سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب:  تاريخ سنڌ

باب؛ --

صفحو :19

 

باب ٽيون

 

سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت

(سنه 700 هه (1300ع) کان سنه 843 هه (1439ع) تائين)

سومرن جو بنياد ۽ سندن اسرڻ

تميم، جيڪو هجري سنه 111 ۾ خليفي هشام بن عبدالملڪ جي خلافت وقت سنڌ جو گورنر مقرر ٿي آيو هو، تنهن جو اولاد (بني تميم) جڏهن هجري چوٿين صدي (عيسوي ڏهين صدي) ۾ خليفي مامون عباسي جي خلافت وقت ساري شهر مان لڏي سنڌ ۾ ٿي آيو، تڏهن اتان ساڻن ٻي هڪڙي عرب قوم به سنڌ ۾ لڏي آئي هئي، جنهن قوم پوءِ پاڻ کي سومرا سڏايو. (چچنامه)

سنڌ ۾ سومرن جو پهريون ٻڌايل ڳوٺ محمد طور هو، جو الور جي ويجهو ديرڪ پرڳڻي ۾ درياءَ جي ڪپ تي هو. دلو راءِ جي ظلم ڪري جڏهن درياءَ پنهنجو وهڪرو مٽائي ڇڏيو ۽ الور شهر ڦٽي ويو، تڏهن سومرن به پاڻي ۽ گاهه جي اڻاٺ ڪري محمد طور ڳوٺ ڇڏي ڏنو، ۽ سنڌ جي ٻين پاسن وڃي رهيا.

(ايليٽ بحواله تاريخ طاهري)

محمد طور ڳوٺ ڦٽڻ کان پوءِ سومرا قوم جو وڏو تعداد سنڌ جي ڏاکڻي  ڀاڱي ۾ اچي رهيو. جن ڏينهن ۾ سنڌ تي غزنوي ۽ غوري گهراڻن جا گورنر حڪومت ڪندا هئا، تن ڏينهن ۾ سومرا ماڻهو ڏکڻ سنڌ ۾ وڏا زميندار هئا ۽ پنهنجو قومي اتفاق ۽ قومي طاقت وڌائيندا ٿي رهيا.

هجري سنه 720 (عيسوي سنه 1320) ۾ جڏهن غازي ملڪ سنڌ ۽ ملتان مان لشڪر وٺي دهليءَ ڏي ويو هو ۽ غزنوي گهراڻي جي پوئين بادشاهه خسرو خان کي ڀڄائي پاڻ غياث الدين تغلق جي نالي سان دهليءَ جو بادشاهه ٿيو هو، تنهن وقت سومرا قوم جو وڏو تعداد ٿري شهر ۾ اچي گڏ ٿيو هو ۽ سومره نالي هڪڙي سردار کي پنهنجو اڳواڻ چونڊيائون، جنهن پاڻ کي سومرا قوم ۽ ٿري جي آسپاس جو خودمختيار بادشاهه سڏايو. (چچنامه جلد 2)

سومرا قوم جڏهن ٿري ۽ ۽ ان جي آسپاس اچي گڏ ٿيا هئا، تڏهن سما به ساڻن شامل هئا. انهن ٻنهي قومن گڏجي سومره سردار کي پنهنجو حاڪم مقرر ڪيو هو. (تاريخ معصومي)

ان وقت کان وٺي سومرن پنهنجي رياست سنڌ ۾ قائم ڪئي ۽ پوءِ آهستي آهستي زور وٺندا ويا. سما به اوائلي وقت ۾ سومرن سان هر طرح شامل ۽ ڪارائتا مددگار رهندا آيا، سومرا سمن جي مدد سان ئي جلد اسرندا ۽ زور وٺندا آيا ٿي.

ايليٽ صاحب لکي ٿو ته: سومرن جو جهونو تختگاهه محمد طور شهر هو، جيڪو ديرڪ پرڳڻي ۾ هوندو هو. ديرڪ پرڳڻو هاڻوڪي ڇاڇري ۽ بدين تعلقن جي هنڌ تي يعني پارڪر ۽ ونگا بازار جي وچ ۾ ٿر جي وارياسي ميدان ۾ هوندو هو. اهو ديرڪ پرڳڻو ٿر جي وارياسي ميدان کان وٺي هاڻوڪي ٺٽي شهر تائين ليکيو ويندو هو. محمد طور ڳوٺ جي جاءِ تي ٿري شهر قائم ٿيو، جو بدين جي نزديڪ هو.

سومرن جو ٻيو تختگاهه وري وجيہ ڪوٽ يا ويڳهه ڪوٽ ۾ ٿيو، جيڪو لاڙ پرڳڻي جي موجوده پراڻ ڍوري جي ڪناري کان پنجن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو. انهن ڦٽلن شهرن جا نشان اڃا تائين ڏسڻ ۾ اچن ٿا. (هسٽري آف انڊيا جلد1، ايليٽ صاحب)

الور شهر ڦٽڻ وقت جڏهن درياءُ پنهنجو سمورو وهڪرو (وچ سنڌ خواه لاڙ مان) مٽائي ويو، تڏهن محمد طور شهر، جيڪو پڻ سنڌو درياءَ جي ڪناري تي هوندو هو، سو به ڦٽي ويو. پوءِ سومرن جو وڏو انداز اتان لڏي سمن سان گڏ، سما قوم جي قديم شهر ساموئيءَ ۾ اچي رهيا، جيڪو مڪلي ٽڪريءَ جي دامن ۾ هاڻوڪي ٺٽي شهر کان ڏکڻ طرف ٽن ميلن جي مفاصلي تي هو. (ايليٽ صاحب)

تاريخ طاهريءَ جي دستخط نسخي جي صفحي 25 ۾ لکيل آهي، ته سومرا اصل هندو هئا ۽ الور رياست جي حڪمران هندو راجپوتن منجهان هئا. سندن گاديءَ جو هنڌ ڳوٺ محمد طور هو، جو ديرڪ پرڳڻي ۾ هو. (ايليٽ صاحب جي هسٽري آف انڊيا جلد 1 صفحو 483)

بيگلرنامه جي دستخط نسخه جي صفحي 8 ۾ لکيل آهي، ته تميمي عربن کان پوءِ سنڌ ۾ سومرا حڪومت جا ڌڻي ٿيا، جن پنج سؤ پنج ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي ۽ سندن گاديءَ جو هنڌ مهتم پور هو. (ايليٽ صاحب)

سومرن بابت ايبٽ صاحب جي تحقيقات

ايبيٽ صاحب آءِ، سي، ايس، بي - اي، (آڪسن) پنهنجي ڪتاب ”Sindh“ ۾ سومرن بابت ٽئين نموني جي واقفيت ظاهر ڪئي آهي. هو پهريائين ته حيرت ۽ ارمان ٿو ڏيکاري ته عربن جي حڪمت پوري ٿيڻ کان پوءِ، ساندهه پنج سؤ ورهين تائين (جنهن ۾ سومرن جي حڪومت وارو زمانو به اچي وڃي ٿو)، سنڌ جي تاريخي حقيقتن تي اهڙو ته نامعلوميت جو پڙدو چڙهيل آهي، جنهن جو مثال ٻئي ڪنهن به ملڪ جي تاريخ ۾ نه ملندو. تاريخ طاهري، تحفة الڪرام ۽ منتخب التواريخ ۾ سومرن بابت فقط ڪن آکاڻين ۽ ٿورڙين تاريخي حقيقتن هئڻ تي طعنه زني ڪرڻ بعد، ايبٽ صاحب گجراتي تاريخن جي ورق گرداني ڪئي آهي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته ڪو زمانو ڪڇ، گجرات ۽ سورت تي جيڪا راجپوت  قوم حڪمران هئي، سا سومرا قوم هئي. ڪاٺياواڙ جي مهاجرن جون روايتون ڏيکارين ٿيون، ته ڪاٺياواڙ به ڪنهن زماني ۾ سومرن جي هٿ هيٺ هو. مقلبين جي آکاڻي ۽ ڀيم الله لوڪ جي شهادت واري قصي مان ظاهر آهي، ته ان وقت ڪڇ، گجرات  ۽ سورت تي اهڙو زبردست سومرو حاڪم هو، جنهن جي مڃتا ڪيچ مڪران، ملتان ۽ بکر تائين هوندي هئي. (ايبٽ صاحب جو ”سنڌ“ ، صفحه نمبر 89، فوٽ نوٽ)

قرمطي ماڻهو (جن جو بيان هن کان اڳ ٿي چڪو آهي) جڏهن سنڌ ۾ آيا هئا، ۽ ديول بندر ۾ اچي منزل ڪئي هئائون، تڏهن ديول بندر سومرا قوم جو بندر ليکبو هو. سومرا قرمطين سان ملي ويا ۽ انهن جا ڪفر آميز عقيدا اختيار ڪيائون. جيئن قرمطي ماڻهو منصوره ۽ ملتان ڏي وڌندا ٿي آيا، تيئن سومرا به ساڻن همراهه هئا. جڏهن قرمطي ماڻهن منصوره مان عرب حاڪمن کي نابود ڪري ڇڏيو هو، تڏهن اتي مذهبي زور قرمطين جو هو ۽ سياسي زور سومرن جو هو. ان وقت سنڌ ۾ ٻي ڪا به قوم سياسي طاقت ۾ سومرن سان هموزن نه هئي. جڏهن غزنوي، غوري ۽ غلام گهراڻي جي حاڪمن ۽ گورنرن، قرمطي ماڻهن جي پٺيان وٺ پڪڙ لائي ڏني ۽ انهن کي سنڌ مان تڙي ڪڍيائون، تڏهن سومرا وري ڏکڻ سنڌ ۾ اچي گڏ ٿيا. (ايبٽ صاحب ”سنڌ“، صفحه 88-89)

سومرن بابت، ايبٽ صاحب جي مٿين تحقيقات فارسي تاريخن بنسبت زياده اعتبار لائق آهي. سومرا اصل هندو راجپوت هئا ۽ پوءِ قرمطي بڻيا، تنهن کان پوءِ شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتاني (عليہ الرحمة)  جي روحاني فيض سان سچا مسلمان ٿيا. ايليٽ صاحب به تاريخ طاهري جي حوالي سان لکي ٿو، ته سومرن جي تختگاهه محمد طور شهر ۾ ڪيترائي وڏا ماڻهو ۽ زميندار، شيخ المشائخ مخدوم بهاءُ الدين ذڪريا (عليہ الرحمة) جا مريد هئا ۽ انهن مريدن مان ڪيترائي خدا رسيده بزرگ پيدا ٿي پيا.

(ايليٽ صاحب جي هسٽري آف انڊيا جلد 1 صفحه 256)

سومرن جون ڪي خاص رسمون

سومرن جون جيڪي خاص رسمون ۽ چال چلت جون ڳالهيون، تاريخ طاهري ۽ چچنامه ۾ لکيل آهن تن مان ثابت ٿئي ٿو ته سومرا عربي نسل قوم جا نه هئا، ڇاڪاڻ جو اهي رسمون ۽ طور طريقا، عربي تهذيب ۽ تمدن جي خلاف آهن. انهن تي ويچار ڪرڻ سان سومرن جو پهريائين راجپوت هئڻ ۽ پوءِ ”قرمطي“ بنجڻ ۽ تنهن کان پوءِ مسلمان ٿيڻ يقيني ڳالهه آهي.

سنڌ جي سومرن سردارن ۾ غرور ۽ وڏائي ايتري هوندي هئي، جو هو پنهنجيءَ قوم جي غريب ماڻهن خواه ٻيءَ رعيت کي پاڻ کان گهڻو گهٽ سمجهندا هئا. ڪي خاص نشانيون به پنهنجي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون هئائون. جن مان معلوم ٿي سگهندو هو ته سومرا سردار آهن. جيئن ته هو پاڻ پڳ يا پٽڪو ٻڌندا هئا، پر غريبن ۽ رعيتي ماڻهن کي پٽڪي ٻڌڻ جي منع هوندي هئي، جنهن ڪري اهي رعيتي ماڻهو پٽڪي جي بدران ڪانگي (رومال) يا اڌ اڻيل ڪپڙو مٿي تي ٻڌندا هئا.

(2) سومرا سردار ٻين رعيتي ماڻهن جي ڪلهن تي ڏنڀ جو نشان ڪندا هئا، انهيءَ لاءِ ته اهي ماڻهو سومرن سردارن جا ليکيا وڃن. دودي سومري پنهنجي حڪومت وقت پنهنجن سڳن ڀائرن جي ڪلهن تي به غلاميءَ جا داغ ٿي هنيا، جنهن تي اهي بگڙي بيٺا. دودي انهيءَ ڪري پنهجن ڀائرن کي مارائي ڇڏيو.

(3) سومرا سردار پنهنجن هٿن ۽ پيرن جا ننهن پاڙئون ڪڍائي ڇڏيندا هئا، رڳو هن ڪري ته ٻين غريبن کان هو اعلى درجي جا ماڻهو ليکيا وڃن.

(4) سومرا سردار هڪڙو ڀيرو نئون ڪپڙو پائي ميرو ڪندا هئا ته اهو وري بت تي نه ڍڪيندا هئا. هو بت تان لاٿو ڪپڙو وري ڍڪڻ پنهنجي وڏ ماڻهپيءَ لاءِ عيب سمجهندا هئا.

(5) ڪا به زال هڪ ڀيرو ٻار ڄڻيندي هئي، ته وري ان زال جي ويجهو ئي نه ويندا هئا. هڪڙي سومري سردار جي زال، جنهن جي مڙس سان ڏاڍي دل هوندي هئي، تنهن جڏهن ويم ڪيو، تڏهن پنهنجي مڙس کي نفرت ڪندڙ ڏسي ڏاڍي ويچار ۾ پئجي ويئي. هن پنهنجي مڙس جي دل وارڻ لاءِ هيءَ تجويز ڪئي، جو مڙس جا لاٿل ڪپڙا کٽيءَ کان ڌئاري رکي ڇڏيائين. هڪڙي ڏينهن جڏهن مڙس غسل ڪري نوان ڪپڙا گهريا، تڏهن زال ڌئاري رکيل، ڪپڙا آڻي ڏنس، صاف، نرم ۽ سرهي خوشبوءِ وارا ڪپڙا ڍڪي اهو سومرو سردار ڏاڍو خوش ٿيو ۽ زال کان پڇيائين، ته ”هي عمدا ڪپڙا تو ڪٿان آندا آهن؟“ زال چيس ته ”هي اهي ڪپڙا آهن، جيڪي توهان لاهي ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا، مون اهي کٽيءَ کان ڌئاري رکيا هئا“. ان وقت کان وٺي نه رڳو اهو سردار پر ٻيا به ڌوتل  ڪپڙا خوشي سان ڪم آڻيندا رهيا. اها ڏاهي زال وجهه وٺي پنهنجي مڙس کي ذهن نشين ڪرائي وئي، ته زال ذات به ويم کان پوءِ اهڙي پاڪ ۽ صاف ٿيو وڃي، جهڙو ميرو ڪپڙو ڌوپڻ  کان پوءِ صاف ۽ پاڪ ٿيو پوي ٿو. تنهن کان پوءِ سومرن سردارن پنهنجي مور کائي قبول ڪئي ۽ ويايل زال کان نفرت ڪرڻ واري ظلم جي رسم ترڪ ڪري ڇڏي. (تاريخ طاهري ۽ چچنامه جلد 2)

سومرن هٿان سمن جو سنڌ مان لوڌجڻ

سما قوم جا ماڻهو شروع ۾ سومرن جا ساٿي هئا، پر پوءِ سومرن جي زور ظلم ۽ بدڪردارين جي ڪري انهن ٻنهي قومن جي وچ ۾ ايتري ته عداوت پيدا ٿي ويئي، جو سومرن جي آخري نابودي به انهن سمن جي ئي هٿان ٿي.

سومرا جيتوڻيڪ اصل هندو هئا، ته به پاڏي جو گوشت کائيندا هئا ۽ شراب پيئڻ وقت اهو گوشت ضرور ڪم آڻيندا هئا. سما به انهيءَ رسم ۾ ساڻن شريڪ هئا.

هڪڙي ڏينهن سومرن کي شراب جي مجلس لاءِ پاڏي جو گوشت کپندو هو. هڪڙي سومري ڇا ڪيو، جو ڪنهن سمي جي گهر مان ان جي غير حاضريءَ ۾ پاڏو ڇوڙي آيو ۽ ان جي گوشت جي ڪبابن سان پنهنجي شراب نوشيءَ جي مجلس کي اچي رونق وٺايائين. پاڏي جو مالڪ سمو جڏهن گهر آيو، تڏهن زال طعنو هڻي چيس، ته ”اڄ سومرا اوهان جو پاڏو ري موڪل ڪاهي ويا آهن، سڀاڻي اوهان جون زالون به گهرن مان کڻي ويندا، ته به اوهان مان سوجهرو خير ڪو ٿيندو.“

انهيءَ طعني غيرتمند سمي کي جوش ۾ آڻي ڇڏيو، سو سڌو پنهنجيءَ قوم جي سردارن وٽ ويو ۽ انهن کي به غيرت ڏياري سومرن سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪيائين. هڪڙي پاسي سما ۽ ٻئي پاسي سومرا اچي پاڻ ۾ اٽڪيا. سما ٿورا هئا ۽ سومرا گهڻا هئا، تنهن ڪري گهڻي ماراماريءَ کان پوءِ سما هٽيا ۽ ڪڇ ڏي اٿي ڀڳا. واٽ تي ڪڇ جي رڻ ۾ ڪي سومرا انهن کي وڃي پهتا ۽ اتي سخت ماراماري ٿي. اتان باقي جيڪي سما بچيا، سي وڃي ڪڇ کان نڪتا. سمن ڪڇ ۾ وڃي رفته رفته پنهنجي بادشاهي قائم ڪئي، جنهن جو ذڪر سمن جي بيان ۾ ڪيو ويندو. (تاريخ طاهري ۽ چچنامه جلد 2)

سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت

ايبٽ صاحب لکي ٿو ته، ”سنڌ ۾ سومرن جي حڪومت جي عرصي بابت جدا جدا تاريخن نرالا نرالا بيان لکيا آهن: جيئن ته ”تحفة الڪرام“  ۾ سومرن بابت ٻن ٽن آکاڻين کان وڌيڪ ٻيو ڪو به  بيان ڏنل نه آهي. ”تاريخ معصومي“ سومرن جي حڪومت بابت ڪو ٿورو تفصيل ڏنو آهي. ”آئين اڪبري“ سومرن جي ڇٽيهن سردارن جا نالا ڏنا آهن، جن پنج سؤ ورهيه سنڌ تي حڪمت هلائي. ”تاريخ فرشته“ لکي ٿو، ته سومرن فقط هڪ سؤ ورهيه سنڌ تي حڪومت ڪئي. ”منتخب التواريخ“ ۾ لکيل آهي ته سومرن جي اوڻيهن سردارن سنه 1053ع کان 1400ع تائين (ساڍا ٽي سؤ ورهيه کن)  بادشاهي ڪئي، ته ”تحفة الڪرام“  ٻڌائي ٿو ته سومرن پنج سؤ پنج 505 ورهيه حڪومت ڪئي. 1351ع تائين. ”تاريخ طاهري“ ۾ چيل آهي، ته سومرن سنه 300ع کان 1436ع  تائين حڪومت ڪئي، ته ”تاريخ معصومي“ چوي ٿي، ته سومرن جي حڪومت شروع ئي سنه 132ع کان ٿي. ”تحفة الڪرام“  سومرن کي سنڌ جا خودمختيار حاڪم ڪري نٿو ليکي، پر چوي ٿو، ته ٻن سون ورهين تائين سومرا فقط غزنوي، غوري وغيره دهليءَ جي شهنشاهن جا دل ڀرو زميندار هئا ۽ سنه 1320ع ۾ پنهنجو اڳواڻ مقرر ڪيو هئائون، ته ”منتخب التواريخ“ بيان ڏنو آهي، ته سومرن پنهنجو اڳواڻ سنه 1353ع ۾ مقرر ڪيو. (ايبٽ صاحب جو ”سنڌ“ ص 88 جو فٽ نوٽ)

انهن تاريخي اختلافن ۽ مونجهارن کي ڇڏي اسين سومرن جي حڪمت ۽ ان جي حاڪمن جو اهو سمورو تفصيل هت لکون ٿا، جو”چچنامه“جي مصنف تاريخن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد قائم ڪيو آهي. (مؤلف)

سومرن حاڪمن جي ياداشت

سنه 445 هه، برابر 1053ع ۾ جڏهن غزنوي گهراڻي جو ڪمزور حاڪم عبدالرشيد غزنين جي تخت تي هو، تڏهن سومرن سنڌ ۾ پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو ۽ سومره نالي هڪڙي سردار کي پنهنجو حاڪم مقرر ڪيائون. تنهن کان پوءِ سلسليوار هيٺيان سومرا حاڪم مقرر ٿيندا آيا.

نمبر

نالو حاڪم جو

حڪومت گهڻا ورهيه ڪئي

هجري سنه

عيسوي سنه

۾ وفات ڪئي

1

سومرو

 

446

1054

2.

ڀونگر بن سومرو

15

461

1068

3.

دودو بن ڀونگر

24

485

1092

4.

سنگهار

15

500

1106

5.

خفيف

36

536

1141

6.

عمر

40

576

1180

7.

دودو ٻيو

14

590

1193

8.

پنهون

32

623

1226

9.

کينئڙو

16

639

1241

10.

محمد طور

15

654

1256

11.

کينئڙو ٻيو

42

658

1259

12.

طائي

24

682

1283

13.

چنيسر

18

700

1300

14.

ڀونگر ٻيو

15

715

1315

15.

خفيف ٻيو

18

733

1332

16.

دودو ٽيون

26

758

1356

17.

عمر ٻيو

35

793

1390

18.

ڀونگر ٽيون

10

803

1400

19. همير، جنهن کي سمن تخت تان لاٿو هو. (چچنامه جلد 2، صفحه 36)

”چچنامه“ ۾ ڏيکاريل مٿئين ياداشت کان سواءِ سومرن حاڪمن جون ٻيون به ياداشتون تاريخن ۾ لکيل آهن، جن جي نالن ۽ سنن ۾ گهڻو تفاوت آهي. اهي ياداشتون به پڙهندڙن جي واقفيت لاءِ هيٺ ڏجن ٿيون.

(1)

1.

سومار

هجري سنه

448

2.

دودو پهريون

466

3.

تاري ڌيءَ دودو

481

4.

سنگهار

491

5.

فتح خان

504

6.

خفيف

511

7.

عمر پهريون

536

8.

هجو بن عمر

556

9.

دائود بن هجو

570

10.

خيرو پٽ دائود

600

11.

طائي

619

12.

ڀونگر

638

13.

چنيسر

678

14.

دودو ٻيو

696

15.

ڀونگر ٻيو

701

16.

عمر ٻيو

740

17.

طاهر پٽ عمر

775

18.

ارميل

813

19.

حمير

522

(بحواله دولت علويه)

(2)

1.

سومره

هجري سنه

505

2.

ڀونگر

446

3.

دودو

461

4.

سنجر

485

5.

خفيف

500

6.

عمر

533

7.

دودو ٻيو

573

8.

ٻاهو

587

9.

خيرو

620

10.

محمد طور

636

11.

خيرو ٻيو

652

12.

دودو ٽيون

653

13.

طائي

677

14.

چنيسر

700

15.

ڀونگر

718

16.

خفيف ٻيو

733

17.

دودو چوٿون

751

18.

عمر ٻيو

776

19.

ڀونگر ٽيون

811

20.

حمير ٻيو

 

(بحواله عجائب الاسفار اردو و منتخطب التواريخ)

 

سومرن حاڪمن جي حڪومت جو بيان

 

(1) سومره (1053ع-1054ع)

سومرا قوم جو پهريون حاڪم سومرو، جو زبردست شخصيت وارو هو، سو ٿري شهر ۾ جڏهن قوم جو سردار مقرر ٿيو، تڏهن ان آسپاس وارا هلڪا سلڪا مخالف ماري مات ڪيا، هو صاد نالي هڪڙي زور ڀرئي زميندار جي ڌيءَ پرڻيو هو، جنهن مان ڀونگر نالي هڪڙو پٽ هوس. سومره 1054ع ۾ وفات ڪئي. (تاريخ معصومي، چچنامه)

(2) ڀونگر بن سومره (1054ع-1068ع)

سومره کان پوءِ ان جو پٽ ڀونگر سومرا قوم جو حاڪم مقرر ٿيو، جنهن پندرهن ورهيه کن حڪومت ڪئي، ۽ سنه 1068ع ۾ وفات ڪيائين. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

(3) دودو بن ڀونگر (1068ع-1092ع)

هي هڪڙو بهادر سومرو سردار هو، جنهن پنهنجي حڪومت سنڌ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان وٺي نصرپور تائين وڌائي. هن چوويهه ورهيه حڪومت ڪرڻ بعد 1092ع ۾ وفات ڪئي. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

(4) ٽاري ٻائي ڌيءَ دودو ۽ (5) سنگهار بن دودو (1092ع-1106ع)

دودي جي وفات ڪرڻ بعد سندس پٽ سگهار اڃا صغير هو، مگر ڌيڻس تاري ٻائي وڏي عمر جي هئي، تنهن ڪري سومرن پڳ سنگهار کي ٻڌائي، مگر حڪومت جي واڳ تاري ٻائيءَ جي هٿ ۾ ڏني. جيستائين سنگهار حڪومت هلائڻ جيڏو ٿيو، تيسيتائين ساري سومرا قوم تاري ٻائيءَ سان فرمانبردار ۽ وفادار ٿي گذاريو. جڏهن سنگهار وڏو ٿيو، تڏهن ان کي تخت نشين ڪيائون.

هي نوجوان ۽ جوشيلو سردار تخت تي ويهڻ شرط انهن قومن کي تابعدار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪي باغي ٿي ويون هيون، هن جيئن پنهنجي تختگاهه جي ڏکڻ طرف حملا ڪيا، تيئن اتر طرف ڪڇ کان وٺي هالڪنڊي تائين سمورو پڳرڻو پنهنجي قبضي ۾ آندو هو. سنه 1106ع ۾ بنان اولاد مري ويو. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

(6) همو ٻائي ۽ (7) فتح خان جي حڪومت

سنگهار جي وفات کان پوءِ ڳوچ وقت ان جي زال همو ٻائي حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون. هن درڪ جي قلعي ۾ پنهنجو تختگاهه قائم ڪيو ۽ پنهنجن ڀائرن مان هڪڙي کي محمد طور  شهر ۾ حاڪم ڪري رکيائين ۽ ٻئي ڀاءُ کي ٿري شهر ۾.

انهيءَ وقت دودو  نالي هڪڙو سومرو سردار، جيڪو دهڪہ ڳوٺ ۾ حڪمران هو، سو وجهه ڏسي پنهنجي لشڪر سان محمد طور شهر ۽ ٿري تي ڪاهي آيو ۽ همو ٻائي جي ڀائرن سان اچي سخت جنگ ڪيائين، جنهن ۾ همو ٻائي جا ڀائر مارجي ويا.

ايتري ۾ دادو ڦتو (فتح خان) نالي هڪڙو سومرو سردار، جيڪو دودي نمبر 1 جي اولاد مان هو، سو لشڪر ساڻ ڪري، دودي نمبر 2 سان اچي سامهون ٿيون. ان کي ماري مڃائي، همو ٻائي وارو سارو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندائين. ڳچ ورهيه صلح سانت سان حڪومت ڪرڻ بعد فتح خان وفات ڪئي. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

(8) خيرو (کينئڙو)

فتح خان کان پوءِ وري خيرو مشهور سومرو سردار، قوم جو حاڪم مقرر ٿيو، جنهن ماڻهن کي تمام سکيو آسودو ۽ خوش رکيو.

(9) آرميل يا همير

سومرن جو پويون حاڪم آرميل يا همير نهايت ظالم ۽ بدڪردار حاڪم هو ۽ رعيت کي نهايت تنگ ڪيو هئائين. اهي حالتون ڏسي ڪڇ کان سمن جي هڪڙي زبردست ٽولي سنڌ ۾ آئي. سمن، همير کي سندس گهر ۾ وڃي قتل ڪيو ۽ ان جي سسي قلعي جي دروازي تي ٽنگي ڇڏيائون. ان وقت کان وٺي سومرن جي حڪومت پوري ٿي ۽ سمن جي حڪومت شروع ٿي. (تاريخ معصومي ۽ چچنامه)

 

سومرن جي حڪومت بابت متفرقه ڳالهيون

(1) عمر سومرو

”چچنامه“ ۾ لکيل آهي، ته سومرن جو حاڪم عمر ٻن ڳالهين جي ڪري اخلاقي مجرم ليکيو وڃي ٿو: هڪڙو انهيءَ ڪري، جو ”مارئي“ کي زبردستيءَ سان ملير مان کڻي آيو هو ۽ ٻيو ”گنگا“ ڇوڪريءَ سان ارهه زورائي ڪرڻ ڪري.

اهي ٻئي آکاڻيون اسين انهن لفظن ۾ مختصر طرح لکون ٿا، جن لفظن ۾ ”تحفة الڪرام“ ۾ ڏنل آهن ۽ ايليٽ صاحب به ”تاريخ طاهري“ جي حوالي سان پنهنجي تاريخ ۾ درج ڪيون آهن:

(الف) عمر مارئي

عمرڪوٽ، جتي عمر سومرو رهندو هو، تنهن جي نزديڪ مارو ماڻهو رهندا هئا، جن ۾ مارئي نالي هڪڙي حسين ڇوڪري هئي. مارئي کي پهريائين سندس مائٽن ڦوڳ نالي هڪڙي شخص سان مڱايو، پر جڏهن مارئي وڏي ٿي، تڏهن سندس مائٽن کيس وري کيت نالي هڪڙي ٻئي شخص سان پرڻائي ڇڏيو. پر ڦوڳ کي انهيءَ ڳالهه تان چڙ لڳي، سو آيو عمر سومري وٽ، ۽ اچي چيائينس ته ”اسان جي ڳوٺ ۾ مارئي نالي هڪڙي سدا سهڻي زال آهي، جيڪا اوهان جي حرم ۾ داخل ٿيڻ جهڙي آهي، هڪ دفعو جيڪڏهن اوهين ڏسندؤس، ته پوءِ پڪ آهي، ته ڪڏهن به کانئس دل پلي ڪين سگهندؤ.“

عمر، مارئيءَ جي سونهن جي ساراهه ٻڌي ريءَ ڏٺي عاشق ٿي پيو، ۽ ويس بدلائي هڪڙي ڀلي اٺ تي چڙهي اچي ملير کان نڪتو. ڦوڳ، جو عمر سان گڏ هو، تنهن پري کان عمر کي مارئي جو ديدار ڪرايو. ڦوڳ جيتري قدر عمر جي اڳيان مارئيءَ جي حسن جي تعريف ڪئي هئي، تنهن کان به ان کي هوءَ وڌيڪ سهڻي نظر آئي. پوءِ ته عمر ڪنهن وجهه ملڻ لاءِ آسپاس پيو گهمندو ڦرندو هو. هڪڙي ڏينهن مارئيءَ کي کوهه تان پاڻي ڀريندو ڏسي عمر زبردستيءَ سان جهلي کڻي اٺ تي وڌس ۽ اٺ کي اڏائي اچي عمرڪوٽ کان نڪتو.

عمرڪوٽ ۾ اچڻ بعد عمر، مارئيءَ کي ڏاڍيون منٿون ڪيون ۽ طرحين طرحين جا کاڌا خوراڪون، قيمتي ويس وڳا ۽ بي بها زيور زرا آڇيائينس، پر مارئيءَ چيس به ائين، ته ”منهنجو مڙس اهو ئي آهي جو مائٽن ڏنو اٿم. ٻيو ڪو به پير مون کان ڀريو نه ٿيندو”. ٻارهن مهينا عمر مارئيءَ کي عمرڪوٽ ۾ بند رکيو، پر جڏهن هوءَ ڪنهن به طرح عمر سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي، تڏهن عمر کيس پنهنجي نياڻي سڏي انعام اڪرام ڏيئي ملير روانو ڪيو.

مارئي پنهنجي مڙس وٽ ته پهتي، پر مڙس منهن ئي نه ڏئيس. چي: ”ٻارهن مهينا عمر جهڙي عياش حاڪم وٽ رهي آئي آهين، سو تون پنهنجي لڄ ڪيئن بچائي سگهي هوندينءَ؟“ عمر کي جڏهن خبر پيئي، ته مارئي پاڪ دامن هوندي به طعنن تنڪن جو شڪار بڻجي رهي آهي، تڏهن مارن کي سيکت ڏيڻ جي لاءِ عمرڪوٽ کان وڏو لشڪر وٺي ملير تي ڪاهي آيو.

عمر جي چڙهي اچڻ جون خبرون ٻڌي، ويچارا غريب مارو ماڻهو ته ٽڙي پکڙي ويا، پر مارئي، جيڪا لڄ ۽ شرافت جو پتلو هئي، سا پنهنجون ساهيڙيون ساڻ ڪري عمر وٽ وئي ۽ بهادريءَ ۽ بي ڌڙڪائيءَ سان وڃي چيائينس، ته ”اي سومرا سردار! تون اسان جو حاڪم آهين، جيڪڏهن تون حرص ۽ هوس ۾ ڦاسي مون کي نه کڻي وڃين ها، ته نه مون تي هيترا طعنا تنڪا وسن ها ۽ نه تنهنجي نيڪ ناميءَ تي بدناميءَ جو داغ لڳي ها. مون کي جڏهن ٻارهن مهينا تو قيد ۾ رکيو، تڏهن خلق ڇو نه بدگمانيون ڪندي؟ هينئر تون منهنجي ڪڙم قبيلي کي قتل ڪرڻ آيو آهين، اهو منهنجي پاڪدامنيءَ جو واهه جو عيوضو ٿو ڏين!“

عمر تي مارئيءَ جي انهيءَ تقرير نهايت گهرو اثر ڪيو، تنهن ڪري مارئيءَ جي مڙس کيت کي روبرو گهرائي، قسمن ۽ ويساهن سان ان کي مارئيءَ جي لڄ ۽ شرافت جي خاطري ڏنائين. مگر مارئي چيو، ته ”آئون پنهنجي پاڪدامني انهيءَ پرک سان نروار ڪرڻ گهران ٿي، جيڪا پرک سچائيءَ جي ثابتيءَ لاءِ قديم وقت کان مقرر ٿيل آهي”. پوءِ ڇا ڪيائون، جو هڪڙو وڏو مچ ٻاريائون، ۽ ان ۾ هڪڙي لوهه جي لٺ به تپائي ڳاڙهي ڪيائون. مارئي تتل لوهه جي لٺ هٿ ۾ کڻي ٽي ڀيرا ان مچ مان آئي وئي ته ڪجهه به نه ٿيس. تنهن تي مارئيءَ جي مڙس کي؛ مارئيءَ جي پاڪدامنيءَ تي اعتبار آيو ۽ مارن ۾ خوشيون ۽ شادمانا ٿي ويا.

 عمر ڏٺو، ته ”مون به جنهن صورت ۾ مارئيءَ کي هٿ پير نه لاتو آهي، تنهن صورت ۾ بهتر آهي، ته باهه جي آڙاهه مان لنگهي، پنهنجي سچائي ثابت ڪريان ۽ پاڻ تان بدناميءَ جو داغ لاهيان“.  انهيءَ ڪري عمر به بسم الله ڪري مچ ۾ گهڙي پيو ۽ ٽي ڀيرا مچ ۾ آيو ويو، ته سندس وار به ونگو ڪونه ٿيو. پوءِ ته جيئن مارئيءَ کي طعنن هڻڻ وارن جا ٻوٿ بند ٿي ويا، تيئن عمر  کي اوڀالن ڏيڻ وارن جا. (ايليٽ صاحب جي تاريخ هندستان، جلد 1 بحواله تاريخ طاهري)

مارئيءَ جي پاڪدامنيءَ، وطني حب ۽ خودداريءَ کي سنڌ جي بزرگ ۽ خدا پرست شاعرن روحاني رنگ ۾ گهڻي قدر ڳايو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31  32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org