جي ابتدا

ان زماني جو هڪ ٻيو واقعو هن موقعي تي بيان ڪرڻ جي لائق آهي. اهو هي آهي جو خليفي مامون رشيد سنه 203 هجري ۾ عبدالله بن زياد جي پٽ محمد زياد کي يمن جو والي مقرر ڪيو هو. محمد زياد يمن جي حڪومت ۾ اهڙي لياقت ڏيکاري جو خلافت کي ڪڏهن به هن جي معزول ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي. بلڪ هن جي حسن خدمت جو ايتري حد تائين قدر ڪيو ويو، جو يمن جي حڪومت کائونس پوءِ به سندس اولاد جي هٿ ۾ رکي ويئي. هن جي خاندان مان ابو الڄيش اسحاق بن ابراهيم حڪمران ٿيو. جنهن جي عمر بلڪل وڏي ٿي ۽ کيس 80 ورهيه تائين حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو. جيئن ته متوڪل ۽ مستعين جي زماني تائين برابر هي ابو الجيش ئي حڪومت ڪندو رهيو. آخر يحيى بن حسين، جو ابن طبا طباءِ علوي جي نسل مان هو. يمن ۾ ظاهر ٿي مذهب زيديه جي دعوت شروع ڪري ڏني، هي سنڌ مان يمن ۾ آيو هو ڇو ته سندس ڏاڏي قاسم سر زمين عرب کي ڇڏي سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي، ۽ پوءِ هن جو اولاد به اتي ئي رهندو آيو. يحيى جڏهن مذهب زيديه جي تبليغ لاءِ يمن ۾ آيو آهي، تڏهن سنه 288 هه هو. (ابن خلدون)

ان مان اندازو ڪري ٿو سگهجي ته هن وقت تائين سنڌ ۾ عرب جي معزز خاندانن جي ڪيتري قدر آمد رفت هئي.

عمر بن عبدالعزيز حاڪم سنڌ

عمر بن عبدالعزيز جو خليفي المتوڪل جي اجازت ۽ حڪم سان سنڌ جي اڇي، ڪاري جو مالڪ بڻيو هو، سو هڪ قريشي نسل جو شخص هو. هن جو ڏاڏو هبار بن اسود بن عبدالعزيز بن قصي القريشي حضرت رسالت پناه ﷺ جي صحابن ڪرامن مان هو. (مسعودي)

هبار پهريائين ته جناب رسول خدا ﷺ جي سخت مخالفت ڪئي هئي، مگر آخر مڪي فتح ٿيڻ بعد ايمان آندو ۽ اسلامي احڪامن جي اطاعت ۾ نهايت ئي مضبوطي سان استقامت ڪئي.(تهذيب الاسماءِ للنووي)

هبار بن اسود جي ماءُ جو نالو فاحته بنت عامر بن قرضه قشيريه هو. (اصابه لابن حجر عسقلاني)

اصل ۾ هي ماڻهو عرب جا رهاڪو آهن، مگر سنه 111 هه ڌاري هن خاندان سنڌو دريا جي آسپاس ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي. (ايليٽ)

سنڌ ۾ انهن ماڻهن سڀ کان اول مڪان بانيه کي پنهنجي رهڻ جي جاءِ مقرر ڪئي. (ابن حوقل)

بانيه ۾ ئي رهندي رهندي هنن پنهنجي ڪوششن ۾ ايتري قدر ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ خلافت جي ضعف ۽ عربن جي قومي جهڳڙن مان ايترو فائدو حاصل ڪيو جو نيٺ منصوره جي حڪومت سندن هٿ ۾ اچي وئي. عمر بن عبدالعزيز جي زماني جا حالات بلڪل نٿا معلوم ٿين ته هن ڪهڙا ڪهڙا انتظام ڪيا ۽ رعيت سان سندس ڪهڙو سلوڪ ڪيو. ان جو وڏو سبب فقط هي آهي جو خلافت بغداد جي زوال سان گڏ عرب جي مؤرخن به سنڌ جي حالات ڏي ڪو ڌيان نه ڏنو.

هن خاندان کي هاڻي اگرچه دارالخلافت سان ڪو سياسي تعلق نه رهيو هو، مگر عراق ۽ عرب سان خانگي تعلقات برابر قائم هئا، جيئن ته قاضي ابو الشوارب جي خاندان ۾، جو عراق جي طرف مقيم هو ۽ هبارين ۾ جن جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت هئي ڏاڏاڻي مٽي مائٽي هئي. (مسعودي)

تنهن کان سواءِ به ثابت آهي ته عمر بن عبدالعزيز جي لياقت ۽ دانائي جي عراق ۾ هاڪ هئي.

ان ڳالهه جو بلڪل پتو نٿو پوي ته عمر بن عبدالعزيز هباري پاڻ پنهنجي سر ڪيترو وقت حڪومت ڪندو رهيو. غالباً هن جي عمر وڏي هئي. تخت خلافت تي گهڻن ئي خليفن جو ويهڻ، هن پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ يعقوب صفاري جي لڙائين جا شعلا سيستان ۽ ڪرمان ۾ هن جي آکين آڏو بلند ٿيا، ۽ خليفي معتمد جڏهن ٻين ملڪن سان گڏ سنڌ جي حڪومت به صفارين کي ڏني تڏهن عمر بن عبدالعزيز کي لاچار صفاري بهادر جي اطاعت ڪرڻي پيئي. مگر انهي هوندي به هن جي وفاداري جي ثبوت ۾ هي ئي دليل ڪافي آهي، جو پنهنجي آخري وقت تائين هن بغداد جي خليفي جو ئي خطبو جامع منصوره ۾ جاري رکيو.

عبدالله حاڪم سنڌ

سنه 270 هه ۾ يعني يعقوب بن ليث جي مرڻ کان پنج سال پوءِ منصوره جي مسند تي اسان عمر بن عبدالعزيز جي پٽ عبدالله کي حڪومت ڪندي ڏسون ٿا ۽ معلوم ٿئي ٿو ته ساري هندستان ۾ عقائد اسلاميه ۽ ديني ڳالهين جو مرڪز منصوره ليکيو ويو ٿي.

هڪ هندو راجا ۽ هڪ عرب سنڌي شاعر

جيئن ته ان جي زماني ۾ ڪشمير جي ويجهو ڪو زبردست راجا هو، جو راءِ جي لقب سان مشهور هو جنهن جو نالو هڪ سياح مهروق ٻڌائي ٿو، ۽ چوي ٿو ته رايق جو پٽ هو. ان سنه 270 هجري ۾ عبدالله بن عمر کي لکيو ته مون کي اسلامي اصول ۽ عقائد معلوم ڪرڻ جو شوق آهي، تنهنڪري توهان کي ايتري تڪليف ڏيان ٿو ته هندي زبان ۾ پنهنجي مذهب جا سمورا اعتقادات لکي موڪليو ته آئون انهن تي غور ڪريان ۽ سمجهان. عبدالله منصوره جي هڪ شخص کي پاڻ وٽ گهرايو جو هاڻي ته منصوره جو ئي رهندڙ هو، مگر اصل ۾ عراق جو هو. هن شخص جي ذهانت ۽ سمجهداري جي تعريف هئي ۽ سواءِ ٻين لياقتن جي هو شاعر به اهڙو سٺو هو، جو سندس شعرن جو ماڻهن  ۾ ڏاڍو قدر هو.  جنهن صورت ۾ هو ڄاول ئي سر زمين سنڌ جو هو، جن ۾ هن کي ڪافي پهچ حاصل هئي. امير عبدالله ان سان هندو راجا جي گهر بيان ڪئي ۽ چيائينس ته هن جي خواهش تون ئي پوري ڪري سگهين ٿو. ان عُربي الاصل سنڌي شاعر خاص سنڌي زبان ۾ هڪ قصيدو تيار ڪيو جنهن ۾ هن اسلامي سمورا عقيدا پوري چٽائي سان بيان ڪري ڇڏيا هئا. اهو قصيدو لکي هن آڻي امير عبدالله جي خدمت ۾ حاضر ڪيو. عبدالله ان کي نهايت پسند ڪيو ۽ هڪدم راجا ڏي روانو ڪري ڏنو. هي قصيدو جڏهن راجا جي درٻار ۾ پيش ٿيو، ۽ کيس پڙهي ٻڌايو ويو تڏهن هن شاعر جي لياقت ۽ قادر الڪلامي جي بي انتها تعريف ڪئي ۽ فوراً عبدالله بن عمر کي لکيو ته جيئن به ٿي سگهي تيئن هن شاعر کي مون ڏي موڪلي ڏيو. امير عبدالله راجا جي اها خواهش به پوري ڪئي ۽ هن شخص کي راضي ڪري ڏانهس ڏياري موڪليو. راجا هن کي وڏي عزت ڏني ۽ نهايت ئي قدر افزائي سان سندس اهڙي دلجوئي ڪئي، جو ٽن سالن تائين هن کي پنهنجي درٻار کان جدا نه ڪيو. ٽن سالن بعد جڏهن هو واپس آيو، تڏهن امير عبدالله کائونس راجا جو احوال پڇيو. هن چيو ته جنهن وقت مون راجا جي درٻار کي ڇڏيو آهي، ان وقت ته منهنجو خيال هن جي نسبت هي هو ته اسلام سندس دل ۾ پوري طرح جاءِ ورتي آهي. مگر غالباً ان خوف کان ظاهر ڪري نٿو سگهي ته حڪومت ويندي رهندي.

قرآن شريف جو ترجمو هندي ۾

ان شخص جو بيان هو ته راجا مون کي قرآن شريف جو ترجمو ڪرڻ ۽ ان جو تفسير لکڻ جو حڪم ڏنو. جنهن تي مون هندي زبان ۾ قرآن پاڪ جو ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو. ترجمو لکندي لکندي جڏهن آئون سوره ياسين تي پهتس ۽ هن آيت جو تفسير ڪيم، قال من يحي العظام وهي رميم. قل يحييها الذي انشاها اول مره و هو بکل خلق عليم (چيائين ڪير هڏين کي جيئرو ڪندو، جڏهن ته هو ڳري خاڪ ٿي ويون هونديون؟ چئو اي محمد ﷺ اهو ئي جيئرو ڪندو، جنهن انهن کي اول ٺاهيو هو. هو هر شيءَ جو ٺاهڻ ڄاڻي ٿو) هن آيت جي معنى جڏهن مون کيس ٻڌائي ۽ سمجهائي، تڏهن هو بي اختيار ٿي پنهنجي سمهڻ واري پلنگ تان هيٺ لهي پيو ۽ مون کي چيائين ته وري چؤ. مون ٻئي دفعي بيان ڪيو، تڏهن هو هڪدم سجدي ۾ ڪري پيو ۽ پنهنجي پيشاني گهڻي وقت تائين زمين تي رڳڙندو رهيو، ۽ برابر اکين مان پاڻي جاري هوس. جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين ته سندس سارو منهن مٽي سان ڀريل نظر آيو. راجا زمين کان مٿو مٿي کڻڻ شرط چئني طرفن نهاريو ۽ هي اکر زبان مان ڪڍيا.”بس هو ئي معبود ازلي آهي، نه جنهن جي ابتدا آهي ۽ نه جنهن جو مثل آهي.“ هن واقعي کان پوءِ هن هڪ خاص جاءِ ٺهرائي جنهن ۾ اڪيلو وڃي ويهندو آهي ۽ لڪي نماز پڙهندو آهي. جيڪڏهن ڪو پڇيس ٿو ته مهراج !ان جاءِ ۾ ڇو ٿا وڃو ته هي عذر ڏئي ٿو ته اتي ويهي آئون پنهنجي حڪومت جي ڪاروبار تي غور ڪريان ٿو.(عجائب الهندي)

 عبدالله بن عمر جا حالات اسان کي فقط ايتري قدر معلوم ٿي سگهيا. وڌيڪ احوال نه ملي سگهڻ جو سبب اسان اڳيئي بيان ڪري چڪا آهيون ته هن زماني ۾ عربن سنڌ جي طرفان اهڙو منهن موڙي ڇڏيو جو اها به خبر نٿي پوي ته هي عبدالله بن عمر ڪڏهن مسند تي ويٺو ۽ ڪيترو وقت حڪومت ڪيائين. تنهن ڪري مجبوراً اسان هن کي هيستائين پهچائي هاڻي عرب جي جغرافيه نويسن جي بيانن ڏي توجهه ڪريون ٿا.


(1) ماسٽر ايليٽ لکي ٿو ته هي ٻه ڪروڙ سنڌ جي محصولن مان حاصل ڪيا ويا، جي هتي جي ٻن سالن جي ڍل برابر هئا. ابن اثير ۽ ٻين مؤرخن به هن واقعي کي بيان ڪيو آهي مگر ائين نه لکيو اٿن ته هي روپيا سنڌ جي محصول جا هئا. هونئن به ظاهر آهي ته مسٽر ايليٽ جو هي لکيو بلڪل غلط آهي ڇو ته مامون جڏهن موسى برمڪي کي سنڌ جي حڪومت ڏني هئي تڏهن سنڌ جي ڍل 10 لک درهم مقرر ڪئي هئائين پوءِ اسين سمجهي نٿا سگهون ته ٻن سالن ۾ ٻه ڪروڙ درهم ڪيئن وصول ٿي ويا. اصل ڳالهه هن طرح آهي ته سنڌ جي زمين جاگير طور ڏني ويئي ۽ انعام خاص دارالخلافت جي خزاني مان ڏنو ويو.

(1)  مسٽر ايليٽ عسيقان جي تحقيق ۾ لکي ٿو ته هي ”عسيقاني“ آهي جنهن جو ذڪر هن کان اڳ جي زماني ۾ ڪن ماڻهن ڪيو آهي.

(1)  مگر بلاذري جو بيان اها ته هيءَ والين جي ڦير گهير واثق بالله جي هٿان عمل ۾ آئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org