سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :27

 

همايون جو سنڌ ڇڏي قنڌار وڃڻ

مٿين جنگ ۾ ٻنهي طرفن ماڻهن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو. سومرا قوم جا ماڻهو جن همايون بادشاهه جو طرف ورتو هو، تن مان به تمام گهڻا ماڻهو هن جنگ ۾ ڪم اچي ويا هئا. اهڙي ڪم نصيبيءَ واري زماني ۾ همايون بادشاهه جي بخت جو تارو اوچتو چمڪيو، جيڪو سندس حلالي وفادار وزير بيرم خان ڪشالا ڪڍي، گجرات جي رستي ساڻس جوڻ ۾ اچي مليو. بيرم خان مرزا شاهه حسن وٽ ويو ۽ هيٺين شرطن تي صلح ڪرڻ قبول ڪرايائينس.

(1) مرزا شاهه حسن هڪ لک مثقال روڪڙا، قنڌار تائين سفر جو سامان ۽ اسباب، ٽي سؤ گهوڙا ۽ ٽي سؤ اٺ همايون بادشاهه کي ڏئي.

(2) مرزا شاهه حسن جو گهر جي آمهون سامهون درياءَ تي ٻيڙين جي پل تيار ڪري، جنهن تان همايون بادشاهه پنهنجي رهيل کهيل عملي سميت لنگهي وڃي قنڌار ڏي.

همايون بادشاهه ۽ مرزا شاهه حسن جي صلح ۽ پل تيار ٿيڻ جي يادگيريءَ لاءِ ڪنهن شاعر ان وقت ”صراط المستقيم“ (سنئون رستو) لفظ تاريخي ماده طور پيش ڪيو هو، جنهن مان هجري سنه 950 (عيسوي سنه 1543) نڪري ٿو.

همايون بادشاهه ۽ مرزا شاهه حسن جي صلح ٿيڻ ڪري سنڌ جا ارغون تمام خوش ٿيا، ڇاڪاڻ جو جيڪو وقت همايون بادشاهه سنڌ ۾ هو سو وقت ارغونن جو ڊوڙ ڊڪ ۽ خوف خطري ۾ گذريو هو. مرزا شاهه حسن جي مرضي هئي، ته همايون بادشاهه سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ آستان ڪري نه ويهي، سا ان جي مراد به پوري ٿي. بيرم خان قنڌار جي رستي کان همايون بادشاهه کي ايران جي بادشاهه شاهه طهماسپ ڏي وٺي وڃڻ جو پڪو ارادو ڪيو ۽ تاريخ ستين ربيع الاخر هجري سنه 950 تي همايون بادشاهه سنڌ جا وڻ ڇڏي قنڌار ڏي روانو ٿيو.

بخشو خان لانگاهه جي ڪاهه بکر تي

بخشو خان لانگاهه ملتان جي ويجهو جونپور ۾ هڪڙو قلعو اڏائي ان ۾ ماڻهو ۽ جنگ جو سامان گڏ ڪرڻ لڳو ۽ ملتان جي قلعي کي ويران ڪري جونپور جو قلعو وسايائين. لانگاهه، بلوچ، ناهر ۽ ٻيا به جيڪي واندا ۽ فسادي ماڻهو هٿ اچي سگهيس سي گڏ ڪيائين. جڏهن بخشو خان لانگاهه کي خبر پيئي ته مرزا شاهه حسن ۽ سندس امير امراءَ ڏکڻ سنڌ ۾ همايون بادشاهه سان منهن ڏيڻ ۾ مشغول آهن ۽ بکر ۾ گهڻو سپاهه ڪونهي، تڏهن بکر تي ڪاهه ڪرڻ جو سانڀاهو ڪيائين.

پهريائين پنجاهه ٻيڙيون ماڻهن جون موڪليائين، جن کي حڪم ڏنائين ته ”منهنجي اچڻ کان اڳ درياءَ واري طرف کان بکر جي قلعي کي هلي گهيرو ڪريو“، انهن پنجاهه ٻيڙين بکر جي قلعي تي آڌيءَ رات جو اچي گهيرو ڪيو. گهيري ڪندڙن جي گوڙ تي قلعي وارا ماڻهو سجاڳ ٿيا، تن قلعي تان پٿر ۽ تير وسائڻ شروع ڪيا. بخشو خان لانگاهه سندس ماڻهن کي حڪم ڏنو هو، ته رات وچ ۾ قلعي جو دروازو ڪهاڙن سان ڀڃي قلعي ۾ وڃي داخل ٿجو. لانگاهن قلعي جي سکر طرف واري دروازي کي باهه ڏني. قلعي ۾ سپاهي تمام ٿورڙا هئا تنهن ڪري سلطان محمود خان بکري جي والده جا قلعي ۾ هئي، تنهن هيءَ تجويز ڪئي، جو تئونريون ۽ تڏا گيهه سان سڻڀا ڪري انهن کي باهه ڏيئي قلعي جي برجن تان لانگاهن جي فوج تي ڦٽا ڪرائڻ شروع ڪيائين. انهن تئونرين ۽ تڏن جي باهه لانگاهن جي لشڪر ۾ وچڙي ويئي، جنهن ڪري هو مونجهاري ۽ پريشانيءَ ۾ پئجي ٻيڙين ۾ چڙهي ڀڄي ويا.

ايتري ۾ مير جاني ترخان، حمزه بيگ ۽ قاضي عيسى ولد قاضي قاضن قلعي کان ٻاهر نڪري ويا هئا، سي آسپاس جا گهڻا ماڻهو وٺي اچي قلعي ۾ سهڙيا. تاريخ پندرهين جمادي الثاني هجري سنه 950 جمعي جي رات لانگاهن اچي ٻيڙين سان بکر جي قلعي کي گهيريو هو ۽ ان رات ئي پيرسن مائيءَ جي تئونرين ۽ تڏن جي باهه انهن کي ڀڄائي ڪڍيو هو. ٻه پهرن جو بخشو لانگاهه پاڻ ٻه نوبتون نغارا وڄائيندو بکر تي اچي نڪتو. هن کي پڪ هئي ته سندس پنجاهه ٻيڙين وارن ماڻهن قلعو اڳيئي وٺي ڇڏيو هوندو، پر هت ته سندس ماڻهن جو پتو ئي ڪونه پيو. سندس اچڻ تي قلعي مان توبون ۽ بندوقون هڪ ٻئي پٺيان ٺڪا ٺوڪي لائي بيٺيون جنهن ڪري بخشو خان لانگاهه وري پٺتي هٽيو.ٽي ڏينهن روهڙيءَ ۾ رهي آسپاس ۾ ڦرلٽ ڪري هو وري جونپور موٽي ويو. مرزا شاهه حسن کي جڏهن اها خبر پيئي،تڏهن سيد مير شاهه محمود ارغون کي قاضي قاضن سان گڏي بکر جي سنڀال لاءِ موڪليائين.(تاريخ معصومي)

مرزا ڪامران جو سنڌ ۾ اچڻ ۽ مرزا شاهه حسن جو ناٺي ٿيڻ

همايون بادشاهه جو ڀاءُ مرزا ڪامران، جيڪو ڪابل جو حاڪم هو، تنهن شيخ عبدالوهاب پراني، مير الهه دوست ۽ بابا چوچڪ کي ايلچي ڪري مرزا شاهه حسن ڏي موڪليو هو خاص هن ڳالهه لاءِ ته مرزا شاهه حسن سنديس ڌيءَ جو سڱ مرزا ڪامران کي ڏئي. مرزا شاهه حسن مرزا ڪامران جي ايلچين کي گهڻي عزت ڏني ۽ پنهنجي ڌيءَ جو سڱ به مرزا ڪامران کي ڏيڻ قبول ڪيائين ۽ سوکڙيون ڏيئي ايلچين کي ڪابل روانو ڪيائين.

همايون، بادشاهه جيڪو ايران کان لشڪر وٺي موٽيو هو، سو قنڌار (ڀاڻس مرزا عسڪري کان) هٿ ڪرڻ بعد ڪابل ويو، اتي مرزا ڪامران همايون بادشاهه سان جنگ شروع ڪئي، پر سندس عملدار ۽ سپاهي ڦري وڃي همايون بادشاهه سان مليا تنهن ڪري مرزا ڪامران اتي پير کوڙي نه سگهيو ۽ هزاره جي رستي کان سنڌ ۾ آيو. مرزا شاهه حسن کي مرزا ڪامران جي اچڻ جي خبر پئجي ويئي تنهن پاٽ شهر (تعلقه دادو) مرزا ڪامران جي رهڻ لاءِ مقرر ڪيو ۽ پنهنجي پاران درويش محمد دولت خان کي مرزا ڪامران جي حاضريءَ ۾ رهڻ ۽ رسائي ڪرڻ لاءِ موڪليائين. مرزا ڪامران پاٽ ۾ رهڻ بعد مرزا شاهه حسن تي زور رکيو ته شادي ڪراءِ. مرزا شاهه حسن پنهنجي نياڻي چوچڪ بيگم جي شادي مرزا ڪامران سان ڪئي. تنهن کان پوءِ ٻه ٽي مهينا مرزا ڪامران پاٽ ۾ گذاري پوءِ ڪابل ڏي ويو. ڪابل ڏي وڃڻ وقت مرزا شاهه حسن هڪ هزار سوار هٿيارن سميت ۽ ٻيو کاڌ خوراڪ جو سامان مرزا ڪامران کي ڏنو.

مرزا ڪامران سنڌ مان وڃڻ شرط غزنين شهر وڃي فتح ڪيو ۽ ڪابل جي قلعي تي به قبضو ڪيائين. همايون بادشاهه بدخشان کان موٽڻ بعد وري اچي مرزا ڪامران تي ڪابل ۾ گهيرو ڪيو. انهيءَ گهيري ۾ تنگ ٿي مرزا ڪامران اتان ڀڄي پهريائين هندستان ۾ آيو، پر اتي سلامتي ڪانه مليس. همايون بادشاهه کيس پڪڙائي اکيون ڪڍائي ڇڏيائينس. تنهن کان پوءِ مرزا ڪامران وري به بکر ۾ آيو. مرزا شاهه حسن ڳچ وقت مرزا ڪامران کي ساڌ ٻيلي ۾ رهايو. جيڪو بکر جي الهندي طرف درياءَ جي وچ ۾ آهي. پوءِ وري فتح باغ(1) شهر ۾ رهايائينس ۽ بٺوري پرڳڻي جي سڀ پيدائش سندس خرچ لاءِ مقرر ڪيائين.

مرزا ڪامران جو حج تي وڃڻ ۽ اتي وفات ڪرڻ

فتح باغ ۾ ڳچ وقت گذارڻ بعد مرزا ڪامران حج تي وڃڻ جو ارادو ڪيو. مرزا شاهه حسن جي مرضي نه هئي، ته ڌيڻس چوچڪ بيگم به حج تي وڃي، تنهن ڪري ڌيءَ کي روڪيائين. مرزا ڪامران جي رواني ٿيڻ بعد بيبي چوچڪ بيگم ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اڪيلي ئي اڪيلي پنهنجي مڙس پٺيان حج تي رواني ٿي. واٽ تي بيبي چوچڪ بيگم جي ٻيڙيءَ کي مرزا شاهه حسن پاڻ اچي روڪيو. ان وقت بيبي چوچڪ بيگم پيءُ کي چيو، ته ”جڏهن منهنجو مڙس، اکين وارو هو، تڏهن آءٌ ان جي پٺيان ڪيڏانهن به ويندي هيس، ته توهين مون کي روڪ نه ڪندا هئا، اڄ جڏهن هو اکين کان آجو آهي، تڏهن آءٌ ان جي پٺ ڇڏي ڏيان، سا ڳالهه منهنجي اصالت ۽ شرافت لاءِ داغ آهي تنهن ڪري آءٌ ڪنهن به طرح پنهنجي مرد سان گڏجي حج تي ويندس.“

مرزا شاهه حسن کي اولاد هئي اها هڪ ڌيءَ، تنهن ڪري ان جي مرضي هئي، ته پيريءَ جي وقت ۾ اها ڌيءَ اکين اڳيان هجيم ته چڱو، پر جڏهن ڌيءَ جي تقرير ٻڌائين، تڏهن خوشيءَ سان کيس موڪل ڏنائين ۽ سفر جو سامان به چڱيءَ طرح ڏيئي مرزا ڪامران جي قافلي سان ملائي ڇڏيائينس.

مرزا ڪامران ۽ بيبي چوچڪ بيگم حج ڪرڻ بعد ٻه ورهيه مڪي شريف ۾ رهيا پيا هئا. مرزا ڪامران ٻئي سال جي حج جي ڏينهن عرفات جي ميدان ۾ وفات ڪئي. بيبي چوچڪ بيگم پوءِ به اتي رهي پيئي ۽ ستن مهينن کان پوءِ اتيئي وفات ڪيائين وري سنڌ ۾ نه آئي. اهو واقعو هجري 963 (عيسوي سنه 1556ع) ۾ ٿيو.

ٻه عجيب وارداتون

مرا شاهه حسن جي بيان لکندي ”تحفة الڪرام“ ۾ ٻه هڪڙيون عجيب وارداتون لکيل آهن. جيڪي موجوده تاريخن مان ٻئي ڪنهن به تاريخ ۾ نه آهن. اهي پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ هيٺ لکجن ٿيون:

(1) تولا پرس (سونو مرد)

 مير طاهر نسياني لکي ٿو، ته جڏهن مرزا شاهه حسن ڪڇ جي راجا راءِ کنگهار کي شڪست ڏيئي سنڌ ڏي ٿي موٽيو، تڏهن واٽ تي هڪڙي کوهه وٽان اچي لنگهيو جنهن بابت اتي جي ماڻهن کان معلوم ٿيس، ته انهيءَ کوهه ۾ ”تولا پرس“ يعني ”سون جو ماڻهو“ پيل آهي. ان کوهه کي اتان جا ماڻهو”جهرڪ ۽ جهرڪيءَ وارو کوهه“ ڪري سڏيندا هئا.

مرزا شاهه حسن ان کوهه جي ڀرسان ٻيو هڪڙو کوهه کوٽايو ۽ ڀريل کوهه تي نار چاڙهائي ان جو پاڻي نئين کوهه ۾ وجهارايائين. جڏهين پهريون کوهه خالي ٿيڻ تي آيو، تڏهن سڀني ماڻهن ڏٺو ته سون جو ماڻهو خالي کوهه مان اڏامي وڃي ڀريل کوهه ۾ پيو. اهڙيءَ طرح وري ڀريل کوهه خالي ڪرايائون، ته اهو سون جو ماڻهو اڏامي وڃي ٻئي ڀريل کوهه ۾ پيو. نيٺ گهڻا ڀيرا کوهن جي پاڻي ڪڍڻ ڪري ڪڪ ٿي پيا، پر سون جو ماڻهو هٿ نه آيو تنهن ڪري مرزا شاهه حسن اهي ٻئي کوهه مٽيءَ سان ڀرائي لٽائي ڇڏيا.

انهيءَ ”تولا پرس“ يعني ”سون جي ماڻهو“ بابت هن طرح حقيقت لکن ٿا، ته ڪو جوڳي ڪيميا جي ڪم لاءِ ٻوٽيون ڳوليندو وتندو هو، تنهن کي اتي جهنگ ۾ ڪا اهڙي ٻوٽي هٿ اچي ويئي، جيڪا باهه جي مچ ۾ وجهي ۽ پوءِ ان ۾ ڪهڙي به وڏي پربت جهڙي شيءَ کي وجهڻ سان اها ساري سون ٿي پوي.

جوڳي هڪڙي ٻڪرار کي پاڻ سان همراهه ڪري ڪاٺيون گڏ ڪيون ۽ وڏو مچ ٻاري، ان ۾ اها ٻوٽي به وڌائين پوءِ ٻڪرار کي چيائين ته ”هاڻ اچ ته هن مچ کي چوگرد ڦيرا ڏيون، ته جلد سون تيار ٿي پوي” جوڳي جي مرضي هئي، ته ڦيرن ڏيندي ٻڪرار کي مچ ۾ اڇلي وجهي، پر ٻڪرار کي ڦيرن ڏيڻ وقت جوڳيءَ جي نيت ۾ شڪ پئجي ويو، سو پاڻ ٿيو پٺيان ۽ جوڳيءَ کي ڪيائين اڳيان. پوءِ ڦيرن ڏيندي جوڳيءَ کي اڇلي کڻي مچ ۾ وڌائين ۽ پاڻ ڀڄي ويو.

ٻئي ڏينهن ٻڪرار اچي ڏسي ته جوڳي سارو ئي سون جو ماڻهو بڻيو پيو آهي. ٻڪرار جوڳي جي بدن مان هڪڙو ٽڪر ڪپي وڃي وڪيو، ته ان کي سچي سون جي اهو تي پئسا مليا، ٻئي ڏينهن وري اچي ڏٺائين ته ڪپيل عضوو سالم ئي سالم ٿيو بيٺو آهي. پوءِ ٻڪرار روزانو سون جا ٽڪر ڪپيو وڃيو وڪڻندو هو. جڏهن تمام شاهوڪار ٿي پيو، تڏهن ان ”سوني مرد“ جو احوال ان وقت جي حاڪم لاکه بن فل راءِ سان وڃي ڪيائين. لاکه اهو سونو پتلو پاڻ وٽ کڻائي آيو ۽ ان مان ايترو ڌن گڏ ڪيائين جنهن جو شمار ئي ڪونه هو، تڏهن به سونو پتلو سڄو ئي سڄو پيو هو. لاکو انهيءَ خزاني مان روز سوا لک رپيا فقيرن کي خيرات طور ورهائي ڏيندو هو. مرڻ وقت خدا تعالى کي سوال ڪيائين ته ”اها دولت وري ڪنهن به ماڻهوءَ کي هٿ نه اچي“ سندس دعا قبول پيئي ۽ اهو سونو پتلو لاکه جيئن کوهه ۾ ڦٽو ڪيو، تيئن وري ڪنهن کي به هٿ نه آيو. (تحفة الڪرام)

(2) ماءُ جي قرباني

 جنهن وقت همايون بادشاهه سنڌ ۾ هو، تنهن وقت سنڌ ۾ تمام سخت ڏڪار پئجي ويو. هڪڙيءَ ماءُ پنهنجن پٽن سميت وطن ڇڏي ڪنهن ٻئي پاسي ٿي ويئي. واٽ تي بيابان ۾ جڏهن هن ڏٺو ته سندس پٽ بک وگهي مرن ٿا، تڏهن پنهنجن پٽن کي چيائين، ته ”ابا، اوهين مون کي ڪهي منهنجو گوشت کاڌي ۾ ڪم آڻيو، ته اوهان جون حياتيون بچي پون، جيستائين منهنجي گوشت تي وقت گذاريندؤ تيستائين ڌڻي ڪندو ته ڪنهن کاڌ خوراڪ تي پهچي ويندؤ“ پٽن گهڻو ئي انڪار ڪيو، پر ماءُ جي ليلائڻ ۽ ستائڻ تي آخر ان کي ڪٺائون ۽ سندس گوشت پچائي ويهي کائڻ لڳا. ايتري ۾ ڪي ماڻهو مٿانئن اچي پيا جن ڳئون وڃائي هئي. انهن سمجهيو، ته هي اها ڳئون پيا ڪتب آڻن تنهن ڪري ڇوڪرن کي کڻي قابو ڪيائون، ڇوڪرن گهڻائي قسم کنيا ۽ حقيقت ڪيائون، ته ”هن طرح اسان پنهنجي ماءُ جي گوشت ڪم آڻي رهيا آهيون“، پر آيل ماڻهن کي انهن جي ڳالهه تي اعتبار ئي نه آيو. آخر ڇوڪرن کي وڻ سان ٻڌي سچي ڪرائڻ لاءِ انهن کي چهبڪن جا وسڪارا ٿي ڪيائون، ته ايتريءَ ۾ ڇوڪرن جي ماءُ جا آنڊا جيڪي پريان پيا هئا، سي چهبڪن هڻڻ وارن جي ٽنگن ۾ اهڙا اچي چنبڙيا، جو هو چري ئي نه سگهن. هڪڙو پير مرد، جو انهن ۾ هو، تنهن پنهنجن همراهن کي سمجهايو ته ”هنن ڇوڪرن برابر سندن ماءُ کي ان جي رضامندي موجب ڪٺو آهي، جنهن ڪري ماءُ جا آنڊا پنهنجن پٽن کي سزا ڏيارڻ نٿا گهرن. انهن کي ڇڏي ڏيو.“ (تحفة الڪرام، جلد ٽيون)

 

ارغونن جي بغاوت ۽ مرزا شاهه حسن جي وفات

ارغونن تي نيچ ماڻهن کي غالب ڪرڻ جي غلطي

مرزا شاهه حسن حياتيءَ جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ ارغونن ۽ ترخانن سان هڪڙي نهايت غلطي جهڙي هلت هيءَ ڪئي، جو رولاڪ ۽ ڪميڻن ماڻهن کي کڻي پنهنجو حال محرم ڪيائين ۽ ارغونن ۽ ترخانن کي انهن جو محتاج بڻايائين  جنهن ڪري ڪيترائي ارغون ۽ ترخان نوڪريون ڇڏي وڃي گوشه نشين ٿيا.

مرزا شاهه حسن کي اڌ رنگ جو مرض ٿي پيو، ان کي بي پهچ ڏسي سنس خاص رکيل نوان صلاحڪار هيڪاري گهڻا ظلم ارغونن ۽ ترخانن سان ڪرڻ لڳا. مرزا شاهه حسن انهيءَ اڌ رنگ جي بيماريءَ جي حالت ۾ هجري سنه 960 (عيسويءَ سنه 1552ع) ۾ ٺٽي شهر جو ارباب عربي گاهيءَ کي مقرر ڪيو ۽ رعيت جي ٻي سار سنڀال جو ڪم اسماعيل بٺاري جي حوالي ڪيائين. عربي گاهيءَ جي پٽن وري مغلن جي عزتن ۾ هٿ وجهڻ شروع ڪيا. هڪڙيءَ حامله ارغون عورت جو ٻار ضايع ڪري وڌائون. مغلن اها دانهن مرزا شاهه حسن کي وڃي ڏني، پر ان گهڻي غيرت ڪانه ڏيکاري ۽ شيخ ميرڪ پوراني، جيڪو شيخ الاسلام هو تنهن کي چوائي موڪليائين، ته انهن ڏوهن جو فيصلو شريعت موجب ڪري ڇڏ.

نصرت آباد وارو قلعو وري پنهنجن ٻن زرخريد غلامن هر هڪ شنبهه ۽ رقيق جي حوالي ڪيائين. مرزا شاهه حسن اڌ رنگ جي مرض ۾ ورتل هوندي به بکر ڏي روانو ٿيو ۽ تاريخ ستين محرم هجري سنه 961 (عيسوي سنه 1553) ۾ بکر پهتو.

جيڪو ارغون ۽ ترخان مرزا شاهه حسن جي خاصخيلين هٿان آزارجي ٺٽي کان ڀڳا هئا، سي سڀ اچي بکر ۾ گڏ ٿيا هئا. بکر جي حاڪم مير محمود بيگ لار وٽ مرزا شاهه حسن جي غلطين ۽ گهٽتاين جون شڪايتون ۽ سندس دادلن جي ظلمن جون خبرون اچي ڪيون هئائون ۽ اهو به ساڻن همدرد هو. هنن سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪئي، ته ”جنهن صورت ۾ مرزا شاهه حسن اڌ رنگ جي مرض سبب سواري ڪري نٿو سگهي ۽ ڏوليءَ ۾ پاڻ کي کڻائي ٿو، تنهن صورت ۾ ان کي هن بکر جي قلعي ۾ قيد ٿا رکون ۽ سندس خاصخيلين مان هڪڙي هڪڙي کي قتل ڪري ٿا ڇڏيون.“

مير جاني ترخان انهن کي صلاح ڏني ته ”مرزا شاهه حسن هينئر مرڻ جي ڪنڌيءَ تي آهي. پڇاڙيءَ ۾ انهيءَ پاپ کي هٿ لڳائي پنهنجا هٿ داغدار نه ڪريو. جيئن هيترو وقت صبر سان تڪليفون سٺيون اٿئون تيئن ٻارهن مهينا کن صبر ڪريو. مرزا شاهه حسن جي عمر جو فيصلو خدائي گهر موجب ٿي وڃي پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن ڪجو.“

انهيءَ هوندي به ڪيترائي ارغون ۽ ترخان جوش ۾ ڀرجي اٿيا، ته مرزا شاهه حسن کي قيد ۽ سندس خاصخيلين کي قتل ڪجي، پر انهيءَ وچ ۾ مرزا شاهه حسن کي ڪا ٻڙڪ پئجي ويئي، سو درياءَ جي طرف واري دروازي کان نڪري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اچي ٺٽي کان نڪتو.

بکر ۾ بغاوت

بکر جو حاڪم مير شاهه محمود بيگ لار، جو ارغونن ۽ ترخانن جو حمايتي هو، تنهن بڙدي ۽ ٻيا بلوچ گهرائي گڏ ڪيا. سلطان محمود خان بکري جي والده، جيڪا نهايت داناءُ پيرسن زال هئي، جنهن جي تجويز سان بخشو لانگاهه سخت شڪست کائي بکر جي قلعي جي پچر ڇڏي ويو هو، تنهن جڏهن مير شاهه محمود جو اهو ارادو ڏٺو، تڏهن پنهنجي ڀاءُ مير لطفي ۽ مير ملڪ محمد کي گهرائي ورتائين، جيڪي اٻاوڙو ۽ ماٿيلي طرف ويل هئا. اهي هڪدم بکر جي قلعي ۾ اچي حاضر ٿيا ۽ قلعي جا جيڪي عملدار ۽ ماڻهو مير شاهه محمود جو طرف وٺي چڪا هئا، تن کي به دڙڪو تاب ڏيئي پاڻ ڏي ڪيائون ۽ ساري حقيقت مرزا شاهه حسن ڏي لکي موڪليائون.

مرزا شاهه حسن ترت حمزه بيگ ۽ درويش محمد شير محمد کي بکر روانو ڪيو، ته مير لطفي ۽ مير ملڪ محمد سان وڃي مددگار ٿين. مير حميد بن مير محمود ساريان کي هڪڙو پروانو مير شاهه محمود بيگ لار جي نالي لکي ڏنائين، جنهن ۾ مير شاهه محمود کي لکيائين ته ”تون هڪدم ٺٽي ۾ مون وٽ اچ“ مير شاهه محمود حڪم پهچڻ شرط ٺٽي روانو ٿيو ۽ سن ۾ اچي مرزا شاهه حسن سان مليو جنهن ظاهر طرح گهڻي عزت ڏنيس.

سلطان محمود خان بکري، جيڪو انهن ڏينهن ۾ سوي جي قلعي ڏانهن ويو هو، تنهن اتي مير شاهه محمود جي مخالفت جون خبرون ٻڌيون تنهن ڪري تڪڙيون تڪڙيون منزلون کڻندو بکر ڏي پي آيو، ڇاڪاڻ جو ان جو عيال بکر جي قلعي ۾ هو. ٽن چئن منزلن کان پوءِ سلطان محمود خان کي واٽ تي ئي سندس والده جو خط مليو. جنهن ۾ والده لکيو هوس ته ”مير شاهه محمود کي مرزا شاهه حسن پاڻ ڏي گهرائي ورتو آهي ۽ قلعي ۾ به هينئر ٺاپر آهي تنهن ڪري تون هن طرف جو ڪو به فڪر نه ڪج پنهجن ڪمن ۾ لڳو رهج“.

سلطان محمود خان والده جو خط پڙهي دلجاءِ ڪري وري پٺتي ٿي ويو، پر سندس صلاحڪار اميرن صلاح ڏنيس ته ”هر حالت ۾ توکي هيڪر بکر ضرور هلڻ گهرجي ۽ بکر جي حڪومت هلي هٿ ڪرڻ گهرجي“. تنهن تي سلطان محمود خان بکر ڏي وريو. هو اڃا بکر کان ٻاهر هو، ته خبر مليس ته مرزا شاهه حسن بکر جي حڪومت تي مير لطفي ۽ مير ملڪ محمد کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ خبر ٻڌڻ ڪري سلطان محمود خان کي ڏاڍي پشيماني ٿي. مير لطفي ۽ مير ملڪ محمد جن جي گڏيل حڪومت هيٺ بکر ڏنو ويو هو، سي انهيءَ پرڳڻي جا جدا جدا ٽڪر جدا جدا اميرن جي حوالي ڪرڻ لڳا. تنهن تي سلطان محمود خان انهن کي چوائي موڪليو، ته ”آءُ قلعي کان ٻاهر آهيان، ته به مون کي ونڊ ورڇ ۾ وساري نه ڇڏجو“.تنهن تي مير ملڪ محمد قلعي جون ڪنجيون پنهنجن پٽن هٿان سلطان محمود خان ڏي ڏياري موڪليون.(تاريخ معصومي)

مرزا شاهه حسن کان رعيت جو ڦرڻ

مهيني محرم هجري سنه 962(عيسوي سنه 1554) جي شروع ۾ ٺٽي شهر وارن ارغونن ۽ ترخانن پاڻ ۾ هم صلاح ٿي مرزا عيسى ترخان کي کڻي پنهنجو اڳواڻ ڪيو ۽ سڀني ان جي بيعت ورتي يعني ان کي پنهنجو بادشاهه ڪري مڃيائون ۽ مرزا شاهه حسن کان ڦري ويا. عربي گاهي، اسماعيل بٺارو، شنبهه ۽ رقيق وغيره جيڪي مرزا شاهه حسن جا لاڏلا ٺٽي شهر ۾ هئا، تن کي چونڊي چونڊي قتل ڪيائون. مرزا شاهه حسن جي بيبي ماه بيگم کي قيد ۾ رکيائون ۽ خزانو کولي سپاهين کي ورهائي ڏنائون ۽ ٻيو پنهنجي هٿ ۾ رکيائون.

مرزا شاهه حسن کي جڏهن اها خبر پيئي، تڏهن مير محمود شاهه جنهن کي بکر جي بغاوت جي سزا ڏيڻ لاءِ سن ۾ گهرايو هئائين، تنهن کي اتان پروانو ڏيئي ٺٽي جو حاڪم ڪري موڪليائين. مير محمود شاهه ٺٽي ۾ اچي ڏٺو، ته ساري خلق مير عيسى جي حڪم ۾ قائم آهي، تنهن ڪري پاڻ به مرزا عيسى جي بيعت وٺي ان جو تابعدار ٿيو ۽ ان سان ملي ويو.

سلطان محمود خان ۽ مرزا عيسى جي وچ ۾ ٺٽي ۾ جنگ

مرزا شاهه حسن جڏهن ڏٺو، ته هاڻي جيئري ئي حڪومت هٿان ٿي وڃيم تڏهن هڪدم سلطان محمود خان بکري کي لکيائين، ته جيڪي به ارغون ۽ ترخان بکر جي قلعي ۾ هجن، تن کي قيد ڪري مون وٽ وٺي اچ ۽ بکر جي قلعي جي حڪومت جو پروانو به سلطان محمود خان ڏي لکي موڪليائين.

سلطان محمود خان ارغونن ۽ ترخانن کي قيد ڪرڻ کان پي نٽايو، پر سنديس والده صلاح ڏنيس، ته ”توکي هيڪر مرزا شاهه حسن جي حڪم جي پيروي ڪري ارغون ۽ ترخانن کي ان تائين نيئڻ گهرجي. پوءِ جيئن مرزا شاهه حسن جي مرضي هجي تيئن ڪج“.

سلطان محمود خان ماءُ جي صلاح موجب مير جاني ترخان، احمد ترخان، حمزه بيگ، مراد حسي بيگ لار ۽ ٻين ارغونن ۽ ترخانن کي قيد ڪيو. قاضي قاضن عليہ الرحمة جو اولاد ۽ ٻيا ڪي ٿورڙا معزز ماڻهو قلعي ۾ رهندا هئا، تن سڀني کي قلعي کان ٻاهر رهيايائين. فقط پنهنجي والده ۽ ٻيا ڪي پنهنجا خاص خانگي ماڻهو بکر جي قلعي ۾ رهايائين ۽ پاڻ گرفتار ٿيلن جو ٽولو وٺي مرزا شاهه حسن ڏي روانو ٿيو.

بکر کان اڃا ٻه منزلون ڪيائين، ته مشهد شريف جي سادات سيد جعفر نغارن جي جوڙي آڻي پهچايس، جيڪا جوڙي مشهد شريف جي سجاده نشين ساداتن کيس سوکڙيءَ طرح موڪلي هئي. سلطان محمود خان منهن ۾ نغارن جي جوڙي ملڻ (سا به نهايت برڪت ڀرئي دروازي تان) کي سٺو سؤڻ ڪري سمجهيو ۽ پڪ ٿيس ته کيس جلد بادشاهي ملڻي آهي. سلطان محمود خان سيد جعفر کي قيمتي بخششون ڏيئي روانو ڪيو ۽ پاڻ ٻارهن جوڙيون نغارن جون ۽ نو ڀيرون به پاڻ سان کنيائين ۽ مرزا شاهه حسن ڏي هليو، تاريخ 22 محرم جي مرزا شاهه حسن وٽ پهتو ۽ پئسو ڏوڪڙ به جام آڻي مرزا شاهه حسن جي اڳيان رکيائين. انهيءَ ڪري مرزا شاهه حسن ڏاڍو خوش ٿيو ۽ لشڪر وٺي پاڻ کي ڏوليءَ ۾ کڻائي سن کان ٺٽي ۾ پي آيو ته مرزا عيسى ترخان به سانپاهه ڳوٺ وٽ اچي سامهون ٿيس ۽ ٻنهي طرفن وچ ۾ جنگ لڳي ويئي. جنهن ۾ ٻنهي پاسن جا ماڻهو گهڻا نقصان ٿيا. مرزا عيسى ترخان ڳجهيءَ طرح سلطان محمود خان ڏي چوائي موڪليو ته اسين تمام لاچار ٿي ڪري هيءُ قدم کڻي رهيا آهيون. روزانو هيترا ماڻهو ٻنهي طرفن جا پيا ناس ٿين سو ڇو؟ اچ ته پاڻ ٻئي هڪ ٻئي سان روبرو ملي صلاح مصلحت ڪريون ۽ اڳتي لاءِ ڪا پڪي رٿ ڪري ڇڏيون“

”مرزا عيسى ترخان ۽ سلطان محمود خان آڌيءَ رات جو ڪنهن مقرر ٿيل هنڌ پاڻ ۾ ملاقاتي ٿيا ۽ ٺهراءُ ڪيائون، ته مرزا شاهه حسن ٿورڙن ڏينهن جو مهمان آهي. ان جي ڪاروبار ۾ پاڻ ٻنهي کان سواءِ ٻي ڪا به ڌر کڙي ٿيڻي نه آهي. تنهن ڪري پاڻ ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ اهڙو صلح ڪريون جو گڏجي حڪومت هلائڻ ۾ پاڻ ٻنهي کي ڪو به اٽڪاءُ نه پوي“.

صبح جو اڃا مرزا عيسى ۽ سلطان محمود خان جون راتوڪيون ڪيل رٿون مضبوط ئي نه ٿيون هيون، تنهن کان اڳ امير سلطان ۽ امير ابو الخير سوڍن جو وڏو لشڪر وٺي مرزا شاهه حسن جي طرفان مرزا عيسى جي لشڪر تي اچي ڪڙڪيو ۽ تمام گهڻا ماڻهو مرزا عيسى جي طرف جا قتل ٿي ويا. انهن قتل ٿيلن جا سر نيزن ۾ ٽنگي جڏهن مرزا شاهه حسن کي آڻي ڏيکاريائون، تڏهن ڪيترن ئي ارغونن جا سر نيزن ۾ ٽنگيل ڏسي مرزا شاهه حسن روئي ڏنو. اتي سلطان محمود خان کي جنگ بند ڪرائڻ جو وجهه ملي ويو، تنهن مرزا شاهه حسن کي چيو، ته مرزا عيسى جي طرف به تنهنجا عزيز پيا ڪسن ۽ تنهنجي طرف به تنهنجا ئي عزيز پيا ڪسن. هاڻي جيئن حڪم ڪريو تيئن ڪريون“. انهيءَ وچ ۾ شيخ عبدالوهاب ۽ مرزا قاسم بيگ لار وري مرزا شاهه حسن کي اچي چيو، ته ”مرزا عيسى ترخان کان جيڪي به خطائون ٿيون هجن، سي ان کي معاف ڪريو هو آئنده اوهان جو فرمانبردار ٿي رهندو“ انهيءَ ڪري جنگ بند ٿي مرزا عيسى بيبي ماه بيگم کي ان جي عملي سميت باعزت مرزا شاهه حسن جي ڇانوڻيءَ ۾ پهچايو. اهو صلح ماه صفر هجري سنه 962 (عيسوي سنه 1554) ۾ ٿيو. (تاريخ معصومي)

سلطان محمود خان ۽ مرزا عيسى جو پاڻ ۾ ٺاهه

ٺٽي واري جنگ دفع ٿي. مرزا عيسى ترخان جيتوڻيڪ وقت جي مصلحت ڪري مصلح ٿيڻ بعد حڪومت جي مالڪيءَ جي دعوى ڇڏي ڏني، ته به ٺٽي ۽ آسپاس واري رعيت جو پيارو اڳواڻ ۽ درباري امير ٿي رهندو آيو. بکر مان جيڪي به ترخان قيد ٿي آيا هئا، تن کي معافي ملي ۽ آزاد ٿيا.

تاريخ ٻي ربيع الاول هجري سنه 962 تي مرزا عيسى ۽ سلطان محمود خان پاڻ ۾ مليا ۽ قرآن شريف جي نسخن تي هڪ ٻئي کي انجام اڪرام لکي ڏنائون ته ”پاڻ ۾ ٻئي ڄڻا هڪ ڳالهه ۾ رهنداسون ۽ نفاق جهڙي ڳالهه کي وچ ۾ اچڻ ئي نه ڏينداسون، جيستائين مرزا شاهه حسن اڃا حيات آهي، تيستائين ساڻس وفادار ٿي رهنداسون ۽ ڪا به بغاوت نه ڪنداسون. جڏهن مرزا شاهه حسن پنهنجي مرڻيءَ مرندو، تڏهن سنڌ کي ٻه حصا ڪنداسون، لڪيءَ کان هيٺ مرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت ليکبي ۽ لڪيءَ کان بکر تائين سلطان محمود خان جي حڪومت ٿيندي“ ٻنهي ڄڻن پنهنجي پنهنجي هٿ سان اهي انجام اڪرام لکي پنهنجون صحيحون وجهي هڪ ٻئي کي ڏنا ۽ هڪ ٻئي سان ڀاڪر وجهي پوءِ موڪلايائون.

ان وقت کان وٺي مرزا شاهه حسن جي وفات تائين مرزا عيسى ترخان، سلطان محمود خان ۽ مرزا شاهه حسن پاڻ ۾ تمام چڱي سلوڪ ۾ رهيا ۽ هڪ ٻئي وٽ بنان خوف خطري جي اچڻ وڃڻ لڳا.

مرزا شاهه حسن جي وفات

شيخ عبدالوهاب، جيڪو نهايت قابل حڪيم هو، تنهن مرزا شاهه حسن جي طبيعت ضعيف ٿيندي ڏٺي تنهن ڪري عملدارن کي صلاح ڏنائين، ته مرزا شاهه حسن کي ماڻهن جي گوڙ کان پري رکڻ لاءِ سيوهڻ کڻي هلو.

ٻيڙيءَ  رستي مرزا شاهه حسن پنهنجن ڪن اميرن سان گڏ سيوهڻ وڃي رهيو هو، ته واٽ تي علي پوٽن جي ڳوٺ وٽ ٻيڙيءَ ۾ تاريخ 11 ربيع الاول هجري سنه 962 (عيسوي سنه 1554) تي وفات ڪيائين.

سلطان محمود خان ۽ ماهه بيگم به ٻيڙيءَ ۾ مرزا شاهه حسن سان هئا، سلطان محمود خان بروقت اهو خزانو به پنهنجي قبضي ۾ ڪيو، جيڪو مرزا شاهه حسن ساڻ ڪريو هلندو وتندو هو ۽ ٻيو به جيڪو اسباب ٻيڙين ۾ هو، سو پنهنجي هٿ ڪيائين. بيبي ماهه بيگم کي چيائين ته ”ٺٽي ۾ ارغون الائي تنهنجي عزت رکن يا نه رکن تنهن ڪري بکر ۾ هلي رهه ۽ لاشو به بکر ۾ هلي دفن ڪريون“. انهيءَ تي ماهه بيگم اعتراض ورتو، ته ”مرزا شاهه حسن جو لاش مڪي معظمه ۾ دفن ڪرڻو آهي تنهن ڪري هينئر ان جو لاش بکر ۾ هلي پورڻ جي بدران ٺٽي ۾ هلي دفن ڪجي، ڇاڪاڻ جو ٺٽو وري به بکر به نسبت مڪي معظمي کي وڌيڪ ويجهو آهي“

مرزا عيسى ترخان کي ٺٽي ۾ خبر پيئي، ته مرزا شاهه حسن وفات ڪئي، پر سندس لاشو به بکر ڏي کڻيو ٿا وڃن، سو لشڪر وٺي ٺٽي مان نڪتو ۽ سلطان محمود خان کي واٽ تي وڃي مليو، پر جڏهن خبر پيس ته ماهه بيگم اڳيئي لاشو ٺٽي ڏانهن کڻائي ويئي آهي، تڏهن سلطان محمود خان سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري پٺتي موٽيو. مرزا شاهه حسن جو لاشو پهريائين مير احمد علي جي حويلي ۾ درياءَ جي ڪپ تي امانت طرح دفن ڪيو هئائون. پوءِ مڪلي ٽڪري تي عمدي جاءِ ٺهرائي تنهن ۾ مرزا عيسى ترخان آڻي دفن ڪرايس. انهيءَ دفن جي وقت مرزا عيسى ترخان توڙي ٻيا به سڀ ارغون خواه ترخان ماتمي لباس ڍڪي پير پيادا دفنگاهه تائين ويا هئا. ٻن ورهين کان پوءِ اهو لاش اتان ڪڍي مڪه معظمه ۾ پڻس شاهه بيگ جي ڀرسان وڃي دفن ڪيائون ۽ مٿس سٺي جاءِ به ٺهرائي ڇڏي هئائون.

سيوهڻ جي قلعي جي خودمختياري

مرزا شاهه حسن جي وفات جي خبر پڌري ٿيڻ شرط سيوهڻ جي قلعي جي عملدارن جهڙوڪ مرزا شاهه مسعود ۽ شاهه حسين تڪدري، مير ابوالخير مير حميد ساربان، خواجه باقي ۽ ٻين پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ”ٺٽو کنيو مرزا عيسى ترخان ۽ بکر کنيو سلطان محمود خان تنهن ڪري سيوهڻ جو قلعو اسين ڇو نه پنهنجي هٿ ۾ رکون.“

سلطان محمود خان بکر ڏي ويندي جڏهن سيوهڻ ۾ آيو، تڏهن قلعي جي عملدارن ان کي قلعي ۾ گهڙڻ جي اجازت نه ڏني تنهن ڪري هو بکر ڏي هليو ويو، مرزا عيسى به سلطان محمود خان سان ملاقات ڪري موٽيو هو ۽ سن ۾ اچي منزل ڪئي هئائين، تڏهن خبر پيس، ته سيوهڻ جي قلعي جا عملدار خودمختيار ٿي ويا آهن ۽ سلطان محمود خان کي قلعي جي در تان موٽائي ڇڏيو اٿن. تنهن ڪري مرزا عيسى پنهنجي پٽ محمد صالح کي ڳچ لشڪر ڏيئي سيوهڻ جي قلعي تي موڪليو ۽ پاڻ به ان جي پٺيان وڃي سيوهڻ پهتو. قلعي وارن ماڻهن تنگ ٿي تابعداري مڃي ۽ قلعو مرزا عيسى جي هٿ ۾ رهيو. قلعي وارن ماڻهن مان ڪيترائي شرفاءَ شرمساريءَ سبب ان وقت ئي سيوهڻ مان لڏي هندستان يا ٻين ملڪن ڏانهن وڃي نڪتا.

مرزا شاهه حسن جي سيرت

مرزا شاهه حسن دل جو بهادر مڙس هو. ننڍي هوندي کان وٺي بيمار ٿيڻ تائين جنگ جي ميدانن ۾ هميشه سوڀارو ٿيندو ايندو هو. حياتيءَ جي وقت ۾ ڪئين عجيب ڪم سندس هٿان ٿيا. هو هجري سنه 897 ۾ ڄائو هو. ڇاهٺ ورهيه عمر هيس.

ننڍپڻ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين علم جو شوق دامنگير رهيس، حڪومت جي بوجي هوندي به عربي ڪتابن جون تقريرون پارسيءَ ۾ پنهنجن هٿن سان لکندو هو. پارسي شعر به عمدو چوندو هو، سندس تخلص هو ”سپاهي“

سڀ فيصلا شريعت موجب ڪندو هو. ساداتن، بزرگن ۽ عالمن جو تمام گهڻو ادب ڪندو هو ۽ انهن کي گهڻي تعظيم ڏيندو هو، ۽ انهن جي ٺهرايل لوازمن ۽ پگهارن ڏيڻ ۾ ڪا به دير ٿيڻ نه ڏيندو هو. جوانيءَ جي شروع ۾ ٻه سال مرزا شاهه حسن بابر بادشاهه جي نوڪريءَ ۾ هو. ات بابر بادشاهه کانئس اهڙو خوش هوندو هو، جو چوندو هو ته ”شاهه حسن بيگ مون وٽ نوڪري نٿو ڪري، پر حڪمرانيءَ جا قاعدا ۽ دستور پيو سکي“. هن سنڌ ۾ چوئيتاليهه ورهيه حڪومت ڪئي.

مرزا شاهه حسن ٻه شاديون ڪيون هيون، هڪڙي پنهنجي چاچي جي ڌيءَ ماهه بيگم سان ڪيائين، جنهن مان هڪڙي ڌيءَ چوچڪ بيگم هيس، جيڪا همايون بادشاهه جي ڀاءُ مرزا ڪامران سان پرڻائي هئائين. اها پنهنجي مرد مرزا ڪامران سان مڪي شريف ويئي ۽ اوڏهين وفات ڪيائين. ٻي شادي مير خليفه جي ڌيءَ گلبرگ بيگم سان ڪئي هئائين پر اها بيگم ۽ مرزا شاهه حسن پاڻ ۾ نه ٺهيا تنهن ڪري شادي کان ٻه سال پوءِ گلبرگ بيگم دهليءَ ۾ وڃي گذارڻ لڳي ۽ اتيئي وفات ڪيائين

مرزا شاهه حسن کي ماه بيگم مان هڪڙو پٽ به ڄائو هو، پر ٻن ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو هو ان جو نالو مرزا ابوالمنصور رکيو هئائون. انهيءَ ڪري مرزا شاهه حسن جي وفات وقت سندس ڪو به نسلي وارث حيات نه هو.

سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت جو عرصو ۽ اثر

سنڌ ۾ ارغون گهراڻي جا فقط ٻه حاڪم ٿيا: هڪڙو مرزا شجاع بيگ يا شاهه بيگ ۽ ٻيو پٽس مرزا شاهه حسن. مرزا شاهه بيگ جا جيڪي لاڳاپا قنڌار جي حڪومت بابت بابر بادشاهه سان هئا ۽ مرزا شاهه حسن جا جيڪي لاڳاپا همايون بادشاهه سان سنڌ ۾ پناهه وٺڻ وقت هئا، تن جي ڪري سنڌ جو ارغون گهراڻو هندستان جي عام تاريخ جو هڪڙو ضروري جزو آهي خاص طرح ان ڪري جو بابر ۽ همايون جي تاريخي حقيقت سنڌ جي ارغون گهراڻي جي حقيقت سان ملڻ ڌاران اڻ پوري رهجي ويندي.

سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت جي مدت بابت جدا جدا رايا آهن، ڪي چون ٿا 35 ورهيه، ڪي 36 ورهيه ۽ ڪي 41  ورهيه. جيڪڏهن اسين هجري سنه 921 (عيسوي سنه 1515) کان وٺي حساب ڪنداسون جڏهن ته ”تاريخي طاهري“ جي لکڻ موجب مرزا شاهه بيگ، اتر سنڌ جو ڪجهه ڀاڱو پنهنجي هٿ ۾ رکيو هو. (1)، ته پوءِ پويون انگ يعني 41 ورهيه درست ليکبو، پر جيڪڏهن اتر خواه ڏکڻ يعني ساري سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت جو حساب ڪبو ته عيسوي سن 1521 کان وٺي سنڌ تي ارغون گهراڻي جي حڪومت ليکبي جا ڪل 33 ورهيه ٿيندي. (هجري سنه موجب 35 ورهيه ٿيندي)

سڀ تاريخون لکن ٿيون، ته ارغون گهراڻي جي حڪومت هجري سنه 962 (عيسوي سنه 55-1554) ۾ پوري ٿي، ڇاڪاڻ جو مرزا شاهه حسن کي وفات ڪرڻ وقت ڪو اولاد ڪونه هو. (2) (سر هينري ايليٽ صاحب جي هسٽري آف انڊيا جلد پهريون).

سنڌ ارغون گهراڻي جي حڪومت وارو عرصو، علم جي روشني ۽ ترقي پکڙڻ جو زمانو هو. مرزا شاهه بيگ توڙي مرزا شاهه حسن پاڻ به عالم ۽ علم دوست حاڪم هئا ۽ عالمن ۽ دانائن ماڻهن جي همت افزائي گهڻي قدر ڪندا هئا. چڱا چڱا عالم، بزرگ، درويش ۽ شاعر هرات، قنڌار، بخارا ۽ ايران کان سنڌ ۾ آيا ۽ ڪيترا سنڌي به انهن کان فيض وٺي نامور عالم، درويش ۽ شاعر ٿيا. سمن جي حڪومت وقت سنڌ ۾ فقط عربي تعليم جا وڏا وڏا مدرسا هئا، پر ٿورڙا هئا. ارغون گهراڻي جي حڪومت وقت عربي ۽ پارسي تعليم جا مدرسا عام جام ٿي ويا. سنڌ ملڪ جهڙو دنيوي علم جو سڌارو حاصل ڪيو تهڙو روحانيت جو واڌارو.

سنڌي نظم کي پارسي صورتخطيءَ ۾ رکڻ جو رواج به ارغون گهراڻي جي وقت کان سنڌ ۾ پيو هو.


(1)  فتح باغ يا باغ فتح شهر تمام وڏو ۽ آباد شهر هوندو هو، هينئر ڦٽي ويو آهي، گوني تعلقه ۾ اهو ڦٽل شهر اڃا موجود آهي. چون ٿا ته اڪبر بادشاهه جو وزير بيربل به انهيءَ باغ فتح شهر جو ويٺل هو. (مؤلف)

(1) ترخان نامه ۾ لکيل آهي ته مرزا شاهه بيگ جو اتر سنڌ تي حملو ۽ قبضو هجري سنه 924 (عيسوي سنه 1518) ۾ ٿيو.

(2)  تاريخ سنڌ دستخط ص 136، بيگلر نامه دستخط  ص 30، ترخان نامه دستخط ص 24، تاريخ طاهري دستخط ص 14، 15، 76 ۽ 81 تحفة الڪرام دستخط ص 42، 52 (سر هينري ايليٽ صاحب جو فٽ نوٽ)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org