بسم الله الرحمٰن الرحيمo
باب پهريون
تاريخ ڇا آهي؟
سر رابرٽ والپول بيمار هو. سندس زال کيس چيو ته
”توکي
ڇا پڙهي ٻڌايان؟“
هن ورندي ڏني ته،
”جيڪي
وڻئي سو پڙهي ٻڌاءِ،
مگر تاريخ اصل نه هجي!“
نيپولين بوناپارٽ کي به تاريخ کان ڪافي نفرت هئي.
هو تاريخ ۽ ان جي ڳالهين کي هڪ قسم جون ڪوڙيون
آکاڻيون سمجهندو هو. هربرٽ اسپينسر کي به تاريخي
معلومات ۽ ڳالهين لاءِ تمام گهڻي ڌڪار هئي. هو
چوندو هو ته،
”تاريخي
حقيقتن کي ماڻهو پاڻ کي وندرائڻ لاءِ ۽ تفريحاً
ڀلي پڙهي. مگر هيءَ ڳالهه ته، تاريخي حقيقتون ۽
واقعات پڙهڻ مان اسان ڪجهه پرائي سگهنداسون، سو
بلڪل غلط آهي.“
فرانس جي ڪن اسڪولي انسپيڪٽرن کان پڇيو ويو ته،
”اسڪولي
نصاب جي لاءِ انهن جي خيال موجب ڪهڙا ڪهڙا مضمون
ضروري آهن؟“
هڪڙي چيو،
”تاريخ
جو مضمون بلڪل بيڪار آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو
پڙهيل آهي، اهو تاريخ ۽ تاريخي واقعات پاڻ مطالع
ڪري سگهي ٿو.“
ٻئي انسپيڪٽر وري چيو ته،
”تاريخ
جو پاڙهڻ هڪ ناممڪن ڪم آهي!“
ٽئين انسپيڪٽر به ايئن ئي ٻڌايو ته،
”تاريخ
پڙهڻ يا پڙهائڻ ۾ فائدو ٿيڻ ته جدا ڳالهه آهي، اُلٽو
شاگردن ۽ پڙهندڙن کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. ڇو
ته تاريخ پڙهڻ جي ڪري ٻارن ۾ اجائي تڪبر ۽ ڪوڙي
تفخر جو جذبو جاڳندو آهي.“
يورپ ۾ جڏهن رومن ڪئٿولڪ ڪليسا
(Roman Catholic)
جي عروج جو زمانو هو، تڏهن عيسائي مذهب جي پيشوائن
۽ اڳواڻن اسڪولن ۾ تاريخ جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ تي
پابندي وجهي ڇڏي هئي. ڇو ته انهن جي راءِ موجب
”تاريخ
۽ ان جي حقيقتن جي سکيا ڪليسا ۽ حرمت جي اصولن ۽
قانونن جي لاءِ عوام ۽ شاگردن جي دلين ۾ ڌڪار ۽
نفرت پيدا ڪندي هئي.“
مٿي ڏنل مفڪرن ۽ سياستدانن جا رايا تاريخ جي مضمون
شامل ڪرڻ جي مخالفت ۾ آهن.
هاڻي اچو ته تصوير جو ٻيو رخ به ڏسون. آليور
ڪرامويل جو اعتماد هو ته تاريخ جي علم ۾ ڌڻي
تعاليٰ جي ذات جو عڪس ٿو ملي. هيءُ مضمون رب جي
صفات جو مظهر آهي. فرائڊ جي راءِ موجب
”تاريخ
هڪ اهڙي مستقل ۽ ابدي گهنڊ جو آواز آهي جو
انسانذات جي ڪنن ۾ هميشه صدين کان صدين تائين حق ۽
ناحق، انصاف
۽
عدل،
ظلم ۽ ڏاڍ جي قانون جي اهميت ۽ ڄاڻ جي وسيلي ٻرندو
ٿو رهي“.
جونز جو خيال آهي ته، ”تاريخ زندگي جي مشاهدات ۽
تجربات جي هڪ کاڻ آهي. اڄوڪن ٻارن ۾ موجود نسل جي
لاءِ علم تاريخ جو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ انهيءَ لاءِ
ضروري آهي ته اڳوڻي زماني جي ماڻهن جي مشاهدن ۽
تجربن جو خزانو انهن کي ملي ۽ پڻ دنيا کي فيضياب
ڪري.“ هربرٽ جو هڪڙو معتقد مفڪر مسٽر زلر هو، جنهن
جي راءِ موجب،
”تاريخ
جي علم کي اسڪولي نصاب ۾ مرڪزي حيثيت رکڻ گهرجي، ۽
باقي سڀني مضمونن کي ثانوي طور ئي تاريخ جي چوگرد
تربيت ڏيڻ گهرجي.“
مٿي ڏنل ڳالهين مان ثابت ٿئي ٿو ته تاريخ جي فلسفي
۽ فائدي بابت مختلف ماڻهن ۽ مفڪرن جا متضاد رايا
رهيا آهن. تنهن هوندي به هڪڙي حقيقت پڌري ٿيل آهي
ته هن مخالفت موافقت يعني متضاد خيالن جو سبب هيءُ
آهي ته مؤرخ ۽ مفڪر تاريخ جي علم جي وصف ۽ مقصد
بابت هم خيال ۽ متفق راءِ نه رهيا آهن. هر ڪنهن
فلسفيءَ ۽ مفڪر پنهنجي راءِ ۽ خيال موجب تاريخ کي
سٺو يا بيڪار سمجهيو آهي، هر ڪنهن مفڪر تاريخ جي
علم بابت پنهنجو مفهوم ۽ مطلب جدا جدا ٺاهيو آهي.
ان ڪري هر ڪنهن جو اختلاف ۽ اتفاق صحيح ۽ درست
آهي.
ان ڪري اسان لاءِ ضروري آهي ته تاريخ پڙهائڻ جي
طريقن ۽ اصولن تي بحث ڪرڻ کان اڳ ۾ هن ڳالهه جو
فيصلو ڪريون ته تاريخ جو علم آهي ڇا؟ ۽ ان جي پڙهڻ
۽ پڙهائڻ مان ڪهڙا فائدا آهن؟ جيڪڏهن تاريخ جو علم
رڳو بادشاهن جي شان ۾ گهڙيل ۽ واقعن جو مجموعو ۽
داستان آهي ته پوءِ بهتر ٿيندو ته هن مضمون کي
نصاب کان ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ ان جي عيوض ڪو ٻيو
ڪارائتو ڪم شامل ڪيو وڃي، جنهن ما ن ٻارن کي ڪجهه
فائدو رسي.
هاڻي سوال پيدا ٿئي ٿو، ته تاريخ جي علم بابت
ماڻهن جا رايا ايتري قدر اُبتا ۽ متضاد ڇاجي ڪري ۽
ڇو آهن؟ هن سوال جو جواب هي آهي ته ٻن هزار ورهين
کان وٺي تاريخدان ۽ ليکڪ تاريخ جا ڪتاب پنهنجي
پنهنجي ذاتي غرض ۽ مقصدن جي مدنظر لکندا آيا آهن.
هر نئين مؤرخ يا مصنف جو هر نئون يا تازو مقصد يا
غرض يا ماحول ۽ معاشرتي گهرج تاريخ جي مفهوم کي
نئون رنگ ۽ مطلب ڏيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري هر
زماني ۾ تاريخ جو فلسفو، معنيٰ سميت ڦرندو رهيو
آهي. عام طور علم تاريخ کي ٻن دورن ۾ ورهائي سگهجي
ٿو. هڪڙا اهڙا ڪتاب آهن، جي اُڻويهين
صديءَ کان اڳ لکيا ويا آهن، سي پهرئين دور جا آهن.
ٻيا اهي، جي اُڻويهين
صديءَ کان پوءِ لکيا ويا آهن، سي ٻئي دور جا چئبا.
اڻويهين صديءَ کان تاريخ جي ڪتابن ۾ تاريخ جي علم
۽ تاريخ جي فلسفي تي سائنس ۽ سائنسي نظرين جو اثر
پئجي ويو. 19-
صديءَ کان وٺي تاريخ جي علم ۽ تاريخي حقيقت کي
ارتقائي نظريه زندگي موجب جا چيو ويو آهي. قديم ۽
مدي خارج فلسفه حيات روڪيو ويو. سچ پچ سائنسي يا
ارتقائي نظرئي، تاريخ جي علم کي نئون جنم ڏنو آهي.
شروعاتي دؤر جي تاريخ علم ادب جو ڀاڱو هوندي هئي،
تنهن ڪري هن ۾ علم و ادب جون سڀئي خاصيتون هيون.
شروع شروع ۾ تاريخ آکاڻين تي مشتمل هئي. اهي
آکاڻيون افسانوي نثر يا نظم ۾ لکيل هونديون هيون
انهن آکاڻين جو سچو هجڻ لازمي ڪونه هو. بلڪه ضروري
ڳالهه هيءَ هئي ته هر هڪ آکاڻي دلچسپ ۽ وندرائيندڙ
هجي. تنهن کان سواءِ شروعاتي دؤر ۾ تاريخ لاءِ يا
ٻيءَ طرح به فن تحرير جو علم نه هو، ۽ قرون وسطيٰ
تائين به ڪتاب يا ته اصل وجود ۾ ڪونه هئا، يا تمام
اڻ لڀ هئا. تاريخ جون آکاڻيون يا گذريل زماني جون
ڳالهيون پيءُ پـُٽَ کي ۽ گهر يا ڪٽنب جا وڏا
پنهنجن ننڍن کي زباني ٻڌائيندا هئا ۽ سيکاريندا
هئا. هيءُ ڪم هڪ نسل کان وٺي ٻئي نسل تائين جاري
رهندو هو. نيٺ نتيجو اهو نڪتو ته تاريخ جون
آکاڻيون ۽ ڳالهيون گهڻن ماڻهن جي واتن ۽ دماغن جي
اثر پوڻ جي ڪري ڪافي بدلجي وينديون هيون. اصلوڪي
آکاڻي ڪجهه سچي به هوندي هئي،
ته به ٻئي نسل تائين پهچندي پهچندي ساڳي سچي ڳالهه
ڪوڙي ۽ مبالغه آميز سمجهي ويندي هئي. هزارها ورهين
تائين هن ريت تاريخ ۾ ڦير گهير ٿيندي رهي.
رامائڻ ۽ مها ڀارت مـُنڍ
۾ ڪٿائن يا قصيدن کان سواءِ وڌيڪ ڪجهه به نه هئا.
اڳئين زماني ۾ هندستان ۾ يگيه
(Horse- Sacrifice)
جو رواج هوندو هو. يگيه ڪرڻ جي مکيه ڏينهن کان ڏهه
ڏينهن اڳ ئي پروهت ۽ پاٽ ديوتائن ۽ قومي سورمن جي
ساراهه وارا قصيدا پڙهڻ ۽ انهن جا ڳــُڻ ڳائڻ شروع
ڪندا هئا. ساڳئي نموني جنگ جي موقعي تي به اهي
پروهت ۽ پاٽ پنهنجا بيت ويرن يا سورمن کي جوش
ڏيارڻ لاءِ ڳائيندا ۽ پڙهندا هئا. انهن گيتن، بيتن
۽ نظمن ۾ اڳئين زماني جي بهادرن ۽ عالمن، بادشاهن
۽ راجائن، ديوين ۽ ديوتائن جا ڪارناما لکيل هوندا
هئا. ان شروعاتي دور جي آکاڻين، نظمن ۽ ڪٿائن جو
مقصد يا رڳو تفريح هوندو هو يا وندر يا نوخيز
سپاهين ۽ جوانن ۾ جوش پيدا ڪرڻ ۽ انهن تي وطنيت ۽
حب وطن جو جذبو طاري ڪرڻ هوندو هو. آکاڻي ٺاهيندڙ
جو واسطو سچ يا ڪوڙ سان اصل ڪونه هو. تحقيق ۽ تجسس
هن جو مقصد ئي نه هو. قديم زماني جون آکاڻيون سچي
نموني ۾ پيش ڪرڻ نصب العين نه هو. بلڪه تاريخ کي
دلچسپ ۽ وندرائتي نموني سان وقتي ضرورت جي ڪري
سامهون آڻڻ خاص مقصد هوندو هو.اڳوڻي زماني جي
ماڻهن جون خوبيون ۽ خاميون وڌائي ۽ مبالغو ڪري
بيان ڪيون وينديون
هيون ته ٻڌندڙ کي فرحت ۽ لـُطف اچي. انهن آکاڻين ۽
ناٽڪن ۾ ڀوت، پريون ۽ ٻيا خيالي اداڪار ڪم ڪندا
هئا. عام ماڻهو فرشتا سمجهيا ويندا هئا. واقعات ۽
حقيقتن کي ائين ملائي ڇڏيندا هئا، جو حقيقت اصل گم
ٿي ويندي هئي. تقريرن ۽ ڊائلاگن جي پاڻ ۾ آميزش
هوندي هئي. معجزا ته تمام وڌيڪ وڻندا هئا. ماڻهو
ڀرم ۽ سنسي وارا هئا. جڏهن ڪو بادشاهه گذاري ويندو
هو ته پرجا سمجهندي هئي ته هاڻي رت جو مينهن پوندو
۽ سج لهي ويندو.
يورپ ۾ قرون وسطيٰ تائين تاريخ، ڪليسائي مذهب ۽
مذهبي رسمن ۽ ريتن جي ڪنيز بڻي رهي. زماني ۽ مڪاني
احساس
(Sense of time and distance)
جو شعور اصل ڪونه هوندو هو ۽ نه ڪو خاص تاريخي
نظريو مطمح نظر موجود هو. عيسائي پادري ۽ راهب
عبراني تهذيب ۽ تمدن کي معياري شيءِ تصور ڪندا
هئا. عيسائي مصنفين ۽ مؤرخين دنيا جي ٻين قومن ۽
سلطنتن کي پنهنجي ڪتابن ۽ ادب ۾ گهٽ درجو ڏيندا
هئا. معجزا ۽ ڪرامتون ڪلسيا جي معتقدن جي لاءِ
وڌيڪ اهميت رکندڙ ڳالهيون هيون. مطلب ته اڻويهين
صدي شروع ٿيڻ تائين يورپ ۾ به تاريخ جو صحيح
مفهوم معلوم ۽ موجود نه هو. اڻويهين صديءَ ۾ طبعي
سائنس ۾ واڌاري جي ڪري ۽ علم جي ڳولا ۾ تحقيقاتي ۽
تجسس وارو طريقو استعمال آڻڻ جي ڪري تاريخ جي
مطالعي ۽ ان جي مفهوم تي به سائنس جي نتيجن جو اثر
پئجي ويو. تاريخ ۾ تحقيقاتي ۽ ارتقائي نظرين ۽
طريقن کي جاءِ ڏني وئي. يعني اڻويهين صديءَ کان
هيءَ تحريڪ شروع ٿي ته موجوده تاريخي خزاني ۽ مواد
کي جاچيو وڃي ۽ ڪوڙ کي آکاڻين ۽ واقعات مان ڪڍيو
وڃي ۽ سچين ڳالهين جي ڳولا ڪئي وڃي، ته تاريخ جو
علم به ٻين سائنسن وانگر انسان جي زندگيءَ لاءِ
ڪارائتو ثابت ٿئي ۽ بني آدم ۽ آئنده نسلن کي
پنهنجي وڏن بزرگن جي صحيح ۽ سچي حالات جي خبر پوي.
يورپ ۾ پڻ هن نظريي جي مدِ نظر تاريخي دستاويزن ۽
جهوني رڪارڊ جي اهميت وڌي ويئي. يورپ جي سجاڳ ۽
ترقي يافته ملڪن تاريخي دستاويزن، ماخذن ۽ ڪتابن
جي ڳولا شروع ڪري انهن کي ٺاهي ڇاپڻ ۽ شايع ڪرڻ جو
ڪم شروع ڪيو. سائينٽيفڪ تاريخ جو گهر جرمني هو ۽
نائي بور(Niebuhr)
هن جو پيءَ هو. هن مؤرخ سڀ کا اول
”رومي
جمهوريه“
جي تاريخ لکي، جنهن ڪم ڪرڻ ۾ هن کي لوي جي تاريخ
روم کان مدد ملي. نائي بور تاريخ جي علم کي هڪ جدا
۽ آزاد سائنس ٺاهي ڇڏيو. نائي بور جو اثر يورپ جي
ٻين مؤرخن تي به پيو ۽ جرمنيءَ جي درسگاهن ۾ تربيت
يافته اسڪالرن ۽ پروفيسرن موجود تاريخي مواد ۽
رڪارڊ کي چڪاسي مبصرانه ۽ تنقيدي نظر هيٺ آڻي وري
ڪتابي صورت ڏيئي ڇپايو ۽ تاريخي علم کي سائنس جو
درجو ڏنائون. انگلنڊ ۾ اهڙا مکيه مؤرخ ۽ محقق
هيٺيان شخص هئا: (1) بشپ اسٽبس
(2) ايس.آر.گارڊنر (3) ايف.ڊبليو.ميٽلينڊ (4)
ٽي.ايف.ٽائوٽ اسٽبس 25-
ورهين تائين رڪارڊ ڪميشن جي ميمبر جي حيثيت ۾ رهيو
۽ ڪم ڪيائين. هو پهريون اسڪالر هو، جنهن ثابت ڪري
ڏيکاريو ته تاريخي رڪارڊ ۽ مواد کي محققانه انداز
۽ تنقيدي لحاظ کان پيش ڪرڻ ۽ تاريخي ڪتابن جي شائق
ٿيڻ جو صحيح مفهوم ۽ مراد ڇا آهي؟ هن جو مشهور
ڪتاب
Constitutional History
آئين جي تاريخ آهي. جنهن ۾ قرون وسطيٰ جاسڀ آئيني
۽ جوڙجڪي مسئلا ڏنل آهن. انهن تي غيرجانبدارانه
راءِ زني ۽ بحث مباحثو ڪيو ويو آهي. اسٽبس سختيءَ
سان ايماندارانه ۽ غيرجانبدارانه نظر سان تاريخ
لکڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيو. هو فخر سان چوندو هو ته
منهنجو ڪتاب يا تصنيف پڙهڻ کان پوءِ ڪو به هن
ڳالهه جو اندازو لڳائي نه سگهندو ته منهنجا سياسي
خيال ۽ اعتقاد ڇا آهن. هن ڳالهه ۾ شڪ ئي ڪونه آهي
ته اهڙي قسم جا مؤرخ وري مشڪل لڀندا.
گارڊنر صاحب انگلنڊ جي اسٽوئرٽ گهراڻي جو خاص
مطالعو
ڪيو ۽ چئن سالن جي اَڻ ٿڪ ڪوشش کان پوءِ جي
اسٽوئرٽس ۾ لکيائين. ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ صاف محسوس
ٿيندو آهي ته مؤرخ غيرجانبدار آهي، نه بادشاهه جو
دوست ۽ نه ئي پارلينيٽ جو طرفدار.
ميٽلنڊ صاحب
”انگريزي
قانون عدليه“
کي پنهنجو خاص موضوع ٺاهيو ۽ تاريخ جي وصف کي جامع
۽ وسيع ڪري ڇڏيائين. چوي ٿو ته،
”جيڪي
ڪم ماڻهن ڪيا آهن ۽ چئي ويا آهن، خاص طور سان جيڪي
به انهن جا خيال ۽ سڀاءُ ٿي رهيا آهن، اهو آهي
تاريخ ۽ ان جي علم جو موضوع.“
هو سياسي ۽ آئيني قانونن کي مرده ۽ بيجان شيون
(Mere abstractions)
نه سمجهندو هو. بلڪه چوندو هو ته قانون ۽ آئين هڪ
زنده ۽ جيئري طاقت آهي، جنهن جو واسطو ۽ لاڳاپو
زنده ماڻهن ۽ بيدار قومن سان ٿيندو آهي. اهڙن نون
مؤرخن جي فهرست تمام گهڻي ڊگهي ٿي سگهي ٿي. انهن
کان اڳ تاريخ
”الف
ليليٰ“
جي ڪوڙين آکاڻين وانگر هڪ خيالي آکاڻي هوندي هئي،
جنهن ۾ حقيقت ڪوڙن افسانن جي غلبي ڪري گم ٿي ويندي
هئي.
والپول ۽ نيپولين جو چوڻ آهي ته تاريخ ۾ ڪوڙيون
ڳالهيون جام آهن. بيشڪ ڪنهن حد تائين سندن اها
چوڻي صحيح هئي. پراڻي يا پهرئين دؤر جي تاريخدانن
۾ ٽن قسمن جون خرابيون هيون:
(1) قديم ۽ اڳوڻا مؤرخ تاريخ ۽ تاريخي تصانيف کي
تاريخ جي علم وڌائڻ خاطر نه لکندا هئا، بلڪ تاريخي
مواد ۽ آکاڻين کي ادبي يا خيالي، مذهبي ۽ سياسي
رنگ ڏيئي پنهنجي يا ٻين جي مرضيءَ پٽاندر پورو
ڪندا هئا. انهن جو خيال محققانه ۽ مفڪرانه نه هو.
بلڪ تنگ، شخصي ۽ مقامي هو. انهن جي تخيل ۽ تصور تي
عصبيت ۽ تعصب جا پردا پيل هئا.
(2) انهن جهونن مؤرخن جو موضوع علم التاريخ نه
هو، بلڪه سندس نظريو شخصي، ذاتي ۽ سطحي هو. جنهن
جي ڪري انهن جي ڪتابن ۾ فقط بادشاهن، راڻين،
وزيرن، ۽ سپهه سالارن جو احوال ڏيڻ اولين فرض
سمجهيو ويندو هو. عام ماڻهن جي حياتيءَ جي احوال
سان انهن جو واسطو ئي ڪونه هو. سياسي ۽ فوجي واقعا
بيان ڪرڻ ئي انهن جي مراد هئي. سماج جي پنگتي،
مالي، تعليمي ۽ تمدني زندگيءَ سان انهن جو واسطو
ڪونه هو.
(3) انهن مؤرخن جي ڪم ڪرڻ جو طريقو مبصرانه ۽
مفڪرانه ڪونه هو. تاريخي ڳالهين جو سچو يا ڪوڙو
هجڻ انهن جي سامهون يڪسان هو. ماخذن کي ڳولڻ ۽
تحقيقي سچا واقعا اخذ ڪرڻ، پوءِ پنهنجا يا ٻين جا
سچا رايا لکڻ ۽ انهن جي اشاعت ڪرڻ انهن جو مقصد
ڪونه هو. اهي اهڙا خود غرض، سست يا جانبدار هئا جو
هر ڪنهن ڳالهه تي سوچ ويچار ۽ غور و خوض ڪرڻ کان
سواءِ ئي اعتبار ڪري ڇڏيندا هئا. انهن کي هيءَ خبر
اصل ڪانه هئي ته تاريخ هڪ علحدي شيءِ آهي. قصا ۽
افسانا ڪا ٻي شيءِ ٿيندي آهي.
ايتري بحث مباحثي کان پوءِ اسان غالباً آسانيءَ
سان سمجهي ويندا سون ته تاريخ جي وصف ڇا آهي.
تاريخ مبصرانه، مفڪرانه ۽ تنقيدانه نظر سان بني
نوع انسان جي گذريل زندگيءَ جي حالات ۽ واقعات جي
مطالعي ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. هيءُ مطالعو ڪنهن خاص
ملڪ، قوم يا ڪنهن خاص علائقي يا دؤر يا عهد تائين
محدود ٿي نه ٿو سگهي. بلڪه هيءُ مطالعو ان وقت کان
وٺي شروع ٿئي ٿو، جڏهن ڏاڏي آدم عليه
السلام هن ڌرتيءَ تي اچي قدم مبارڪ رکيا ۽ ڏاڏي
حوا سان گڏجي سماج جو بنياد وڌو.
تاريخدان ۽ مؤرخ جو واسطو هر ان جاءِ،
علائقي يا کنڊ سان آهي، جتي به بني آدم ويا ۽
سڪونت پذير ٿيا. سچي ۽ صداقت پسند مؤرخ جو ڪوبه
افراد يا هڪ شخص يا چند وڏن تاريخي مشاهيرن سان
انفرادي طور ڪوبه ڪونهي. بلڪه هڪ سچي مؤرخ جو
واسطو هر فرد ۽ شهريءَ سان فقط تڏهن آهي جڏهن مؤرخ
کي ثابتيءَ سان خبر پوي ته فلاڻو ماڻهو فلاڻي
تحريڪ جو پايو وجهندڙ يا فلاحي سماجي ڪم ۾ بهرو
وٺندڙ هو. يا فلاحي ماڻهو جو واسطو سڌيءَ يا اڻ
سڌيءَ طرح ڪنهن به پنگتي، سماجي يا قومي فلاح
وبهبودي يا شروفساد، ظلم و ستم جي ڪم سان رهيو
آهي. هڪ معياري ۽ صداقت پسند مؤرخ جو ڪم آهي ته هو
سياسي، مذهبي، پنگتي، ادبي، علمي ۽ آرٽ جي ڳالهين
کي انهن شين سان لاڳاپا رکندڙ ماڻهن کي هڪ نظر سان
ڏسي پنهنجا سچا رايا ۽ غير جانبدارانه فيصلا ڪتاب
۾ قلمبند ڪري. جيئن ته تاريخ ۾ گهڻا ئي خاص واقعا،
حادثا، ڪارناما، احوال ۽ افراد موجود هوندا آهن،
پر اهي سڀ شيون جدا جدا تاريخ بڻجي نه سگهنديون
جيستائين انهن انفرادي ڳالهين ۽ شين جو پاڻ ۾ ربط
ترتيب پيدا نه ٿي ٿئي.
مؤرخ جو اولين فرض آهي ته پهريائين جدا جدا تاريخي
اصل واقعن ۽ حقيقتن کان واقفيت پيدا ڪري جيئن اهي
واقعا ۽ ڳالهيون مـُنڍ
۾ هئا. تنهن کان پوءِ هن جو ٻيو ڪم هيءُ آهي ته
انهن صحيح حقيقتن کي معنيٰ جو جامو پهرائي. يعني
ربط، تسلسل ۽ ترتيب ڏيڻ کان پوءِ انهن مان نتيجا
ڪڍي.
ڪنهن به فرد ۽ واقعي يا حادثي کي ساراهڻ يا ان جي
مذمت ڪرڻ مؤرخ جو فرض نه آهي.
ٿورن لفظن ۾ تاريخ جو علم هن ڌرتيءَ تي انساني
ارتقا جي مطالعي ڪرڻ جو نالو آهي.
|