باب ٻيو
سنڌ جي قديم تاريخ
هيءَ ڳالهه هميشہ افسوس سان ظاهر ڪئي ويئي آهي. ته هندوستان ۾
سڀ ڪجهه هو ۽ جيڪا شيءِ نه هئي سا تاريخ آهي. هندو
مڃين يا نه مڃين مگر سچ پچ ته هن باري ۾ هندن کان
اها اهڙي سخت غلطي ٿي ويئي آهي جنهن جو هينئر ڪو
علاج ٿي نٿو سگهي. قومن جا حالات دريافت ڪرڻ وقت
اسين گمنام کان گمنام قومن جا به ڪجهه نه ڪجهه
واقعات معلوم ڪري سگهون ٿا. مگر افسوس هندن جي
متعلق اسان کي ڪي اهڙا قديم ڪتاب نه بجاءِ خود پر
پٿرن وغيره جا ڪتبا(1)
به نٿا ملن جن مان اڳوڻي زماني جي حقيقت معلوم ڪري
سگهجي. هندن ته اول پنهنجي تاريخ جي قلمبند ڪرڻ جو
ڪڏهن ارادو به نه ڪيو آهي پر جيڪڏهن ڪٿي ڪي ٿورا
گهڻا حالات ٻڌائڻ جي ڪوشش به ڪئي اٿن ته اهي اهڙي
طرح جي شاعرانه مبالغن يا اڳين ڀورڙائي جي عقيدن ۾
ملائي ٻڌايا اٿن جو تاريخ ۽ روايت جو ڪم ڏيڻ جي
عيوض انهن ۾ هڪ مذهبي ڪٿا جو شان پيدا ٿي ويو آهي.
مهاڀارت ۾ رامائڻ جي مقدس ۽ شاعرانه نظمن ۽ سنڌ
وارن جي مشهور قومي ڪارنامن مان جيڪي معلوم ٿي
سگهيو آهي سو پنهنجي پڙهندڙن اڳيان پيش ٿو ڪجي.
مگر ان سان گڏ ائين به چئي ٿا ڇڏيون ته انهن
ڳالهين کي هڪ ڪهاڻي کان زياده ڪا وقعت ڏيئي نٿي
سگهجي.
ڪيڪيا جو راڄ رامائڻ جي زماني ۾
هندو تاريخ ۾ سڀ کان اول ملڪ جو پتو رامائڻ مان ملي ٿو. هن ئي
ملڪ ۾ درياءَ اٽڪ جي ڪناري ڪيڪيا نالي هڪ حڪومت
هئي جنهن جو راجا اسواپتي يعني گهوڙن وارو راجا
سڏبو هو، راجا دسرت جي نازنين راڻي جنهن جي ضد ۽
حسد کان رام چندر جي ماهر کي بنواس نصيب ٿيو، سا
هن ئي راجا جي ڀيڻ هئي، ۽ انهي ئي ڪري ڪيڪئي جي
نالي سان مشهور آهي جو ڪيڪيا جي ملڪ جي هئي.
انهيءَ ڪري ائين سمجهڻ گهرجي ته انهن ڏينهن سنڌ جو
راجا، راجا دسرت جو سالو هو.
تنهن کان پوءِ پانڊؤن جي زماني ۾ به جي مهاڀارت جي لڙائي جا
ڪامياب هيرا هئا، هن ئي اسواپتي جو نالو آيو آهي،
نگر جي علائقي ۾ هڪ ٽامي جي تختي نڪتي جا بطور سند
جي آهي، ان جي ڪتبي مان معلوم ٿو ٿئي ته مهاراجا
جنمي جياني جو هستناپور جو راجا ۽ پانڊون جي نسل
مان هو تنهن اسواپتي راجا کي قتل ڪيو. هن تختي ۾
علم نجوم جي مطابق جو زمانو ٻڌايو ويو آهي ان جو
حساب لڳايو ٿو وڃي ته هي واقعو حضرت عيسى عليه
السلام جي ڄمڻ کان (2990) ورهيه اڳ جو آهي.
ان مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن ڏينهن اسواپتي راجا يعني سنڌ جو
حاڪم ايترو زبردست هو جو هن کي مغلوب ۽ قتل ڪرڻ
پانڊو گهراڻي جا راجا پنهنجو فخر سمجهندا هئا ۽ هن
فتحمندي کي پنهنجي لقبن ۽ وصفن ۾ داخل ڪندا هئا.
ميد ۽ جاٽ
تنهن کان پوءِ جا حالات بنا لحاظ اڳ پوءِ جي مجمل التواريخ جي
بيان مطابق (جو بيان هن هندو روايتن کان ورتو آهي)
هي آهن ته قديم زماني ۾ درياءَ پاهن (سنڌو درياءَ)
جي ڪناري تي ٻه قومون رهنديون هيون جن مان هڪڙي ته
جاٽ هئي ٻي ميد. موجوده علم فلا لاجي (علم اللغت)
۽ انساني خد و خال جي بصيرت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته
هي ٻئي اهي وحشي ۽ ڦورو قومون هيون جن آريا قوم جي
پکڙجڻ کان اڳ مختلف ملڪن ۾ ڦرلٽ ۽ قتل جي بازار
گرم ڪري ڇڏي هئي، ۽ ڪهڙو عجب ته سنڌ جا هي ميد به
انهي عظيم الشان ۽ مشهور قوم سان تعلق رکندا هجن.
جنهن اسيريا جي سلطنت کان اڳ فرات وادي جي بلندي ۾
وڏي شان شوڪت سان هڪ سلطنت قائم ڪئي هئي. خير هي
ٻئي ٽوليون جنهن به قوم سان تعلق رکنديون هجن ۽
هندوستان جي ميدانن ۾ جڏهن آيون هجن تنهن سان اسان
جو ڪم ڪونهي. اسان کي سنڌ ۾ انهن جي متعلق فقط
ايتري قدر پتو پوي ٿو ته هو هڪ غير معلوم ۽ غير
محدود زماني کان درياءَ سنڌ جي ڪناري تي رهنديون
هيون ۽ هڪ ٻئي جون دشمن هيون.
ميد جو جاٽن تي غلبو
آخر هڪٻئي سان وڙهڻ جهڳڙڻ جو هي نتيجو ٿيو جو ميد جاٽن تي غالب
ٿي ويا، ۽ اهڙو ظلم ڪرڻ لڳا جو مغلوب ڌر (جاٽ)
دريا جي هن پاسي وڃي پناهه ورتي. تنهن کان پوءِ
ٻئي قومون هڪٻئي کان جدا ٿي امن امان سان رهڻ
لڳيون. مگر جاٽ ٻيڙين ٺاهڻ ۽ هلائڻ جا استاد هئا،
جنهن هنر کان ميد قوم بلڪل بي خبر هئي. هنن جي
انهي ڪمزوري مان جاٽن هي فائدو ورتو جو پنهنجي
ٻيڙين تي ويهي ڪري پار اڪرندا هئا ۽ ميدن تي حملو
ڪندا هئا. سندن مال پڪڙي ٻيڙين تي چاڙهي کڻي ايندا
هئا ۽ جيسين ميد لڙائي لاءِ تيار ٿين تنهن کان اڳ
درياءَ اُڪري اچي پنهنجي گهرن ۾ ويهندا هئا.
وري جاٽن جو ميدن تي غلبو
ڳچ مدت تائين جاٽ ائين ڦرلٽ ڪندا رهيا ۽ ميدن جو ڪو زور لڳي نٿي
سگهيو. انهن لاڳيتين دريائي ڪاهن آخر هيءُ فيصلو
ڪيو جو ميد جاٽن کان بلڪل دٻجي ويا ۽ ڏاڍا پريشان
ٿي پيا.
ٻنهين جو اتحاد
آخر ميدن جي هيءَ عاجزي ۽ تنگ حالت ڏسي جاٽن جي هڪ سردا کي مٿن
ترس اچي ويو. تنهن پنهنجي قوم جي ماڻهن کي سمجهايو
۽ کين ذهن نشين ڪرايو ته اهڙي وقتي ڪاميابي جا
ڀروسي جهڙي ۽ هميشه رهڻ واري شيءَ نه آهي. انهي
زماني کي ياد ڪريو جڏهن اهي ئي ميد توهان تي ظلم
ڪري رهيا هئا ۽ توهان ساڻن پڄي نٿي سگهيا ۽ توهان
هڪ سخت مصيبت ۾ گرفتار هئا. وري تنهن کان پوءِ
هينئر هنن تي غالب آهيو. تنهنڪري توهان کي يقين
ڪرڻ گهرجي ته ٻنهين قومن جي ڀلائي ان تي منحصر آهي
ته ٻئي پاڻ ۾ ٺهي وڃو ۽ هڪ ٻئي جا سڄڻ ٿي ڪري امن
۽ امان سان حياتي گذاريو.
راڻي دهسلا جي حڪومت
ان طرح ميدان ۽ جاٽن ۾ اتفاق پيدا ڪري هن ٻنهين کي صلاح ڏني ته
پنهنجا ڪي سردار چونڊي راجا ڌرت راشتر جي پٽ راجا
دريوڌن وٽ موڪليو ۽ درخواست ڪريو ته هو پنهنجي
طرفان ڪنهن کي توهان تي راجا ۽ حاڪم مقرر ڪري ڇڏي
۽ جڏهن اهو راجا دريون جو نائب اوهان وٽ اچي تڏهن
ٻئي قومن ان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪريو. اها
راءِ سڀني پسند ڪئي، ۽ جڏهن هنن جا وڪيل راجا
دريوڌن جي درٻار ۾ پهتا تڏهن هن معزز راجا انهن
ماڻهن سان نهايت لطف ۽ مهرباني جو سلوڪ ڪيو ۽
پنهنجي ڀيڻ دهسلا کي جا هڪ پهلوان راجا جيدارٿ جي
راڻي هئي پنهنجي طرفان سنڌ ۾ موڪليو. شهزادي دهسلا
ايندي شرط حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ڪري هتي جي
پهرين راڻي بڻجي جاٽن ۽ ميدن تي حڪومت ڪرڻ لڳي.
هن بيان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي مهاڀارت جي وڏي لڙائي جي
ويجهڙائي وارو اهو زمانو آهي، جڏهن آريا قوم سنڌ
کان وڌي گنگا ندي جي ڪناري تائين وڃي پهتي هئي، ۽
تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ ميدن جون پراڻيون قومون ائين
بنا بادشاهه جي رهجي ويون هيون.
برهمڻن جو سنڌ ۾ اچڻ
دهسلا هڪ نهايت نيڪ بخت راڻي هئي، هن تمام سٺو انتظام ڪيو. هن
جون وصفون ۽ لياقت جا قصا تمام گهڻي قدر بينا ڪيا
وڃن ٿا. سندس سٺي انتظام ملڪ کي ڏاڍو شاهوڪار ۽
وڏي شان وارو بنائي ڇڏيو. مگر هي هڪ وڏو نقصان هو
جو سڄي ملڪ ۾ برهمڻ اصلي هوئي ڪونه جنهن جي لياقت
۽ دانائي کان علمي عزت به حاصل ڪري سگهي ها. راڻي
پنهنجي ملڪ جي هن بدقمستيءَ جو حال هڪ ڊگهي خط جي
وسيلي پنهنجي جوانمرد ڀاءُ کي لکيو آهي جنهن جي
پڙهڻ بعد راجا دريوڌن ساري هندوستان مان ٽيهه هزار
برهمڻ ڪري گهڻي مال ۽ اسباب سميت سنڌ ۾ موڪلي ڏنا.
انهن نيڪ انسانن جي برڪت سان ٿوريئي عرصي اندر سنڌ
جي ملڪ وڏي رونق حاصل ڪري ورتي. زمين ته اڳيئي
سرسبز ۽ شاداب هئي ۽ شهر به آباد هئا. جنهن شهر کي
راڻيءَ پنهنجو تخت گاهه ڪيو سو شهر اسڪلند(1) آهي.
راڻي دهسلا ملڪ جو ٿورو حصو جاٽن جي حوالي ڪري منجهائن هڪ شخص
کي جنهن جو نالو جودرت هو مٿن حاڪم مقرر ڪيو. ميدن
سان به اهڙو ساڳيو سلوڪ ڪيو ويو. هيءَ حڪومت بلڪل
چڱي هئي جا ويهن سالن کان ڪجهه مٿڀرو وقت قائم
رهي، ۽ ڀارت جي حڪومت ڪوٺي وڃي ٿي، مگر افسوس جو
راڻي دهسلا تي ئي ڀارت جي راڄ جو خاتمو ٿي ويو.
دهسلا جي گهراڻي جو زوال
هن گهراڻي جي تباهي جو سبب هندوستان جي سلطنت جو هڪ وڏو انقلاب
هو، جنهن پانڊؤن جي مشهور گهراڻي جي حڪومت کي پاڙن
کان اکيڙي اڇلي ڦٽو ڪيو. فقط بي انصافي ۽ مذهبي
گستاخي جي سببان پانڊؤن پنهنجو راڄ وڃايو. چئبو ته
سندن قسمت ته ڦٽي چڪي هئي تڏهن هو ظالم بڻيا. لکن
ٿا ته هڪڙي ڏينهن ڪنهن برهمڻ جي ڳئون کي هو سندس
گهران پڪڙي وٺي آيا ۽ ان جي مارڻ جو ارادو ڪري
رهيا هئا ته برهمڻ اچي کين سمجهايو ۽ چيو ته ”مون
ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته پانڊؤن جو اقبال ان وقت
ويندو جڏهن هو هڪڙي ڳئون جي ڪري هڪڙي برهمڻ کي
ماريندا.“ ”مگر انهن نه هن جو چوڻ ٻڌو نه ان جي ڪا
پرواهه ڪئي ۽نه مذهب جو ڪو لحاظ ڪيو. انهي برهمڻ
کي به ماريائون ۽ سندس ڳئون کي به.
هن مظلوم برهمڻ جو هڪ پٽ هو جنهن جو نالو برهمين هو سو هڪ وڏو
پهلوان ۽ طاقت وارو جوان هو، ۽ هڪڙي جبل جي چوٽي
تي رهندو هو. تنهن جڏهن پنهنجي پيءُ جي مارجڻ جو
هي دردناڪ واقعو ٻڌو، تڏهن انهي وقت اٿي کڙو ٿيو ۽
پاڻهي پاڻ کي چوڻ لڳو ته ”آءٌ پانڊؤن کان راڄ
کسيندس، ڇو ته هنن هڪ ڳئون ۽ هڪ برهمڻ جي هتيا ڪئي
آهي. رشين جي ڳالهه ڪوڙي نٿي ٿئي، هن جي اڳڪٿي
پوري ٿي. پانڊؤن جي تباهي جو زمانو پهچي چڪو هو،
جنهن جي پورائي لاءِ هن برهمڻ زادي ڪمر ٻڌي. عام
ماڻهو ته هن نو عمر برهمڻ جي دعوى تي کلڻ لڳا مگر
هڪ وڏي جماعت هن جي طرفداري ۾ اُٿي کڙي ٿي. جنهن
جي مدد سان هن ڪاهه ڪري وڃي هڪڙي شهر تي قبضو ڪيو.
اتي ڪو وقت ترسي روز بروز پنهنجي قوت وڌائڻ شروع
ڪئي. جڏهن هڪ وڏو لشڪر گڏ ٿي ويو، تڏهن هن اڳتي
قدم وڌايو ۽ هڪ ٻئي پٺيان ڪيترائي شهر پنهنجي قبضي
۾ آندائين. فتحون ڪندو ڪندو وڃي خاص شهر هستناپور
تي پهتو جو پانڊؤن جو تختگاه هو. هن نسل جو پويون
بادشاهه ڪويا هورت مقابلي لاءِ نڪتو ۽ وچ ميدان ۾
مارجي ويو.
برهمين برهمڻ جي حڪومت
پانڊؤن جي پوئين راجا ڪويا هورت جي مارجي وڃڻ کان پوءِ برهمين
ساري ملڪ جو راڄ ڌڻي ٿي ويو. هن پانڊؤن جي سموري
حڪومت تي قبضي ٿيڻ بعد اها ڪوشش ڪئي ته هن سڄي
گهراڻي کي دنيا مان فاني ڪري ڇڏجي، تنهڪري پانڊؤن
جي نسل مان جيڪو به هن جي هٿ آيو ٿي تنهن کي قتل
ڪري ٿي ڇڏيائين باقي ڪي ٿورا وڃي بچيا جن موت جي
خوف کان پنهنجي ذات لڪائي ڇڏي، ۽ قاصائي ۽ نانوائي
وغيره قسم جا ذليل ڌنڌا اختيار ڪري ويٺا.
چون ٿا ته پانڊؤن جي پٽ پول جي ڌيءَ نڪولا برهمين جي درٻار ۾
آئي ۽ اچي اهڙي عاجزي سان منٿ ميڙ ڪيائين جو
برهمين راجا کي قياس اچي ويو ۽ انهي ڏينهن کان
پوءِ هن گهراڻي جي قتل کان هٿ روڪي ڇڏيائين. مگر
انهي هوندي به هنن کي آزادي نه ڏنائين. سڀ قيدخاني
۾ بند هئا، پر جڏهن قيدخاني ۾ هنن جو عدد وڌي ويو،
تڏهن ان شرط سان کين ڪڍي ڇڏيائين ته ڪي اهڙا ذليل
ڌنڌا اختيار ڪن جنهن ڪري نه ڪوئي شريف هنن کي
پنهنجي ڌي ڏئي نه کانئن ڪو وٺي، ۽ نه ڪو به معزز
شخص ساڻن ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي رکي. اهي غرض پورا
ڪرڻ لاءِ هن نه فقط ايترو ڪيو جو کين پنهنجي انهي
ذليل حال تي ڇڏي ڏي. مگر ساري حڪومت جي اندر
اشتهار ڦيرائي ڇڏيا ته ڪو به ماڻهو انهن سان مٽي
مائٽي ته بجاءِ خود پر دوستي به نه رکي. ان طريقي
سان سندن عزت ايتري قدر گهٽجي ويئي جو آخر زماني
جي مصيبتن مان تنگ اچي ميراثي جو ڌنڌو اختيار ڪيو،
چون ٿا ته هندو بانسري وڄائڻ وارا سندن نسل مان
آهن.
برهمين جو حڪومت کي ترڪ ڪرڻ
قاعدو آهي ته گناهه جو بار هڪ چڱي دل واري ماڻهو کي جلدي محسوس
ٿيڻ لڳي ٿو. برهمين جي هٿان جڏهن گهڻيون حياتيون
برباد ٿيون، تڏهن هن کي پنهنجي عملن تي پشيماني ٿي
۽ دل ۾ خيال آيس ته جن ماڻهن کي مون ماريو آهي تن
جي خون جو بدلو فقط هي ئي ٿي سگهي ٿو جو ڪنهن جبل
جي چوٽي تي ويهي پنهنجي حياتي جا باقي ڏينهن خدا
جي يادگيري ۾ گذاريان. اهڙي قسم جا خيال هو پنهنجي
دل ۾ رٿي رهيو هو ته ڪسياپا نالي هڪ برهمڻ اچي کيس
نصيحت ڪئي ۽ ماڻهن مارڻ تي ملامت ڪرڻ لڳس. اها
نصيحت ٻڌندي ئي برهمين جي پشيماني جو جوش تازو ٿي
پيو ۽ نهايت متاثر ٿي چيائين ته بيشڪ توهان سچ ٿا
چئو. آءٌ پاڻ پنهنجي انهن ڪمن تي پڇتايان ۽ پنهنجي
حالت تي افسوس پيو ڪريان. بهتر آهي ته هاڻي هي راڄ
وڃي توهين هٿ ڪريو ۽ آءٌ وڃي ڀڳوان سان لئون
لڳايان ٿو، ڪسياپا جواب ڏنو ته حڪمراني منهنجو ڪم
نه آهي. مگر برهمين مٿس گهڻو زور رکيو. پر انهي
هوندي به هن قبول نه ڪيو، تڏهن کيس چيائين ته ”خير
تون مون کان راڄ ته وٺ پوءِ پاڻ رکين يا ڪنهن ٻئي
جي حوالي ڪرين سا تنهنجي مرضي. مگر ڀلائي ڪري مون
کي هن پاپ کان ڇڏاءِ.“ ڪسياپا اها درخواست منظور
ڪري برهمين جي روبرو سناگهه نالي هڪڙي خدمتگار کي
گادي تي ويهاري ڇڏيو.
سناگهه جي حڪومت ۽ ان جو گهراڻو
مٿين طرح برهمين حڪومت کي لت هڻي پنهنجي آشرم جي واٽ ورتي ۽
دنيا کان الڳ ٿي ويو. سناگهه تخت تي ويهي عدل و
انصاف ۽ رعايا پروري سان ڪم هلايو. بلڪل چڱي نموني
۾ حڪومت ڪيائين. انهي ئي سبب ڪري سندس گهراڻي جو
راڄ گهڻو وقت هليو. هن جي نسل مان ڪل پندرنهن راجا
ٿيا جن چڱي نيڪنامي ڪري دنيا کان موڪلايو، مگر
تنهن کان پوءِ هنن جي وارثن به ظلم شروع ڪيو. جنهن
جو هي لازمي نتيجو هو جو راڄ سندن قبضي کان نڪري
ويو. هي واقعو ايران جي شهنشاهه گشتاسپ جي زماني
جو آهي.
بهمن ايراني جو حملو
چون ٿا ته گشتاسپ جي زندگي ۾ ئي بهمن ايراني هندوستان تي حملو
ڪيو، ۽ ملڪ جي هڪ حصي تي پنهنجو دخل ڄمائي ويو.
بهمن هندن ۽ ترڪن جي سرحد جي وچ ۾ هڪ شهر آباد ڪيو
جنهن جو نالو قندابيل رکيو (غالباً هي شهر اهو آهي
جو هينئر لس ٻيلي جي نالي سان مشهور بلوچستان ۽
سنڌ جي وچ ۾ آهي) هن بهمن سنڌ ۾ هڪ ٻيو شهر به
آباد ڪيو هو جنهن جو نالو بهمن آباد مان بدلجي
برهمڻ آباد ٿي ويو هو. (هي شهر غالباً اهو آهي
جنهن جو ڦٽل کنڊر هن وقت شهدادپور تعلقي جي ديهه
ٻانڀڻا ۾ آهي جو دلور جو دڙو ڪري سڏبو آهي. چون ٿا
ته هي کنڊر نون ڪوهن ۾ آهي ۽ منجهس پڪين سرن جي
عمارتن جا نشان بلڪل گهڻي قدر موجود آهن. ڪن بيانن
مان معلوم ٿئي ٿو ته مسلمانن جو آباد ڪيل شهر
منصوره عين انهي جاءِ تي هو جتي هن قديم زماني جو
شهر هو.) بهمن هندوستان جي مغربي ضلعن ۾ ترسيو پيو
هو، تان جو هن جڏهن گشتاسپ جي مرڻ جي خبر ٻڌي تڏهن
ايران ۾ واپس وڃي تخت شاهي تي ويٺو.
راجا هال جو بيان
مٿي جيڪي بيان ٿيو سو ته ٿيو سنڌ جي راجائن جو حال، مگر انهن
ڏينهن ۾ هندوستان ۾ هڪ ٻي سلطنت قائم ٿي جنهن جو
حاڪم راجا هال هو. هي راجا سنجواره جي نسل مان هو
جو جندرت جو پٽ ۽ راجا ڌرت راشتر جي ڌي جي پيٽان
پيدا ٿيو هو. هندوستان ۾ هو انهي سلطنت جو وارث
ٿيو جنهن تي جندرت ۽ وسل وغيره حڪمران هئا. هال
پنهنجي سر هڪ اثر وارو راجا ٿي ويو هو، هن هڪ عمدو
تختگاهه ۽ ڪيترا شهر آباد ڪيا هئا. سندس حڪومت ۾
ڪپڙو تمام سٺو اُڄندو هو جنهن ڪري هن جي ملڪ جي
پري پري مشهوري ٿي ويئي هئي. انتظام قائم رکڻ لاءِ
هن حڪم ڏيئي ڇڏيو هو ته ڪو به ڪپڙو سواءِ شاهي مهر
جي حڪومت جي حدن کان ٻاهر ڪڍيو نه وڃي. اها مهر ان
طرح لڳائي ويندي هئي جو خود راجا زعفران سان
پنهنجي پيرن جو ڇاپو ڪپڙي تي لڳائي ڇڏيندو هو.
ڪشمير جي راجا جي چڙهائي
اتفاقاً ڪشمير جي راجا جي حسين پري جمال راڻي راجا هال جي ملڪ
جو ڪپڙو خريد ڪيو ۽ ان جي ساڙهي ڍڪي پنهنجي مڙس وٽ
وئي. راجا کي اهو ڇاپي جو نشان ڏسي دل ۾ غيرت پيدا
ٿي. راڻي کان پڇيائين ته تو هي ڪپڙو ڪٿان هٿ ڪيو
آهي. راڻي هڪ سوداگر جو نالو ٻڌايو. جو يڪدم پڪڙي
دربار ۾ وٺي آندو ويو. جڏهن راجا ان سوداگر کان ان
ڪپڙي جو حال پڇيو تڏهن هن ٻڌايو ته هي راجا هال جي
ملڪ جو ڪپڙو آهي، ۽ خود راجا جي پير جو ڇاپو مٿس
لڳل آهي، اها ڳالهه ٻڌنديئي ڪشمير جي راجا بنا
سوچي سمجهي قسم کاڌو ته آءٌ وڃي راجا هال جو پير
وڍيندس. وزير کيس انهي ارادي کان روڪيو ته هو
برهمڻن جو ديس آهي اتي توهان کي فتح حاصل ٿي نه
سگهندي. راجا ان مشوري جو ڪو خيال نه ڪيو ۽ پنهنجي
فوج وٺي ڪاهي کڙو ٿيو. جڏهن هن زبردست حملي آور جي
اچڻ جي خبر ٻڌي تڏهن دل ۾ ڊنو ۽ برهمڻ کي گهرائي
ساڻن سڄو قصو بيان ڪيائين ۽ چيائين توهان کي لازم
آهي ته ان زبردست راجا کي روڪيو، ۽ ڪوشش ڪريو ته
توهان جي ملڪ هن جي حملي کان محفوظ رهي. برهمڻن
ويهي پوڄا ڪئي ۽ راجا هال کي صلاح ڏنائون ته هڪ
مٽي جو هاٿي ٺهرائي ان کي ميدان جنگ ۾ فوج جي
اڳيان کوڙي بيهاري ڇڏيو. راجا برهمڻن جي صلاح موجب
تعميل ڪئي وئي ۽ جڏهن ڪشمير جو راجا پنهنجي پهاڙي
فوجن سان گڏ ڪوچ ڪندو اتي اچي پهتو، تڏهن خدا جي
قدرت سان اهو مٽي جو هاٿي هڪ عجيب ڀڙڪندڙ توپخانو
بڻجي ويو ۽ منجهانئس باهه جا شعلا نڪرڻ لڳا. اهڙي
باهه وسي جو گهڻا ڪشميري بهادر سڙي خاڪ ٿي ويا.
هڪ وڏي نقصان پرائڻ بعد ڪشمير جو راجا صلح جي درخواست ڪرڻ تي
مجبور ٿيو. راجا هال هيءَ درخواست منظور ڪئي ۽
ڪمال انسانيت ۽ نيڪ نفسي سان پنهنجي طرفان گهڻيون
سوغاتون ۽ تحفا ڏانهس ڏياري موڪليا، مگر هن اهو
قسم کاڌو هو ته راجا هال جو پير وڍيندس تنهنجي
پورائي لاءِ هي رٿ ڪيائين ته هڪ ميڻ جي مورت ٺاهي
مٿس راجا هال جو نالو رکي ان جو پير وڍي پنهنجو
انجام پورو ڪيائين. تنهن کان پوءِ درياءَ جي رستي
پنهنجي وطن ڏي واپس روانو ٿيو. ماڻهن کيس صلاح ڏني
ته درياءَ جو پاڻي هينئر زور سان لهرون هڻي رهيو
آهي تنهنڪري ٻيڙين کي ڪنارو ڏيئي هلائجي. انهي
صلاح مطابق ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي هليو. جيئن جيئن
اڳتي وڌندو ويو تيئن تيئن پاڻي گهٽ ٿيندو ويو.
ايتري قدر جو هڪ اهڙي جاءِ تي اچي پهتو جتي پاڻي
بلڪل ٿورو هو. هتان سندس تختگاهه به باقي اچي ٿورن
ميلن تي رهيو هو. اتي هن ٻيڙي تان لهي ويهي
عمارتون ٺهرايون، نوان ڳوٺ ٻڌايا ۽ گهڻين جاين تي
مندر اڏايا. هي مڪان جتي هن هميشه ياد رهڻ واريون
عمارتون ٺهرايون ان جو نالو ساوندي ٿي ويو. هي
راجا اڃا انهن ڪمن ۾ مشغول هو ته کيس هڪڙي دشمن
کڙي ٿيڻ جي خبر آئي تنهنڪري سڀ ڪم ڇڏي وڃي ڪشمير
پهتو ۽ انهي دشمنن کي مغلوب ڪيائين.
سنڌ جي سلطنت
هن زماني ۾ سنڌ ۾ ٽي بادشاهه ٿيا هئا ۽ غالباً اهي راجا برهمين
جي خادم سناگهه جي نسل مان هئا، ڇو ته هي زمانو
بهمن جي حملي آوري کان اڳ جو آهي. پوءِ جي بيانن
مان ظاهر ٿيندو ته هي راجا به برهمڻ سمجهيا ويندا
هئا، تنهنڪري قياس ڪجي ٿو ته سناگهه اگرچ برهمين
جو خادم هو مگر ذات جو هو به برهمڻ هو. هنن ئي
راجائن جي ڏينهن ۾ راجا ڪفند جو زمانو اچي ويو،
جنهن بهادري ۽ شجاعت ڏيکاري ساري هندو سلطنت ۽
غالباً راجا هال جو راج به پنهنجي قبضي ۾ آڻي ورتو
هو.
راجا ڪفند جي حڪومت
راجا ڪفند اصل ۾ هندو ذات جو راجا نه هو مگر هن جي رحمدلي ۽ عدل
پروري جي سببان سڀ ماڻهو سندس حڪم جا تابع ٿي ويا
هئا. هن پنهنجي نيڪين سان انهن جون اميدون وڌايون
۽ پنهنجي ڪارگذارين سان هنن جون دليون ورتيون. هو
سڪندر اعظم جو همعصر هو. هن هڪڙو خواب ڏٺو هو جنهن
جي تعبير هڪ برهمڻ کان پڇيائين ۽ انهيءَ تعبير جي
مطابق سڪندر اعظم کي صلح جو پيغام ڏنو ۽ صلح جي
درخواست سان گڏ پنهنجي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙو حڪيم
حاذق، هڪڙو فيلسوف ۽ هڪ شيشي جو ٿانو بطور نذراني
جي پيش ڪيو. شاهنامي ۾ هي ئي راجا آهي جيڪو قيد
هندي جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي.
راجا ڪفند جو ايرانين کي لوڌي ڪڍڻ
هن جي ئي زماني ۾ جيڪو برهمڻ سنڌ جو راجا هو تنهن جي حدن تي
ايران جي بادشاهه بهمڻ حملو ڪيو، ۽ کيس شڪست ڏيئي
سنڌ جي ڪيترن شهرن تي قابض ٿي ويو. جا بجا آتشڪدا
(1)
ٺهرايا. برهمڻ راجا جي ان شڪست جي خبر جڏهن هندن
کي پهتي تڏهن راجا ڪفند مقابلي لاءِ تيار ٿيو ۽
ٻاهرين ماڻهن کي ملڪ مان ڪڍي ڇڏڻ جو ارادو ڪيائين.
انهي مطلب تي هن پنهنجي ڀاءُ ساميد وٽ هڪ ماڻهو
موڪليو ۽ کيس حڪم ڏنائين ته شڪست کاڌل برهمڻ راجا
کي ساڻ وٺي شهر منصوره (انهيءَ زماني جي بهمڻ آباد
يا برهمڻ آباد) جي طرف ڪوچ ڪري ۽ فارسي سردار
مهراڻ کي جو بهمڻ جي طرفان تي جو صوبيدار مقرر هو
اتان ڪڍي ڇڏي ۽ جيڪي آتشڪدا قائم ڪيا ويا آهن تن
کي ڊاهي انهن جي جاءِ تي هندو ڌرم جا مندر اڏائي.
ساميد پنهنجي مدد لاءِ هندوستان جي راجا هال کي به
گهرايو، جو هڪ وڏو لشڪر وٺي اچي پهتو. ٻئي
هندوستاني بهادر مهراڻ جي مقابلي لاءِ روانا ٿيا.
جنگ جي ميدان ۾ پهچي هندو بهادرن اهڙي جوان مردي
ڏيکاري جو مهراڻ کي هڪڙي شهر ۾ قلع بند ٿي جان
بچائڻي پئي. راجا هال ۽ ساميد قلعي جو گهيرو ڪري
ورتو ۽ ٽن سالن تائين گهيرو ڪيو ويٺا هئا. ايران
جي چالاڪ سردار جڏهن ڏٺو ته هاڻي لڙائي جي ڪا اميد
باقي نه رهي آهي تڏهن قلعي مان زمين جي اندر ئي
اندر سرنگ کوٽائڻ شروع ڪئي، جا وڏيءَ محنت سان
کوٽائي شهر ڪياسا تائين پهچائي ويئي. جڏهن هيءَ
سرنگ تيار ٿي وئي تڏهن هن قلعي جي برجن تي ڪاٺيون
کڙيون ڪرائي انهن تي زرهه چڙهائي ڪپڙن ۽ هٿيارن
سان اهڙي صورت بنائي ڇڏي جو ٻاهر وارن کي ائين پئي
معلوم ٿيو ته ڪا جانباز فوج لڙائيءَ لاءِ تيار
بيٺي آهي. اها ڪارروائي ڪري هو پنهنجي سموري فوج
سميت سرنگ ۾ گهڙيو ۽ ڀڄي وڃي ترڪن جي ملڪ
(زابلستان يا موجوده افغانستان) ۾ پهتو، جن هن کي
پاڻ وٽ پناهه ڏني. هو ته اوڏاهين هليو ويو ۽ هتي
هندو انهي ڌوڪي ۾ رهيا ته قلعي جي حفاظت پوري
بيدار مغزيءَ سان ٿي رهي آهي. مگر جڏهن هي تماشو
نظر آين ته ڪانگ قلعي جي سپاهين جي مٿن تي اچي ٿا
ويهن ۽ سندن مٿي جو زره وارو ٽوپ ڪيرايو ٿا ڇڏين
تڏهن حيران ٿيا ۽ ايرانين جو فريب پڌرو ٿي پيو.
يڪدم قلعي جا دروازا ڀڃي اندر گهڙي ويا ۽ تنهن کان
پوءِ راجا ڪفند جي حڪم جي پوري پوري تعميل ٿي. سنڌ
۾ هندو راڄ سان گڏ هندو ڌرم قائم ٿيو. الغرض ساميد
ڪيترن سالن بعد فتحياب ۽ ڪامران ٿي پنهنجي وطن
واپس آيو. هن واقعي کان پوءِ سڪندر اعظم هندوستان
۾ آيو جنهن جو احوال ٽئين باب ۾ آيندو.
راجا ايند
راجا ڪشند جي مرڻ بعد سندس پٽ ايند گادي تي ويٺو. هن تخت تي
ويهڻ شرط سنڌ جي سلطنت کي چئن حصن ۾ ورهايو ۽ هر
حصي تي هڪ جدا راجا يا صوبيدار مقرر ڪيو، جن مان
هڪڙي جو تختگاه اسڪلنده هو ٻئي جو اروڙ (اچ به هن
سان ئي لڳايو ويو) ۽ جيڪي ٽي ملڪ سندس چاچي ساميد
جي قبضي ۾ هئا انهن تي هڪ ٽيون حاڪم مقرر ٿيو، ۽
چوٿين کي هن هندوستان جي ندما ۽ لوهاڻه ضلعن تي
مقرر ڪيو. هيءَ تقسيم جنهن وقت ٿي تنهن وقت راجا
هال به دنيا مان موڪلائي چڪو هو.
راجا راسل
جڏهن راجا ايند جي زندگي جو ڏيئو گل ٿي ويو، تڏهن هن جو پٽ راجا
راسل گادي تي ويٺو، مگر ڪي ٿورائي ڏينهن حڪومت
ڪيائين ته هڪ زبردست دشمن اٿي کڙو ٿيو جنهن طاقتور
فوجن سان حملو ڪري راجا راسل کي سندس اباڻي تاج و
تخت کان جدا ڪري ڇڏيو. جڏهن حڪومت هٿان ويندي رهي
تڏهن راسل وطن کي به وڏي ارمان سان خيرباد چئي دکن
جي طرف هليو ويو، ۽ اتي ئي ويهي رهيو، ۽ معلوم ٿئي
ٿو ته هو ملڪ جي هڪ ٿورڙي حصي تي حڪومت ڪندو هو.
هن جا ٻه پٽ هئا هڪڙي جو نالو ردال هو ۽ ٻئي جو
برڪماريس.
راسل جا پٽ ردال ۽ برڪماريس
راسل جي انهن پٽن جو داستان عجيب و غريب آهي، چون ٿا ته هن جي
مرڻ بعد وڏي پٽ ردال پيءُ جي باقي رهيل حڪومت
پنهنجي قبضي ۾ ڪئي. اتفاقاً تن ڏينهن ۾ ڪنهن راجا
جي هڪڙي ڌيءَ هئي جا سهڻي صورت سان گڏ وڏي داناءُ
۽ مشهور عقل واري هئي. اڃان به زياده مزو هي هو جو
وڏن وڏن لائق ۽ فائق ۽ علم و فضل وارن پنڊتن
پيشنگوئي ڪئي هئي ته جيڪو هن ڇوڪريءَ کي پرڻبو سو
ساري جڳ جو راجا ٿي ويندو. انهي سببان سڀني هندو
راجائن ۽ شهزادن کي هن سان شادي ڪرڻ جي آرزو هئي.
مگر هن پري جمال شهزادي سواءِ برڪماريس جي، جو
اعلى درجي جو خوبصورت ۽ حسين جوان هو ٻئي ڪنهن کي
پسند نه ڪيو، مطلب ته برڪماريس گهڻي محبت سان هن
شهزادي کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو. مگر جڏهن هن کي وٺي
پنهنجي گهر ۾ آيو تڏهن وڏو ڀاءُ ان نئين ڪنوار جي
صورت ڏسڻ شرط مٿس عاشق ٿي پيو ۽ چيائين ته جهڙي
طرح هيءَ توکي وڻي ٿي تهڙي طرح مون کي به. ايترو
چئي هن اها نئين ڪنوار سندس سهيلين سميت پنهنجي
هيڻي ڀاءُ کان زوري کسي ورتي. برڪماريس اهو رنگ
ڏسي سخت پريشان ٿيو. مگر ڪهڙو زور هلي ٿي سگهيو جو
هلائي؟ آخر دل ۾ چوڻ لڳو ته ”هن ڪنواري ڇوڪري مون
کي فقط منهنجي دانائي جي ڪري پسند ڪيو هو، تنهن
ڪري دانائي کان وڌيڪ چڱي شيءَ ٻي آهي ئي ڪانه. اهو
خيال پڪو ڪري هن پنهنجي محبوبا جي جدائي جو صدمو
دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ وڃي علم جي حاصل ڪرڻ ۾ لڳو.
راتو ڏينهن علم وارن ماڻهن ۽ برهمڻن سان صحبت جو
رستو اختيار ڪري خوب محنت ڪرڻ لڳو ۽ آخر ايتري وڏي
درجي تي پهچي ويو جو علمي فضيلت ۾ ڪو به سندس
برابر نه هو.
هڪ باغيءَ جو حملو
اهو زبردست باغي جنهن هنن جي پيءُ کي جلاوطن ڪيو هو، تنهن جڏهن
کان وٺي هن حسين ۽ نازنين ڇوڪري ۽ ٻنهي ڀائرن جي
بدسلوڪي جي خبر ٻڌي تڏهن چوڻ لڳو ته ”جن ماڻهن جا
اهڙا ڪرتوت هوندا سي ڀلا ڪيئن اهڙي مرتبي تي رهڻ
جا لائق ٿي سگهن ٿا.“ ائين چئي هن وڏي فوج ساڻ وٺي
وڃي ردال جي ملڪ تي حملو ڪيو. بدنصيب ردال کي شڪست
ٿي جو هن ٿوري ملڪ کي به ڇڏي اٿي ڀڳو ۽ پنهنجي
ڀائرن ۽ اميرن سميت ڪنهن جبل جي چوٽي تي هڪ مضبوط
قلعي ۾ ويٺو جو هن اڳيئي پنهنجي لاءِ ٺهرائي ڇڏيو
هو. هتي چئني طرفن کان پهرو مقرر ڪري ڇڏيائين ۽
حفاظت سان رهڻ لڳو. مگر دشمن هن قلعي جو به اچي
گهيرو ڪيو. ردال پنهنجي ڪمزوري ڏسي صلح جو پيغام
موڪليو. جنهن جو جواب دشمن کان هي مليو ته ”اها
ڇوڪري منهنجي حوالي ڪر ۽ پنهنجي سڀني اميرن کي به
حڪم ڏي ته هو پنهنجي هڪ هڪ ڇوڪري نذراني ۾ ڏين.
جيڪا ڇوڪري تو وٽ آهي سا آءٌ پاڻ وٽ رکندس ۽
تنهنجي سردارن جون ڇوڪريون پنهنجي سردارن کي
ڏيندس. انهي شرط پوري ڪرڻ ڌاران آءٌ توکي ڪڏهن به
نه ڇڏيندس.“ اهو جواب بڌي ردال ڏاڍو غمگين ٿيو ۽
پنهنجي انڌي وزير سان جنهن جو نالو سفر هو صلاح
ڪئي. سفر صلاح ڏني ته ڇوڪريون ڏيئي پنهنجي جان
بچائڻ گهرجي. هن مهل ته جيئن به ٿي سگهي تيئن ان
بلا کي ٽارڻ مناسب آهي. پوءِ آئينده زماني ۾ ڪنهن
موقعي تي دشمن کان پاڻ به بدلو وٺي سگهنداسين مگر
جيڪڏهن اسان سڀ مارجي وياسين ته پوءِ زالون ۽ ٻار
اسان کي ڪهڙي ڪم ايندا؟ ان راءِ سان ٻيا به سڀئي
شامل ٿيا. مگر اتفاقاً جنهن وقت هي ڳالهيون هلي
رهيون هيون ان وقت برڪماريس اچي اتي نڪتو ۽ ڀاءُ
جي خدمت ۾ ادب بجا آڻي چيو ته ”ادا پاڻ ٻئي هڪ ابي
جا پٽ آهيون، جيڪڏهن توهان هن معاملي جي متعلق مون
کي به خبر ڏيندا ته جيتري قدر مون کان ٿي سگهندو ۽
منهنجو عقل مون کي مدد ڏيندو، ڪنهن نه ڪنهن تدبير
پيدا ڪرڻ جي آءُ به ڪوشش ڪندس. منهنجي نو عمري جو
خيال نه فرمايو ۽ مون کي پنهنجي صلاح مشوري ۾ شريڪ
ڪريو“ ردال ته هن جو ڪجهه لحاظ نه ڪيو مگر ٻين
ماڻهن ساري مصيبت جو احوال کيس ٻڌايو. جڏهن هن کي
حقيقت معلوم ٿي تڏهن چوڻ لڳو ته هن موقعي تي مناسب
ٿيندو ته منهنجي جان مهاراجا جي ڪم اچي.
برڪماريس جي دانائي
برڪماريس چيو ته مون کي عورتن جا ڪپڙا ڏيو ته اهي آءٌ ڍڪي
ڇوڪري ٿيان ۽ اهڙي طرح سردارن کي به چيائين ته هر
هڪ پنهنجن جوان ڇوڪرن کي سٺا سٺا زنانا ڪپڙا ڍڪائي
ڇوڪريون بڻائي. پوءِ اسين سڀ هڪ هڪ ڇري پنهنجي
ڪپڙن ۾ لڪائي رکون ۽ هڪ هڪ سيٽي به لڪائي پاڻ سان
کڻي وڃون. اهڙي طرح اسان سڀني کي ڇوڪريون بلڪ
ناريون بڻائي چڱي طرح سينگاري دشمن وٽ موڪلي ڏيو.
اسين سڀئي جڏهن هنن جي اڳيان وينداسين تڏهن هو مون
کي پاڻ وٽ رکندو ۽ ٻين سڀني کي پنهنجي سردارن جي
حوالي ڪندو. جڏهن راجا مون کي خلوت ۾ وٺي ويندو
تڏهن آءٌ وجهه وٺي ڇري هن جي پيٽ ۾ ٺوڪي ڏيندس ۽
يڪدم سيٽي وڄائيندس. اها ٻڌي هر هڪ ڇوڪرو پاڻ سان
گڏ واري سردار کي ماري وجهي ۽ سيٽي وڄائي هيڏي
اوهان جو لشڪر به تيار هجڻ گهرجي. سيٽين جو آواز
ٻڌڻ شرط اوهين به قلعي مان نڪري حملو ڪري ڏيو.
انهي طريقي سان گهڙي جو گهڙي ۾ اسين سڀني دشمنن جو
خاتمو ڪري ڇڏينداسون.
وري وڏي ڀاءُ جي بي مهري
اها تدبير ٻڌي ردال ڏاڍو خوش ٿيو ۽ يڪدم انهي تدبير تي عمل ڪيو.
نتيجو هي ٿيو جو دشمن جو لشڪر مان هڪڙو به جان
بچائي نه سگهيو. هن ڪارروائي راجا ردال کي پنهنجي
ننڍي ڀاءُ برڪماريس جي حال تي ڪجهه قدر مهربان
ڪيو. مگر وزير ان جي برخلاف ڪي ڳالهيون ٻڌائي وري
هن جو دشمن بڻائي ڇڏيو. ايتري قدر جو برڪماريس کي
پنهنجي بي رحم ڀاءُ جي هٿان جان بچائڻ جي فقط اها
ئي تدبير سمجهه ۾ آئي جو پنهنجو پاڻ کي ديوانو
بڻائي شهر جي گهٽين ۾ چرين وانگر ڦرڻ لڳو.
آخر برڪماريس جو تخت نشين ٿيڻ
هڪڙي ڏينهن گرمي جي موسم ۾ برڪماريس شهر جي گهٽين ۾ اگهاڙين
پيرين پئي ڦريو ۽ ڦرندي ڦرندي راجا يا سندس ڀاءُ
جي محلات جي دروازي تي آيو. اتفاق سان انهي وقت ڪو
روڪڻ وارو هو ئي ڪونه. سو سڌو محلات جي اندر هليو
ويو اتي وڃي ڇا ٿو ڏسي ته پياري معشوقا جا حقيقت ۾
سندس زال هئي سا ۽ سندس ڀاءُ ردال ٻئي سيج تي ويٺا
آهن ۽ ويٺا ڪمند کائين. ردال جي جڏهن ان تي نظر
پيئي تڏهن خيال ڪيائين ته هن وقت شايد پهري تي ڪو
آهي ئي ڪونه، تنهنڪري ڪو محتاج فقير اندر لنگهي
آيو آهي. اهو خيال ڪري مٿس رحم آڻي هڪڙو ڪمند جو
ٽڪرو هن جي اڳيان اڇلي ڏنو. فقير (برڪماريس) هڪ
ڇيت کڻي چاقو وانگي انهي ڪمند جي ٽڪري تي هلائڻ
لڳو. ردال اهو ڏسي خيال ڪيو ته هو ڪمدن کي ڇلڻ ٿو
گهري سو راڻي کي چيائين ته هن کي چاقو ڏي. راڻي
سيج تان اٿي ۽ چاقو کڻي وڃي هن جي هٿ ۾ ڏنو.
برڪماريس ان سان ڪمند ڇليو ۽ ماٺ ميٺ ڪري آڏي نظر
سان ڀاءُ کي ڏسندو رهيو تان جو جڏهن ڏٺائين ته
راجا وٽ ڪو به حفاظت ڪرڻ وارو ڪونهي تڏهن يڪا يڪ
ڊوڙي وڃي سندس پيٽ ۾ چاقو ٺوڪيو ۽ هڪدم انهي چاقو
سان اهڙو چير ڏنائينس جو سيني تائين وڃي پهتو،
جنهن هڪڙي ئي وار سان هن جي حياتي جو خاتمو ٿي
ويو. برڪماريس سندس لاش کي ٽنگ مان وٺي کڻي پٽ تي
اڇلايو ۽ پاڻ هن جي جاءِ تي ويهي رهيو . پوءِ
وزيرن اميرن کي گهرائي وڏي ڌوم ڌام سان تخت تي
ويٺو. عام مبارڪبادن جو هل پئجي ويو، ڀاءُ جي لاش
کي ساڙائي پنهنجي زال وري پنهنجي قبضي ۾ ڪئي ۽
ساڻس وري نئين سر وهانو ڪيائين. ملڪ ۾ هر هنڌ سندس
فرمان جاري ٿي ويا.
برڪماريس جي رحمدلي
برڪماريس وڏي وزير کي پاڻ وٽ گهرائي چيو ته ”آءٌ چڱي طرح ڄاڻان
ٿو ته تون ئي آهين جنهن منهنجي ڀاءُ کي اهڙين
ڪاررواين ڪرڻ تي تيار ڪيو. مون سان جيڪي ٿيو سو
دراصل تو ڪيو مگر آءٌ نه انهي ۾ تنهنجي خطا سمجهان
ٿو ۽ نه توکي لائق سزا جو. ايشور جي اها مرضي هئي
ته آءٌ وري راجا ٿيان. هاڻي مطلب ته جيئن تون
منهنجي ڀاءُ جي زماني ۾ سڄي ڪاروبار جو ذميوار
هئين تيئن منهنجي طرفان به حڪومت جو انتظام ڪر.“
سفر وزير هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”سائين! جيڪي توهان
فرمايو سو سڀ سچ آهي پر مون جيڪي ڪيو سو توهان جي
ڀاءُ جي مرضي موجب، مون کي توهان سان ڪا دشمني نه
هئي. ۽ هاڻي مون فقط پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪيو آهي ته
راجا ردال سان گڏ چکيا تي ويهي جيئري سڙي وڃان.
آءٌ حياتي ۾ به هن سان گڏ هوس ۽ مرڻ بعد به ان سان
ئي رهندس.“ برڪماريس چيو ته ”تون وڏو عاقل ۽ لائق
وزير آهين تنهنڪري منهنجي مرضي آهي ته تون مرڻ کان
اڳ حڪمراني ۽ عدل پروري تي هڪ ڪتاب لک، جنهن ۾
راجا تي جيڪي فرض آهن تن جو ذڪر هجي.“ سفر هن نئين
راجا جي اها خواهش منظور ڪئي ۽ هڪ ڪتاب تيار ڪيو،
جنهن جي نالي جو عربي ترجمو ”آداب الملوڪ“ آهي.
جڏهن هي ڪتاب پورو ٿيو تڏهن سفر کڻي آڻي راجا کي
ٻڌايو ۽ تنهن کان پوءِ چکيا ۾ ويهي جيئري سڙي ويو.
برڪماريس جي حڪومت ۾ هر روز واڌارو ٿيڻ لڳو، خوش
نصيبي ۽ اقبال سندس پاسو ورتو ايتري قدر جو هو
ساري هندوستان جو راجا ٿي ويو، ۽ سڀني ملڪن جي
راجائن سندس فرمانبرداري قبول ڪئي. (تحفة الڪرام)
|