مقدمو
لفظ
’تاريخ‘
بنيادي طرح گذري ويل وقت لاءِ استعمال ٿيندو آهي ۽
گذري ويل وقت، هڪ حقيقت جو نالو آهي، جنهن ۾ مختلف
فطري ۽ غير فطري واقعا، لقاءُ
۽ مظهر مؤجزن ٿين ٿا. تنهنڪري هن علم کي
’علم
ماضي‘
به چئي سگهجي ٿو. پڙهندڙن لاءِ هن علم جو مطالعو
يا بحث دلچسپيءَ ۽ معلومات کان خالي نه آهي.
تاريخ جيئن ته ماضيءَ جي حالات ۽ واقعات جو نالو
آهي، تنهنڪري اها غلط يا ڪوڙي نه ٿي ٿئي، پر ان تي
پهچڻ جا رستا غلط ۽ درست ٿي سگهن ٿا. هن ۾ ڏسڻو
اهو آهي، ته تاريخ نويسيءَ دوران جيڪي وسيلا
(ماخذ) ڪتب آيا، اُهي ڪيترا درست يا ڪيترا غلط
هئا!
تاريخ جي مطالعي مان ملندڙ نتيجن جي صحتمندي يا
غيرصحتمنديءَ جو دارومدار ماخذن تي هوندو آهي.
ماخذ غلط به ٿي سگهن ٿا، ته درست به.
تاريخ ماضيءَ جو هڪ منتشر، گهڻ پاسائون، تڪراري ۽
بحث طلب رڪارڊ آهي. عام طور تي هن بحث کي سلجهائڻ
لاءِ تاريخي ڪتابن کان مدد وٺبي آهي. اهي تاريخي
ڪتاب هن بحث جو هڪ طرف ٽوڙ به هوندا آهن، ته ٻئي
طرف نوَن
بحثن کي کولي هڪ نئين تڪرار يا بحث جو سبب به
بڻجندا آهن. ان تڪرار يا بحث کي سلجهائڻ لاءِ ڪتاب
سميت علم الدلائل کان به مدد وٺبي آهي. ڇو ته جتي
ڪتاب مجموعي طرح تڪرار جو شڪار ٿي بحث کي ويتر
اُلجهائي ڇڏين ٿا، ته اُتي انساني شعور، عقل،
دانائي ۽ فهم ئي رهنمائي ڪري ٿو. هونئن به
تاريخدان ۽ سڄاڻ پڙهندڙ رڳو ڪتابن تي نه ڀاڙيندا
آهن. ڇاڪاڻ ته اهي ڪتاب دراصل ماڻهن جا ئي لکيل
هجن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مڪتبئه فڪر ۽ ڌُر سان
سلهاڙيل هوندا آهن.
تاريخ لکڻ لاءِ محقق يا تاريخدان جو اڻ ڌريو ٿي
لکڻ، هڪ مڃيل اصول آهي، پر جيئن ته مؤرخ يا
تاريخدان سڀ کان پهريان هڪ انسان آهي ۽ هو انساني
سماج ۾ رهندي پنهنجي ماحول ۽ تربيت جو اثر ذهن تي
استوار ڪري ٿو. اهڙيءَ صورتحال ۾ اهو تمام ڏکيو
عمل هجي ٿو، ته ڪوبه تاريخ نويس جڏهن تاريخ لکڻ
جهڙو اهم ۽ بنهه ذميواريءَ جو ڪم سرانجام ڏئي، ته
هو غيرجانبدار رهي سگهي! پر تنهن هوندي به اهو چئي
سگهجي ٿو، ته تاريخ تي ٿيل ڪم ڪنهن قدر غير
جانبدارانه طور تي به ٿيو آهي، پر مجموعي طور تي
نه.
’تاريخ
جي تعليم جا اصول‘
جناب محمد الياس رضوي جي تحريري ڪاوش آهي، جنهن ۾
ليکڪ علم تاريخ جي وصف، تشريح، مقصد ۽ قسمن تي چڱو
خاصو علمي ۽ فڪري بحث ڪيو آهي. علم تاريخ ۽ تاريخ
نويسيءَ جي قدامت تي هڪ هنڌ لکي ٿو:
”اُڻويهين
صديءَ کان تاريخ جي ڪتابن ۾ تاريخ جي علم ۽ تاريخ
جي فلسفي تي سائنسي نظرين جو اثر پئجي ويو. اُڻويهين
صديءَ کان وٺي تاريخي حقيقت کي ارتقائي نظريهء
زندگي موجب جاچيو ويو آهي. سچ پچ سائنسي يا
ارتقائي نظرئي ۽ تاريخ جي علم کي نئون جنم ڏنو
آهي. عام طور تي تاريخ کي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي
ٿو: هڪڙا اهڙا ڪتاب آهن، جي اُڻويهين
صديءَ کان اڳ لکيا ويا آهن، سي پهرين دور جا آهن.
ٻيا اهي، جي اُڻويهين
صديءَ کان پوءِ لکيا ويا آهن، سي ٻئي دور جا چئبا.
ٿورن لفظن ۾ تاريخ جو علم هن ڌرتيءَ تي انساني
ارتقا جي مطالعي ڪرڻ جو نالو آهي.“
مصنف ڪتاب ۾
’تاريخ
سائنس آهي يا فن؟‘
جي عنوان تي هڪ دلچسپ ۽ تفصيلي بحث ڇيڙيو آهي.
هيءُ بحث نه رڳو علم تاريخ جي ڄاڻوئن ۽ عالمن جي
لاءِ دلچسپيءَ جو دروازو کولي ٿو، پر علم تاريخ
سان دلچسپي رکندڙ شاگرد ۽ عام پڙهندڙ به هن مان
لطف اندوز ٿيندا. بحث ٿيل آهي، ته علم تاريخ هڪ
سائنس آهي يا فن؟
سائنس بابت عام طور تي اها تعريف ڪئي ويندي آهي،
ته اهڙو علم جيڪو تجربي جي بنياد تي ڇنڊجي صاف ٿي
سامهون اچي. ان جو مطلب وڃي اهو ٿيو، ته جيڪا ڄاڻ
تحقيق ۽ تنقيد جي ڪسوٽيءَ تان پرکجي، صاف ٿي اچي،
اها ٿي:
’سائنس‘،
۽ ان بابت جيڪو بحث مطالعي هيٺ آيو، اهو ٿيو:
’خالص
علم‘.
پر جڏهن اهو علم ڪنهن تي
Implement
ڪيو ويو، ته ان دوران اهو ٿيو:
’فن‘.
هن ڪتاب جو مواد مصنف ٻارهن بابن ۾ ورهايو آهي.
تاريخ جهڙي وسيع موضوع کي ننڍن ننڍن عنوانن ۾ ونڊي
ورڇي پڙهندڙ لاءِ سهوليت پيدا ڪئي وئي آهي. خاص
طور تي علم تاريخ جي شاگردن لاءِ هيءُ ڪتاب هڪ
گائيڊ جي حيثيت رکي ٿو. شاگرد هن ڪتاب کي پڙهي
استفادو ڪندا. لائق مصنف به انهيءَ خيال کي ذهن ۾
رکي هيءُ ڪتاب تيار ڪيو هوندو. سنڌي ادبي بورڊ هن
ڪتاب کي ڇاپي نه رڳو تاريخ جي مضمون پڙهائيندڙ
استادن ۽ شاگردن لاءِ ڪنهن حد تائين سهوليت پيدا
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي بلڪه عام پڙهندڙ به هن ڪتاب
مان چڱو خاصو لاڀ حاصل ڪري سگهندا.
دين محمد ڪلهوڙو
واپڊا ڪالوني، ڄام شورو
اڱارو، 19- سيپٽمبر 2006ع
|