باب پنجون
نصاب ٺاهڻ ۽ تاريخي واقعن جي ترتيب
اڳئين باب ۾ نصاب لاءِ موزون ۽ ڪارائتي تاريخ جي
مواد چونڊڻ جي اصول بابت بحث ڪيو ويو آهي. هاڻي
مکيه مسئلو هيءُ آهي ته نصاب لاءِ چونڊيل واقعن ۽
ڳالهين کي ڪيئن سلسلي وار ۽ پاڻ ۾ ڳنڍي ترتيب ۾
آندو وڃي ته تاريخ جا سبق ڪلاس جي سامهون پيش ڪرڻ
جوڳا ٿين.
تاريخي واقعن کي ترتيب ڏيڻ ۽ نصاب لاءِ ٺاهي رکڻ
جا مختلف طريقا آهن. جن مان مکيه هيٺ ڏجن ٿا:
(1) مرڪوزي طريقو
(Concentric Method)
(2) زماني وارو يا دؤر وار طريقو
(Periodic or Chonological Method)
(3) ٽاپڪ وارو يا موضوع وارو طريقو
(Topical Method)
(4) حال کان ماضيءَ ڏانهن وڃڻ جو طريقو
(going
from the present towards the past)
(5) ماضيءَ کان حال ڏانهن اچڻ جو طريقو
(going
from the past towards the present)
(6) لڏڪڻي وارو طريقو
(Pendulum Method)
سچ پچ تاريخ جي نصاب جي ترتيب ڏيڻ لاءِ فقط پهريان
ٻه طريقا مکيه آهن ۽ انهن ٻنهي تي هميشه بحث
مباحثو هلندو رهي ٿو. ٻي ڳالهه ته مضمون وارو ۽
دؤر وارو طريقو هڪ ٻئي جون ئي ٻه مختلف شڪليون
آهن. ٽينءَ ڳالهه ته حال کان ماضيءَ ڏانهن وڃڻ
وارو طريقو نئين سبق کي پيش ڪرڻ لاءِ ماضيءَ کان
حال ڏانهن اچڻ جي طريقي کان وڌيڪ موزون آهي. سبقن
جي شروعاتي ڏاڪڻ کي دلچسپ بنائڻ لاءِ هيءُ طريقو
خاص طور سان ڪم اچي ٿو. بهر حال پهريان ٻه طريقا
خاص طور تاريخ جي استاد لاءِ اهميت رکن ٿا.
(1) مرڪوزي طريقو:
هن طريقي موجب تاريخ جي منظور ٿيل سڄي نصاب جي
سکيا هر ڪلاس ۾ سال بسال وڌندڙ وضاحت ۽ تفصيل سان
ڏني وڃي ٿي. يعني تاريخ جي سڄي ۽ ساڳئي ڪورس کي هر
سال هر درجي جي صورت ۾ دهرايو ويندو آهي. هيٺين
ڪلاسن ۾ تاريخ جو استاد ٿوري ۽ مختصر ابتدائي
واقفيت ٿو ڏئي ۽ تاريخي واقفيت جو دائرو هر سال ۽
هر وڏي ڪلاس ۾ وڌندو ويندو آهي. وچين ڪلاسن جي
شاگردن کي هيٺين ڪلاسن جي شاگردن کان وڌيڪ تاريخي
معلومات ڏني وڃي ٿي، ۽ مٿين ڪلاسن جي شاگردن کي
وچين ڪلاسن جي شاگردن کان وڌيڪ ڊيگهه ۽ تفصيل سان
ساڳيا تاريخ جا سبق پاڙهيا وڃن ٿا. هر صورت ۾ ڪورس
سڄو ۽ ساڳيو ئي ٿو رهي، يعني ته پرائمري توڙي مڊل
اسڪولن جي اٺن ورهين جي عرصي ۾ اٺن ئي ڪلاسن ۾
تاريخ جو نصاب ساڳيو ٿو رهي، پر هر مٿئين درجي ۾
هيٺين ڪلاس کان وڌيڪ تاريخي ڳالهيون ٻڌايون وڃن
ٿيون. هيٺين ڪلاسن جي ٻارن کي مکيه تاريخي واقعن
بابت ساديون ۽ سوليون آکاڻيون ٻڌايون وڃن ٿيون ۽
نيٺ مٿئين ڪلاس ۾ اچي سماجي تحريڪن، جنگين جي سببن
۽ نتيجن ۽ ٻين سياسي، ملڪي ۽ اقتصادي ۽ قانوني
مسئلن تي تنقيد ۽ تبصرو ڪيو ٿو وڃي.
هيءُ ڳالهه ظاهر آهي ته هن طريقي موجب ساڳيو ۽ سڄو
ئي ڪورس هر منزل تي دهرائڻو ٿو پوي. تنهنڪري هن
طريقي تي پورو پورو عمل ڪرڻ ممڪن نه آهي، هن طريقي
جي خلاف اعتراض هيٺ ڏجن ٿا:
(i)
ڇاڪاڻ ته هڪ يا ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ تاريخ جو
سڄو رکيل نصاب ڪرڻو ٿو پوي. تنهن ڪري تاريخ بابت
ٻارن جي واقفيت ٿوري يا گهڻي اڻپوري رهجي وڃي ٿي.
(ii)
ڇاڪاڻ ته ساڳيوئي ڪورس ٽي چار دفعا دهرائڻو پوندو
آهي. تنهن ڪري ٻارن کي نئين سبقن ۾ دلچسپي پيدا ٿي
نٿي سگهي.
(iii)
ڇاڪاڻ ته هزار يا ٻن هزار ورهين جي تاريخ ٻن ٽن
ورهين جي مختصر عرصي ۾ پاڙهڻي ٿي پوي، تنهنڪري
ٻارن ۾ واقعن جي زماني سلسلي جو ۽ وقت گذارڻ جو
احساس پيدا ڪرڻ مشڪل ٿو ٿئي. ڇو جو انهن جي
بانيڪارن يا ڪردارن وچ ۾ مفاصلو گهڻو ٿي ٿو وڃي.
مٿي ڏنل اعتراض برابر آهن، پر اهي اعتراض تڏهن دور
ٿي سگهن ٿا جڏهن طريقي ۾ ڪجهه تبديليون ڪيون وڃن،
۽ رکيل نصاب ۾ ستن ورهين جي عرصي ۾ فقط ٻه يا ٽي
ڀيرا ڪورس کي دُهرايو وڃي. سبقن جو غير دلچسپ ٿيڻ
وارو اعتراض برابر نه آهي ڇاڪاڻ ته دلچسپيءَ جي
هئڻ يا نه هئڻ جو مدار استاد جي لياقت، اورچائي ۽
چونڊيل نصاب جي احوال ۽ آکاڻين تي رکيل آهي ۽ نه
ڪنهن سکيا جي طريقي تي. ڪورس کي دهرائڻ جو مطلب هي
نه آهي ته ساڳيون ڳالهيون ۽ ساڳيا تفصيل هر هر
دهرايا وڃن. شروعاتي ڪلاسن ۾ سڄي پاڪستان جي تاريخ
جي مکيه تاريخي شخصيتن جي زندگين بابت احوال ٻڌائي
پيش ڪري سگهن ٿا. وچين ڪلاسن ۾ خاص شخصيتن کي
اهميت ڏيڻ بدران تاريخي واقعن کي وڌيڪ اهميت ڏني
ويندي ۽ سکيا جو طريقو به بيان ٿيندو. مٿين ڪلاسن
۾ به واقعا پاڙهيا ويندا پر سکيا جو طريقو تنقيد ۽
تبصري وارو ٿيندو.
(2)
زماني يا دؤر وار طريقو:
هيءُ طريقو مرڪوزي طريقي جو ضد آهي. هن طريقي موجب
تاريخ جي سڄي رکيل نصاب کي اسڪول جي سڄي عرصي تي
ورهايو ٿو وڃي ۽ نصاب کي سال بسال ۽ درجي بدرجي
ٿورو ٿورو زماني سلسلي ۽ ترتيب آهر ساڳئي ڳالهه کي
دهرائڻ کان سواءِ پڙهايو ٿو وڃي. سڄو ڪورس چند
مکيه ڀاڱن ۾ يا حصن ۾ ورهايل ٿيندو آهي. انهن ڀاڱن
يا حصن کي تاريخ جا دؤر يا حڪمران گهراڻا سڏبو
آهي، ۽ کين جدا جدا زماني سلسلي سان پاڙهيو ٿو
وڃي.
پاڪستان ۽ ڀارت جي تاريخ جا مکيه دؤر هن ريت
ورهايل آهن:
(1) پراچين، هندستان جي تاريخ وارو دؤر.
(2) راجپوتن ۽ پٺاڻن جي تاريخ وارو دؤر.
(3) مغلن جي ايامڪاريءَ وارو دؤر.
(4) مرهٽن جي ايامڪاريءَ وارو دؤر.
(5) انگريزن جي حڪومت وارو دؤر.
زماني يا دور طريقي جا حامي چون ٿا ته هي طريقو
مسٽر اسٽينلي هال جي
”تمدن
وار“
نفسياتي اصول تي مدار رکي ٿو. جيئن ته انسانذات جي
زندگيءَ ۾ سندس دماغي واڌاري جون مختلف منزلون
ٿينديون آهن. ساڳيءَ طرح تاريخ ۾ هر قوم جي تهذيب
۽ تمدن جون منزلون آهن. تاريخ جي اوائلي دؤر جو
واسطو ننڍن ٻارن جي معيارمطابق ٿي سگهي ٿو، ۽
تاريخ جي وچئين دؤر جي ارتقا ۽ منزل وچ وارن
اسڪولي ڪلاسن جي شاگردن لاءِ موزون آهي. تاريخ جو
هاڻوڪو يعني جديد تمدني دؤر مٿين ڪلاسن جي شاگردن
لاءِ مفيد ٿيندو.
هند پاڪستان جي اوائلي تاريخ ۾ ماڻهن جي بهادريءَ
۽ جنگي مار ڌاڙ وغيره جون آکاڻيون آهن، ننڍن ٻارن
جي نفسياتي گهرجن لاءِ تمام موزون آهن. هند
پاڪستان جي جديد تاريخي دؤر ۾ گهڻو ڪري سياسي طاقت
۽ ملڪي حدن کي وڌائڻ لاءِ ڪشمڪش ۽ قانوني جوڙجڪ
بابت مسئلا پيدا ٿيا آهن. تنهنڪري هن دور جون
ڳالهيون ۽ احوال وڏن ڪلاسن جي بالغ شاگردن لاءِ
موزون آهن. تنهن هوندي به زماني تدريسي طريقي خلاف
هيٺ ڏنل اعتراض ڪيا ٿا وڃن:
(i)
ڇاڪاڻ ته هن طريقي موجب ڪنهن به ڳالهه کي وري
دهرائڻو نٿو پوي. تنهنڪري شاگرد ننڍن ڪلاسن ۾
پڙهيل نصاب کي وڏن ڪلاسن ۾ ويندي وساري ٿا ڇڏين.
(ii)
ڇاڪاڻ ته هيٺين ڪلاسن جي ٻارن کي تاريخ جي شروعاتي
دؤر جي سکيا سؤلي ۽ شين جي آڌار تي ڏني ٿي وڃي
تنهنڪري ساڳيائي ٻار ساڳئي شروعاتي دور کي مٿين
ڪلاسن ۾ وڃي تفصيل سان ڪڏهن به نه پڙهندا.
هيءَ ڳالهه برابر آهي ته زماني وار طريقي موجب
تاريخ جي شروعاتي زماني جي تاريخ جي سکيا اڻپوري
رهجي ٿي وڃي. مرڪوزي ۽ زماني وار ٻنهي طريقن ۾
گهٽتايون آهن، تنهنڪري سٺو طريقو هيءُ ٿيندو ته
ٻنهي طريقن جي سٺاين کي نظر ۾ رکي تاريخ جي سکيا
ڏني وڃي، ۽ هڪڙو گڏيل نئون طريقو اختيار ڪيو وڃي.
تاريخ جي نصاب کي هر هر دهرائڻ چڱو نه آهي ۽ هن
سان گڏ هيٺين ڪلاسن ۾ ڪنهن زماني جي تاريخ کي
پاڙهڻ کان پوءِ وري مٿين ڪلاسن ۾ ان کي تفصيل سان
نه دهرائڻ به وڏي گهٽتائي ٿيندي.
جيڪڏهن اسڪول جي ستن ورهين جي سموري مدي لاءِ نصاب
ٺاهڻو هجي ته هيٺئينءَ ريت مرڪوزي ۽ زماني وار
طريقن کي گڏجي استعمال ڪري نصاب ٺاهي سگهجي ٿو.
(i)
شروعاتي ٻن ٽن سالن تائين ننڍن ڪلاسن ۾ آکاڻين
ٻڌائڻ رستي سؤلي ۽ شين جي آڌار تي مک ماڻهن جي
حياتي جو احوال ٻارن کي ٻڌايو وڃي. اهي آکاڻيون
سڄي رکيل ڪورس مان چونڊيل هجن.
(ii)
وري ٻن ٽن سالن تائين چين ڪلاسن ۾ دؤر وار طريقي
موجب سکيا ڏني وڃي ۽ سڄي ڪورس کي دهرايو وڃي.
(iii)
وري پڇاڙيءَ ۾ مٿين ڪلاسن ۾ هڪ ٻن سالن تائين سڄي
ڪورس جي واقعن کي تنقيد ۽ تبصري جي نموني تي
دهرايو وڃي، ۽ خاص تاريخي واقعن ۽ سماجي سڌارن جي
بانيڪارن ۽ سندن مقصدن کي چٽيءَ طرح ٻارن کي ذهن
نشين ڪرايو وڃي. هن رٿا موجب سڄي ڪورس کي ٽي دفعا
دهرائڻو پوندو ۽ مرڪوزي توڙي دؤر واري طريقي ٻنهي
جا فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا.
3. موضوع وار
طريقو:
جهڙيءَ طرح دور وار طريقي موجب تاريخ جي نصاب کي
دؤرن ۾ ورهايو ويندو آهي تهڙيءَ طرح هر هڪ دؤر کي
ننڍن ننڍن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. ۽ هر هڪ دورجي
اهڙيءَ ننڍيءَ يونٽ کي ٽاپڪ
(Topic)
يا موضوع چئبو آهي. هر هڪ ٽاپڪ هڪ خاص تاريخي
ڳالهه يا تحريڪ کي چئبو آهي. مثال طور تاريخي
جنگيون جيئن ته پاڻيپٽ جي جنگ، ميسور جي جنگ،
1857ع واري جنگ وغيره سٺا موضوع آهن. ساڳيءَ طرح
مهاتما گانڌي، محمود غزنوي، شيواجي، سرسيد احمد
خان ۽ محمد علي جناح خاص تحريڪن جا بانيڪار ٿيڻ جي
ڪري مکيه تاريخي عنوان آهن. تاريخ جي استاد لاءِ
ضروري آهي ته سال جي شروعات ۾ پنهنجي نصاب کي
موضوعن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ اسڪول جي هيڊ ماستر کي انهن
موضوعن جي لسٽ ٺاهي ڏيئي ڇڏي. هڪ موضوع بابت
گهڻائي سبق ٿي سگهن ٿا. مٿين ڪلاسن جي شاگردن کان
درسي ڪتابن مان موضوع چونڊرايا وڃن ته بهتر ٿيندو.
4. حال کان ماضيءَ ڏانهن وڃڻ وارو طريقو:
جيڪڏهن تاريخ پاڙهڻ جو مقصد حال جي زندگيءَ بابت
ٻارن کي سيکارڻو آهي ته پوءِ تاريخ جي سکيا حال
کان شروع ٿي ماضي ڏانهن هلڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته
موجوده زندگيءَ ۾ جيڪي حالتون، سماجي ادارا ۽
سياسي ۽ اقتصادي مشڪلاتون پيدا ٿيون آهن، انهن
سڀني جا اسباب ماضيءَ ۾ ملي سگهن ٿا. درحقيقت هي
طريقو زماني وار طريقي جهڙو آهي. فرق ايترو آهي ته
زماني وار طريقي ۾ ماضيءَ کان حال ڏانهن ٿا اچون ۽
هن طريقي موجب حال کان ماضيءَ ڏانهن ٿا هلون. هن
طريقي جو بنياد هڪ مشهور تعليمي اصول تي رکيل آهي،
يعني ته استاد کي ڄاتل ۽ ڏٺل شين کان اڻ ڄاتل ۽ اڻ
ڏٺل شين ڏانهن وڃڻ گهرجي. پر عملي طور حال کان
ماضيءَ ڏي وڃڻ واري طريقي تي عمل نه ڪيو ٿو وڃي
بلڪ هيءُ طريقو فقط سبق جي شروعاتي ڏاڪي جي لاءِ
ڪم آندو وڃي ٿو. شروعاتي ڏاڪي کان پوءِ
استاد هڪدم پنهنجي مقصد يعني نئين سبق تي اچي ٿو.
هيءُ نئون سبق حال جي بابت به ٿي سگهي ٿو ۽ ماضيءَ
بابت به حال ۽ ماضيءَ کي پاڻ ۾ ڳنڍي هڪ ٻئي سا گڏ
ڪري پاڙهڻ تاريخ جي سکيا جو مکيه اصول آهي، تاريخ
هڪ سماجي ۽ پنگتي علم آهي ان جي پڙهڻ مان اسان کي
خبر پوي ٿي ته اسان جي موجوده زندگيءَ جون سياسي،
سماجي، اقتصادي، ۽ مذهبي سڀ ڳالهيون گذريل زماني
جي حالتن جي ڪري پيدا ٿيون آهن. اسان جي لاءِ
موجوده زماني جي تاريخ جي اهميت وڌيڪ هجڻ گهرجي ۽
گذريل زماني جي تاريخ جي اهميت ان کان گهٽ.
5. ماضيءَ کان حال ڏانهن اچڻ جو طريقو:
حال جو ماحول ماضيءَ مان پيدا ٿيو آهي، تنهنڪري
اسان کي حال ۽ ماضيءَ جي زمانن جي تاريخ ٻنهي کي
گڏ پاڙهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته انسانذات جي زندگي ترقي
۽ ارتقا جي ڏاڪن ۽ منزلن جو رڪارڊ آهي. تنهنڪري
تاريخ جي استاد جو فرض آهي ته ماضيءَ جي ڳالهه
ٻڌائيندي حال جي زندگيءَ تي به ان جو اثر چٽيءَ
طرح سمجهائي ۽ هاڻوڪيءَ زندگيءَ جي ڳالهه ڪندي
استاد کي ماضيءَ ڏانهن به وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته
موجوده ماحول جا سبب ماضيءَ ۾ ملندا آهن. مطلب ته
تاريخ جي استاد کي ڪڏهن اڳيان ڏسڻ گهرجي ته ڪڏهن
پٺ تي نظر ورائڻ گهرجي.
6. لڏڪڻي وارو
طريقو:
تاريخ جي سکيا ۾ اڳيان ۽ پٺيان نظر وجهڻ يعني
ماضيءَ ۽ حال جي ڀيٽ ڪرڻ واري طريقي جو نالو لڏڪڻي
وارو طريقو آهي . لڏڪڻي جو ڪم آهي ته هميشه گهڙيال
جي اندر هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو ٿو رهي. جيڪڏهن هلڻ
بند ٿيندس ته گهڙيال بيهي رهندو. ساڳيءَ طرح سان
تاريخ جي سکيا به تڏهن ڪارگر ٿي سگهي ٿي، جڏهن
تاريخ جو استاد حال بابت واقفيت ڏيندي حال جو
لاڳاپو ماضيءَ سان ۽ حال جي ڳالهين جو اثر مستقبل
تي ڏيکاري. تنهنڪري ئي تعليمي ماهر تاريخ جي استاد
جي سکيا جي هن طريقي جي ڀيٽ گهڙيال جي لڏڪڻي سان
ڪن ٿا. تاريخ سيکارڻ جي هن پينڊولم (لڏڪڻو) واري
طريقي ۾ حال کان ماضي ڏانهن هلڻ وارو ۽ اڳ جي
زماني تان هاڻوڪي زماني تي اچڻ ۽ مستقبل تي نظر
وجهڻ وارا ٽيئي طريقا شامل آهن.
پينڊولم طريقي جي ذريعي تاريخ پاڙهڻ جا فائدا هيٺ
ڏجن ٿا:
(i)
اهو طريقو ڄاتل کان اڻ ڄاتل تي وڃڻ واري اصول تي
ٻڌل آهي.
(ii)
اڳيون زمانو هاڻوڪي زماني ۾سمايل آهي تنهنڪري
هاڻوڪي زماني جو احوال پڙهبو ته ان ۾ ازخود اڳئين
زماني جو احوال به اچي ويندو.
(iii)
جيڪڏهن تاريخ جو ڪم اڳئين زماني جي احوال کان شروع
ڪبو ته هاڻوڪي زماني جي تاريخ تي ويچارڻ لاءِ پورو
وقت ملي ڪين سگهندو.
(iv)
قوم جي ترقيءَ جي منزلن جي ڀيٽ ماضيءَ کان حال
ڏانهن اچڻ جي ذريعي بهتر نموني ۾ ڪري سگهجي ٿي .
(v)
اڳئين زماني کان هاڻوڪي زماني تي اچڻ فطرتي طريقو
آهي. تنهنڪري تاريخ جو احوال پڻ قديم زماني کان
شروع ڪرڻ گهرجي.
(vi)
جيڪڏهن شاگرد مستقبل تي به نظر ڪرڻ سکندا ته سندن
هوش ۽ تميز جي طاقت وڌندي.
(vii)
هاڻوڪي زماني ۾ جيڪي خرابيون آهن انهن کي مٽائڻ ۽
هٽائڻ لاءِ اهي ازخود ڪوشش ڪندا ۽ جيڪڏهن هڪ دفعي
ٻارن جي دل ۾ اها آرزو پيدا ٿي وڃي، ته کين
آئينده جا ابا ٿيڻو آهي ته پوءِ انهن خرابين کي
دور ڪرڻ لاءِ قدم کڻندا، جنهن ڪري ممڪن آهي ته
دنيا جيڪا هن وقت خلل سان ڀريل آهي ۽ جهنم مثل ٿي
ويئي آهي سا ڦري بهشت ٿي پوي .
|