سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :6

 

باب پنجون

سنڌ جي هندو سلطنت جي پڄاڻي

 

راجا چچ جي مرڻ بعد سيلائج جو ٻيو پٽ يعني ان جو ڀاءُ چندر سنڌ جي تاج ۽ تخت جو مالڪ ٿيو. معلوم ٿو ٿئي ته هن جي دل جو ميلان ٻڌ ڌرم جي طرف هو جيئن ته الور جي گادي تي ويهڻ شرط هن هڪدم ٻڌ ڌرم کي مدد ڏيڻ شروع ڪئي. هو ترڪ الدنيا ۽ رياضت ڪندڙ (تپسي) فقيرن جو نهايت معتقد هو ۽ انهن جي عزت ڪندو هو، نه فقط ايترو پر هن گهڻن ئي برهمڻي عقيدي وارن کي تلوار جي زور سان مجبور ڪيو ته ٻڌ ڌرم جي پيروي ڪن. هندوستان جي ڪيترن راجائن سندس دربار م خط موڪليا. سيوستان جو سردار متو قنوج جي راجا وٽ ويو تڏهن هندوستان کي نهايت ئي سرسبز ۽ شاداب ڏٺائين. قنوج جي گادي تي تن ڏينهن ۾ راسل جو پٽ سيهرس ويٺل هو. متو هن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين ته ”راجا چچ مري ويو، هاڻي هن جي گادي تي سندس ڀاءُ ويٺو آهي جو راجا ڪونهي بلڪ هڪ عابد راهب آهي. ناستڪ ڌرم ٻڌ جو پوڄاري آهي ۽ سارو ڏينهن ڌرمي پوڄارين سان گڏ مندر ۾ ويٺو رهي ٿو، جتي سواءِ مذهبي بحث ۽ رياضت (تپسيا) جي هن کان ڪو ڪم نٿو ٿئي. جيڪڏهن فقط ڪا ٿوري فوج موڪلي وڃي ته به ان تي فتح حاصل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اوهين هن جو ملڪ کسي مون کي ڏيو ته آءٌ وچن ٿو ڪريان ته سالانه ڍل ادا ڪندو رهندس.“

سهيرس اها خبر ٻڌي حرصجي پيو ۽ چڙهائي جو ارادو ته ڪيائين پر متو کي فقط اها اميد ڏيکاريائين ته ”تو کي فتح ڪيل ملڪ مان فقط هڪ ضلعو ڏنو ويندو. باقي سڄو ملڪ آءٌ پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪندس.“  هي جواب ڏيڻ بعد سيهرس پنهنجي ڀاءُ ڪسائس جي پٽ هرهاس کي سپهه سالار ڪري سنڌ تي روانو ڪيو. راجا چچ جو ڏوهتو جورمل ۽ ڪشمير جو حاڪم به هن جو مددگار ٿيو ۽ ٻئي پنهنجون فوجون وٺي اچي هاسي ندي جي ڪناري منزل انداز ٿيا. چندر جو نائب ۽ قلعي ديو جو والي غنيم جو هيڏو وڏو لشڪر ڏسي اُٿي ڀڳو ۽ هو ان قلعي تي قبضو ڪري اڳتي وڌيا، ۽ بند ڪاهويا مڪان تي پهچي چندر وٽ ايلچي موڪليائون ته جيڪڏهن پنهنجو خير گهرين ته هڪدم حاضر ٿي اچي آڻ مڃ ۽ امن گهر. چندر جيتوڻيڪ زهد ۽ تقوى  ۾ زندگي گذارڻ جو خواهشمند هو ۽ جهيڙن جهڳڙن کي هرگز پسند نه ڪندو هو پر اها حالت ڏسي هڪدم فوج کي تيار ڪرڻ ۽ قلعن کي مضبوط ڪرڻ ۾ لڳي ويو. نتيجو هي ٿيو جو سندس سلطنت دشمنن کان بچي ويئي، سڀ ناڪام ۽ خوار خراب ٿي واپس ويا ۽ ان کان پوءِ چندر پوري مضبوطي ۽ قوت سان راڄ ڪيو. ستن سالن تائين بنا ڪنهن انديشي جي سلطنت ڪندو رهيو ۽ اٺين سال دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

چچ جا ٻه پٽ ڏهرسين ۽ ڏاهر

چندر کان پوءِ سلطنت جي دعويدارن ۾ اختلاف پيدا ٿيو. الور جي تخت تي ته سندس ڀاءُ راجا چچ جو ننڍو پت ڏاهر ويٺو، ۽ برهمڻ آباد ۾ خود هن جو پٽ راج تخت نشين ٿيو، مگر سندس حياتيءَ جو ڏيئو هڪڙيئي سال ۾ گل ٿي ويو. انهيءَ کان پوءِ برهمڻ آباد تي چچ جي وڏي پٽ ڏهرسين قبضو ڪيو. هن کي بظاهر ڏاهر سان ڪو اختلاف نه هو، مگر پوءِ هڪ شرمناڪ گهرو جهڳڙي ٻنهي کي ويڙهائي وڌو. جنهن(1) جو احوال اڳتي بيان ٿيندو.

راجا ڏاهر جي حڪومت

راجا ڏاهر تخت تي ويهڻ کان هڪ سال پوءِ ملڪ جي دوري تي نڪتو، پهريائين اڀرندي طرف روانو ٿيو ۽ انهي پاسي ڀروسي جهڙا والي مقرر ڪري واپس آيو، انهيءَ وقت برهمڻ آباد ۾ اچي اتي جو حاڪم پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏهرسين کي مقرر ڪيائين ۽ پاڻ مڪران ڏي هليو ويو. ڇهه مهينا اتي رهي مڪران جي حاڪم سان دوستيءَ جو لاڳاپو رکي موٽي آيو.

ڏاهر جي ڀيڻ سان شادي

ڏاهر جڏهن الور کي ويجهو پهتو تڏهن شهر جي ماڻهن وڏي ڌوم ڌام سان سندس ڀليڪار ڪيو. هر طرف خوشي جا شادمانا ٿيڻ لڳا. هن موقعي تي پنڊتن ۽ نجومين اچي ادب ۽ تعظيم سان عرض ڪيو ته ”اسان اوهان ٻنهين ڀائرن ۽ اوهان جي ڀيڻ ٻائي جو زائچو (رمل) ڪڍي ڏٺو آهي ته اوهان ۽ اوهان جي ڀاءُ ڏهرسين جي قسمت ۾ ڪي خوش اقبالي جا آثار نظر نه آيا، مگر اوهان جي ڀيڻ ٻائي جو اقبال نهايت ئي بلند نظر ٿو اچي. هن جو نصيب ڏيکاري رهيو آهي ته هوءَ جنهن جي زال ٿيندي سو ئي ساري سنڌ جو راجا ٿيندو. هي به معلوم ٿئي ٿو ته هوءَ هتان ڪٿي ٻاهر به نه ويندي: اسان جي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انهن ڳالهين جي تعميل (پورائي) ڪيئن ٿيندي؟“ ڏاهر نجوم جو ڏاڍو معتقد هوندو هو ۽ هميشه نجومين جي چوڻ تي هلندو هو. انهي ڳالهه سندس دل تي سخت بار پيدا ڪيو ۽ هر گهڙي انهي ويچار ۾ رهڻ لڳو ته ٻائي کي هتي جي حڪومت ڪيئن ملندي؟ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کي ملي وئي ته مون کي تخت و تاج کان محروم ٿيڻو پوندو. آخر انهي پريشاني ۾ وري نجومين کي گهرائي ٻائي جو نصيب ڪڍرايو ته وري به ساڳيو نتيجو حاصل ٿيو. تڏهن هن وزيرن کي گڏ ڪري سندن اڳيان پنهنجي پريشاني جو حال بيان ڪيو ۽ چيائين ته ”ائين ٿي ڪين سگهندو جو آءُ تخت هٿان وڃايان. تنهن ڪري منهنجو ارادو آهي ته ٻائي سان آءُ پاڻ شادي ڪريان.“ هي ڳالهه ٻڌي سڀئي حيرت ۾ پئجي ويا، ۽ چيائون ته ”حضور اهڙو غضب نه ڪريو نه ته اسان جي ملڪ تي هميشه تائين انهيءَ بدنامي جو داغ رهجي ويندو ۽ رعيت ۾ سخت گوڙ پيدا ٿيندو بلڪ اهڙا اهڙا فساد کڙا ٿيندا جو ملڪ کي سنڀالڻ مشڪل ٿي پوندو.“ مگر ڏاهر کي انهن ڳالهين جو ڪجهه به اثر نه ٿيو ۽ انهي مهل کڻي ماٺ ڪيائين پر پوءِ ڪن خاص خاص مشيرن کي راضي ڪري هڪ رات ڳجهه ڳوهه ۾ پنڊتن کي گهرائي ٻائي سان شادي ڪئي ۽ پنهنجي چادر ۽ ٻائي جي ساڙي جو پلؤ ٻڌي باهه کي ڦيرا ڏنا. پوءِ گهوٽ ڪنوار ٻئي اچي تخت تي ويٺا ۽ ٻنهي گڏجي پنهنجو منهن تلوار ۾ ڏٺو.

اها رات گڏجاڻي کان پاسو ڪري صبح جو اُٿڻ شرط راڻي ٻائي کي پنهنجي گهر ڏياري موڪليائين. هاڻي ڏاهر کي خاطري ٿي ته ٻائي جو مڙس آءٌ ئي آهيان ۽ هي راڄ ڀاڳ هميشه تائين منهنجو ٿي ويو. ماڻهن ۾ جڏهن اها خبر مشهور ٿي تڏهن هر طرف کان رنجش جا آثار پيدا ٿيا، مگر سڀ کان زياده مشڪل هيءُ پيش آئي جو ڏاهر جي ڀاءُ ڏهرسين کي جڏهن برهمڻ آباد ۾ اها خبر ملي تڏهن هو نهايت بگڙي پيو ۽ هڪدم ڏاهر ڏي هڪ خط جنين ۽ لعنت ملامت سان ڀريل ڏياري موڪليائين.، جنهن جي جواب ۾ ڏاهر هي عذر پيش ڪيو ته ”ادا! نجوم جي فيصلي  مون کي ان ڪم تي مجبور ڪيو، نه ته جيڪر آءٌ هرگز ائين نه ڪريان ها.“ ڏهرسين وري لکيس ته ”ڇا تون سمجهين ٿو ته اهڙن فريبن سان تقدير کي ڦيرائي ڇڏيندين؟“ مطلب ته ان ردوبدل ۾ لڙائي جون تياريون ٿي ويون. (معصومي)

مگر چچ نامي جو هي بيان آهي ته ٻائي اڳ ۾ ڏهرسين وٽ رهندي هئي. رامل جي راجا سومن هن جو سڱ گهريو ۽ هي شرط ڪيائين ته هڪڙو قلعو ڏاج ۾ ڏنو وڃي. ڏهرسين ان ڳالهه تي راضي ٿي راڻي ٻائي کي ست سؤ سوارن ۽ پنج سؤ پيدلن جي جلوس سان سوهن جي ايلچين سميت ڏاهر ڏي ڏياري موڪليو ۽ لکيائين ته سوهن جي درخواست قبول ڪرڻ گهرجي ۽ هڪڙي قلعي ڏيڻ ۾ به ڪا قباحت نه آهي. ٻائي جڏهن ڏاهر وٽ پهتي تڏهن هن سوهن جي ايلچين کي انڪاري جواب ڏئي ڇڏيو ۽ پاڻ پرڻجي ويٺو.

ڏهرسين کي انهي ڳالهه تي ايترو غصو آيو جو ڀاءُ سان وڙهڻ لاءِ فوج وٺي اٿي هليو. اها خبر ٻڌي هيڏي ڏاهر به مقابلي لاءِ نڪتو ۽ ڪجهه وقت ڀاءُ جي لشڪر جي واٽ ڏسي ڏسي جڏهن هن پهچڻ ۾ دير ڪئي تڏهن هو شڪار جي لاءِ جهنگ ڏي هليو ويو ۽ شڪار ۾ مشغول هو ته ڏهرسين اچي الور ۾ پهتو ۽ شهر جي اندر داخل ٿيڻ جو ارادو ڪيائين جنهن تي شهر وارن دروازو بند ڪري لڙائي جو خيال ڏيکاريو. پر ڪن عاقبت انديش ۽ نيڪ نيت ماڻهن وچ ۾ پئي صلح ڪرايو. ڏهرسين کي باعزت وٺي وڃي شهر پناه جي ڀرم لاٿائون ۽ هڪ شتر سوار کي ڏاهر ڏي موڪلي ڏهرسين جي اچڻ جو اطلاع ڏنائون جو هڪدم هليو آيو ۽ اچي ڀاءُ کي دعوت نامون ڏياري موڪليائين، مگر هن انڪار ڪيو. شام جو وري ماڻس ۽ ٻيا امير وزير ڏهرسين وٽ ويا ۽ وڃي چيائونس ته ڏاهر ڀيڻ سان شادي ڪئي آهي سا ڪنهن نفساني لذت لاءِ نه، بلڪ دل جي شڪ وڃائڻ لاءِ ڪئي آهي. تنهن ڪري اميد ته تون هن جو قصور معاف ڪندين. شهر جي معزز ماڻهن سان گڏ ماءُ کي به ڏاهر جي سفارش ڪندي ڏسي هن ڀاءُ جو قصور معاف ڪري ڇڏيو.

ڏهرسين ۽ ڏاهر جي ملاقات ۽ ڏهرسين جو موت

ٻئي ڏينهن هو هاٿيءَ تي سوار ٿي قلعي جي دروازي وٽ آيو ۽ ڏاهر جي محلات جي سامهون ادب سان بيهي ڀاءُ ڏي آداب شاهي چوائي موڪليائين. ڏاهر هڪدم کيس اندر گهرايو مگر هن انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مون تنهنجي محل ۾ اندر اچڻ کان قسم کنيو آهي تنهن ڪري جيڪڏهن تون ٻاهر اچي درشن ڪرائين ته مهرباني. ڏاهر چيو ته آءُ سڀاڻي حاضر ٿيندس. پوءِ ڏاهر ٻئي ڏينهن اميرن وزيرن سان گڏ وڏي جلوس ۽ دٻدٻي سان ڀاءُ جي ملڻ لاءِ آيو ۽ ڏهرسين سندس استقبال لاءِ نڪتو.

ڏهرسين ڀاءُ کي ڏسي گهوڙي تان لهي پيو ۽ وڃي سندس پير چميا، پوءِ ڏاهر کيس پنهنجي تنبوءِ ۾ وٺي آيو ۽ ڳچ وقت جي ملاقات کان پوءِ واپس پنهنجي تنبوءَ ۾ هليو ويو. ڏاهر جي رواني ٿيڻ بعد ڏهرسين کي هڪدم بخار اچي ويو. مگر اهڙو سخت تپ ٿيس جو هو ويچارو انهي ئي بخار وگهي پوري چوٿين ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. ڏاهر دستور موجب سندس لاش ساڙائي سڀ مذهبي رسمون ادا ڪيون ۽ پوءِ بلڪل بي فڪر ٿي حڪومت ڪرڻ لڳو. ڏهرسين جي هن اوچتي موت تي ماڻهن ۾ چوٻول شروع ٿي ويو. مگر حڪومت جي خوف کان وري هڪدم ماٺ ٿي ويئي. (معصومي)

 ڏهرسين جي مرڻ بعد ڏاهر پنهنجي ڀاءُ جي تختگاهه برهمڻ آباد ۾ ويو، ۽ سڄو سال اتي ويهي اوسي پاسي جي سڀني سردارن کي دٻائي پنهنجو مطيع ڪيو. هتان هر طرح جي خاطري ڪري سيوستان جي واٽ ورتائين. اتان وري راوڙ جي قلعي ۾ ويو، جنهن کي راجا چچ ٺهرائڻ شروع ڪيو هو. مگر تيار ٿيڻ کان اڳ مري ويو هو. هن اُن جو باقي رهيل ڪم ٿورن ئي ڏينهن ۾ پورو ڪرائي هي طئي ڪري ڇڏيو جو گرمين جا چار مهينا اچي  هتي گذاريندو هو. ڇو ته هن سر زمين جي آب و هوا سٺي هئي ۽ هي هڪ نهايت ئي دلچسپ مڪان هو.

رامل وارن سان لڙائي

جڏهن هر جڳهه هن جو تاب ماڻهن جي دلين تي ويهي ويو ۽ سلطنت جو انتطام پڻ مضبوط ۽ محڪم ٿي ويو تڏهن رامل وارن کي اچي مٿس حسد ٿيو ۽ هڪ وڏو لشڪر وٺي ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا. انهن سان جنگي هاٿي به وڏي تعداد ۾ هئا. ٻڌيا(1) جي رستي کان اچي علائقي راوڙ جي شهر روستا تي ڪاهه ڪيائون ۽ ڏاهر کي خبر پوڻ کان اڳ هو روستا تي قبضو ڪري تختگاه الور ڏي وڌيا

هڪ عرب پناه وٺندڙ جي ڪارگذاري

اتفاقاً انهن ڏينهن ۾ عرب جي هڪ بهادر محمد علاقي نالي عبدالرحمان بن اشعت کي قتل ڪري سنڌ ۾ اچي پناه ورتي هئي ۽ پنهنجي گهڻن عزيزن ۽ قوم جي ماڻهن سان گڏ هتي امن امان سان رهندو هو.

محمد علاقي ان موقعي تي هڪ عجيب ۽ نهايت ئي بهادرانه طريقي سان راجا ڏاهر کي مدد ڏني اها هيءَ هئي جو رامل وارن جو سارو لشڪر جو راوڙ جي طرف وڌندو آيو، تنهن تي هڪ رات محمد علاقي پنهنجي پنج سؤ عرب رفيقن سان اوچتو اهڙو  وڃي راتاهو ڏنو جو اونداهي رات ۾ مقابلو ته ڇا خود انهن مان ڪنهن کي ڀڄڻ جي واٽ هٿ نه آئي ۽ عربن گهڙي جو گهڙي ۾ رامل وارن جا اسي هزار سپاهي تباه ڪري ڇڏيا، جن مان گهڻا ته مارجي ويا ۽ گهڻا گرفتار ٿيا ۽ بيشمار هٿيار ۽ پنجاه هاٿي عربن کي هٿ آيا.

انهي طرح هڪ ازغيبي مدد ڏاهر کي دشمن تي فتح ڏياري تنهن ڪري راجا عربن جو ڏاڍو قدر ڪيو ۽ کين وڏي عزت سان پنهنجي سلطنت ۾ جاءِ ڏني.

هاڻي ته ڏاهر هيڪاري وڏي زور شور ۽ بلڪل بي فڪري سان سلطنت ڪندو رهيو، ۽ پنهنجي وفادار ۽ مدبر وزير کان ايتري قدر خوش هو جو هڪ ڏينهن مٿس حد کان زياده مهربان ٿي چيائين ته ”تنهنجي ڪا خواهش هجي ته مون کي ٻڌاءِ ۽ آءٌ ضرور پوري ڪندس“ وزير ادب سان پير چمي عرض ڪيو ته ”غلام کي ڪا اولاد ڪونهي جو هن جو نالو دنيا ۾ ڪي ٿورا ڏينهن به باقي رهي سگهي. تنهنڪري منهنجي مراد آهي ته منهنجي نالي زنده رهڻ جي ڪا تدبير ٿئي، ۽ اها مراد هن طريقي سان ٿي سگهي ٿي جو حضور جن چانديءَ جي سڪي تي هڪ طرف منهنجو نالو ۽ بئي طرف پنهنجو نالو نقش ڪرائين. انهيءَ ريت ڪن ڏينهن تائين منهنجو نالو دنيا ۾ ياد رهي.“ ڏاهر اها درخواست منظور ڪري ان وقت کان وٺي سڪي تي هڪ طرف پنهنجو ۽ ٻئي طرف وزير جو نالو لکرايو.

ان کان پوءِ ڏاهر کي وطني دشمنن کان ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه پهتي. هر طرف امن امان هو، مگر ڪي سبب اهڙا پيش آيا جو عربن کي سنڌ تي حملو ڪرڻو پيو.

تنهن ڪري ايندڙ باب ۾ اهو بيان ڪيو ويندو ته ڪيئن اسلام جي تعليم سنڌ ۾ پهتي ۽ ڇو اسلامي سپهه سالارن سنڌ تي ڪاهه ڪئي؟

سنڌ جي راجا جي اسلامي سلطنت سان ڇيڙ ڇاڙ

راجا چچ حڪومت جي واڳ هٿ ۾ رکنديئي فتني ۽ فساد جو رستو اختيار ڪيو ۽ سلطنت اسلاميه جي خلاف دشمني جون ڪارروايون شروع ڪيون. امير المؤمنين حضرت عثمان رضه کي جڏهن ان جي مفسدانه حرڪتن جي خبر پئي تڏهن هن مڪران جي حاڪم عبدالرحمان بن سمره جي نالي حڪم جاري ڪيو ته سنڌي فسادين کي، جي راجا چچ جي شرارت سان مڪران جي سرحد تي گڏ ٿي فتنو ۽ فساد برپا ڪري رهيا آهن اتان هڪالي ڪڍو. عبدالرحمان هي حڪم بڌندئي حملو ڪري هڪدم سنڌي فسادين کي ڀڄائي ڇڏيو.

ڪن ڏينهن بعد مڪران جي سرحد تي وري هڪ خوفناڪ بغاوت برپا ٿي، جنهن کي سنڌ جي راجا مدد ڏني. انهي بغاوت کي بند ڪرڻ ۽ سنڌي فوجن کي پوئتي هٽائڻ لاءِ سنه 38 هه ۾ هارث بن عامر نالي هڪ سردار ”حاڪم ڪرمان“ جي حڪم موجب هڪ هزار سوارن سان حملو ڪيو ۽ ويهه هزار فسادين ۽ باغين کي دٻائي امن امان قائم ڪيو.

سنه 42هه ۾ هن علائقي جي اندر وري سرڪشي جا آثار پڌرا ٿيا ۽ خبر آڻيندڙ جي اطلاعن مان ظاهر ٿيو ته راجا چچ وري فساد لاءِ تيار ٿيو آهي. اهي خبرون ٻڌي ڪرمان جي حاڪم راشد بن عمر کي چار هزار سپاهين سان بطور سرحدي محافظ جي مڪران جي سرحد تي مقرر ڪيو. راشد نهايت منتظم تجربيڪار ۽ سياست جو ماهر حاڪم هو، ۽ انهي علاقي جو بلڪل سهڻو انتظام ڪيو. اڃا راشد کي سرحد تي آئي فقط ڪي ٿورا مهينا گذريا ته راجا چچ وجهه وٺي هڪ پهاڙي رستي کان ڏهه هزار لشڪر سان اوچتو اسلامي ڪئمپ تي حملو ڪيو. اسلامي جانباز مجاهدن يڪدم پاڻ سنڀالي پرجوش مقابلو ڪيو ۽ اٺ هزار باغي مارجي ويا. راشد پاڻ هن ميدان ۾ زخمي ٿي شهيد ٿي ويو. سنه 52 هه  ڌاري راجا چچ مري ويو ۽ کانئس پوءِ سنه 60 هه تائين راجا چندر حڪومت جو والي ٿيو. هن جي هلت چلت مسلمانن سان نهايت شريفانه هئي. هن پنهنجي ڏينهن ۾ پورو امن ۽ امان قائم رکيو ۽ مسلمانن سان ڪڏهن به ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪانه ڪئي. هن صلح جو دستور جاري رکيو. سندس مرڻ بعد سنه 60 هه ڌاري راجا ڏاهر سنڌ جي حڪومت جو مالڪ ٿيو. جيڪو نهايت ظالم، هٺيلو، متعصب ۽ لالچي شخص هو. تنهنڪري سرحد مڪران تي وري فتني ۽ فساد جي باهه ڀڙڪايائين. ۽ راجا چچ جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪيو.

هي اهو زمانو هو جو مسلمانن جي حڪومت اندروني جهڳڙن سبب سخت خطري جي حالت ۾ هئي. راجا ڏاهر جي تخت نشيني کان ٻه ٽي ورهيه پوءِ يعني سنه 65 هه ۾ خليفو عبدالملڪ اموي تخت نشين ٿيو. مگر شام، عراق، عرب، ايران وغيره ۾ جيڪي به گورنر هئا سي سڀ تقريباً خود مختيار هئا ۽ اڃان تائين هي فيصلو نه ٿيو هو ته آئينده صحيح معنى  ۾ خليفة المسلمين ڪير ٿيندو؟ تقريباً هڪ سال تائين هي گڙ ٻڙ قائم رهي، تنهن کان پوءِ خليفي عبدالملڪ خلافت جي سڀني اميدوارن تي غلبو حاصل ڪري پنهنجي طاقت کي خوب مضبوط ۽ محڪم بنائي ورتو ۽ سڀ اندروني جهڳڙا ميٽجي ويا. انهن خطرن کان بي فڪر ٿيڻ بعد خليفي عبدالملڪ اسلام جي دشمنن ۽ فسادي تحريڪن جي طرف توجه ڏني ۽ انهن کي بند ڪرڻ لاءِ نهايت ڪارائتيون تدبيرون اختيار ڪيون. انهيءَ موقعي تي هڪ ٻيو واقعو به ذڪر ڪرڻ جي لائق آهي.

اهو هي ته تن ڏينهن ۾ ڪيترا مجوسي جيڪي مسلمانن جا دشمن هئا، سي ايران کان ڀڄي ملڪ سنڌ ۾ هليا آيا ۽ اچي راجا ڏاهر جي درٻار ۾ وڏن عهدن تي مقرر ٿي ويا هئا. انهن حالتن سنڌ کي مسلمانن لاءِ نهايت خطرناڪ بڻائي ڇڏيو ۽ هاڻي مسلمانن کي سنڌ تي حملي ڪرڻ جو حق حاصل ٿي چڪو هو. ان کان سواءِ ڪاه ڪرڻ جو هڪ ٻيو سبب هيءُ به ٿيو جو خليفي عبدالملڪ، حجاج بن يوسف کي اڀرندي ملڪن جو اعلى گورنر مقرر ڪيو. حجاج اول ڪوفي ۾ اچي اتي جو انتظام ڪيو، پوءِ بصري ۾ پهچي سنه 57 هه ۾ سعيد بن اسلم کي مڪران جو حاڪم مقرر ڪيو. سرحد مڪران تي هن کان اڳ فتني فساد جا شعلا بلند ٿي رهيا هئا ۽ هتي جي صورتحال نهايت نازڪ ٿي رهي هئي. سعيد بن اسلم سرڪشن ۽ فسادي ماڻهن کي ماري مات ڪيو.

انهيءَ وچ ۾  هڪ نامور شهسوار محمد بن حارث علاقي جو قبيلي بني آسار مان هو، سو پنهنجي ڀاءُ معاويه بن حارث ۽ پنهنجي خاندان جي پنج سؤ ماڻهن سان گڏ واپار جي ارادي سان عمان مان لڏي اچي مڪران ۾ رهيو. سندس ماڻهن مان هڪ شخص صفوي بن لام الحمامي سان اتي جي هڪ ذمي(1) جو ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿي پيو، جنهن صفوي کي گاريون ڏنيون ۽ اسلام جي متعلق نهايت ڏکوئيندڙ ۽ ناشائسته لفظ ڪتب آندا. صفوي کي هن جي انهي نالائقي تي سخت غصو آيو ۽ مذهب جي توهين سببان جوش ۾ اچي کيس ڌڪ هڻي ماري رکيو، جنهن تي هن جي وارثن مڪران جي حاڪم سعيد بن اسلم وٽ صفوي تي فرياد داخل ڪئي. جنهن ثابتيءَ وٺڻ بعد فيصلو ڪيو ”ته ماريل شخص ذمي ماڻهو آهي. ان جو مال ۽ جان هڪ مسلمان جي مال ۽ جان وانگر محفوظ آهي، صفوي بيشڪ اسلامي شرع موجب ڏوهه ڪيو آهي، تنهنڪري کيس جان جي عيوض جان سزا ڏني وڃي ٿي.”علاقي خاندان کي اميد هئي ته مذهبي معاملات سبب صفوي بي قصور سمجهي ڇڏيو ويندو، مگر سعيد سندن اميد جي خلاف انصاف جو فيصلو ڪيو، جنهن ڪري علاقين کي ساڻس دشمني پيدا ٿي پئي. سعيد بن اسلم جڏهن ڏٺو ته هو بغاوت ڪري مڪران جي گهڻن شهرن تي قابض ٿي ويا آهن، تڏهن کين مطيع ڪرڻ لاءِ لشڪر وٺي پنهنجي سر وڃي مٿن حملو ڪيو، مگر هو دغا سان گرفتار ٿي پيو ۽ علاقين هن کي قتل ڪري سندس لاش کي بي عزت ڪيو ۽ سڄي مڪران تي قبضو ڪري پنهنجي خود مختياري جو اعلان ڪيائون. حجاج کي جڏهن هيءَ خبر پيئي تڏهن نهايت ڏمريو ۽ سليمان علاقي کي جو عرب ۾ ان قبيلي جو وڏو سردار هو تنهن کي گرفتار ڪري هن جو سر وڍي سعيد جي عزيزن ڏي ڏياري موڪليو. ان سان گڏ مجاعه بن سعر تميمي کي مڪران روانو ڪيو. مجاعه جو فوجي سردار عبدالرحمان بن اشعث هو. علاقين انهي عبدالرحمان تي حملو ڪيو ۽ جيسين مجاعه کي خبر پوي ۽ هن جي مدد پهچيس تنهن کان اڳ کيس به ماري وڌو. مجاعه بن سعر تميمي اها خبر ٻڌي پاڻ پنهنجي سر علاقين جي مقابلي لاءِ چڙهي پيو. هو نهايت بهادر ۽ هوشيار شخص هو. هن جي اچڻ جو حال ٻڌي علاقي جبلن ۾ وڃي لڪا ۽ ڪنهن ميدان ۾ مقابلو ڪرڻ مناسب نه سمجهيائون. مجاعه باغين کي سزا ڏيئي قندابيل تائين وڃي پهتو. پر اوچتو وفات ڪري ويو. حجاج ان جي جاءِ تي محمد بن هارون کي مڪران جو حاڪم ڪري موڪليو ۽ کيس پورو اختيار ڏنائين ته جيئن به ٿي سگهي تيئن علاقين کي تباهه ڪيو وڃي. محمد بن هارون ايندي شرط علاقين جي پٺيان ڪاهي پوڻ شروع ڪيو ۽ برابر پنجن سالن تائين جبلن ۽ جهنگن ۾ هنن کي گرفتار ڪري قتل ڪندو رهيو. ان جدوجهد ۾ هن کي سڀ کان وڏي ڪاميابي هيءَ ٿي جو محمد علاقي جي ڀاءُمعاويه بن حارث کي هڪ غار ۾ گرفتار ڪري ورتائين جنهن کي قتل ڪري سندس سر حجاج وٽ موڪلي ڏنائين. معاويه جي قيد ٿيڻ تي سندس ڀاءُ محمد بن حارث علاقي پنهنجي ماڻهن کي ساڻ وٺي سنڌ ۾ هليو ويو ۽ وڃي راجا ڏاهر وٽ پناهه ورتائين، تنهن هن کي سندس همراهن سميت پنهنجي اکين ۾ جاءِ ڏني (هي اهو محمد علاقي آهي جنهن رامل واري لڙائي ۾ ڏاهر کي هڪ عظيم الشان مدد ڏني هئي) راجا ڏاهر جي طرفان هيءُ ئي پهريون بنيادي سبب آهي، جنهن ڪري عربن کي ڪاوڙجڻ جو موقعو مليو. نه ته ان کان اڳ مسلمانن جو هرگز ارادو نه هو ته ڪو سنڌ کي پنهنجي حڪومت ۾ شامل ڪريون. خلافت جي ابتدائي زماني کان وٺي مسلمانن کي اڳتي وڌڻ کان اصلي منع ڪئي ويئي هئي.

بلاذري ان واقعي کي هن طرح لکيو آهي ته سعيد جڏهن مڪران ۾ پهتو تڏهن حارث علاقي جا ٻئي پٽ محمد ۽ معاويه هن جي مقابلي ۾ آيا. هي شخص خلافت جا ڏوهي هئا ۽ هتي سنڌ جي حد ۾ اچي باغيانه طرح پناهه گزين ٿيا هئا. سعيد جڏهن خلافت جي فوج وٺي آيو، تڏهن انهن ذري جيتري به هن جي پرواهه نه ڪئي ۽ يڪدم مقابلي لاءِ اُٿي کڙا ٿيا. سعيد جي حياتي پوري ٿي چڪي هئي، هو لڙائي ۾ مارجي ويو. خلافت جو لشڪر بنا سردار جي نهايت ناڪامي سان واپس ٿيو، ۽ هو ٻئي پوري طرح انهن ضلعن تي قابض ٿي ويا. حجاج کي جڏهن محمد بن حارث علاقي جي ڀڄڻ ۽ راجا ڏاهر جي حمايت ۽ پناهه ۾ پهچي وڃڻ جو حال معلوم ٿيو. تڏهن هن يڪدم خليفي عبدالملڪ جي خدمت ۾ هڪ درخواست موڪلي ته مون کي سنڌ تي پوري قوت سان حملي ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڇو ته هن ملڪ ۾ سلطنت اسلامي جي خلاف نهايت خوفناڪ سازش ٿي رهي آهي ۽ فسادي باغين کي پناه ڏني وڃي ٿي. خليفي عبدالملڪ ان درخواست منظور ڪرڻ ۾ ڪجهه غور پئي ڪيو ۽ اڃا اها درخواست سندس ويچار هيٺ هئي ته شوال سنه 86 هه ۾ عبدالملڪ جو انتقال ٿي ويو. ۽ هن جي جاءِ تي وليد بن عبدالملڪ گادي تي ويٺو.

انهي واقعي کي اسان هن ڪري تفصيل سان بيان ڪيو آهي جو هي واقعو به سنڌ تي مسلمانن جي حملي آوري جو هڪ نهايت معقول سبب آهي، ۽ انهي واقعي مان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته مجاهد اسلام غازي محمد بن قاسم رحمة الله عليہ جي ڪاهه کان اٺ سال اڳي پنج سؤ مسلمان سنڌ ۾ اچي ساڪن ٿي چڪا هئا.

سنڌ تي مسلمانن جي حملي آوري جو آخري سبب اڃا هن کان به هڪ ٻيو وڏو واقعو آهي جنهن جو ذڪر ايندڙ باب ۾ بيان ٿيندو ۽ تنهن کان اڳ اهي ننڍا ننڍا حملا لکيا وڃن ٿا جي عربن سنه 15 هجري کان وٺي هند ۽ سرحد سنڌ تي ڪيا آهن.

هندستان تي عربن جا حملا

سڀ کان پهريون حملو:

 انهن ڏينهن ۾ موجوده جهازي طاقت نه هجڻ سبب دريائي سفر بي انتها خطرناڪ هو، تنهنڪري عرب جا ماڻهو بحري لڙائين کان پري ڀڄندا هئا. جيتوڻيڪ انهي زماني ۾ خواهه ان کان پوءِ ڪيترين صدين تائين هنن کان وڌيڪ ٻيو ڪو جهازران به نه هو.

هڪ دفعو حضرت عمر رضه علقمه بن محرز مدلجي کي هڪ وڏي اسلامي لشڪر سان ويهن جهازن ۾ سوار ڪري روم جي جهاد تي روانو ڪيو هو، جيڪي سڀ جهاز طوفان ۾ اچي غرق ٿي ويا ۽ هڪڙو به ماڻهو انهن مان سلامت بچي نه نڪتو. جناب فاروق کي جڏهن حادثي جي خبر ملي تڏهن سخت غم جي جوش ۾ قسم کنيائين ته وري ڪڏهن به درياءَ جي رستي ڪا فوج رواني نه ڪندس، ايتري قدر جو عمرو بن عاص نيل ندي جي هن طرف وڃي خيره نالي هڪ شهر ٻڌايو تڏهن حضرت فاروق اها خبر ٻڌي کيس خط لکيو ته اهڙي جاءِ تي سڪونت نه ڪريو جو اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ پاڻي آڏو هجي. بلڪ اهڙي هنڌ ويهڻ گهرجي جو جڏهن مرضي پوي تڏهن اسان پنهنجي اُٺن تي سوار ٿي اوهان وٽ اچي پهچون.“ (يعقوبي)

مطلب ته حضرت عمر ڪڏهن به ڪنهن آفيسر کي درياءَ جي رستي ڪنهن ملڪ تي چڙهائي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو هو، مگر تنهن هوندي به سندس خلافت جي ٽئين سال سنه 15 هجري ۾ راجا چچ جي ڪن حرڪتن سبب جن جو ذڪر مٿي بيان ٿي چڪو آهي، حضرت عمر جي اجازت کان سواءِ هڪ عالي همت آفيسر عثمان بن ابي عاصي ثقفي جو بحرين ۽ عمان جو والي هو تنهن پنهنجي ڀاءُ حڪم کي بحرين ۾ پنهنجو نائب مقرر ڪري ۽ پاڻ هڪ وڏو ٻيڙو تيار ڪرائي اسلامي بهادرن جي فوج سان انهن تي سوار ٿي سرزمين عمان جي واٽ ورتي.

عمان جي ڪناري کان هندوستان جي طرف واپاري جهازن جو سلسلو گهڻي زماني کان جاري هو، گويا واپار جي ڪري هي دريائي رستو قديم الايام کان کليل هو. تنهن ڪري عثمان بن ابي عاصي کي پنهنجي مردانگي ڏيکارڻ جو ڪافي موقعو مليو. (فتوح البلدان)

 انهن بهادرن سنڌ جي ڪنارن تي پهچي شهر ٿاڻي تي حملو ڪيو (هي شهر هينئر بمبئي علاقي ۾ آهي) هن حملي ۾ مسلمانن کي پوري ڪاميابي حاصل ٿي مگر تڏهن به عثمان بن ابي عاصي واپس اچي ڊڄندي ڊڄندي امير عمر کي هن حملي ۾ فتح جو اطلاع ڏنو. خوف سان گڏ کيس هيءَ اميد به رهي ته من هن ڪاميابي جي خبر آئينده لاءِ بحري جهاد جو دروازو کولي ڏئي. مگر حضرت عمر انهي اطلاع پهچڻ تي اهڙو جواب ڏنو جنهن سندس اميدن کي بلڪل خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. حضرت عمر لکيو ته ”اي برادر ثقفي! تو هيءَ فوج نه رواني ڪئي هئي بلڪ هڪڙي جيتڙي کي ڪاٺي تي ويهاري سمنڊ ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. قسم آهي خداءِ لايزوال جو جيڪڏهن هي مسلمان ڪنهن آفت جو شڪار ٿي وڃن ها ته انهن عيوضو آءٌ تنهنجي قوم کان وٺان ها.“

ٻيو ۽ ٽيون حملو:

حضرت عمر رضه جهڙي حشمت واري خليفي جي حڪم کان منهن موڙڻ در اصل هڪ وڏي خوفناڪ جرات جو ڪم هو، مگر تنهن هوندي به عثمان بن ابي عاصي پنهنجي ارادي کان بلڪل نه هٽيو. هن پهرئين حملي کان پوءِ وري به پنهنجي ڀاءُ مغيره کي هڪ جهازي لشڪر جو سپهه سالار مقرر ڪري هند جي ڪناري تي موڪلي ڏنو، جنهن شهر ديول تي اچي حملو ڪيو ۽ دشمنن کي سخت شڪست ڏيئي گهڻي مال ۽ اسباب سان واپس آيو. جنهن وقت مغيره، ديول تي حملو ڪيو هو ان وقت سندس ڀاءُ حڪم عثمان بن ابي عاصي جي حڪم سان سنڌ کان به اڳتي وڌي وڃي گجرات جي شهر بروص (ڀڙوچ) تي ڪاهه ڪئي هئي. (فتوح البلدان)

معلوم ٿئي ٿو ته مغيره بن ابي عاصي شهر ديول جي لڙائي ۾ خدا سان واصل ٿيو ۽ شهر تي عرب جي هڪ واپاري جماعت جو قبضو ٿي ويو. انهيءَ زماني ۾ ديول تي ديوائج جو پٽ ساميا حڪومت ڪندو هو، جنهن کي هن عهدي تي راجا چچ مقرر ڪيو هو. راجا چچ کي ان وقت حڪومت ڪندي 35 ورهيه گذري چڪا هئا. (چچ نامه)

هي ته ٻئي بحري حملا هئا جي حضرت عمر رضه جي زماني سنه 15 هجري ۾ ڪيا ويا ۽ جيتوڻيڪ اهڙي طرح جهاز راني جي ذريعي پوءِ به ڪيترائي حملا هندوستان تي ٿيا آهن، جن جو حال اسين اڳتي بيان ڪنداسين. مگر حقيقت ۾ مسلمانن هندوستان تي خشڪي جي رستي تڏهن ڪاهون ڪيون جڏهن وچوارن سڀني ملڪن کي فتح ڪري اچي هندوستان جي حدن تي پهتا. تنهنڪري انهن وچوارن ملڪن جو مختصر احوال به ضروري ڄاڻي هيٺ ڏجي ٿو.

خلافت فاروقي جي نائين سال سنه 21 هجري ۾ بلڪل سخت لڙاين کان پوءِ نهاوند فتح ٿيو. سنه 22 هجري ۾ مسلمانن اڳتي وڌي همدان، دماوند، ايران، خراسان تي قبضو ڪيو، ۽ انهن  شهرن تي اسلامي جهنڊو ڦڙڪايو. هاڻي سمجهو ته ساساني شهنشاهيت جو خاتمو ٿي چڪو، فقط ٽي ملڪ سيستان، ڪرمان ۽ مڪران وڃي بچيا هئا. جي ان عظيم الشان سلطنت جا سرحدي ضلعا هئا. هنن ٽنهين ملڪن جي سنه 22 هجري ۾ هڪ ٻئي پٺيان حملا ٿيا جن ۾ مسلمانن کي پوري فتحيابي حاصل ٿي، مگر ٽنهي جي فتح جي طبل جو آواز بلند ٿيڻ شرط هوا ۾ اڏامي ويو، ڇو ته اسلامي مجاهدن جي اتان واپس ٿيڻ بعد هن ملڪ جا ماڻهو باغي ٿي ويا. آخر سنه 23 هجري ۾ ڪافي انتظام ۽ پوري مضبوطي سان جدا جدا فوجن جي ذريعي واري انهن ملڪن تي ڪاهون ڪيون ويون.


(1)  چچ نامه

(1)  هي شايد بڍاپور آهي

(1)  ذمي انهيءَ غير مسلم کي چون ٿا جو اسلامي حڪومت جي اندر رهي ۽ اتي جي مسلمان حاڪم جو مطيع هجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org