سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 6

صفحو : 9

باب ڇهون

 

تاريخ سيکارڻ جا طريقا

 

(الف) هيٺين ڪلاسن ۾ تاريخ جي سبق سيکارڻ جا طريقا:

نصاب لاءِ تاريخي واقعات جي چونڊڻ ۽ انهن کي ٻارن جي نفسياتي گهرجن آهر ترتيب ڏيڻ کان پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته رکيل نصاب کي ڪلاس روم ۾ ڪيئن پيش ڪيو وڃي، يعني ته نصاب کان پوءِ مکيه مسئلو تعليمي طريقن ۽ علمي طور سان ٻارن کي تاريخ پاڙهڻ جي ترڪيبن جو آهي. هاڻي تعليمي طريقا انهن شاگردن جي عمر تي مدار ٿا رکن جن کي اسان تاريخ پاڙهيون ٿا. تعليمي طريقن بابت ڪي مکيه اصول استاد کي ڌيان ۾ رکڻ گهرجن، جي هيٺ ڏجن ٿا:

(1)     هيٺين درجن جي شاگردن کي هميشه حقيقي شين، ماڊلن، چارٽن ۽ نقشن جي ذريعي تاريخي سبق ٻڌائڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته ننڍا ٻار هر ڪا ڳالهه دماغ سان نه بلڪ حواسن رستي سکندا آهن. کين پنهنجي پسگردائيءَ جي حقيقي ماحول سان وڌيڪ دلچسپي ٿيندي آهي ۽ تاريخ جي اعليٰ اصولن ۽ پيچيده تحريڪن سان نفسياتي يا فطري طور سان ايترو واسطو نه هوندو اٿن.

(2)     تاريخ جون ڊگهيون ۽ ڏکيون ڳالهيون مثلاً سڌارڪ ۽ سماجي تحريڪون ۽ مٿن بحث مباحثو، تنقيد ۽ تبصرو هيٺين درجن ۾ نه ڪرڻ گهرجي.

(3)     تاريخ جي استاد کي گهرجي ته هميشه تاريخي واقعن جي تاريخي اداڪارن يا تاريخي شخصيتن بابت جايون، نديون، ميدان، ڪوٽ، نقشن جي ذريعي يا ماڊلن جي ذريعي ٻارن کي ڏيکاري .استاد کي پاڻ به تاريخي سکيا بابت نقشا پڙهڻ گهرجن ۽ سندس شاگردن کي به گهرجي ته هميشه ائٽلس (نقشن جو ڪتاب) استعمال ڪن.

(4)      تاريخ پاڙهيندي استاد کي گهرجي ته رفته رفته شاگردن ۾ زماني ۽ وقت جي گذرڻ جو احساس پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي، ڇاڪاڻ ته ننڍن ٻارن کي زمان ۽ مڪان جي حوالي کان سواءِ خيالي دنيا جون ڳالهيون سمجهڻ ڏکيو ٿيندو.

(5)      استاد کي گهرجي ته لڏڪڻي واري طريقي تي عمل ڪري ۽ سبق جي شروعات ۽ نئين سبق ۾ ٻنهي ڏاڪن ۾ ماضيءَ ۽ حال جو پاڻ ۾ لاڳاپو ڏيکاري.

(6)     نئين سبق جي ڳالهين بابت پوري پوري واقفيت ڏني وڃي.

(7)     نئين سبق جون ڳالهيون يا واقعا هڪ ٻئي سان سلسلي وار ڳنڍيل هجن ۽ هر نتيجي جو سبب ٻڌايو وڃي ۽ سبب جو صحيح نتيجو پيش ڪيو وڃي.

(8)      ننڍا ٻار دماغي لحاظ کان ڪمزور ٿيندا آهن. ماضيءَ جون ڳالهيون شاگردن جي تجربن ۽ علم جي محدود هجڻ جي ڪري چٽيءَ طرح سمجهه ۾ نه ٿيون اچن. تنهنڪري ماضيءَ بابت ڳالهين سيکارڻ کان اڳ استاد کي گهرجي ته تصويرون چونڊي رکي، ته سبق ڏيندي کين شاگردن کي ڏيکاري. تاريخي واقعا سولائي سان سمجهائي سگهي.

هيٺين ڪلاسن کي تاريخ پاڙهڻ لاءِ ٻه شيون ضروري آهن. هڪڙي هيءَ ته استاد بهترين ڳالهائيندڙ هجي يعني استاد ۾ ايتري لياقت هجي جو ٻارن جي سامهون لفظن ۾ تاريخ جي احوال جي دلچسپ تصوير پيش ڪري سگهي، ۽ ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته سڄو نصاب دلچسپ آکاڻين رستي پڙهائي سگهي. آکاڻيون فقط زباني تقرير رستي نه پاڙهجن، پر بهتر طريقو هيءُ آهي ته ٻار پاڻ اداڪار ٿين ۽ اهي واقعا ڊرامن جي صورت ۾ اسٽيج تي ڪري ڏيکارين.

 

ڊائلاگ ڪرائڻ به سٺو طريقو آهي:

استاد جي لاءِ ضروري آهي ته تاريخي آکاڻي ٻڌائڻ ۾ پاڻ به ان مان لطف وٺي. وڌيڪ بهتر ائين ٿيندو ته استاد پاڻ ٻارن سان گڏ ٻار ٿي تاريخي آکاڻي جو هڪڙو ڪردار بنجي بيهي ۽ کلي خوش ٿئي ۽ سندن اعتماد حاصل ڪري. تنهن کان سواءِ تاريخ جي استاد ۾ اڳئين زماني جي ماڻهن جي زندگيءَ بابت پوري واقفيت هجي ۽ انهن جو همدرد ٿي بيهي. ائين ئي استاد جي سکيا وڌيڪ اثرائتي ٿي سگهندي. ارمان جي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه ننڍن ٻارن کي تاريخ پاڙهڻ لاءِ استاد ۾ خاص قابليت جو هجڻ ضروري نٿو سمجهيو وڃي. جيتوڻيڪ هيٺين ڪلاسن لاءِ خاص طور وڏن قابل استادن جي ضرورت ٿيندي آهي، ته جيئن شروعات ۾ ئي تاريخ جي علم جو بنياد پڪو ٿي وڃي.

تاريخ جي استاد کي هڪ سٺو ايڪٽر به ٿيڻ گهرجي. سندس آواز سريلو هجي، سندس جسم ۽ شڪل وڻندڙ هجي، کيس خوش مزاج ۽ کل مک هئڻ گهرجي.

 

بليڪ بورڊ جو استعمال:

استاد لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي آکاڻي کي موزون ڀاڱن ۾ ورهائي ۽ جڏهن هڪ ڀاڱي کي پورو ڪري ته فوراً سوال جواب رستي واقعي جو مختصر احوال بورڊ تي لکي سگهي ۽ شاگردن کي چوي ته اهي به اختصار پنهنجن نوٽ بڪن تي لکن.

ٻي ڳالهه جا ضروري آهي سا هيءُ آهي ته ڪلاس روم ۾ ٻه بليڪ بورڊ هئڻ گهرجن. هڪڙو اختصار جي لاءِ ۽ ٻيو نقشا يا يا چارٽ ٺاهي ڏيکارڻ لاءِ. نقشا ۽ خاڪا ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي ته استاد ڊرائنگ جي ڪم مان به ٿورو گهڻو واقف هجي.

 

حقيقي شين، تصويرن ۽ ماڊلن جي اهميت:

ننڍن ٻارن جي قوت ادارڪ ۽ خيال محدود ۽ اڻ پورو ٿيندو آهي. اهي هر شيءِ کي حقيقي شين رستي سولائي سان سمجهي سگهن ٿا. حال جي ماحول ۽ ماضي جي زندگيءَ ۾ گهڻو مفاصلو ٿيڻ جي ڪري ماضيءَ جون تاريخي ڳالهيون ننڍن ٻارن جي مشاهدي ۽ تجربي کان ٻاهر ٿينديون آهن. جيڪڏهن تاريخ جو استاد بهترين مقرر به هجي ۽ کيس مادري زبان ۾ به ڪماليت حاصل هجي، تڏهن به ماڊلن تصويرن ۽ حقيقي شين کان سواءِ تصوير اثرائتي ٿي سگهي ٿي. استاد کي گهرجي ته ٻارن کي وٺي ويجهڙائيءَ جا قلعا ۽ ڪوٽ ڏيکاري ۽ ماضيءَ جا هٿيار ۽ اوزار ۽ ٿانو وغيره يا انهن جون تصويرون ٻارن جي سامهون پيش ڪري. حقيقي شين نه هجڻ جي صورت ۾ انهن جا ماڊل استعمال ڪري. تصويرن ۾ ماڊل اهڙا هجن جن ۾ تاريخي ماڻهن کي ماٺ ۾ نه ڏيکاريل هجي بلڪ ڪنهن ڪم ڪندي ڏيکاريو وڃي مثلاً اڪبر جي تصوير جي چوڌاري ان جا نو رتن بيٺا هجن ته بهتر. تصويرون حد کان وڌيڪ نه ڏيکاريون وڃن. بلڪ بهتر ائين ٿيندو ته تصويرون ٿوريون هجن ۽ ٻار کين اکين سان ڏسن ۽ هٿن سان ڇهن ۽ سوال جواب ڪن. تنهن کان سواءِ تصوير جي استعمال ڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪرڻ گهرجي بلڪ ٻار ڀلي دير تائين تصويرن کي ڏسن ۽ سمجهن ته بهتر آهي.

ننڍن  درجن لاءِ ضروري آهي ته تاريخ جا سبق تاريخ جي خاص ڪمري ۾ پاڙهيا وڃن.

زماني سلسلي کي قائم رکڻ لاءِ ۽ ٻارن ۾ وقت جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ هيٺ ڏنل ڳالهيون ڌيان ۾ رکڻ گهرجن:

(1)     آکاڻيون ٻڌائيندي هميشه زماني ترتيب ۽ سلسلي جو خيال رکڻ ضروري آهي.

(2)     آکاڻين جو هڪ ٻئي سان لاڳاپو ٿيڻ گهرجي.

(3)     تاريخ جي ڪمري ۾ هڪ آکاڻي پوري ٿيڻ کان پوءِ ان جي تصوير ٺاهڻ گهرجي ۽ ان کي متحرڪ فريز تي چمبڙائڻ گهرجي ۽ شاگردن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پهرين ۽ ٻيءَ آکاڻي جي وچ ۾ ڪيترو وقت گذري چڪو آهي.

(4)      جيڪڏهن تاريخ جو خاص ڪمرو نه آهي ته ساديون وقت جون ليڪون ۽ گراف تيار ڪري شاگردن ۾ وقت جي گذرڻ جو احساس پيدا ڪرڻ گهرجي.

 

ننڍن ٻارن کي ڪلاس ۾ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

مٿي جيترو به ٻڌايو ويو آهي سو سڀ ڪجهه استاد کي ڪرڻو آهي. هاڻي سوال آهي ته ڀلا ٻار ڇا ڪن. جديد تعليم جو مکيه اصول آهي ته ٻارن کي سکيا جي ڪم ۾ پوري طرح شريڪ ٿيڻ گهرجي ۽ انهن لاءِ هميشه مشغولي موجود هئڻ گهرجي. اها مشغولي مهيا ڪرڻ لاءِ استاد جو فرض آهي ته ٻارن ۾ سوال پڇڻ جي عادت وجهي ۽ نئين سبقن جي آکاڻين جو لاڳاپو ۽ ٻارن جي پنهنجي حياتي سان ڪري ڏيکاري. ۽ ان آکاڻي بابت ڪڏهن استادٻارن کان سوال پڇي ته ڪڏهن ٻار استاد کان سوال پڇن ڪڏهن استاد جواب ڏئي ته ڪڏهن ٻار سندس سوالن جا جواب ڏين. سبق ختم ٿيڻ کان پوءِ شاگرد پنهنجن اکرن ۾ آکاڻي ٻڌائين. استاد ڏسي ته ٻار پورن جملن ۾ جواب ڏين ٿا. شاگرد جو ٻيو ڪم آکاڻي کي ڊرامي نموني ڪري ڏيکارڻ ٿي سگهي ٿو. ڊراما ڪرڻ ۾ ٻارن جي جسماني ڳالهائڻ جي ۽ دماغي تربيت کي ڊرامي کان سواءِ ٻارن جي لاءِ ٻي مشغولي پنهنجي هٿن سان جنسي ماڊل وغيره ٺاهڻ ٿي سگهي ٿو.

 

درسي ڪتاب:

ابتدائي ڪلاسن جي شاگردن جي عمر وڌ ۾ وڌ ڏهه سال ٿيندي آهي. تنهن ڪري درسي ڪتاب جو استعمال ڪرڻ ضروري نه آهي، پر جيڪڏهن زباني سبق ڪلاس ۾ هلڻ کان پوءِ گهر وڃي درسي ڪتاب ۾ ساڳيون آکاڻيون پڙهن ته فائدو ٿيندو ۽ جيڪڏهن درسي ڪتاب اسڪول ۾ به استعمال ڪيا وڃن تڏهن به استاد کي پنهنجا ليسن زباني ئي ڏيڻ گهرجن. درسي ڪتاب جي هن منزل تي استعمال ڪرڻ مان ٻه فائدا آهن. هڪڙو هي فائدو آهي ته ٻارن جي ذهن ۾ تاريخي تسلسل قائم ٿو رهي ۽ ٻيو فائدو هي آهي ته زباني پڙهيل سبق جو دور ٿي ويندو آهي. پر ڪنهن حالت ۾ به استاد پاڻ درسي ڪتاب تي نه ڀاڙيندو.

درسي ڪتاب کان سواءِ شاگردن کي ٻيا تاريخ جا سوَلا ڪتاب پڙهڻ گهرجن. استاد کي گهرجي ته مختلف درجن جي شاگردن جي لاءِ ڪلاس لئبررين ۾ دلچسپ ۽ سوَلا تاريخي ڪتاب مهيا ڪري رکي. شاگردن جي پڙهڻ لاءِ ڪتاب سندن مادري زبان ۾ هئڻ گهرجن ۽ انهن ڪتابن ۾ خاص طور سان سوانح عمريون، تاريخي ناول ۽ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي معلومات ڏيندڙ ڪتاب هئڻ گهرجن ته شاگردن کي نصاب ۾ رکيل تاريخي ماڻهن جي حياتي ۽ زماني جي سماجي، پنگتي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن جي خبر پوي.

ننڍن درجن جي شاگردن جي سکيا جي اصولن جو خلاصو .

(1)     سکيا جو طريقو آکاڻين وارو هئڻ گهرجي.

(3)     سکيا حقيقي ۽ بياني نموني ۽ تصويرن جي رستي ڏيڻ گهرجي.

(3)     ماضيءَ جي ڳالهين کي ماڊلن، تصويرن ۽ دلچسپ بيان جي وسيلي چٽيءَ طرح ٻارن کي ذهن نشين ڪرائڻ گهرجي.

(4)      زماني تسلسل ۽ وقت جي احساس پيدا ڪرڻ لاءِ موزون تصويري گراف ۽ وقت جون ليڪون استعمال ڪرڻ گهرجن.

(5)      ٻارن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ لاءِ ڊراما ۽ دستڪاري جون مشغوليون مهيا ڪرڻ گهرجن.

(6)     ٻارن کي سوالن ۽ حقيقي ڳالهين تي بحث مباحثو ڪرڻ  لاءِ همٿائڻ گهرجي ۽ ماضي ۽ حال کي پاڻ ۾ ڀيٽائي تاريخ پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ گهرجي.

 

(ب) وچين ڪلاسن ۾ تاريخ جي سبق سيکارڻ جا طريقا:

وچولي درجن جي شاگردن کي تاريخ سيکارڻ جا مقصد هيٺ ڏجن ٿا.

1. هند پاڪستان جي تاريخ جي مکيه واقعن جي واقفيت ڏيڻ ۽ اهم شخصيتن جو تعارف ڪرائڻ. پاڪستان، هندستان ۽ اسلامي تاريخ بابت وقت جي ليڪن  ۽ تاريخ جي چارٽن وسيلي تاريخي شخصيتن ۽ مکيه تحريڪن جو هڪ ٻئي سان لاڳاپو ڏيکارڻ.

2. ماضي جي واقعات جا سبب ۽ سندن نتيجن جي اهميت سمجهڻ ۽ حال جي تاريخ تي ماضيءَ جي اثر بابت واقفيت ڏيڻ.

سکيا جو طريقو آکاڻين وارو ئي رهندو پر شخصي ۽ انفرادي ڳالهين جي بدران پنگتي ۽ سماجي ڳالهين کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي. مکيه واقعات کي مرڪز بنائي خاص تاريخي شخصيتن کي هن مرڪز جي چوڌاري بيهاري سندن ڪمن جو بيان ڏنو ويندو.

درسي ڪتاب کي وچولن درجن ۾ خاص طور سان استعمال ڪيو ويندو. شاگرد درسي ڪتابن ۾ ڏنل سبق کي پڙهي اسڪول ۾ گهران تيار ٿي ايندا.

تاريخ جو استاد پاڪستان جي تاريخ ۽ اسلامي تاريخ جي مکيه شخصيتن جي احوال بابت خاص طور سان سبق پاڙهيندو، بليڪ بورڊ تي جنگين جا چارٽ، گهيرن جو ڊائگرام ۽ ڌارين حملي آورن جي رستن جا خاڪا ڪڍي ٻارن کي سمجهاڻي ڏيندو.

ٻار پنهنجي نوٽبڪن ۾ هڪ پاسي بليڪ بورڊ جو اختصار لکندا ۽ ٻئي پاسي تي ساڳي اختصار کي وڌائي ڪيل سبق تي مضمون گهران لکي ايندا. نقشن ۽ چارٽن جو ڪم وچولي درجن ۾ خاص طور سان وڌيڪ ڪرائڻ گهرجي.

استاد هر روز شاگردن کي هڪ ٻه سوال گهرو ڪم وانگر ڏيندو جنهن جا جواب شاگر درسي ڪتاب کي پڙهي گهران لکي ايندا.

تنهن کان سواءِ ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ ۾ وچولي درجن جا ٻار تاريخي مضمونن تي تصويرون تيار ڪري ڳالهيائيندا يا مضمون لکي پڙهي ٻڌائيندا. ناٽڪ ۽ تاريخي ڊائلاگ وقت جون ليڪون ٺاهڻ ۽ گراف تيار ڪرڻ جو ڪم به جاري رهندو، مطلب ته ابتدائي درجن ۽ وچولي درجن جي شاگردن جي سکيا جي طريقن ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. سواءِ ان جي ته ابتدا ئي درجن ۾ استاد کي وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي ۽ وچولي درجن ۾ استاد سان گڏ شاگرد به اوتروئي ڪم ٿا ڪن جيترو استاد. خاص طور سان نقشه سازيءَ ۽ مضمون لکڻ جي سلسلي ۾.

 

(ج) مٿين ڪلاسن ۾ تاريخ جي سبق سيکارڻ جا طريقا:

مٿين ڪلاسن جي شاگردن کي تاريخ پاڙهڻ جا مقصد هيٺ ڏجن ٿا.

1. ٻارن کي اسلامي تاريخ بابت پوري واقفيت ڏيڻ.

(2)  کين پاڪستان ۽ ڀارت جي تاريخ جي خاص دؤرن جي تفصيل سان سکيا ڏيڻ.

(3)  ٻارن کي علم شهريت جون مکيه ڳالهيون ٻڌائڻ.

(4)  کين موجوده پاڪستان جو ملڪي ۽ قومي نظام حڪومت ۽ جوڙجڪي سرشتو سيکارڻ.

وچولي درجن وانگر مٿين ڪلاسن ۾ به تاريخي واقعات تي سندن اسباب ۽ نتيجن کي وڌيڪ اهميت ڏني ويندي، زماني سلسلي جو خاص طور سان خيال رکيو ويندو ۽ تعليمي طريقو موضوع وار ٿيندو. بليڪ بورڊ جو اختصار جدا جدا سبقن آهر نه ٿيندو بلڪ مضمونن موجب ٿيندو. هر موضوع بابت سندس سببن ۽ نتيجن بابت استاد ڪلاس ۾ تنقيدي بحث مباحثو ڪرڻ کان پوءِ شاگردن کان مضمون لکرائيندو. وقت جون ليڪون ۽ گراف جو ڪم ڪرائيندو ۽ شاگردن کي چوندو ته گهران ڏنل سوالن جا جواب درسي ڪتابن تان پڙهي لکي اچن. ڪلاس ٽائيم ٽيبل کان سواءِ شاگرد گهرو ٽائيم ٽيبل به ٺاهيندا ۽ استاد گهرو ڪم تي خاص طور سان ڌيان ڏيندو.

مٿين ڪلاسن جي شاگرن کي خاص طور سان تاريخي ڊراما ۽ ڊائلاگ رستي تاريخ جي سکيا ڏني ويندي. سفر ۽ ايڪسڪرشن کي تاريخ جي نصابي ڪم تي ترجيح ڏني ويندي. شاگرد پاڻ تاريخي سِڪا، ماڻهن، اوزارن، هٿيارن ۽ اڳئين زماني جي لباس جي نمونن جون تصويرن وغيره گڏ ڪندا ۽ تاريخ جو آلبم ٺاهيندا. تنهن کان سواءِ نقشا سازيءَ جي لاءِ شاگر هڪ جدا نوٽبڪ رکندا، جنهن کي استاد هر هفتي جاچيندو ۽ شاگردن کي ضروري هدايتون ڏيندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org