باب ڏهون
ماخذ وارو طريقو
ماخذ ڇا کي چئبو
آهي؟
تاريخ جو واسطو سچن واقعن ۽ تحقيق ڪيل(ڇنڊيل)
ڳالهين سان ٿيندو آهي. آرين، ايرانين، يونانين،
عربن، سومرن، سمن،ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن،
ٽالپرن خواهه انگريزن ۽ ليگي مسلمانن بابت لکڻو
هجي، ته مؤرخ لاءِ ضروري آهي ته کيس ڳالهين ۽
واقعن بابت پورو ۽ سڄو علم هجي. ڇاڪاڻ ته تاريخ هڪ
سائنس آهي، انهيءَ ڪري نه مؤرخ ۽ نه تاريخ جو
استاد ڪوڙين آکاڻين تي راضي ٿي بس ڪري سگهي ٿو.
جيتوڻيڪ سندس ڪوڙيون آکاڻيون ٻارن لاءِ دلچسپ ۽
سبق آموز ۽ ڪارائتيون ئي ڇو نه هجن.
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي، ته مؤرخ گذريل زماني ۽
اڳوڻن ماڻهن بابت سچا واقعا ڪئين ۽ ڪٿان هٿ ڪري؟
مؤرخ پاڻ اڄ ايڪويهين صديءَ ۾ جيئرو آهي ۽ ماضي جي
احوال جو علم هن کي ڪو نه آهي نه مؤرخ اڳوڻن مئل
ماڻهن سان ڳالهائي ٿو سگهي ۽ نه کين ڏسي ٿو سگهي ۽
نه انهن سان خط وڪتابت ڪري ٿو سگهي. ان ڪارڻ مؤرخ
لاءِ ضروري ٿئي ٿو ته هو سموري حاصل ٿيڻ جهڙي
تاريخي مواد ۽ سامان کي ڪم آڻي، جنهن ۾ ئي گذريل
زماني جي ماڻهن جي حياتيءَ جي سچي پڌري پيل يا لڪل
تصوير موجود آهي. اهڙي تاريخي مواد يا سامان کي
”ماخذ“
(ڄاڻ جو ذريعو يا ماخذ ڪوٺبو آهي. علم لسانيات جي
ماهرن انسانذات جي تاريخ کي قلمي ذريعن يا ماخذن
جي لحاظ کان ٽن دؤرن ۾ ورهايو ويو آهي.
تازي ۽ جديد دور جو مدو گذريل ٻن هزار ورهين تائين
رکيل آهي. ڇاڪاڻ ته هن دؤر سان لاڳاپا رکندڙ لکيل
رڪارڊ يا دستاويز موجود آهن. هن دؤر کي
”تاريخي
دؤر“
جي نالي سان به سڏبو آهي. هندستان ۽ پاڪستان جي
تاريخ ۾ هيءُ دؤر يونان جي سڪندر اعظم جي ڪاهه کان
وٺي شروع ٿئي ٿو.
جيڪڏهن سڪندر اعظم جي ڪاهه کان پوئتي وڃبو ته
تاريخ جو اڳ وارو ٻيو دؤر شروع ٿيندو. هيءُ زمانو
يادنامن مثلاً: رامائڻ ۽ مهاڀارت ۽ يوناني ايليڊ
جو زمانو آهي. اهي به ان قديم زماني جي تاريخ بابت
ٻڌايل نشان يا رڪارڊ آهن، پر سچا نه آهن، ڇاڪاڻ ته
حقيقت انهن ۾ افسانن ۽ جنن ۽ ڀوتن، ديوَن ۽
ديوتائن جي آکاڻين ۾ سمايل آهي. انهن جي سچ کي ڪوڙ
کان جدا ڪرڻ تمام ڏکيو ٿيندو آهي. ٻين لفظن ۾ چئي
سگهون ٿا ته هي زمانو نيم تاريڪي يا اونداهو زمانو
هو. هن دؤر کان اڳ تاريخ جو ٽيون وڏو قديم دؤر هو،
جڏهن لکڻ پڙهڻ جي هنر جي خبر ماڻهن کي اصل ڪانه
هئي. هن دور کي تاريخ کان اڳ وارو دؤر
(Pre-historic Period)
سڏبو آهي. هن دؤر جي معلومات لاءِ ماخذ به خاص قسم
جا آهن يعني هن زماني جا مختلف قسمن جا اوزار، ٽٽل
ڦٽل جايون ۽ محلات ۽ سندن نشان ۽ آثار، برتن ۽
ٿانوَ ۽ انسانن جا هڏا ۽ ڪيپراٽيون يا ڪي سڄاسارا
هڏاوان پڃرا وغيره. جن جو غور سان مشاهدو ڪري قديم
زماني جي زندگيءَ بابت تاريخ جون ڪي ڳالهيون لکي
سگهجن ٿيون.
تنهنڪري اچو ته ماخذ واري طريقي جي اهميت ۽ قيمت
تي بحث ڪرڻ لاءِ پهرئين
”تاريخي
دؤر“
کي سمجهون.
(1) تاريخي دؤر
(Historical Period)
جا مکيه يا اهم ماخذ لکيل صورت ۾ ۽ گهڻي انداز ۾
موجود آهن. انهن ماخذن ۾ آکاڻيون جڳ بيتيون ۽ آتم
ڪهاڻيون، ڊائريون، چٺيون، سرڪاري فرمان ۽ رپورٽون،
سرڪاري اعلان ۽ احڪام، شاهي ڊگريون ۽ سرڪاري
قانون، واپارين جا دستاويز، سندون، کاتا ۽ حساب
ڪتاب جا ڪاغذات وغيره شامل آهن.
(2) تاريخي دور ۽ نيم تاريخي دؤر جي معلومات حاصل
ڪرڻ لاءِ ٻيو مکيه وسيلو ۽ مول ڄاڻ ڀنڊار ڪتبا
(inscriptions)
به آهن. جيڪي پٿرن يا ڌاتن جي ٽڪرن تي اُڪريل آهن.
قديم ۽ وچولي تاريخي دؤرن ۾ رواج هوندو هو ته راجا
يا بادشاهه پاڻ بابت ۽ مذهبي اڳواڻن بابت مقدس
جاين ۽ تيرٿن لاءِ نقد پئسا مخصوص ڪري يا ٻنيءَ جا
ٽڪر انعام طور وقف ڪري ڇڏيندا هئا ۽ انهن بابت
پنهنجا حڪم ٽامي جي پليٽن يا پهاڙن جي مک هنڌن تي
لکائي ڇڏيندا هئا. هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ خاص
طور سان وجيه ننگر جي قديم حڪومت بابت ۽ ٻـُڌ ڌرم
جي دؤر سان واسطو رکندڙ سڄي برصغير هند ۽ سنڌ بابت
اهڙين ٽامي جي پليٽن ۽ ٽڪرن تي اُڪريل احوالن
ذريعي ڪافي معلومات حاصل ٿيل آهي.
(3) ٻيا به گهڻا ماخذ ۽ اصل هنڌ ۽ سامان آهن
جهڙوڪ: رنگين ۽ روغني تصويرون، بت ۽ بوتا، عمارتون
۽ ڊٺل عمارتن جا نشان. جهونا رستا ۽ پليون، قبا،
قلعا ۽ قبرون، سڪي ويل يا منهن مٽيل دريائن جا
پيٽ، سڪا، اوزار، لٽا ڪپڙا، هٿيار ۽ جنگ جو ٻيو
سنهو ٿلهو سامان وغيره.
مثال لاءِ مغربي پاڪستان جي سرزمين سنڌ جي ضلعي
لاڙڪاڻي ۾ موهن جي دڙي کي وٺو. موهن جي دڙي جي خبر
انگريزن جي دؤر ۾ محڪمه تحفظ آثار قديم جي آفيسرن
کي پئي. موهن جو دڙو نيم تاريخي زماني جو هڪ شهر
هو جو اڄ زمين جي اندر دٻيل آهي. سرڪاري آفيسرن ۽
سندن نائبن ڳوليندي ڳوليندي، موهن جي دڙي جي
علائقي ۾ مئل ماڻهن جون ڪيپراٽيون ۽ سندن ٿانو،
اُڪريل مهرون، مالهائون، سڪا، زيور، ڪڻڪ ۽ جون جا
سنگ، ۽ داڻا، مڇين ۽ ( گهوڙن کان سواءِ)
ڪن ٻين جانورن جا هڏا هٿ ڪيائون ۽ اهڙن ڪيترن ئي
ماخذن وسيلي انهن آفيسرن پنجاب ۽ سنڌ ۾ پنج هزار
سال اڳي جي رهاڪو آريه ۽ اڻ آريه ماڻهن جون دلچسپ
۽ قابل اعتبار آکاڻيون ٺاهي پيش ڪيون آهن. ماڻهن
جي هڏن جي جانچ ۽ ماپ جي ذريعي سندن ڪيپراٽين جو
مشاهدو ڪرڻ کان پوءِ انهن ماهرن يا ڄاڻنُ هيءُ
نتيجو ڪڍيو آهي ته آرين کان اڳي سنڌونديءَ جي ٻنهي
ڪپن تي گهٽ ۾ گهٽ چئن جدا نسلن جا ماڻهو رهندا
هئا.
تاريخي دؤر کان اڳي يعني نيم تاريخي دور جي
معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ بهترين ماخذ ان زماني جا
اوزار آهن. اهي اوزار پٿر جا يا ٽامي جا يا پتل جا
ٺهيل مليا آهن. اوزارن کان پوءِ ان زماني جا ٿانو
آهن. جنهن جي چڪاس، تپاس ۽ مطالعو اڄ ڪلهه سائنس
ٿي ويئي آهي.
مؤرخن کي ماخذ ڪيئن استعمال ڪرڻ گهرجي؟
ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ لاءِ هيءَ ڳالهه ممڪن نه آهي
ته هو جهوني زماني جا اوزار، ٿانو، سِڪا ۽ ٻيو
رڪارڊ جانچي، انهن منجهان تاريخي نتيجا ڪڍي سگهي.
هر هڪ ماڻهو ان ڪم جو ماهر نه ٿيندو آهي. تنهنڪري
وڏي ۾ وڏا مؤرخ به مجبوراً ٻين ماهرن ۽ عالمن جي
فيصلن کي قبول ڪندا آهن، جهڙوڪ ڌرتيءَ جي تهن يا
طبقن جا ڄاڻو جن کي علم طبقات الارض جا ماهر سڏين
ٿا، ۽ ماهر آثار قديمه. عمارتن يا فن تعمير جا
ماهر ۽ ٻيا اهڙا عالم ۽ ڄاڻو جهونين عمارتن جي
آثارن کي ڏسي ٻڌائي سگهن ٿا ته فلاڻي يا فلاڻي
عمارت ڪهڙي هن يا هن تاريخي دؤر جي ٺهيل آهي.
ساڳيءَ طرح سڪن جو ماهر ٻڌائي سگهي ٿو، ته فلاڻو
سڪو فلاڻي شاهي گهراڻي يا بادشاهه جي ايامڪاريءَ ۾
جاري ٿيو هو، ۽ ٿانو جو ماهر مختلف ٿانون جي ماپ،
رنگ، نموني وغيره تي نظر وجهي ٻڌائيندو آهي ته
فلاڻو ٿانو ڪڏهن ڪهڙن قديمي ماڻهن جي ڏينهن ۾
استعمال ڪيو ويندو هو.
حال ۽ جديد زماني جي تاريخي ماخذن کان ڪم وٺڻ به
سوَلو نه آهي، ڇاڪاڻ ته شاهي سندون ۽ فرمان به
گهڻائي ڪوڙا آهن. جهونن دستاويزن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ
به ڏکيو ڪم آهي. جهونن دستاويزن ۽ تحريرن کي پڙهڻ
لاءِ ماهرن جي ضرورت آهي. مطلب ته مؤرخ جو ڪم آهي
ته مختلف ماهرن جي راين کي سامهون رکي ۽ تاريخي
ماخذن جي وسيلي نڪتل نتيجن جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪرڻ کان
پوءِ پنهنجو فيصلو تاريخ ۾ لکي. مؤرخ جي قوت خيال
اعليٰ ۽ نظر وسيع هجڻ گهرجي ته هو مختلف قسمن کي
ثابتين جي وسيلي سمجهي سگهي، ته اڳئين زماني جا
ماڻهو ڪيئن رهندا هئا، ڪيئن ڪم ڪندا هئا، ڪهڙي
سڀاءُ جا هئا ۽ انهن جا جذبا ۽ احساس ڪهڙي نموني
جا هوندا هئا. مؤرخ کي هڪڙي پاسي شاعرانه تخيل جو
مالڪ هئڻ گهرجي ۽ ٻئي پاسي هن ۾ هڪ سائنسدان جهڙو
صبر، تحمل ۽ صداقت ۽ سچائيءَ جهڙيون صفتون هئڻ
گهرجن. اوچا ۽ وڏا مؤرخ تمام ٿورا ٿيندا آهن.
رواجي قسم جا مؤرخ عام طور وڏن مؤرخن جي پيروي ٿا
ڪن ۽ انهن جون تاريخون پڙهي، عام پبلڪ لاءِ سولا ۽
دلچسپ تاريخ جا ڪتاب لکي ٿا ڇڏين. کين وڏن مؤرخن
جي تاريخي معلومات ۽ ماخذن سان هنن جو واسطو نه
پوندو آهي، بلڪ انهن جي نتيجن کي سچو سمجهي هو
پنهنجن ڪتابن ۾ داخل ڪري ٿا ڇڏين.
اهڙن رواجي قسم جي تاريخدانن جو نقل وري نصاب جا
درسي ڪتاب لکندڙ ڪندا آهن. نصاب جي درسي ڪتابن جي
مصنفن جو ماخذن بابت ڄاڻ ۽ تاريخي دستاويزن کي
پڙهڻ جي لياقت هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو واسطو نٿو
رهي. تاريخ جي درسي ڪتابن ۾ عام طور سان ٻارن کي
جنگين ۽ صلحن جو ۽ بادشاهن ۽ باغين جو احوال ملي
ٿو، پر ٻارن کي هي خشڪ تاريخن ۽ واقعن جو ميڙيل
بيان نٿو وڻي. اهڙا تاريخ جا ڪتاب هڪڙي بت وانگر
آهن جنهن ۾ ساهه نه آهي. تاريخ جي استادن کي ياد
رکڻ گهرجي ته تاريخ جون تحريڪون ۽ تاريخي ماڻهن جا
خيال، عمل ۽ فيصلا آخري ڪڏهن به نه ٿا ٿي سگهن،
ڇاڪاڻ ته زندگي هڪ مسلسل ڪوشش ۽ ڪشمڪش جو نالو
آهي. انسان ذات هميشه کان وٺي پنهنجي ماحول ۽
پنهنجي حياتيءَ کي خوشحال بنائڻ لاءِ ڪوشش ۾ رُڌل
رهي آهي ۽ رهندي. تنهنڪري تاريخ پاڙهيندي جيڪڏهن
سياسي حالتن جو ٻڌائڻ ضروري آهي ته ان سان گڏ
سماجي ۽ اقتصادي ڳالهين جو اڀياس پڻ ضروري آهي.
جيڪڏهن ڪنهن شخص جي اعمالن تي بحث ڪرڻو آهي ته
پوءِ ضروري آهي ته سندس خيال جذبا، امنگ ۽ اُڌما
به ٻارن جي ذهن کي جاڳائن ۽ کين اُڀارڻ لاءِ سندن
آڏو آندا وڃن.
ٻارن لاءِ علمي ماخذ ڪيئن ڪارائتا ٿي سگهن ٿا؟
درحقيقت علم جا ماخذ هيٺين ڪلاس جي ٻارن لاءِ نه
آهن بلڪ مٿين ڪلاسن جي ٻارن لاءِ آهن. ماخذ جي
مطالعي ۽ ڀيٽائن کان پوءِ ٻار ساڳيءَ ڳالهه جي
ٻنهي پهلوئن تي غور ڪندا آهن ۽ پاڻ ڪنهن نه ڪنهن
فيصلي تي اچي بيهندا آهن، ۽ ان ريت ماخذن جي وسيلي
تاريخ پڙهڻ جو طريقو شاگردن جي فيصلي جي قوت کي
وڌائيندو آهي. ٻارن ۾ پاڻ ويچار ڪرڻ جي طاقت ۽ چڱي
۽ بڇڙي ڪم کي سڃاڻڻ جي عادت ۽ تاريخي ڳالهين کي
جانچي قبول ڪرڻ يا رد ڪرڻ جو مادو پيدا ٿئي ٿو.
اهائي تربيت هر ڪامياب تعليم جو مقصد آهي. جيتوڻيڪ
ماخذن وارو طريقو عام طور سان پرائمري اسڪولن جي
ٻارن ۽ هر اسڪول جي هيٺين درجن جي ٻارن لاءِ موزون
نه آهي، تنهن هوندي به ماخذن کي هر مٿين ڪلاس جي
ٻارن جي لاءِ هميشه استعمال ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن
استاد تاريخ جو سبق چڱيءَ طرح تيار ڪيو آهي، ته
پوءِ هن کي خبر رکڻ گهرجي، ته سبق جي ڪهڙين ڳالهين
لاءِ کيس سمجهاڻي ڏيڻي پوندي. استاد ڪنهن به
تاريخي ڳالهه جي سمجهاڻي ڏيڻ لاءِ تاريخي ماخذن يا
ماخذ مان هڪ ٻه ٽڪر وٺي پڙهي ٻڌائيندو، ته ٻار
ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي ويندا ۽ ان مان هو جوڳو
تاثر وٺندا ۽ ان کي پنهنجي زندگين جي بهتريءَ لاءِ
ڪم آڻيندا. ماخذن جو ٻيو فائدو هيءُ آهي ته تاريخي
شخصيتن جي چڱاين يا بڇڙاين بابت بحث مباحثي هلندي
۽ ڪلاس جي سامهون استاد درسي ڪتابن جي يڪ طرفي
فيصلي کان ٻارن کي بچائي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته استاد،
بحث هيٺ موصوف مک شخص جي حمايت ۽ مخالفت ۾ ماخذن
مان ورتل ثابتيون پيش ڪندو ۽ ان ريت شاگردن کي
آزادي ڏيندو ته ان بابت اهي پاڻ ئي فيصلو ڪن.
ٻين ماخذن جو
استعمال:
لکيل رڪارڊ کان سواءِ ۽ سڪن، اوزارن ۽ ٿانون کان
سواءِ ٻيا به تاريخي ماخذ آهن. سڪن ۽ اوزارن وغيره
کي استعمال ڪرڻ تاريخ جي استاد لاءِ تمام ڏکيو
آهي. ساڳئي طرح ڪتبن ۽ ٽامي ۽ پتل جي پليٽن کي به
اسڪول ۾ استعمال ڪرڻ ڏکيو آهي. پر تحريري رڪارڊ ۽
تصويرون ۽ ڪي جهونا سڪن جا نمونا تاريخ جي ڪمري ۾
رکيا وڃن، ته استاد سولائيءَ سان تاريخ پاڙهيندي
اُهي استعمال ڪري سگهندو.
مٿي ڏنل ماخذن کان سواءِ ٻيا ماخذ به آهن، جن کان
تاريخ جو استاد سولائيءَ سان ڪم وٺي ٿو سگهي
مثلاً:
(1) تاريخ جو استاد پنهنجي شاگردن کي ڪلاس ۾
ويهاري پاڙهڻ جي بدران تفريحي سير تي وٺي وڃي ٿو
سگهي، کين تاريخي قلعا ۽ ڪوٽ، عمارتون، جهونا آثار
۽ جايون ۽ جنگين جا ميدان وغيره ڏيکاري سگهي ٿو.
(2) تاريخ جو استاد پنهنجي ڪلاس کي ڪڏهن ڪڏهن
تاريخ جي ميوزم جو سير ڪرائي سگهي ٿو ۽ ميوزيم ۾
رکيل جهوني زماني جا هٿيار، تصويرون، زرهون،
جهنڊا، ڪپڙا، سڪا، دستاويز ۽ ٿانوَ ۽ گذريل مک
ماڻهن جون لکيل چٺيون ۽ ڊائريون ڏيکاري ٿو سگهي.
ميوزم جي سير کان پوءِ تفريحي سير تان موٽي اچڻ
کان پوءِ ضروري آهي ته استاد ٻارن کي ڪلاس ۾
ويهاري ڏنل شين بابت سمجهاڻي ڏئي ۽ ساڻن سوال جواب
ڪري، تنهن کان پوءِ ٻارن کي چوي ته سير بابت مضمون
لکن ۽ ڏنل شين جا ڊائگرام ٺاهي ڏيکارين.
بهتر ٿيندو جو هر اسڪول جو هيڊ ماستر ريلوي
آفيسرن جي مدد وٺي، سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙي ڀيري
شاگردن کي تاريخي جاين جو سير ڪرائي. ڀارت ۽
پاڪستان جا علائقا وڏا آهن. تنهن کان سواءِ
بنگلاديش ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هزار ميلن جو مفاصلو
آهي، پر جدا ٿئي ٽنهي ملڪن کي ڪي سال ئي مس گذريا
آهن. جڏهن هر سال ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن
جا اسڪولي ٻار اسان جي ديس م سير ڪرڻ لاءِ ايندا
آهن، تڏهن اسان جي استادن ۽ آفيسرن جو هيءُ فرض ته
پورو ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي شاگردن ۽ ٻارن کي گهٽ ۾
گهٽ پنهنجي قريبي ملڪن جي ۽ خود پنهنجي ملڪ جي
مختلف صوبن جي مشهور تاريخي جاين جي سير جي لاءِ
سولائي پيدا ڪن، ته ٻارن جا دماغ کلن، سندس ذهنن ۾
دوريءَ ۽ سندن زندگيءَ جي تجربن جا ذخيرا وڌن ۽
وسيع ٿين ۽ تعصب جا پردا هٽن ۽ تجربا وڌن. |