باب نائون
تاريخ ۽ وقت جو
احساس
جيئن جاگرافي پاڙهيندي استاد مڪان ۽ مفاصلي جو
احساس پيدا ڪرڻ لاءِ نقشا ۽ چارٽ استعمال ڪندو
آهي، ساڳيءَ طرح تاريخ جو استاد به وقت، مفاصلي ۽
جاءِ وغيره جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا
استعمال ڪري ٿو. تاريخ جي استاد کي ياد رکڻ گهرجي
ته تاريخي شخصيتن ۽ سندن ڪمن ۾ خاص لاڳاپو ٿيندو
آهي. تاريخ ۾ نه ڪا شخصيت علحده ٿي سگهي ٿي ۽ نڪو
واقعو. تاريخدان جو ڪم آهي ته واقعن جي سببن-
نتيجن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي پيش ڪري ۽ ٻارن ۾ خاص
طور تاريخ جي حوالي سان ماڻهن جي ڪارنامن جي وقت
جو احساس پيدا ڪرائي.
عام طور جـُهوني زماني جا استاد ٻارن کي خاص خاص
تاريخون چتونءَ وانگر ياد ڪرائي ڇڏيندا هئا. پر اڄ
ڪلهه جديد تعليمي طريقن موجب تاريخي واقعن جو
لاڳاپو تاريخن سان ڏيکارڻ کان سواءِ خالي تاريخون
ياد ڪرائڻ غلط سمجهيو وڃي ٿو، ڇو ته ان طرح خالي
تاريخن ياد ڪرڻ وارو جهونو طريقو ٻارن ۾ وقت جو
احساس پيدا نٿو ڪري. تاريخ جي استاد کي گهرجي ته
نصاب پاڙهيندي مکيه تاريخن جي حوالي سان انهن سان
لاڳاپا رکندڙ واقعا شاگردن کي ٻڌائي ۽ سمجهائي، ته
ٻارن ۾ وقت جو گهربل احساس پيدا ٿئي. وقت جي هن
احساس جاڳائڻ لاءِ مختلف نظرياتي تعليمي وسيلا
اختيار ڪيا ويندا آهن، جهڙوڪ:
|
|
(1) وقت جا ليڪا يا لڪيرون وقت اهڙو روڊ آهي جنهن
تي ٽريفڪ هڪڙي پاسي کان ئي ايندي آهي، ۽ وقت جي
احساس پيدا ڪرڻ لاءِ تاريخ جو استاد وقت جون
لڪيرون ۽ وقت جي گراف ذريعي تاريخ جا سبق
سيکاريندو آهي. مثلاً، هڪڙي لڪير هڪ فوٽ ڊگهي هڪ
صديءَ جو عرصو ڏيکاريندي ۽ جيڪڏهن ان فوٽ واريءَ
لڪير کي ڏهن ڀاڱن ۾ ورهايو وڃي، ته هر هڪ ڀاڱو ڏهن
ورهين جو عرصو ظاهر ڪندو. ان لڪير جي کٻي پاسي انگ
لکبا آهن ۽ سڄي پاسي خاص صديءَ جون مکيه تاريخون
ڏيکاربيون آهن. تاريخ جي استاد کي ٻن ڳالهين جو
خاص طور ڌيان رکڻ گهرجي، يعني وقت جي لڪير تمام
ننڍي نه هجي ۽ تاريخون تمام مکيه ۽ ٿوريون هجن.
هيٺين ڪلاسن ۾ ٻارن کي آکاڻين رستي سبق پاڙهبا آهن
۽ تنهن کان پوءِ هيٺين ڪلاسن ۾ بياني طريقو اختيار
ڪبو آهي ۽ مختلف گهراڻن جي ڪمال ۽ زوال بابت ڄاڻ ۽
سمجهاڻي ڏبي آهي. خاص طور مٿين ڪلاسن ۾ وقت جي
لڪيرن جي گرافن جي اهميت وڏي آهي. وقت جي لڪيرن
ذريعي مغلن جو اچڻ، چوٽ تي پهچڻ، تنهن کان پوءِ
سندن زوال جو وقت چڱيءَ طرح ڏيکاري سگهجي ٿو.
اهڙيءَ طرح مرهٽن جي اُڀرڻ ۽ ڪرڻ ۽ تنهن کان سواءِ
تاريخي تحريڪن جي ابتدا ۽ پڄاڻيءَ کي وقت جي گراف
ذريعي چٽيءَ طرح ڏيکاري سگهجي ٿو. مثلاً هندستان ۾
برهمڻن جي ڪماليت جو زمانو. ٻڌ ڌرم جي ترقيءَ،
راجپوتن جي عروج جو زمانو، انگريزن ۽ انگريزي
تعليم جو زور ۽ ٻين سماجي سڌارن وغيره جا مک دؤر
يا زمانا چٽا ڪري ڏيکاري سگهجن ٿا.
(2) تاريخي گراف
(Time - graphs)
اهي وقت جا ليڪا يا وقت جون لڪيرون تاريخ ۾ سماجي
سڌارن ۽ جدا جدا شخصيتن يا گهراڻن جي دؤرن جي پاڻ
۾ ڀيٽ ڪرڻ لاءِ گراف جي صورت ۾ صاف صاف ۽ چٽا ٿي
آڏو بيهن ٿا. مغلن ۽ مرهٽن جي ٽن سون ورهين جي
عرصي جو نقشو گراف رستي چڱي طرح ڏيکاري سگهجي ٿو.
ساڳيءَ طرح 1857ع واري بغاوت کان وٺي 1947ع تائين
مسلمانن جي آزاديءَ لاءِ جا تحريڪ هلي، سا گراف
رستي سمجهائڻ گهرجي. استاد جي رهنمائيءَ لاءِ چند
وقت جي ليڪن ۽ گرافن جا نمونا هيٺ ڏجن ٿا:
هندستان تي
مسلمانن جا حملا
570ع رسول مقبول
صلي الله عليه وسلم
جن جي ولادت باسعادت.
622ع رسول
صلي الله عليه وسلم
جن جي مڪي کان مديني ڏانهن هجرت.
8 جون 672ع رسول
صلي الله عليه وسلم
جن جو برقعو مٽائڻ.
641ع عربن جو مصر فتح ڪرڻ.
711ع عربن جو سنڌ فتح ڪرڻ.
870ع ڪابل تي يعقوب بن ليس جو قبضو.
87-986ع سلطان سبڪتگين جي هندستان تي پهرين ڪاهه.
991ع سلطان سبڪتگين جو پنجاب جي راجا جئه
پال کي قرم ماٿري ۾ خوفناڪ شڪست ڏيڻ.
997ع سلطان سبڪتگين جي وفات ۽ محمود
غزنويءَ جو تخت نشين ٿيڻ.
1001ع محمود غزنويءَ جو جئه پال کي شڪست ڏيڻ
(محمود غزنوي جو پهريون معرڪو)
9-1008ع محمود غزنويءَ جو آنند پال کي شڪست ڏيڻ
(محمود غزنوي جو ڇهون معرڪو)
1009ع نگر ڪوٽ جي فتح.
1019ع محمود غزنويءَ قنوج تي ڪاهه ڪئي.
1020ع محمود غزنويءَ چنڊيلا تي ڪاهه ڪئي.
1025ع محمود غزنويءَ سومنات فتح ڪيو.
1026ع محمود غزنويءَ جو لوڻ جي ٽڪرن جي جاٽ
قوم سان جنگ.
1030ع محمود غزنويءَ جي وفات.
1152-1031ع محمود غزنويءَ جا پويان.
1150ع غزني جي، علاوالدين جهان سوز، غور جي
شهزادي هٿان بربادي.
1173ع غزني جو غياث الدين غوري جي سلطنت ۾
شامل ٿيڻ.
76-1175ع محمد غوريءَ جي ملتان تي ڪاهه ۽ اُچ
تي قبضو.
1191ع ترائن جي پهرين جنگ ( محمد غوريءَ جو
پرٿوي راج جي هٿان شڪست کائڻ)
1192ع ترائن جي ٻي جنگ - پرٿوي راج چوهان جي
شڪست ۽ موت.
1193ع قطب الدين ايبڪ جو دهلي تي قبضو.
1197ع انهل واڙا، گجرات جي گاديءَ جي هنڌ تي
قبضو.
1197ع محمد خلجيءَ جو بهار فتح ڪرڻ.
1199ع محمد خلجيءَ جو بنگال فتح ڪرڻ.
1206ع محمد غوريءَ جي وفات.
دهليءَ ۾ مسلم سلطنت جو بنياد پوڻ
1206ع قطب الدين ايبڪ جو دهليءَ جي تخت تي
قبضو.
1210ع قطب الدين ابيڪ جي وفات.
1210ع سلطان التمش جو گاديءَ تي ويهڻ.
1221ع چنگيز خان جو حملو.
1235ع سلطان التمش جي وفات.
1236ع شهزادي رڪن الدين فيروز شاهه جو
گاديءَ تي ويهڻ.
1236ع سلطانه رضيه جو گاديءَ تي ويهڻ.
1240ع سلطانه رضيه جي گرفتاري ۽ وفات.
1241ع سلطان علاؤالدين مسعود جو گاديءَ تي
ويهڻ ۽ منگولن جي هندستان تي ڪاهه ۽ لاهور تي قبضو
ڪرڻ.
1245ع منگولن جي بلبن ڏانهن پيش قدمي ڪرڻ ۽
بلبن هٿان شڪست کائي موٽي وڃڻ.
1246ع سلطان ناصرالدين محمود جو گاديءَ تي
ويهڻ.
1266ع غياث الدين بلبن جو تخت نشين ٿيڻ.
1279ع بينگال ۾ ڻغرل جو بغاوت ڪرڻ.
1285ع پنجاب تي منگولن جي ڪاهه.
1286ع بلبن جي وفات، ۽ معزالدين ڪيقباد جو
تخت نشين ٿيڻ.
1290ع سلطان ڪيقباد جو هڪ خلجيءَ هٿان مارجي
وڃڻ ۽ غلام گهراڻي جو خاتمو.
شاندار ڪارنامن جو زمانو
1290ع جلال الدين خلجيءَ جو تخت نشين ٿيڻ .
1292ع هلاڪو خان منگول جو حملو.
1294ع علاؤ الدين خلجي جي ديوگري تي ڪاهه.
1295ع جلال الدين جو علاؤالدين هٿان قتل
ٿيڻ.
1297ع
علاؤالدين خلجيءَ جو تخت نشين ٿيڻ ۽ منگولن جي
پهرين ڪاهه.
98-1297ع گجرات جي فتح.
1305-1297ع منگولن جون ڪاهون.
1301ع رنٿنبور جي فتح.
1303ع چتور جي فتح.
12-1306ع مالوا جي فتح - ملڪ ڪافور جي دکن تي
ڪاهه.
1316ع قطب الدين مبارڪ جو تخت نشين ٿيڻ.
1320ع خسروخان جو تخت کسڻ.
1321ع غياث الدين تغلق (غازي ملڪ) جو تخت
نشين ٿيڻ.
1325ع فخرالدين جونا جو محمد بن تغلق جي لقب
سان تخت تي ويهڻ.
27-1326ع دهليءَ کي خالي ڪرڻ - دولت آباد کي
گاديءَ جو هند ڪرڻ.
32-1329ع ٽامي ۽ پتل جا سڪا زوري جاري ڪرڻ.
1335ع احسن شاهه جو مالا بار ۾ بغاوت ڪرڻ.
1336ع وجيانگر جي سلطنت جو برپا ٿيڻ.
1337ع بينگال ۾ فساد.
41-1340ع عين الملڪ جو دوب ۾ فساد ڪرڻ.
1342ع ملڪ ۾ ڏڪار.
1347ع بهمني سلطنت جو برپا ٿيڻ.
51-1347ع سلطان جو گجرات ۽ سنڌ جو دورو.
1351ع سلطان جي وفات، فيروز شاهه تغلق جو
تخت نشين ٿيڻ.
42-1333ع ابن بطوطه
جو هندستان ۾ اچڻ.
54-1353ع فيروز شاهه جي بنگال تي ڪاهه.
60-1359ع فيروز شاهه جي بنگال تي ٻي ڪاهه.
1388ع فيروز شاهه جي وفات.
1398ع تيمور خان جي ڪاهه.
آزاديءَ لاءِ مسلمانن جي جدوجهد
(1857ع کان 1947ع)
1613ع سورت ۾ انگريزن جي ڪوٺين جو برپا ٿيڻ.
1657ع پلاسي جي جنگ - سراج الدوله جي شڪست
(انگريزن جو بنگال تي قبضو)
1771ع نواب حيدر علي ميسور جي راجا جي ڪجهه
علائقن تي انگريزن جو قبضو.
1782ع نواب حيدر علي جي وفات.
1784ع ٽيپو سلطان جو انگريزن ۽ مرهٽن کان
تنجور ۽ منگلور کسڻ.
1799ع ٽيپو سلطان جي ميسور جي ٽين جنگ ۾
شهادت - انگريزن جي حڪومت ۾ طاقت ۽ واڌارو اچڻ.
1826ع کان 1829ع ايسٽ انڊيا ڪمپني ۽ رنجيت
سنگهه جي خلاف سيد احمد بريلوي جي رهبريءَ ۾
مسلمانن ۾ نئي تحريڪ - سکن خلاف جهاد - سيد احمد
جو پشاور تي قبضو.
1831ع بالاڪوٽ جي جنگ - سيد احمد جي شهادت.
1833ع کان 1856ع انگريزي سلطنت ۾ واڌارو (ماڻهن ۾
انگريزن خلاف بيچيني)
1857ع انگريزن جي خلاف بغاوت - مسلمانن جي
تباهي انگريزن جو
10/مئي هندستان تي مڪمل قبضو - علي ڳڙهه
ڪاليج جو بنياد پوڻ.
1877ع علي ڳڙهه ۾ محمدن اينگلواوريئنٽل
ڪاليج جو قيام سر سيد احمد خان جون مسلمانن جي
تعليمي حالت سڌارڻ لاءِ جدوجهد.
1885ع آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو قيام.
سرسيد احمد خان جو مسلمانن لاءِ جدا وطن هئڻ جو
خواب. سرسيد احمد خان پهريون پاڪستاني.
1905ع علي ڳڙهه ۾ مسلمانن جي پهرين سياسي ۽
معاشرتي انجمن جو بنياد پوڻ. هندو مسلم اختلاف.
شملي ۾ مسلمانن جي وفد جي لارڊ منٽو سان ملاقات.
جداگانه چونڊن جي منظوري.
1906ع 30- ڊسمبر ڊاڪا ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي
قيام جو تاريخي فيصلو. تقسيم بنگال ختم ڪرڻ جي
خلاف حڪومت کي نوٽس. هندو مسلم خانه جنگيون.
مسلمانن ۾ اتحاد.
1908ع مسلمانن جي مطالبات جو منظور ٿيڻ.
1909ع سر آغا خان جو مسلم ليگ جو مستقل صدر
ٿيڻ.
1911ع تقسيم بنگال جو خاتمو. جنگ بلقان.
عثمانيه سلطنت جو زوال. مسلمانن جي سياسي شڪست ۽
نا اُميدي.
1915ع مسلم ليگ جو هندستان لاءِ آزاديءَ جو
مطالبو. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ عملي اتفاق، بمبئي ۾
مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ڪانگريس جي شرڪت.
1916ع نومبر ۾ آل انڊيا ڪميٽي ڪانگريس ۽
مسلم ليگ جو پهريون جلسو. ڊسمبر ۾ ڪانگريس ڪميٽيءَ
مسلم ليگ جو ٻيو جلسو سڌارن جي اسڪيم.
1919 مانٽيگو چيلمسفورڊ سڌارن خلاف
احتجاج. تحريڪ عدم تعاون. تحريڪ خلافت جو خاتمو.
قائد اعظم دستوري جدوجهد جي موافقت ۾ حسرت موهاني
جو مڪمل آزاديءَ جو مطالبو.
1924ع هندو مسلم اتحاد جو خاتمو. اتحادي
ڪانفرنس جي ناڪامي.
1927ع سائمن ڪميشن جو اچڻ. قائد اعظم جا 14
نقاط.
1930ع لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس. دستور ۾
مناسب تحفظ لاءِ مسلمانن جو مطالبو. الله آباد ۾
مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس. علامه اقبال جو جدا
مسلم رياست جو مطالبو.
33-1932ع ٻي ۽ ٽين ڪانفرنس.
1935ع دستور جو نفاذ قومي تحفظ جي خلاف.
1936ع مجلس قانون ساز ۾ مسلم ليگ پارٽيءَ
جو قيام. مسلم ليگ جو چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو فيصلو.
مرڪزي پارلياماني بورڊ جو برپا ٿيڻ.
1937ع هندو اڪثريت جي علائقن ۾ ڪانگريس جو
اقتدار. مسلم ليگ جي مخالفت. مسلم ليگ جو ذميدار
حڪومت جي بدران مڪمل آزادي جو مطالبو.
1939ع ٻي مهاڀاري جنگ. ڪانگريس وزارتن جو
استعفيٰ ڏيڻ. مسلمانن جو يوم نجات ملهائڻ.
1940ع لاهور ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو جلسو.
قرادِ پاڪستان جو منظور ٿيڻ.
1942ع ڪرپس مشن جو اچڻ.
1945ع شملا ڪانفرنس جي ناڪامي. قائداعظم
جو پاڪستان جي مطالبي تي قائم رهڻ.
1946ع ڪابينه مشن. مسلم ليگ جي موافقت.
ڪانگريس جي مخالفت. مشن جي ناڪامي. مسلم ليگ جو
ڊائريڪٽ ايڪشن جو فيصلو. آزادي لاءِ جنگ جي ڌمڪي.
خطابات جو موٽائڻ.
1947ع 3- جون لنڊن ۾ ڪانفرنس. ٻن قومن جي
وجود جو اعتراف.
3- جون جو هندو پاڪ آزادي جو فيصلو.
14 آگسٽ 1947ع جدوجهد جو خاتمو. دولت
خداداد پاڪستان جو وجود ۾ اچڻ.
|