سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 2

صفحو : 5

باب ٻيون

 

تاريخ پڙهڻ جا مقصد ۽ فائدا

تاريخ جي اهميت سمجهڻ لاءِ ان جو مقصد ۽ فائدو ڄاڻڻ پڻ لازمي آهي. ان جي پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جي مقصد ۽ فائدي جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت آهي اهو سمجهڻ به تمام ضروري آهي.

اسين جڏهن به ڪو ڪم هٿ ۾ کڻندا آهيون يا ڪنهن شيءِ جي شروعات ڪندا آهيون ته اسان جي دل ۽ دماغ ۾ ڪو نه ڪو خاص مطلب يا مراد ضرور هوندي آهي جا اُن ڪم يا شيءِ جي پوري ڪرڻ مان اسان کي حاصل ٿيڻي آهي. جيڪڏهن اهو ڪم چڱيءَ طرح ۽ ڪاميابي ءَ سان پورو نٿو ٿئي ته اهو مقصد به گــُم ٿيو وڃي. بهرحال مطلب هيءُ ٿيو ته ان ڪم يا شيءِ جي ڪرڻ يا ٿيڻ جو مقصد يا مراد شعوري طور ۽ ڏسي وائسي ۽ ڄاڻي ٻجهي اسين پنهنجي سامهون رکندا آهيون. اسين پنهنجي مقصد يا مراد کان سواءِ ڪنهن به ڪم يا شيءِ کي شروع نه ڪندا آهيون. پر جڏهن ڪو ڪم ڪندا آهيون ته ان جي ڪندي ڪندي يا ان جي پوري ٿيڻ بعد ان جا ڪي نتيجا يا ڪو نتيجو ٻيو نڪري يا  ٻيءَ طرح ان ڪم ڪرڻ مان اسان کي ڪو فائدو يا ڪي فائدا رسن، ته ان فائدي يا انهن فائدن کي ان جو مقصد سمجهڻ نه گهرجي. بلڪه انهن کي ڪم جو نتيجو يا نتيجا ئي چئبو.ان ڳالهه مان پڌرو ٿيو ته ڪنهن ڪم جو مقصد جدا ڳالهه آهي ۽ ان جو فائدو علحدي شيءِ ٿي سگهي ٿي. هرهڪ ڳالهه يا ڪم جو مقصد اول ۾ ئي خيال ۾ رکبو آهي. پر ان جي پوري ڪرڻ بعد يا ڪرڻ مهل  جو نتيجو نڪري ٿو سو آهي ان جو فائدو. مطلب ته ڪنهن ڪم جي مقصد ۽ فائدي جو ساڳيو هئڻ لازمي ڪونهي. مثلاً ڪولمبس جو مقصد هو ته هندستان وڃڻ جو هڪڙو نئون رستو ڳولي ڪڍڻ پر هن جو اصل مقصد بر صواب ٿي نه سگهيو ۽ سفر ڪندي ڪندي هن آمريڪا ڳولي ڪڍيو. ساڳيءَ طرح مقصد اڪثر واحد ٿيندو آهي. پر ڪنهن به ڪم ڪرڻ جا فائدا هڪ کان وڌيڪ بلڪه گهڻائي ٿي سگهن ٿا ۽ مختلف فائدا مختلف قسم جي اهميت رکن ٿا. ان ڪم ڪرڻ جو نصب العين يا مقصد بلند ٿي سگهي ٿو ۽ اسان جوش ۾ اچي مڙس ٿي ڪم ۾ لڳي پوندا آهيون پر ڪم ڪرڻ جي دوران يعني ان کي ڪندي ڪندي اسان کي گهڻا ئي تجربا ۽ مشاهدا پيش اچن ٿا. اهڙن تجربن يا مشاهدن کي به ان ڪم ڪرڻ جا فائدا چئبو آهي.

ساڳيءَ طرح اسڪول ۾ تاريخ پاڙهيندي اسان گهڻائي فائدا حاصل ڪريون ٿا. پر جڏهن اسان اسڪولي نصاب ۾ تاريخ شامل ڪندا آهيون، تڏهن اهڙا فائدا اسان جي ذهن ۾ موجود نه هوندا آهن. تنهنڪري ضروري آهي ته اسين شروع ۾ ئي تاريخ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي مقصد ۽ فائدي کي ڌار ڌار سمجهون ته بهتر ٿيندو. گهڻا ماڻهو تاريخ پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جي مقصدن ۽ فائدن ۾ تفاوت نه ٿا سمجهن. جنهن جي ڪري انهن جي سمجهه ۾ هيءَ ڳالهه نٿي اچي ته اسين ٻارن کي تاريخ ڇو ٿا پڙهايون؟

هن سوال جا گهڻائي جواب ڏنا ويا آهن. جن منجهان ڪي هيٺ ڏجن ٿا:

1-          تاريخ جي پاڙهڻ جو مقصد ٻارن جي حافظي جي قوت، خيال يا ادراڪ جي قوتن جي نشونما ڪرڻ ۽ ترقي ڏيڻ آهي.

2-          تاريخ پاڙهڻ جو مقصد آهي ٻارن جا اخلاق ۽ عادتون سـُڌارڻ ۽ ٺاهڻ.

3-      تاريخ پاڙهڻ جو مقصد ٻارن ۾ وطن لاءِ حـُب پيدا ڪرڻ آهي.

4-      تاريخ پاڙهڻ جو مقصد آهي ٻارن جي دلين ۾ هلندڙ ۽ موجوده حڪومت ۽ رائج دستور حڪومت لاءِ چاهه پيدا ٿئي.

5-      تاريخ گذريل زماني جي سياست آهي. تنهنڪري تاريخ پڙهڻ مان ٻار ايندڙ زماني جي لاءِ سياست جا اصول پرائين ٿا.

مٿي ڏنل مختلف جوابن ۾ تاريخ پاڙهڻ جا مقصد ڄاڻايل آهن يا تاريخ پاڙهڻ جا فائدا؟ جيڪڏهن انهن مان هڪڙو به تاريخ پڙهڻ جو فائدو ٿي سگهي ٿو، ته پوءِ اسان کي ثابت ڪرڻو پوندو ته هيءُ مقصد رڳو تاريخ جي ئي سکيا مان حاصل ٿي سگهندو. يا گهٽ ۾ گهٽ تاريخ جي ئي سکيا مان هيءُ مقصد ڪنهن ٻئي مضمون جي سکيا جي بنسبت بهتر نموني ۾ يا وڌيڪ سولائي سان پورو ٿي سگهندو. پر جيڪڏهن اهي سڀ مقصد نه آهن، پر تاريخ پڙهڻ جا فائدا آهن يا انهن منجهان فقط هڪڙو ڪو تاريخ پڙهائڻ جو فائدو آهي، جو تاريخ جي سبق پڙهندي شاگرد کي رسي تڏهن به ان جي ڪابه اهميت ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي فائدي جو اثر نه اسان جي فلسفه تاريخ پڙهائڻ مان ئي پئي سگهندو ۽ نه اسان جي پاڙهڻ جي طريقن سان ئي لاڳاپو رکي ٿو سگهي.

ته هاڻي اچو ته ڏسون ته تاريخ پڙهڻ جا خاص مقصد ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ پر اُن ڪم لاءِ ضروري آهي ته ٻه سوال پنهنجي ڌيان ۾ رکون.

(1) ڀلا هيءُ مقصد حاصل ٿيڻ جهڙو آهي يا نه؟

(2) ڀلا ائين ته نه آهي ته ڪو ٻيو مضمون به ساڳيو ئي مقصد پورو ڪري ٿو سگهي؟ ڇا ائين به آهي ته اسين ٻارن جي حافظي، تخيل ۽ ادراڪ جي تربيت لاءِ انهن کي تاريخ پاڙهيون ٿا؟ جيڪڏهن ها، ته پوءِ ٻيو سوال پيدا ٿيندو ته ڇا هيءُ مقصد اعليٰ ۽ سٺو آهي؟ ڀلا حساب، جاگرافي ۽ ٻيا اسڪولي مضمون انهن جهڙين دماغي قوتن جي تربيت نه ٿا ڪن ڇا؟ حافظي يا خيال جي قوتن ۽ سمجهه جي قوت يا ادراڪ و فهم وغيره جي تربيت ۽ نشونما کي اڳئين زماني ۾ سٺو مقصد سمجهيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته ان زماني جي ماڻهن جي راءِ موجب دماغ يا ذهن جدا جدا ۽ آزاد انساني صلاحيتن يا قوتن جو ميڙ هو. تعليم ۽ تربيت جو ڪم فقط هيءُ هو ته انهن جدا جدا قوتن جي صلاحيتن کي خوب ورزش ڪرائي وڃي ۽ استاد جو ڪم هو ته انهن قوتن جي استعمال جي لاءِ طريقا ۽ ميزان ڳولي ڪڍي. اهو فلسفو ”منطقي“ گروهه وارن تعليمي ماهرن (Logical School of  Thinkers) جو هو. پر اڄ زمانو آهي. ارتقائي خيال وارن تعليمي ماهرن (Evolutionary School of thinkers) جو. انسان جو ذهن يا دماغ صلاحيتن يا قوتن جو ميڙ نه آهي بلڪه جديد فلسفئه نفسيات موجب ذهن انساني هڪ ٻوٽي يا وڻ وانگر وڌندڙ، ترقي پذير ۽ ارتقا ڪندڙ(Progressive Organism)  آهي، جو  جيڪڏهن سڪندو  آهي  ته سمورو سـُڪي ويندو ۽ يا جيڪڏهن سائو ۽ سرسبز رهندو تڏهن به سڄوئي سائو رهندو. انساني ذهن جدا جدا قوتن ۽ صلاحيتن جو ميڙ ڪونهي جو دماغي قوتن کي هڪ ٻئي کان ڌار ڌار ڪري سمجهجي. اسڪول کي انهن جو آکاڙو سمجهڻ ۽ استاد کي مداري يا پهلوانن جو گروهه تصور ڪرڻ سراسر غلطي آهي. اسڪول جو ڪو به مضمون هن معنيٰ ۾ ذهن جي صلاحيتن کي ورزش (Mental gymnastics) ڪرائي نه سگهندو.هن بحث مان ثابت ٿيو ته جيڪڏهن تاريخ جي سکيا ٻارن جي تخيل، تصور ۽ ادراڪ کي وڌائي سگهي ٿي، ته پوءِ ٻيا نصابي مضمون به ساڳيوئي ڪم ۽ مقصد پورو ڪري سگهن ٿا. مثلاً علم ادب تخيل جي قوت کي وڌائيندو آهي، رياضي ٻارن جي قوت ادراڪ ۽ فهم کي ترقي ڏيندڙ آهي. هاڻي ثابت ٿي ويو ته فقط تاريخ ئي اهڙو مضمون ڪونهي جو دماغي صلاحيتن کي تربيت ڏئي ٿو، بلڪه ٻيا نصابي ڪم به دماغ کي وڌائن ٿا. مطلب هي نڪتو ته ذهن جي قوتن يا صلاحيتن جي نشونما ڪرڻ تاريخ پاڙهڻ جو مقصد نه آهي. بلڪه هيءُ تاريخ پاڙهڻ جو فائدو آهي ۽ ساڳيو ئي فائدو اسڪولي نصاب جو ڪو به ٻيو مضمون رسائيندو.

3- ڀلا تاريخ پاڙهڻ جو مقصد ٻارن جا اخلاق ۽ اعمال سڌارڻ ٿي سگهي ٿو ڇا؟ تاريخ بلاشڪ وڏن وڏن ماڻهن ۽ وڏين وڏين شخصيتن جو احوال اسان کي ٻڌائي ٿي ۽ خبر ڏي ٿي ته گذريل زماني ۾ گهڻائي وڏا ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن تمام نيڪ ناميءَ سان پنهنجي زندگي بسر ڪئي آهي ۽ چگن ڪمن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ عجيب و غريب ڪمالات ڏيکاريا اٿن. هيءُ ڳالهه به چئي وڃي ٿي ته تاريخ پڙهڻ مان اسان کي ثابتي ملي  ٿي ته نيڪي ۽ ڀلائي نيٺ فتحياب ٿين ٿيون. بدڪاري ۽ ظلم اڪثر ذليل ۽ خوار ٿيندا آهن. پر اهي ڳالهيون سؤ سيڪڙو سچيون نه آهن. اهڙا به ڪيترائي مثال آهن، جڏهن چڱن مڙسن ۽ شرافت پسند ماڻهن کي دنيا ۾ ڪاميابي ۽ مانَ جي بدران شڪست ۽ ڏک برداشت ڪرڻا پيا آهن. بدڪار ۽ فرعونيت پسند شيطانن کي دنيا ۾ تاج و تخت ۽ عزت ۽ دولت سان سرفراز ڪيو ويو آهي. تاريخ ۾ جيڪي به وڏا ماڻهو ٿي گذريا آهن، سي سڀئي نيڪ ۽ قابل تعريف نه هئا بلڪه هيءَ به هڪ وڏي تاريخي حقيقت آهي، ته گهڻائي نيڪ ماڻهو اهڙا به ٿي گذريا آهن جي پنهنجي شرافت ۽ مڙسيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. پر اسان کي انهن جي خبر اصل ڪانه آهي.

حالتن جي ناسازگار هئڻ ڪري پنهنجي زبان ۽ قلم تي مهر هڻي مجبوراً خاموشيءَ سان پنهنجي حياتي چڱن ڪمن ڪندي ۽ خداجي مخلوق جي شيوا ۽ خدمت ڪندي جان بحق ٿيا ۽ انهن کي تاريخ ۾ ڪو به درجو نه ڏنو ويو آهي.

تنهنڪري اهڙن وڏن شاهڪارن کي ٻارن جا اخلاق ٺاهڻ ۽ سڌارڻ لاءِ تاريخ ۾ شامل ڪرڻ مقصد ٿي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته هي وڏا ماڻهو پنهنجي پنهنجي زماني ۾ وڏن معيارن ۽ اصولن پٽاندر بلاشڪ وڏا هئا، پر هميشه جي لاءِ انهن جي اعمالن ۽ اخلاقن کي شمع هدايت سمجهڻ تمام زبردست غلطي ثابت ٿيندي. اسين تاريخ جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي اخلاقي سڌارن واري فائدي کان انڪار نٿا ڪريون پر اخلاق سڌارڻ تاريخ پڙهائڻ جو مقصد ٿي نه ٿو سگهي. ان جي پاڙهڻ جو مقصد هر صورت ۾ سائينٽيفڪ (Scientific) ٿيڻ گهرجي، جيتوڻيڪ پوءِ ان جا ٻيا فائدا بهترين ۽ گهڻائي ڇونه هجن.

4- ڀلا تاريخ پاڙهڻ جو مقصد ٻارن ۾ پنهنجي وطن لاءِ حب ۽ محبت جو جذبو جاڳائڻ ٿي سگهي ٿو ڇا؟ بيشڪ هي سٺو مقصد آهي. ۽ تاريخ جو علم ٻين اسڪولي نصاب جي هيڊن جي بنسبت هيءُ مقصد وڌيڪ ڪاميابيءَ سان پورو ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن تاريخ جي سکيا جو مقصد ٻارن ۾ خاص حب الوطني پيدا ڪرڻ قبول ڪيو وڃي ته پوءِ تاريخ جو تحقيقاتي يا سائنٽيفڪ نظريو ترڪ ڪرڻو پوندو. ان صورت ۾ اسان کي تاريخ جون درست اصلوڪي ۽ حقيقي ڳالهيون يا واقعات هٿ ڪرڻ لاءِ ماخذ، جهونا ڪتاب، سڪا، عمارتون، تصويرون، ٿانوَ ۽ دستاويز هٿ ڪرڻ اجايا ڪم ٿيندا. جيڪڏهن حب الوطني پيدا ڪرڻ ئي اسان جو مقصد ٿي پوندو، پوءِ به تاريخي حالات کي پرکڻ ۽ جاچڻ جي تڪليف ڇو ڪريون؟ اسين تاريخ پڙهائيندي ٻارن جي سامهون پنهنجي ماضيءَ يا حال جي پاڻمرادو من ماني  تصوير ٺاهي پيش ڪري سگهون ٿا. ۽ ٻارن کي ٻڌائي سگهون ٿا ته انهن جا وڏا ۽ انهن جي قوم هميشه بهترين ۽ اعليٰ ۾ اعليٰ ۽ قابل فخر ۽ پيرويءَ لائق رهيا آهن.  دشمن ۽ ٻيا سڀئي ماڻهو انهن کان گهٽ هئا بلڪه ظالم هئا. پاڻ کي ساراهڻ ۽ ٻين کي ڌڪارڻ لاءِ تاريخ جي واقعات ۽ احوال کي سچي ۽ حقيقي طريقي سان ٻڌائڻ لازمي نه آهي. استاد جيئن وڻندس تيئن ٻڌائي سگهندو. منهنجو وطن چڱو آهي ته ڇا؟ ۽ منهنجو وطن بڇڙو آهي ته به ڇا؟ هيءُ ٿيندو اسان جي ڪم ڪرڻ جو نظريو ۽ طريقه ڪار (treatment) پر تحقيقاتي نظريي پٽاندر هر مؤرخ ۽ استاد کي لازمي آهي ته ٻارن جي سامهون ماضيءَ بابت سچ ۽ تحقيق ٿيل ڳالهين کان سواءِ ڪڏهن به ۽ ڪجهه به نه بيان ڪيو وڃي ۽ نه لکايو وڃي. اسان جا دوست هجن خواه دشمن هجن، اسين تحقيقاتي پڙتال کان سواءِ ڪنهن کي به نه ساراهي سگهون ٿا نه ڌڪاري. البت هيءَ ڳالهه ممڪن آهي ته ماضي جو احوال بيان ڪندي ڪندي ساڳئي وقت ۽ سلسلي ۾ ٻارن جي دلين ۾ پنهنجي وطن جي حب جي جذبي پيدا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪري سگهون ٿا، جا چڱي ۽ سٺي شيءِ آهي. پر تاريخ پاڙهڻ جو مکيه مقصد حقيقت يا سچ جي ڳولا رهندو نه وطن جي حب. نيٺ تاريخ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو فائدو ئي ٿي سگهي ٿو.

5- ڇا تاريخ جو هيڊ وقت جي حڪومت يا سرڪاري مقصدن جي خاطر هڪڙو پروپيگنڊا ۽ پرچار جو اوزار ٿيڻ گهرجي، يا نه؟

جيڪڏهن هائو ته نتيجو هيءُ نڪرندو ته وقت جي حاڪمن کي جئين وڻندو تئين پنهنجي غرضن جي پورائي لاءِ تاريخ جي واقعات ۽ احوال کي ڦيرائي ۽ بدلائي هڪ جدا تاريخ ٺاهيندا. هيءُ ڌنڌو ڪو باعزت ۽ باشعور ماڻهو وري هرگز  پسند نه ڪندو، جڏهن اسان کي هيءَ ڳالهه نٿي وڻي ته تاريخي ڳالهين ۾ اخلاق سيکارڻ ۽ حب الوطنيءَ جي جذبي پيدا ڪرڻ لاءِ ڦير گهير ڪئي وڃي، جو نسبتاً تمام چڱو ڪم آهي. تڏهن ائين هرگز نه ٿيڻ گهرجي ته حڪومت جي وقتي ۽ عارضي ۽ خود غرضانه مقصدن جي لاءِ تاريخ کي ان جي ڪوڙي پروپيگنڊا جو اوزار يا حڪومت جو آلئه ڪار بنائڻ قبول ڪيو وڃي.

6- ڀلا تاريخ پڙهائڻ جو مقصد آئنده زماني لاءِ ٻارن کي سياست داني ۽ حڪومت هلائڻ جا قاعدا ۽ آداب سيکارڻ تجويز ڪيو وڃي؟ ڇاڪاڻ ته اڳوڻي زماني ۾ جڏهن تاريخ جي سکيا جو اسڪول جي نصاب ۾ نالو ئي ڪين هو، هي ڪم فقط شهزادا ۽ وڏا سپهه سالار ۽ سينا پتي سکندا هئا، ته جيئن اهي حڪومت ۽ راڄ نيتي جو ڪم چڱي طرح هلائي سگهن ۽ ملڪ ۾ امن امان قائم رکي سگهن ۽ فن جنگ جي سکيا حاصل ڪري جنگيون کٽي سگهن.

پر سياست داني تاريخ جي علم جو فقط هڪڙو ڀاڱو آهي. سماج يا معاشري ۾ فقط شهزادا، بادشاهه ۽ سپهه سالار  وغيره ئي شامل نه آهن، بلڪه سياسي زندگي معاشرتي يا وسيع سماجي زندگيءَ جو فقط هڪ پاسو آهي. تاريخ جي علم جو واسطو ڪنهن سماج،معاشري يا قوم جي پوري يا سموريءَ زندگيءَ سان آهي. يعني تاريخ جو علم ڪنهن به معاشري جي پنگتي، اقتصادي، هنري، مذهبي، علمي، فوجي ۽ سياسي غرض هر حيثيت بابت اسان کي واقفيت ڏئي ٿو. تنهنڪري ڪن خاص چونڊيل ماڻهن کي سياسي تربيت ۽ تعليم ڏيڻ کي تاريخ جي علم سيکارڻ جو مکيه مقصد بنائڻ سٺو نه ٿيندو. بلڪه بهتر ائين ٿيندو ته اڄ ڪلهه پنهنجي هر جوان ۽ تندرست شهريءَ کي جمهوري طرز زندگي ۽ ان جي گهرجن پٽاندر علم سياست سيکاريو وڃي ته هر ڪو ماڻهو امير ۽ غريب توڙي وڏو يا ننڍو موجوده زندگيءَ ۾ دلچسپي وٺي سماجي زندگي کي خوشگوار بنائي ۽ ان جا مزا ۽ لطف حاصل ڪري سگهي. هينئر اسان کي ڏسڻو آهي ته ڇا تاريخ جو علم هن ڪم ۾ اسان جي لاءِ مددگار ۽ ڪارگر ثابت ٿي سگهندو؟

جا ڳالهه اڃا به فيصلي طلب آهي، سا اها آهي ته نيٺ علم التاريخ پاڙهڻ ۽ پڙهڻ جو مقصد ڇا ٿيڻ يا هئڻ گهرجي. هن سوال جو جواب اڳيئي علم تاريخ جا ماهر ڏئي چڪا آهن. پر اهي ماهر ۽ مؤرخ جيڪي تدريس جي سائنٽيفڪ يا تحقيقاتي ۽ علم حيات جي ارتقائي فلسفي ۾(Evolutionary view of life) اعتقاد رکندڙ آهن، تن جو قول آهي ته تاريخ جي علم جو مکيه مقصد موجود ۽ حاضر زماني جي زندگي کي روشن ۽ واضح طور سيکارڻ ۽ سمجهائڻ آهي.

تاريخ پڙهڻ مان ٻارن کي پنهنجي ملڪ جي موجوده حالتن، رسمن، رواجن، تهذيب، تمدن مختلف ادارن ۽ مذهب ۽ مشڪل مسئلن جي ڄاڻ ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان جا ٻار تسيتائين پنهنجي زندگيءَ ۾ خوش رهي نٿا سگهن.جيسيتائين انهن ۽ انهن جي ماحول ۾ ربط ۽ توازن پيدا نه ٿي سگهندو. زمانو حال نيٺ ماضيءَ مان ئي پيدا ٿيو آهي بلڪه ائين به چئي سگهبو ته حال پاڻ به ماضي ئي آهي. اسان جي موجوده زندگيءَ جون حالتون ڏک ۽ سک، ريتون ۽ رسمون،قانون ۽ قاعدا، علم ۽ هنر سڀ ماضيءَ جي حالات ۽ سببن ڪري پيدا ٿيا آهن. هي سبب ۽ نتيجي جو سلسلو تمام جهوني زماني تائين پهچي ٿو.اسين جو ايڪويهين صديءَ ۾ جيئرا آهيون سبب ۽ نتيجي پٽاندر پنهنجي موجوده ماحول جي هر شيءِ بابت حضرت سيدنا محمد صلي الله عليه وسلم ۽ اسان کان اڳي گذري ويل اعليٰ انساني هستين جا وارث آهيون. حال جي سمجهڻ ۽ موجوده ماحول کان واقفيت پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته ماضيءَ کان به جن جي خيالن ۽ پورهئي مان حال نڪتل آهي. اسين انهن جو چڱيءَ طرح فڪر ۽ عمل سان مطالعو ڪريون ان ۾ اسان جوئي فائدو آهي. ڪي ماڻهو ته ماضي جي مطالعي کي ايتري قدر اهميت ٿا ڏين ۽ چون ٿا ته تاريخ جي سکيا کي حال کان وٺي ماضي ڏانهن هلڻ گهرجي. يعني استاد کي اول هلندڙ زماني جي تاريخ پاڙهڻ گهرجي. تانجو استاد پٿر جي زماني (Stone Age) تائين پهچي وڃي. پوءِ درجي بدرجي هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ ضروري آهي ته تاريخ جو علم هلندڙ زماني جي مطالعي کان جدا نه آهي پر ان سان ئي سڌو واسطو اٿس. وسري ويل گذريل زماني ۽ ماضيءَ جي احوال سان مؤرخ کي هن ڪري واسطو آهي ته ماضيءَ جي حالتن جو هاڻوڪي ۽ موجوده زندگيءَ ۽ ماحول تي اثر پوي ٿو. ان ڳالهه کان سواءِ اسان جو ماضيءَ سان ٻيو ڪو گهڻو واسطو نه آهي. انفرادي ۽ جداگانه حيثيت ۾ مؤرخ جو ڪنهن به ماضيءَ جي واقعي سان ڪو خاص لاڳاپو ٿي نه سگهندو. هر ماضيءَ جي حقيقت يا ڳالهه جو تاريخي حقيقت يا ڳالهه ٿيڻ لاءِ به ضروري آهي ته اها ڳالهه اسان جي موجوده ماحول سان واسطو رکي ماضيءَ ۽ حال جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان سبب ۽ ان جي نتيجي وارو سلسلو يا واسطو پوءِ به برابر قائم رهي ٿو.

مطلب ته تاريخ جي علم کي ئي اهو شرف مليل آهي ته هلندڙ زماني کي چٽيءَ طرح کولي سمجهائي ان جو تجربو ڪري اسان جي سامهون رکي ۽ موجوده ماحول جي ريتن، رسمن، ادارن، سياسي، مذهبي، تعليمي، معاشرتي ۽ هر قسم جي ڳالهين جا اسباب معلوم ڪري اسان کي ٻڌائي ته اسان پنهنجي ماحول ۽ زندگيءَ جي مشڪلاتن ۽ ڏکين مسئلن، قومي ۽ بين الاقوامي سوالن کي چڱي طرح سمجهي انهن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهون. هيءُ ڪم فقط تاريخ جي علم جي سکيا سان ئي ڪري سگهبو. هن مقصد جي حصول لاءِ ڪوشش ڪندي ڪندي يا ڪوشش پوري ٿيڻ کان پوءِ اهو ممڪن آهي ته اسان کي مختلف قسمن جا گهڻائي فائدا رسن، پر انهن فائدن سان اسان جو سڌيءَ طرح ڪجهه به واسطو ڪونهي، بلڪه اسان جو واسطو هميشه اول پنهنجي تاريخ پاڙهڻ جي مقصد سان ئي ٿيڻ گهرجي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج -  - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org