باب اٺون
تاريخ
جو ڪمرو
ڪي تجربيڪار هيڊ ماستر پڇن ٿا ته تاريخ جي ڪمري جي
ڪهڙي ضرورت آهي؟ جيڪڏهن هن سوال جي جواب ۾ کانئن
ٻيو سوال پڇيو وڃي ٿو ته ڀلا سائنس جي ليبارٽرين
جي ڪهڙي ضرورت آهي!
ته اهي عجب ٿا کائين. جيتوڻيڪ هر هڪ پڙهيل ماڻهوءَ
کي خبر آهي ته طبعي شين ۽ ڪيميا جي علم جي سکيا
لاءِ سائنس جي ڪمري جو هجڻ تمام ضروري آهي. ڇاڪاڻ
ته ان ڪمري ۾ ٻار سائنس ماستر جي نگرانيءَ هيٺ
حقيقي شين جو مشاهدو ٿا ڪن، ۽ حقيقي تجربا ڪرڻ سان
سائنس جون ڳالهيون عملي طور سان سمجهن ٿا. جنهن
اسڪول ۾ سائنس جو جدا ڪمرو نه هوندو آهي، سرڪار ان
اسڪول کي منظور ئي نه ڪندي آهي. پر ٿورو ئي زمانو
گذريو آهي جو اسڪولن ۾ سائنس جو ڪمرو اصل هوندو نه
هو ۽ سائنس جي سکيا ڪتابن جي آڌار تي هلندي هئي.
ملطب ته جئين سائنس جي سکيا لاءِ سائنس جي جدا
ڪمري جي ضرورت آهي، ساڳيءَ طرح نصاب جي هر هيڊ
لاءِ جدا ڪمرو ٿي سگهي ٿو. خاص طرح تاريخ پاڙهڻ
لاءِ تاريخ جو جدا ڪمري جو هجڻ اڄ ڪلهه تمام ضروري
آهي. جيڪڏهن تاريخ لاءِ جدا ڪمرو نه هوندو ته ٻار
تاريخ جي هيڊ کي گهٽ اهم سمجهندا ۽ تاريخ شوق سان
نه پڙهندا. تاريخ پڙهندڙ شاگرد تاريخ ان لاءِ ٿا
پڙهن ته انهن ۾ تاريخ جي مطالعي ڪرڻ ۽ ويچار ڪرڻ
جو مادو پيدا ٿئي. هن مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ کين
تاريخي ڪتابن جا حوالا، تاريخ جي صحيح واقفيت، ان
جون تاريخون ۽ سن ۽ نقشا وغيره گهرجن. تاريخ کي
سمجهڻ لاءِ کين نقشن کي ڏسڻو پوندو، پاڻ به نقشا ۽
چارٽ ٺاهڻا پوندا آهن. کين گراف ڇڪڻا ٿا پون. کين
مختلف تاريخ جا ڪتاب پڙهڻا ٿا پون، ۽ پنهنجا نوٽ
رکڻا ٿا پون. کين جهوني زماني بابت صحيح معلومات
حاصل ڪرڻ لاءِ ماخذ ۽ حقيقي شيون گهرجن، ان لاءِ
ته اهي رڪارڊ کي ڏسي ۽ جانچي سچ ۽ ڪوڙ ۾ امتياز
ڪري سگهن. اهي سڀ ڳالهيون ناممڪن آهن، جيڪڏهن ٻارن
جي لاءِ اسڪول ۾ هڪ جدا تاريخ جو ڪمرو نه هوندو، ۽
ان ڪمري ۾ تاريخ جي سکيا لاءِ موزون ۽ ڪافي انداز
۾ سامان مهيا ڪيل نه هوندو، سچ پچ ٿيڻ ائين گهرجي
ته تاريخ جو استاد تاريخ جو سڄو ڪم تاريخ جي ڪمري
اندر هلائي، يعني تاريخ پاڙهڻ لاءِ ڪلاس روم ۽
تاريخ پاڙهڻ جي سامان رکڻ لاءِ ڪمرو ساڳيو هجي.
جيڪڏهن تاريخ لاءِ ڪلاس روم جدا هوندو ۽ تاريخ جي
سامان جو ڪمرو جدا هوندو ته پوءِ استاد کي هر هر
نقشي يا تصوير جي کڻڻ لاءِ يا ته پاڻ کي وڃڻو
پوندو يا پٽيوالي کي وڃڻو پوندو، ۽ ان اچ وڃ ۾
ڪافي وقت ضايع ٿيندو ۽ شايد رفته رفته وقت بچائڻ
لاءِ استاد مجبور ٿي ويندو ته نقشن ۽ تصويرن کان
سواءِ ئي پنهنجو سبق هلائي. پر جيڪڏهن تاريخ جي
سکيا جو ضروري سامان انهيءَ ڪمري ۾ جنهن ۾ استاد
تاريخ جو ڪلاس ٿو وٺي، ته استاد کي به سولائي
ٿيندي ۽ ڪلاس کي به ڏسڻ ۽ سکڻ ۾ وڌيڪ فائدو ٿيندو،
ڇاڪاڻ ته گهربل ڪتاب، نقشا، چارٽ يا تصويرون هڪدم
استاد ڪلاس جي سامهون پيش ڪري سگهندو.
هاڻي سوال هي اُٿي ٿو ته تاريخ جي ڪمري کي ڪيئن
سينگاريو وڃي؟
هن سوال جو جواب هيٺ ڏجي ٿو:
(1) تاريخ جي ڪمري ۾ مکيه شيءِ آهي لئبريري.
لئبرري ٻن قسمن جي ٿئي ٿي هڪ استادن لاءِ ٻي
شاگردن لاءِ.
شايد اوهين هن ڳالهه تي کلندا ۽ چوندا ته جڏهن
اسڪول ۾ هڪ وڏي لئبرري موجود آهي ته پوءِ تاريخ جي
ڪمري ۾ لئبريري کولڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ پر مون کي
تجربو آهي ته اسڪول جي وڏي لئبرري استادن توڙي
شاگردن لاءِ سراسري طور ڪارائتي ثابت نٿي ٿئي. اڄ
ڪلهه هر هيڊ پاڙهڻ لاءِ عام طور هڪ علحده ماهر
استاد هئڻ جو رواج آهي. تنهنڪري نهايت ضروري آهي
ته هر هڪ ماهر لاءِ سندس ڪم جي خاص اڀياس واسطي
لئبرري به جدا هجي، ته استاد توڙي شاگردن کي ڪتابن
جي ڏي وٺ ۾ سولائي ٿئي ۽ وقت به ضايع نه ٿئي.
استادن لاءِ هن لئبرريءَ ۾ تاريخ جا مکيه ۽ مشهور
ڪتاب موجود هئڻ گهرجن، ته استاد ماخذن ۽ حوالن
وارن ڪتابن جو مطالعو ڪري ٻارن کي تاريخ جا سبق
سيکاري. انهي کان سواءِ استادن جي لئبرريءَ ۾
تاريخ پاڙهڻ جي طريقن بابت بهترين، تازا ۽ جديد
ڇپيل ڪتاب هئڻ به ضروري آهن. تنهن کان سواءِ
گزيٽيئر جون ڪاپيون ۽ باتصوير تاريخي جرنلن ۽ ميگزينن
جو هئڻ به چڱي ڳالهه آهي بلڪ ضروري به آهي.
شاگردن جي لئبرريءَ ۾ گهڻو ڪري نصاب موجب درسي
ڪتاب هجڻ گهرجن، ۽ مادري زبان ۾ هئڻ گهرجن. شاگردن
جي واقفيت وڌائڻ لاءِ سندن لئبرريءَ ۾ مشهور ماڻهن
جون سوانح حيات (آتم ڪهاڻيون) نجي خط و ڪتابت،
تاريخي ڊراما ۽ خطبا ۽ تقريرن جا ڪتاب هئڻ گهرجن.
(2) تاريخ جي ڪمري ۾ چونڊ تصويرن جو چڱو ذخيرو رکڻ
گهرجي هن ذخيري ۾ وڏيون ۽ ننڍيون تصويرون هئڻ
گهرجن. گهربل تصويرون خاص طور يورپ جي عجائب گهرن
مان به گهرائي مهيا ڪرڻ گهرجن. برٽش ميوزم به
مختلف قسم جي تاريخي تصويرن جا پوسٽ ڪارڊ وڪڻي ٿو.
هڪڙي مشهور ولائتي دوائن جي سوسائٽي رنگين تصويرون
سپلاءِ ڪري ٿي. تنهن کان سواءِ تاريخ جي ڪمري ۾ ڪي
مشهور تاريخي ۽ تعليمي جرنل ۽ مخزنون اچڻ گهرجن،
ڇاڪاڻ ته انهن ۾ سٺيون تصويرون ڇپجن ٿيون خاص طور
پڪٽوريل ايڊوڪيشن نالي رسالو باتصوير آهي ۽ ان ۾
تاريخ جاگرافي، نيچر اسٽڊي ۽ زبانن جي پاڙهڻ جي
سکيا لاءِ ڪارائتيون تصويرون ڏنل هونديون آهن. هن
رسالي جي هر پني تي جدا جدا علمي هيڊن بابت
تصويرون هونديون آهي ۽ هر هڪ هيڊ پاڙهيندڙ پنهنجي
ڪم جون تصويرون پاڙهڻ وقت ڏسي ۽ ڏيکاري سگهي ٿو.
پر افسوس جي ڳالهه هيءُ آهي ته اسان جي اسڪولن ۾
اهڙا رسالا ۽ مخزنون پهريائين ته اچن ئي نٿيون ۽
جيڪڏهن اچن به ٿيون ته هيڊ ماستر صاحب عام طور سان
اهڙين شين کي پنهنجي لئبرريءَ يا ريڊينگ روم جي
انچارج ماسترن ڏانهن ڏياري موڪلي ٿو. هي صاحب هڪ
يا ٻن مهينن تائين پنهنجي ميز تي رکي پوءِ ڪٻٽ ۾
بند ڪري رکي ٿو ڇڏي. سچ پچ ائين ڪرڻ غلطي آهي.
اسڪولن ۾ تصويرن جي قدر قيمت سڃاڻڻ هر تاريخ جي
استاد جو فرض آهي. تاريخ جي ڪمري ۾ جيتريون
تصويرون ڀتين تي ٽنگيل هجن، استاد جو فرض آهي ته
انهن جي چڱيءَ طرح سمجهاڻي ڏئي.تنهن کان سواءِ کيس
گهرجي ته شاگردن کي همٿائي ته اهي تاريخي تصويرون
مختلف اخبارن مان ڪٽي گڏ ڪن ۽ پنهنجا اَلبم پاڻ
ٺاهين. شاگردن جا ٺاهيل تاريخي اَلبم تاريخ جي
ڪمري ۾ رکيل هئڻ گهرجن.
(3) تاريخ جي ڪمري ۾ جنگ ۽ فوجن جي اچ وڃ جي رستن
جا خاڪا، چارٽ ۽ نقشا وغيره ضرور هئڻ گهرجن.
(4) تاريخ جي ڪمري ۾ شاگردن جي دماغ ۾ وقت جي
احساس پيدا ڪرڻ لاءِ وقت جا چارٽ ۽ ٻيو ضروري
سامان هئڻ گهرجي. خاص طور سان هيٺ ڏنل شيون ضرور
هئڻ گهرجن.
(1) متحرڪ فريز تاريخ جي ڪمري ۾ ٽن يا چئن ڀتين تي
وقت جي ليڪ جو هئڻ ضروري آهي. وقت جي ليڪ دفتريءَ
تي به ٺاهي سگهجي ٿي ۽ رنگ ۽ روغن سان به ٺهي سگهي
ٿو بهر حال ان ليڪ کي صدين ۾ ورهائڻ گهرجي ۽ اهم
تاريخون ۽ شخصيتون مٿانئس موزون جاين تي داخل هئڻ
گهرجن. دنيا، هندستان ۽ پاڪستان جي تاريخ پاڙهڻ ۽
دورڪرائڻ لاءِ متحرڪ فريز تمام ڪارائتي ٿيندي.
(2) متحرڪ فريز کان سواءِ تاريخ جي ڪمري ۾ قديم
توڙي جديد ملڪن جي عروج، زوال وغيره ڏيکارڻ لاءِ
وقت جون بيٺل ليڪون نڪتل هئڻ گهرجن. هر ليڪ هڪ خاص
ملڪ جي لاءِ ٿيڻ گهرجي يعني بابل، مصر، هند، چين،
روم ۽ يونان وغيره.
(3) تاريخ جي استاد کي گهرجي ته مختلف دؤرن ۽
تاريخي گهراڻن واقعن ۽ تحريڪن جي ڪماليت، زواليت
ڏيکارڻ لاءِ تاريخي گراف ٺاهي ٽنگي يا ڀتين تي رنگ
سان بنائي ساڳيءَ طرح مخالف طاقتن يا تحريڪن جي
ترقي ڏيکارڻ لاءِ چارٽ بنائي، جيئن ته ٻـُڌ ڌرم ۽
هندو ڌرم جي ڀيٽ، مغلن ۽ مرهٽن جو مقابلو ۽
انگريزن ۽ فرينچن جي ويڙهه. انهن گرافن ۽ چارٽن کي
ڀتين تي ڪوڪن سان هڻڻ گهرجي ۽ شاگردن کي به ساڳئي
قسم جا چارٽ ۽ گراف بنائڻ گهرجن.
(4) تاريخ جي ڪمري ۾ هڪ وڏي گلوب جو هئڻ به ضروري
آهي.
مٿي ٻڌايل نموني تي تاريخ جي ڪمري کي سينگارڻ لاءِ
گهڻو وقت لڳندو. هي هڪ يا ٻن سالن جو ڪم نه آهي.
تنهن کان سواءِ اڄ ڪلهه اسڪولن ۾ فنڊ تمام ٿورو
ٿيندو آهي. تنهن هوندي به هر هڪ تاريخ جو استاد
پنهنجي خيال ۽ گهرج آهر تاريخ جو ڪمرو سينگاري
سگهي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ وقت جا گراف، تاريخ جا گراف ۽
متحرڪ فريز ٺاهڻ ۾ پئسي جي ضرورت نه آهي. تاريخ جي
استاد کي فقط پاڻ محنتي ٿيڻ گهرجي کيس ياد رکڻ
گهرجي ته تاريخ جو ڪمرو ميوزم وانگر نه ٿيندو آهي،
جنهن کي ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪيو وڃي. تاريخ جو ڪمرو
هڪڙو تاريخي تجربي
گاهه يا ورڪ شاپ وانگر سمجهڻ گهرجي، جتي ٻار
روزانه پنهنجي تجسس جي جذبي کي پوري ڪرڻ لاءِ ۽
سکڻ لاءِ وڃي ويهندا آهن ۽ ڪم ڪندا آهن. |