سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 3

صفحو : 6

باب ٽيون

 

تاريخ جا قسم

تاريخ جو علم سچ پچ هڪڙي ئي قسم جو ٿي سگهي ٿو. علم تاريخ ڌرتيءَ جي گولي تي بني آدم جي ارتقا جي مڪمل آکاڻي کان سواءِ ڪجهه به نه آهي. تاريخ جو علم دنيا جي تاريخ به ٿي سگهي ٿو ۽ پنگتي تاريخ به علم تاريخ ۾ شامل آهي. علم تاريخ جو واسطو انسانذات سان آهي. انسان جتي به، جڏهن به سماجي يا معاشرتي ادارن جو رڪن ٿي رهيو آهي، ان زماني ۾ چئبو ته انسان پنهنجي تاريخ پاڻ ٺاهي آهي. تاريخ جا مختلف دؤر ۽ عهد   (Periods or epochs)جن ۾ انسان پنهنجي ارتقاء (Evolution)  جي مختلف منزلن (Stages)  کي پورو ڪيو آهي، سي اسان لاءِ اوتري ئي اهميت رکندڙ آهن، جيترو مختلف جڳ، صديون، ملڪ يا علائقا يا قومون. تنهن کان سواءِ اسان جو واسطو انسانذات جي زندگيءَ جي ڪنهن خاص يا مکيه پاسي يا ڀاڱي سان ڪونهي، بلڪه انسان جي معاشرتي زندگيءَ سان بحيثيت مجموعي.

 اسان کي هڪ تاريخدان جي حيثيت ۾ بحث ڪرڻو پوندوآهي ۽ انهن سڀني ڳالهين کي مدِنظر رکڻو پوندو آهي، جي انسان جي موجوده معاشري جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ مدد گار ثابت ٿيون آهن.

علم تاريخ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جي لاءِ جديد مؤرخن ۽ ماهرن جو معيار اهو آهي. پر اسڪولي زندگي جي مختصر مدي ۽ چند ورهين جي اندرئي هن معيار کي پورو ڪري سگهڻ ممڪن ڪونهي. ڇاڪاڻ ته بني آدم جي تاريخ علم جو هڪ سمنڊ آهي، ۽ اسڪولي زندگيءَ جو مدو تمام گهٽ آهي. تنهنڪري ڪجهه نه ڪجهه تدبير ڪرڻي پوندي. يعني دنيا جي تاريخ جا ٽڪر ٽڪر ڪري هڪڙي ڀاڱي کي قومي تاريخ جي نالي سان پاڙهيون يا قومي تاريخ کي مختلف دؤرن ۾ ورهائي هڪ هڪ دؤر اسڪولي زندگيءَ جي مختلف منزلن يا درجن ۾ ٿا پاڙهيون. مثلاً دنيا يا پاڪستان يا هندستان يا روم يا يونان جي قديم تاريخ يا قرون وسطيٰ(وچ وارن دؤرن) جي تاريخ هند جي مغلن جي ايامڪاريءَ جو زمانو يا انگريزن جي حڪومت جو دؤر.

هڪڙو ٻيو طريقو به ممڪن آهي ته انساني معاشري جو ڪو خاص هڪ پاسو يا سرشتو وٺي ان جو مطالعو ڪيون، تنهن کان پوءِ ٻيو سرشتو يا کاتو هٿ ۾ کڻون، مثلاً دنيا جي تاريخ يا ڪنهن خاص قوم يا ملڪ جي تاريخ کي سياسي، پنگتي، اقتصادي، آئيني ۽ مذهبي لحاظ کان جدا جدا مطالعو ڪريون ۽ هر شيءِ بابت جدا سبق ٻارن کي پاڙهيون. مکيه ڳالهه هي آهي ته ڪنهن حالت ۾ اسان کي ڀاڱي يا ڀاڱن کي ڪـُل کان جدا ۽ آزاد نه سمجهڻو آهي، ڇاڪاڻ ته ڪل جو اثر جزي تي ۽ جزي جو اثر ڪـُل تي لازمي ٿيندو آهي ۽ علم تاريخ هڪ ڪل آهي، جنهن جا مختلف پاسا يا محڪما انفرادي ۽ جداگانه صورت ۾ مؤرخ توڙي مدرس لاءِ بيڪار ۽ بي معنيٰ آهن. جيڪڏهن اسين ڪنهن به هڪڙي تاريخي دؤر يا شهنشاهه جي حڪومت جي ايامڪاريءَ تي سبق پاڙهينداسين ته اسان جي لاءِ ضروري ٿيندو ته ماضيءَ ۽ مسقتقبل ڏانهن به نظر ڦيرائي ڏسون، ته ماضي ڪيئن حال تي اثر انداز ٿيو آهي ۽ حال جون حالتون مستقبل تي ڪهڙي ريت پنهنجو اثر وجهي سگهن ٿيون. مثلاً سياسي ۽ ملڪي بندوبست جي ڳالهه ٻڌائيندي اسان کي ملڪ جي اقتصادي ۽ پنگتي  (Social)  خوشحالي يا زبون حاليءَ جو سبب سمجهائڻو پوندو.

سياسي حالت جو اثر پنگتي ۽ اقتصادي حالتن تي پوندو آهي، اقتصادي ۽ معاشرتي حالتن جي ڪري ملڪ جي سياسي تنظيم ۽ جوڙ جڪ طاقتور يا ڪمزور ٿي سگهن ٿا. تنهن کان سواءِ هڪ ملڪ يا قوم جي تاريخ پاڙهيندي، ٻئي ملڪ يا ٻين ملڪن ۽ قومن بلڪ دنيا جي تاريخ بابت به بحث ڪرڻو پوندو آهي. ڇاڪاڻ ته هڪ قوم يا ملڪ جي تاريخي تحريڪن، جنگين، سوڀن، ريتن ۽ رسمن جو ٻين ملڪن ۽ قومن جي حياتيءَ تي اثر پوي ٿو. مطلب ته دنيا جي هر قوم ۽ ملڪ پنهنجي زندگانيءَ ۾ هڪٻئي کان جدا نه آهن بلڪ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن.

مثال طور هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ کي ٿا وٺون. اسڪولي ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هماليا جبل ۽ هندي سمنڊ جي ڪري ڀارت ورش هميشه کان ڌارين قومن کان جدا ۽ محفوظ رهيو آهي. پر هيءَ ڳالهه بلڪل غلط آهي. ڇاڪاڻ ته ڌاريا ماڻهو ۽ ٻاهريون قومون منڍ کان ئي هماليا جبلن جي لڪن مان ۽ بحر هند تان جهازن ۽ ٻيڙين رستي ڪاهي ايندا هئا ۽ واپار ڪندا هئا. هتان جا ماڻهو به پراچين ڪال کان وٺي ڌارين ملڪن ۽ قومن سان تجارت ۽ واپار ڪندا رهيا آهن. هتان جا رهاڪو انهن جبلن ۽ سمنڊن کي پار ڪري وچ ايشيا، چين، جاواديپ، ڪمبوج ۽ هند چين (Indo - china) جي ٻين علائقن تائين پهچي ويا هئا. پنهنجي شخصي گهٽتاين جي ڪري ۽ لاعلميءَ جي سبب اسڪولي نصاب جا ڪتاب جوڙيندڙ تاريخي ڳالهين کي غلط نموني تي پيش ڪن ٿا. مثلاً، لکيل آهي ته جڏهن آريه قوم هندستان ۾ آئي ته ان وقت دراوڙن جا قبيلا هندستان ۾ آباد هئا. آرين انهن کي هندستان جي ڏاکڻين ڀاڱي ڏانهن تڙي ڪڍيو ۽ پاڻ اُتر هندستان تي قبضو ڪري اتي ئي آباد ٿيا. گهڻن صدين کان پوءِ سٿين ۽ يوچي قومون يا قبيلا هندستان ۾ آيا. وري صدين کانپوءِ مسلمان آيا ۽ وري انهن کان پوءِ يورپي قومن جا واپاري آيا.

مٿي ڏنل حقيقتون برابر آهن. پر ايتري قدر ساديون ۽ معمولي ڪونه آهن، جيتري قدر بيان پٽاندر ڏسڻ ۾ ٿيون اچن. بلڪ هندستان هميشه کان مختلف قومن ۽ نسلن جو آماجگاه ۽ ميلاپ جو مرڪز ٿي رهيو آهي ۽ مختلف تهذيبن ۽ تمدن جا ميلا ان ديس ۾ لڳندا رهيا آهن. موئن جي دڙي ۽ هڙاپا جي قديم آثارن جو مشاهدو ثابت ٿو ڪري ته آريا قومن جي هندستان ۾ اچڻ کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي سنڌ جي ماٿريءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار مختلف نسل آباد هئا. انهن کان پوءِ ايران جا رهاڪو مسلسل ايندا رهيا، يوناني ماڻهو  به هندستان ۾ آيا. هندستان جي ويجهڙائيءَ ۾ ورهين تائين رهيا، يوناني ماڻهن هندستان جي رهڻي ڪرڻي تي ڪافي اثر وڌو. چون ٿا ته گنڌاري فن ۽ هنر جو نمونو انهن جي ئي يادگار آهي . صدين تائين وچ ايشيا جا طاقتور ۽ جنگي قبيلا هندستان ۾ ايندا رهيا. ڏکڻ هندستان جي اُڀرندي ۽ اُلهندي وارن سمنڊن جي بندرن مان گهڻائي ماڻهو آيا ۽ گهڻائي ماڻهو ويا.

عرب ديس جا ماڻهو اسلام قبول ڪرڻ کان گهڻو اڳي اُلهندي هندستان جي شهرن سان واپار ڪندا هئا. اُلهندي هندستان جي بندرن رستي ئي شام جي سرزمين جا عيسائي، بني اسرائيل ۽ پارسي هندستان ۾ آيا ۽ دلير ايرانين منجهان هڪڙي محمد گاوان ۽ ملڪ حبش جي ماڻهوءَ: ملڪِ انمبر جهڙن ماڻهن هندستان جي تاريخ ۽ سياست ۾ ڪافي اهم بهرو ورتو. ڏکڻ هندستان ۽ اوڙيسا جا گهڻائي رهاڪو هند- چين ڏانهن ويا ۽ اُتي جا علائقا هٿ ڪيائون ۽ صدين تائين اُتي حڪومت ڪيائون. ٻڌمت جي دور ۾ هندستان جا هزارها باشندا چين ڏانهن ويا ۽ هزارها چيني ماڻهو هندستان ۾ آيا. مٿي ڏنل حقيقتن مان صاف ظاهر ٿيو ته هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ ڪا جداگانه شيءِ ڪانهي. ڇاڪاڻ ته اڄوڪا هندستاني ۽ پاڪستاني باشندا ڪڏهن به دنيا جي ٻين ملڪن يا قومن کان جدا ۽ بي تعلق نه رهي سگهيا آهن.

 

عالمي تاريخ ۽ قومي تاريخ:

مٿي ڏنل بحث مان ثابت ٿئي ٿو ته قومي تاريخ پاڙهڻ جي لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن يا قومن جي تاريخ پاڙهڻ به گهٽ يا وڌ پر تمام لازمي امر آهي. پر سوال هيءُ آهي ته ڀلا ائين بهتر نه ٿيندو ڇا، ته تاريخ عالم کي نصاب ۾ شامل ڪري اسڪولي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن منزل تي ٻارن کي ان جي سکيا ڏني وڃي. ڪي تاريخدان چون ٿا ته دنيا جي تاريخ جي سکيا بالغن جي لاءِ موزون آهي، ۽ ثانوي اسڪولن جي ٻارن جي لاءِ انهيءَ تاريخ عالم جو سمجهڻ ڏُکيو ٿيندو. ٻيا ٿا چون ته تاريخ عالم کي خاص طور تي نصاب ۾ داخل ڪرڻ اجايو آهي. بلڪ قومي تاريخ جي سکيا ڏيڻ مهل تاريخ عالم سان لاڳاپا رکندڙ ڳالهيون گڏو گڏ سيکاريون وڃن. هن جي برخلاف پروفيسر التميرا  جو رايو آهي ته دنيا جي تاريخ کي ابتدائي درجن ۾ پڙهائي سگهجي ٿو. فشر جي راءِ موجب ملڪ جي هر ٻار کي غارن ۾ رهندڙ ماڻهن  (Cave-men) ۽ دنيا جي ابتدائي تاريخ جون ڳالهيون سکڻ گهرجن. بابل جي رهاڪن، مصرين، يهودين، عربن، يونانين ۽ رومين جو احوال پاڙهڻ کان پوءِ ٻار جڏهن يارهن يا ٻارهن ورهين جي ڄمار جا ٿين، تڏهن پاڪستان ۽ هندستان جو احوال پڙهن. مطلب ته گهڻن مؤرخن ۽ تاريخ جي استادن جو متفق فيصلو آهي ته ٻارن کي ابتدائيءَ ۾ يعني پنهنجي ملڪي يا قومي تاريخ جي سکيا کان اڳ دنيا جي تاريخ جي سکيا بابت مختصر واقفيت ڏيڻ تمام بهتر ٿيندو. البته هي ڪورس بلڪل ابتدائي، سؤلو ۽ مختصر هئڻ گهرجي.

 

قومي تاريخ ۽ صوبائي تاريخ:

اسان جي ديس ۾ تاريخ جي نصاب جي ترتيب هڪڙو وڏو ڏکيو مسئلو آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي پاڪستان (“ هندستان) جا صوبا ايترا ته وڏا آهن، جيترا ڪي سڄا يورپي ملڪ، ۽ اڪثر ڪري هر علائقي جي تاريخ به جدا رهي آهي مثلاً سنڌ، مشرقي بنگال، پنجاب، گجرات، مهاراشٽر، ڪرناٽڪ وغيره.

هاڻي سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته اسين ٻارن کي مقامي تاريخ يا صوبائي تاريخ يا قومي ۽ ملڪي تاريخ يا دنيا جي تاريخ پاڙهيون يا انهن جا ٽڪر ٽڪر گڏ وٺي مجموعي طور تي پاڙهيون.

ڇا ٻارن کي ان صوبي جي تاريخ جنهن ۾ هو پيدا ٿيو آهي ۽ رهندو آهي، اصل نه پاڙهيون. فقط ملڪي تاريخ ئي پاڙهيون. يا قومي تاريخ پاڙهيندي صوبائي تاريخ سان لاڳاپا رکندڙ ۽ مختلف ڀاڱن جي تاريخ تي روشني وجهون.

اسان کي نصاب ترتيب ڏيڻ مهل اهڙي قسم جي مختلف سوالن تي غور ڪرڻو پوندو.

 

مڪاني تاريخ:

مڪاني تاريخ، فقط ان شهر يا ڳوٺ جي تاريخ کي نه چئبو آهي، جتي ٻار ڄائو آهي يا جتي رهندو آهي بلڪ مڪاني تاريخ ان سڄي علائقي، شهر، ڳوٺ، پاڙي وغيره جي تاريخ آهي، جنهن مان ٻار واقف آهي يا ان کي واقف ڪرائي سگهجي ٿو. سچ پچ اسڪولي زندگيءَ جي ڊگهي مدي لاءِ مڪاني تاريخ مان هڪ جدا گانه نصاب ٺاهڻ تمام ڏکيو آهي.مڪاني تاريخ جو آزاد ۽ جداگانه طبع سان مطالعو ڪرڻ بالغن جي لاءِ موزون ٿيندو. اسڪول جي لاءِ فقط ايترو ئي ڪافي ٿيندو ته ملڪ جي قومي ۽ سياسي ۽ سماجي حالتن جو اثر ٻارن جي مڪاني تاريخ تي سراسري وقتاً به وقتاً تاريخ پاڙهيندي ڏيکاريو وڃي. مڪاني تاريخ پاڙهڻ جي شروعات ڪرڻ جو سٺو طريقو هيءُ آهي ته ٻارن کي انهن جي پسگردائي ۽ ويجهڙائي ۾ جيڪي تاريخي يادگار عمارتون هجن، اهي ڏيکاريون وڃن، جيئن ٽٽل ۽ ڦٽل پراڻا يادگار، ڪوٽ،گاديءَ جا هنڌ، قبا، مسجدون،ديولون وغيره.

پر انهن يادگارن جي ڏيکارڻ لاءِ ضروري شرط هيءُ آهي ته شاگردن کي اهڙي سير سفر تي ضابطي ۽ تنظيم سان وٺي وڃجي ۽ انهن جي رهبري چڱي طرح سان ڪئي وڃي.

مڪاني تاريخ جي سکيا جي شروعات ڪرائڻ جو ٻيو طريقو آهي خاص شهرن يا هنڌن جي نالن جو مطالعو ڪرڻ ۽ انهن جي نالن جي معنيٰ ۽ مطلب سمجهڻ ۽ مشهور شهرن جي تاريخ پاڙهڻ مثلاً: بمبئي، ڪلڪتي، دهلي، مدراس، حيدرآباد، ڪراچي جهڙا شهر ڪيئن وجود ۾ آيا، ۽ پوءِ ڪيئن وڌي هيڏا وڏا سارا شهر ٿي ويا آهن. وري اهڙا شهر به آهن، جو مـُنڍ ۾ تمام خاص ۽ مشهور هوندا هئا،پر اڄڪلهه اهي مشهور نه رهيا آهن. بلڪ رڳو قديم“ ماضيءَ جي زماني جي يادگار رهجي ويا آهن. جيئن گولڪندو، بيجاپور، گلبرگ، موئن جو دڙو، هڙپا، تولاپور ۽ فتح پور جهڙن شهرن جي تاريخ تمام دلچسپ ثابت ٿيندي. مطلب ته مڪاني تاريخ جو بهترين استعمال اهو آهي، ته ان جو حوالو ڏئي قومي ۽ صوبائي تاريخ تي روشني وڌي وڃي، ۽ تاريخ جي سمجهاڻي کي واضح ڪيو وڃي ۽ تنهن کان سواءِ مڪاني تاريخ ڪڏهن ڪڏهن ضمني نموني تي جدا به پڙهبي ۽ پاڙهبي آهي. مڪاني تاريخ پاڙهڻ جو مکيه مقصد اهو آهي، ته تاريخي حقيقتون ٻارن جي دماغ ۾ پڪيءَ ۽ پختيءَ طرح اچي وڃن ۽ انهن جي ذهن ۾ تاريخي ڳالهين جي لاءِ اصليت ۽ حقيقت جو احساس ۽ سچ جو جذبو پيدا ٿي وڃي. جڏهن ٻارن جي ذهن ۾ انهيءَ ڳالهه جو يقين ٿيندو ته جيڪي ڳالهيون اهي استادن کان پڙهن ٿا يا مطالع ڪن ٿا، سي درست ۽ سچيون آهن ۽ سچ پچ سندن بزرگن ۽ ابن ڏاڏن تي به انهن ڳالهين جو اثر پيو هوندو، تڏهن لازمي طور سان ٻار وڌيڪ دلچسپيءَ سان تاريخ پڙهندا، ۽ انهن جي ذهن ۽ فڪر ۾ ويچار ڪرڻ، تنقيد ڪرڻ ۽ نڪته سنجي جو مادو پيدا ٿيندو ۽ اهوئي تاريخ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جو مکيه مقصد آهي.

 

سياسي، سماجي ۽ اقتصادي تاريخ:

فري مئن  ۽ ان جا پيروڪار چون ٿا، ته سياسي ڳالهيون تاريخ جي باقي ٻين شعبن کان وڌيڪ اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ ته سياسي تبديلين، انقلابن ۽ قانون جي ڪري هميشه ملڪ جون اقتصادي ۽ سماجي حالتون ڦرنديون آهن. يعني سماجي ۽ اقتصادي حالتن جو مدار سياسي حالتن تي ٿيندو آهي. فري مئن جي راءِ ۾ تاريخ ماضيءَ جي سياست آهي. ڇاڪاڻ ته قومي، سماجي، ۽ اقتصادي حالتن تي سياسي ۽ آئيني سببن ۽ حالتن جو زبردست اثر پوي ٿو، تنهنڪري اسڪولن ۾ سياسي تاريخ پاڙهڻ گهرجي. سماجي ۽ اقتصادي ڳالهين کي اهميت ڏيڻ جي ڪا خاص ضرورت ڪانهي، ڇوته ملڪ جي سياسي ارتقاءَ ۽ ان جي احوال جو نالو ئي ته تاريخ آهي.

ملڪ جا بادشاهه ۽ راڻيون ۽ انهن جا جاءِ نشين سندن جنگيون صلحناما ۽ قانون اسان کي هڪ سلسليوار ۽ صحيح تاريخ جي ترتيب ميسر ڪري ڏين ٿا. اسان جي معلومات جو زماني وار سلسلو قائم رهي ٿو.

پر ان هوندي به تاريخ کي رڳو سياسي احوال ۽ رڳو ارتقا جو رڪارڊ ئي سمجهي ويهي رهڻ نه کپي.

(1) علم تاريخ معاشري جي زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکي ٿو.

(2) جهڙي طرح سياسي اسباب سماجي، معاشرتي ۽ اقتصادي تبديليون پيدا ڪن ٿا، ساڳيءَ طرح اقتصادي تبديليون ۽ اسباب به ڪنهن نه ڪنهن وقت تي سياسي نتيجن جا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا.

(3) اسان جو سياسي تاريخ بابت نام نهاد علم اڄڪلهه بادشاهن، راڻين ۽ سپهه سالارن جي نج ۽ شخصي احوال زندگيءَ تائين محدود ٿي ويو آهي. تاريخ جي ڄاڻ جو واسطو فوجي معاملات کان وڌيڪ آهي ۽ پڻ صحيح سياسي ڳالهين جي ڄاڻ به گهٽ رهجي ويئي آهي. اڳئين وقت جا ڪي بادشاهه سچ پچ بهادر هوندا هئا، ۽ پنهنجي سپاهين سان گڏ پاڻ به جنگين ۾ وڙهندا هئا، صـُلح ۽ جنگ ٻنهي نمونن ۾ انهن جي رهبري ڪندا هئا، پر انهن جا وارث ۽ جاءِ نشين مڙيوئي ڪوڙي شان و شوڪت ڏيکارڻ ۾ ئي پورا هوندا هئا. اهي پاڻ بهادر ۽ جنگي جوڌا نه هئا، ۽ نه ڪي جنگيون کٽيائون ۽ نه وري ڪي وڏا ڪارناما ڪيائون. مطلب ته اهي رڳو پدرم سلطان بود جي آڌار تي جيئرا هئا.

تاريخ جي سياسي اسڪول کان سواءِ ٻيو مارڪسي اسڪول آهي. مارڪس ۽ ان جا هم خيال تاريخدان چون ٿا ته، تاريخ جو اقتصادي يا مالي پهلو معاشرتي حالتن ۽ سماجي تبديلين جو بنياد آهي. انهن جي خيال موجب اقتصادي گهرجون سڀني سماجي ۽ سياسي ڪمن ۽ واقعات جا اسباب آهن. جنگ ۽ صـُلح ۽ ٻيا سڀ تاريخ جا واقعا اقتصادي فائدي يا نقصان جي سبب ٿيندا رهيا آهن.

معاشري ۾ هر هڪ ڪم يا تحريڪ، علم و هنر جي ترقي، سماج جون رسمون ۽ ريتون، سياسي دستور ۽ قانون وغيره، هر ڪنهن ڪم جو اصلي سبب اقتصادي ٿيندو آهي. ان لاءِ مؤرخ جو ڪم آهي ته خاص طور اقتصادي اسباب ۽ ان جا نتيجا ڄاڻي ۽ بيان ڪري، ڇو ته ان خيال موجب اهڙن اسبابن ۽ نتيجن جي رڪارڊ جو نالو ئي تاريخ ٿيو. پر انسان رڳو مانيءَ جي لاءِ جيئرو نٿو رهي. برابر تاريخ ۾ سياسي ڳالهين جي بنسبت اقتصادي معاملات کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. تڏهن به انسان ۾ مادي ۽ اقتصادي جذبي کان سواءِ ٻيو جذبو به آهي، يعني قرباني ۽ ايثار جو جذبو يا ٻين جي خير ۽ ڀلائيءَ جو احساس. تاريخ ۾ گهڻائي اهڙا مثال ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو ته اهڙا ماڻهو به ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي مذهب يا قوم جي لاءِ پنهنجي پياري حياتيءَ کي قربان ڪري ڇڏيو آهي. اهڙا به چڱا مڙس ٿي گذريا آهن، جن دنيا ۾ انصاف ۽ نيڪيءَ جي بقا لاءِ نه فقط پاڻ کي ۽ پنهنجي ذاتي عيش وآرام کي، بلڪ پنهنجي ٻارن ٻچن، مٽن مائٽن کي به دنيوي لالچ يا فائدن کان سواءِ قربان ڪيو آهي. تنهنڪري انسان کي اقتصادي جيت تصور ڪرڻ بلڪل غلط آهي، انسان جي مرضيءَ ۽ خوديءَ جي سامهون اقتصادي توڙي سياسي ۽ سماجي اسباب بيڪار ۽ بي نتيجا ثابت ٿي سگهن ٿا.

سماجي تاريخ بابت اهو سوال وري به رهجي ٿو ته ڇا اسڪولن ۾ سماجي تاريخ جو علم به پاڙهيو وڃي يا نه؟  ڪٽنب ۽ خاندان جي ترقي ۽ سڌاري جو احوال، ريتن رسمن جي آکاڻي، سماجي، تعليمي، مذهبي ۽ اخلاقي ڳالهين جو احوال ٻڌايو وڃي يا نه؟ ان جو جواب هيءُ آهي ته سماجي تاريخ جو نصاب (سياسي) تاريخ کان سواءِ ٺاهي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ ته معاشري ۾ سماجي تبديلين جو احوال ۽ انهن جو ايترو سچو بيان واضح ڪونهي، جيترو سياسي احوالن ۽ سماجي لفظ هڪڙو وڏو جامع لفظ آهي، جنهن جو لاڳاپو هر ان ڳالهه سان آهي، جا معاشري ۾ ٿيندي رهي ٿي. سماجي احوال جي بيان ۽ سکيا جو مطلب ٿيو ته سوسائٽيءَ ۾ زراعت، صنعت، تعليم، ڪٽنب ۽ گهرو زندگي، کاڌي، لباس، راند روند ۽ روزگار، ادب، فن تعمير جا رستا، آبپاشي، ريتون ۽ رسمون، قانون ۽ محصول وغيره، سڀ ڪنهن ڳالهه تي بحث ڪيو وڃي ته اهي سڀ ڳالهيون سماجي ارتقا ۽ ترقي ۾ شامل آهن.

سياسي ۽ اقتصادي ڳالهيون به سماجي ڳالهين ۾ ئي اچي وڃن ٿيون هاڻي سوال اُٿي ٿو ته نصاب ٺاهڻ لاءِ ڪهڙيون ڳالهيون چونڊيون وڃن ۽ ڪهڙين ڳالهين کي درگذر ڪيو وڃي؟ مطلب ته نصاب ٺاهڻ مهل سياسي، اقتصادي ۽ سماجي شعبن مان ڪهڙن ڪهڙن شعبن کي اهميت ڏني وڃي؟ هن سوال جو جواب هي آهي ته:

(1)     ملڪ جي تاريخ کي موزون دؤرن يا منزلن ۾ ورهايو وڃي ۽ انهن جو مطالعو ڪيو وڃي.

(2)     تاريخ جي ان شعبي کي جنهن دؤر ۾ اهو وڌيڪ اهميت وارو ڏسڻ ۾ اچي، اهو وڌيڪ اهميت سان پڙهيو ۽ پاڙهيو وڃي.

(3)     باقي ٻين شعبن کي به نظر انداز نه ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن جو اثر به تاريخ تي لازمي طور سان پيو آهي. ۽ پوي ٿو.

(4)      سياسي توڙي اقتصادي، توڙي سماجي شعبا به وڌيڪ اهميت وارا آهن، هيءَ ڳالهه به ضرور نظر ۾ رکڻي آهي، ۽ انهن جي ڄاڻ سان ئي هر دور جي تاريخ جا ضروري شرط پورا ٿين. يعني:

1-      ارتقاءَ جي منزلن جو بيان جنهن مان هر تحريڪ جي تسلسل جي خبر پوندي.

2-      زماني ۾ وقت جو صحيح انداز ۽ احساس.

3-      اسباب ۽ نتيجن جو سلسلو ۽ لاڳاپو، ڇاڪاڻ ته تاريخ جا واقعات پاڻهي بي سبب ۽ ڪارڻ کان سواءِ ظهور پذير نٿا ٿين.

عام خيال آهي ته نصاب ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي ته سياسي تاريخ کي بنياد بنائي اُن جي مٿان ۽ چوڌاري سماجي ۽ اقتصادي تاريخ کي رکجي ته، وقت ۽ زماني موجب اقتصادي ۽ سماجي ڳالهيون ۽ تبديليون ارتقائي صورت ۾ سامهون اچن. مطلب ته هر صورت ۾ تاريخ جي استاد کي تاريخ جي ان شعبي کي اهميت ۽ خصوصيت سان مطالعو ڪرڻو پوندو. جو ڪنهن خاص تاريخي دؤر ۾ اهميت وارو هو. هن سلسلي ۾ مسٽر گوچ جو رايو اوائلي تاريخ جي پاڙهڻ بابت قابل غور آهي. هن صاحب جو رايو آهي، ته هر قوم جي اوائلي تاريخ پاڙهڻ لاءِ بهتر ٿيندو ته واقعات، جنگين ۽ خاص ماڻهن جي احوال بدران ان قوم جي ريتن رسمن، ادارن ۽ رواجن جي ڳالهين سان بحث ڪيو وڃي. اوائلي تاريخ پاڙهڻ لاءِ اسان جو نظريو سماجي ۽ جماعتي هجڻ گهرجي، ۽ نه شخصي يا انفرادي، مثلاً هندستان جي قديم تاريخ جو بيان معاشرتي لحاظ کان ڏيڻو پوندو. پراڻن قبيلن، ديوتائن، قربانين، ذات پات جي رواجن ، پورهيتن جي ڌنڌي، فن جنگ، هنرن جي ترقي، فلسفي ۽ علم و ادب جي ترقي وغيره جو احوال پاڙهڻو پوندو. ذات پات جو بنياد اقتصادي حالات تحت وڌو ويو هو. شودر ذات جا ماڻهو هڪ قسم جا غلام هئا، جي باقي ٽن ذاتن جي ماڻهن جي خدمت ڪندا هئا. شودرن جو ڪم هارپو ڪرڻ هو ۽ قديم زماني ۾ پوک جو ڌنڌو عام طور سان اهڙائي ماڻهو ڪندا هئا. اهوئي سبب آهي جو مصر جا اهرام (Pyramids)، پينٿين، تاج محل، عراق جا واهه ۽ آرين جا مذهبي ڪتاب ويد وجود ۾ اچي ويا. اڻويهين صديءَ جي تاريخ پاڙهڻ لاءِ اسان کي سماجي ۽ اقتصادي ٻنهي لحاظن کان بحث ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هن دؤر ۾ هندستان ۽ پاڪستان ۾ انگريزي تعليم يونيورسٽيون، سماجي اصلاح قوانين ۽ جوڙجڪي ۽ آئيني سڌارا عورتن ۾ ترقي جي تحريڪ صنعتي ۽ حرفتي ترقي، ڪارخانن ۽ ميلن جو قيام مزدورن ۽ سرمائيدارن جو مسئلو آمدني ۽ روانگي تي محصول وغيره. اهڙا مسئلا پيدا ٿيا، جن جو تعلق اقتصادي ۽ سماجي زندگيءَ سان وڌيڪ آهي. هن دؤر ۾ مذهبي ۽ معاشرتي سڌارڪن جي ڪمن کي  اهميت ڏني  ويندي ۽ صنعت و حرفت رهنمائي ۽ انهن جي ڪمن کي غور سان ۽ تفصيل سان پاڙهڻو پوندو، ۽ گورنر جنرلن ۽ وائسرائن جي ڪمن کي سراسري طور نظرانداز ڪرڻو پوندو.

قرون وسطيٰ (يعني وچ وارو دؤر) جي تاريخ پاڙهيندي، مغل بادشاهن جي بيان ۾ سياسي ڳالهين کي اوتري اهميت ڏني ويندي جيتري معاشري يا اقتصادي ڳالهين کي. اڄڪلهه تاريخدان ۽ تاريخ جا استاد هي طريقو اختيار نٿا ڪن. بلڪ انفرادي بادشاهن، شخصيتن، جنگين وغيره جي بيان کي تاريخ سمجهن ٿا ۽ انهن کي هن ڳالهه جو احساس مس ٿيندو آهي، ته تاريخ جي احوال ٻڌائڻ ۽ پاڙهڻ جو طريقو ڪنهن به هٿ  ۾ کنيل تاريخ جي خاص دؤر يا زماني جي خاص حالت موجب ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن دؤر ۾ سياسي ۽ ملڪي تحريڪون زور تي هيون ته پوءِ تاريخ جو بيان به سياسي ڳالهين کي ئي اهميت ڏيندو، ۽ جيڪڏهن اقتصادي ۽ سماجي تحريڪون اهميت واريون هيون ته پوءِ ان دؤر جي تاريخ پاڙهيندي استاد سياسي ڳالهين کي سراسري اهميت ڏيندو ۽ اقتصادي ۽ سماجي اسباب ۽ نتيجن تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو. مطلب ته استاد لاءِ نصاب ٺاهيندي تاريخ جي صحيح مقصد ۽ تاريخ جي مختلف شعبن يا حيثيتن کي ڌيان ۾ رکي ڪم ڪرڻو پوندو، نه ته هو ڪڏهن به منزل مقصود تائين پهچي نه سگهندو.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org