سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: تاريخ جي تعليم جا اصول

باب: 1

صفحو : 4

تاريخ سائنس آهي يا فن؟

مٿي ڏنل بحث مباحثو هڪ اهم ڳالهه تي مدار رکندڙ آهي. يعني تاريخ هڪ سائنس آهي. هيءُ هڪ پنگتي يا سماجي علم آهي. تنهن ڪري هيءُ هڪ سماجي علم يعني سائنس ٿيو. پر ڪن ماڻهن جو رايو آهي ته تاريخ کي سائنس هرگز چئي نه سگهبو. مثلاً اسپينسر جي راءِ موجب، تاريخ زندگيءَ ۾ رهمنائي ۽ رهبريءَ جي لاءِ بلڪل بيڪار آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ جون ڳالهيون ۽ واقعا اهڙي نموني جا هوندا آهن، جو انهن مان اسان پنهنجي آئنده زندگيءَ ۾رهبريءَ خاطر ڪوبه نتيجو ڪڍي ڪونه ٿا سگهون. هن مفڪر جي خيال موجب تاريخ جون حقيقتون دراصل بي ربط ۽ غير مرتب رهنديون آيون آهن. ان ڪري اسان انهن بي ترتيب ۽ بي تسلسل ڳالهين مان پنهنجي زندگيءَ جي آئنده ڪردار ۽ چال چلت بابت ڪوبه قانون يا قاعدو ٺاهي نٿا سگهون. اسپينسر ۽ ان جا ٻيا هم خيال مفڪر چون ٿا ته، تاريخ جون حقيقتون ٻين سائنسي علمن جهڙيون نه آهن. تاريخ جا واقعا پاڻ کي ٻين سائنسي علمن جي حقيقتن وانگر دُهرائجن ڪونه ٿا. جنهن جي ڪري ٻين سائنسي علمن وانگر هنن حقيقتن جا قاعدا ۽ قانون ٺهي نٿا سگهن. نڪي تاريخي ڳالهين ۽ واقعن جو ڪو هرهر مشاهدو ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪنهن تجربيگاهه ۾ انهن تي تجربو ڪري سگهون ٿا. وڏي ۾ وڏو سبب هيءُ آهي ته تاريخ جو واسطو انسان جي خيالن ۽ اعمالن سان آهي. انسان پنهنجي مرضيءَ، خيال ۽ عمل ۾ آزاد پيدا ٿيل آهي. هن جي مرضي آزاد ۽ اندروني شيءِ آهي جنهن ڪري سندس عملن ۽ خيالن بابت ڪوبه سائينٽيفڪ قانون ٺاهڻ ناممڪن آهي. تنهن ڪري جيستائين ٻين سائنسي علمن وانگر تاريخي علم بابت قانون نه ٺهندا، تيستائين علم التاريخ سائنس ٿي نه سگهندو.

اهي سڀ ڳالهيون بلڪل برابر آهن. علم التاريخ بي شڪ ان لحاظ کان سائنس نه آهي، جيئن علم طبعي ۽ علم ڪيميا سائنسي علم آهن.

علم التاريخ جون حقيقتون آسمان تي تارن وانگر نه آهن. جن جي روزاني ۽ سالياني گردش مقرر ۽ متعين وقت تي ٿئي ۽ نظام شمسي ( The Solar system) يا اجرام فلڪي (Heavenly bodies) وانگر انهن جو مشاهدو ڪيو وڃي. نه ئي علم التاريخ علم طبعي ۽ علم ڪيميا وانگر آهي، جو ان جي حقيقتن بابت تجربا ڪيا وڃن.

علم التاريخ هڪ اهڙي سائنس آهي، جنهن کي ڳولا ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصري واري سائنس چئي سگهجي ٿو. ان جي تنقيد ۽ تبصري لاءِ هيٺيان شرط ضروري آهن:

(1)     ضروري ۽ اهم واقعن ۽ تاريخي ڳالهين لاءِ محنت ۽ دانائيءَ سان تجسس ۽ ڳولا ڪرڻ.

(2)     خبرداريءَ سان هٿ ڪيل ڳالهين ۽ واقعن کي جاچي ۽ پرکي ڏسڻ ته ڇا اهي ڳالهيون ممڪن آهن.جي ممڪن آهن ته پوءِ اهو معلوم ڪرڻ ته سچيون آهن يا ڪوڙيون.

(3)     آخر ۾ انهن ڳالهين جو مطلب سمجهڻ ۽ ان مطلب مان ڪارائتا نتيجا اخذ ڪرڻ.

مٿي ڏنل ٽيئي قدم تاريخي ڳالهين جي صداقت ۽ حقانيت جي لاءِ ضروري کڻڻا پوندا. پر هن ڪم جي پوري ڪرڻ ۾ هيءَ ڳالهه لازمي آهي ته مؤرخ ۽ محقق جو دماغ ۽ دل عصبيت،تعصب ۽ فرضي مغالطن کان آجا هجن. هن مان ثابت آهي ته ڪنهن حد تائين تاريخ حق، سچ ۽ صداقت جي ڳولا سائنسي نڪته نگاهه سان ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. جيڪڏهن ڳولا جا طريقا علمي (Scientific methods of investigation) آهن ته ان صورت ۾ تاريخي علم برابر هڪ سائنس آهي. ٿي سگهي ٿو ته  مؤرخ جي لاءِ هيءَ ڳالهه ممڪن نه هجي ته هو اهڙا قاعدا ۽ اصول ٺاهي سگهي، جن جي وسيلي هو آئنده بابت يقين سان پيش گوئي ڪري سگهي، ته فلاڻين حالتن ۾ فلاڻي قسم جا واقعا پيش ايندا. ليڪن هي ممڪن آهي ته هر مؤرخ پنهنجي رجحانات، احساسات، نيت ۽ نصب العين ۾ علمي معيار ۽ طريقي جو پابند هجي ۽ تحقيق ۽ تجسس ۾ علمي ذوق ۽ شوق کان ڪم وٺندڙ هجي. هيءَ ڳالهه به انصاف کان پري ٿيندي جو ڪنهن اهڙي علم جي خزاني کي، جنهن جي وسيلي عام اصول يا قانون ٺهي نه سگهن، تنهن کي اسين هڪدم سائينٽيفڪ ٿيڻ کان محروم سمجهون. هڪسلي جي قول موجب، هر اهو علم، سائنس آهي، جنهن جو بنياد ثابتيءَ ۽ دليل تي هجي. پروفيسر ٽيگارٽ جي قول موجب، سائنس هر اهو علم ٿي سگهي ٿو، جيڪو قدرت جي ڪارخاني مان مسلسل ۽ محققانه طريقن سان حاصل ٿي سگهي. سائنس جي ان وسيع وصف پٽاندر علم التاريخ به هڪ سائنس آهي. البت اڪثر ڪري تاريخدان ۽ مؤرخ سائنٽسٽ نه هوندا آهن.

جيڪڏهن تاريخ هڪ سائنس آهي، ته ان کي هـُنر سڏڻ درست ٿي نٿو سگهي، پر پوءِ به اڪثر تاريخدان تاريخ کي هنر سمجهن ٿا. انهن جو چوڻ آهي ته بهرحال سائنس جي حقيقتن جو مثال بدن جي هڏن جهڙو آهي. جيستائين مؤرخ ۾ شاعرانه تخيل ۽ جذبات موجود نه هوندا، تيستائين هن تاريخي واقعات جي خشڪ هڏائين پڃري ۾ زندگيءَ جو پيدا ٿيڻ ناممڪن آهي. تنهنڪري هڪ هوشيار مؤرخ لاءِ ضروري آهي ته هن کي قدرت جي طرفان اعليٰ ادبي ۽ هنري صفات، شاعرانه تخيل ۽ وسيع همدردي بطور ڏات مليل هجن. نه ته تاريخ اسان جي لاءِ ڪارگر ۽ فائديمند ثابت نه ٿيندي.

هيءَ هڪ مڃيل حقيقت آهي ته تاريخ زنده انسانن جو هڪ جيئرو جاڳندو ۽ سچو رڪارڊ هئڻ گهرجي. تاريخدان جي لاءِ ضروري آهي ته هو هڪ عالم ٿيڻ کان سواءِ هڪ سٺي اديب ۽ فنڪار جي وصفن ۽ خوبين سا آراسته هجي. تاريخ جا ڪتاب نه رڳو ماضيءَ جي حالات جا خزانا هئڻ گهرجن، بلڪه ان سان گڏوگڏ قومي ادب ۾ هنر جا به سٺا نمونا هئڻ گهرجن ته ماڻهو انهن جي مطالعي ۾ دلچسپي وٺن ۽ تاريخي حقيقتون انهن جي دلين ۽ دماغن ۾ راسخ ٿي بيهي وڃن.

هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته تاريخ فقط علم (Science) آهي يا فن (Art) به آهي؟ هن سوال جو جواب هيءُ آهي ته تاريخ پنهنجي ٻن حيثيتن پٽاندر علم به آهي ۽ هنر به. هن لحاظ کان ته تاريخ حقيقي ۽ سچن واقعن جي ڳولا ۽ تحقيق جو نالو آهي ته پوءِ تاريخ هڪ علم آهي. جيڪڏهن هن لحاظ سان ته تاريخ انهن واقعن ۽ ڳالهين جي بيان ۽ تذڪري جو به نالو آهي ته پوءِ تاريخ هڪ فن آهي يا هئڻ گهرجي.

تاريخ کي علم ۽ فن يا علم يا فن سمجهڻ بابت جيڪو بحث مباحثو هليو ٿو اچي، ان جو سبب سچ پچ لفظ هسٽري (تاريخ) جي صحيح ۽ اصل مفهوم کي نه سمجهڻ آهي.

لفظ هسٽري اصل ۾ ماڻهن جي تساهل دماغي جي ڪري ٻه مختلف معنائون رکي ٿو. پر شروع ۾ لـُغت جي لحاظ کان فقط هڪڙي معنيٰ رکندو هو. هسٽري لفظ يوناني زبان جي لفظ هسٽوريا مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ڳولا يا تلاش يا تحقيقات، حق يا سچ دريافت ڪرڻ.

بهتر ائين ٿئي ها، جو اڄ به هسٽوريا لفظ پنهنجي اصلوڪي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو وڃي ها. تنهن صورت ۾ تاريخ جي معنيٰ آهي: سڀ علمي طريقا ۽ وسيلا سمجهڻ ته جيئن انساني واقعن جي بيان ۽ تذڪري ڪرڻ کان اڳ ۾ صحيح معلومات ۽ واقفيت گڏ ڪرڻ آسان ٿي سگهي. يعني جيڪڏهن تاريخ جي معنيٰ فقط حق ۽ سچي ڳالهه لاءِ تجسس ۽ تحقيق، تنقيد ۽ تبصرو ڪرڻ هجي ها ته پوءِ انهن ڳوليل حقيقتن جو تفسير يا حقيقت جي ترجماني ٿئي ها.

اهوئي سبب آهي ته اڄ اسان کي واقعات جي بيان ۽ تذڪري لاءِ ڪو ٻيو جدا لفظ گهرجي. جيڪڏهن نه، ته پوءِ ڪم فهم ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهو تاريخ جي ٻن مختلف حيثيتن کي گڏ ڪري نه سگهندا، ۽ هيءُ هنر ۽ علم جو جهيڙو ختم ٿي نه سگهندو.

هن بحث کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪڙو جدا لفظ تاريخ نويسي (Historiography) آهي، جنهن جو مطلب تاريخ لکڻ جو فن يا هنر آهي. انهيءَ مان ثابت ٿيو ته تاريخ هڪ علم آهي ۽ تاريخ نويسي هڪ هنر آهي.

تاريخ جي انهن ٻنهي حيثيتن جي ضرورت اظهرمن الشمس آهي. ڇاڪاڻ ته اسان کي نه فقط ماضيءَ جي صحيح ۽ سچي احوال جي گهرج آهي، بلڪه اسان کي ماضيءَ جي احوال جو بيان ۽ تذڪرو به خشڪ بي مزي صورت ۾ نه گهرجي. هن احوال جو بيان جيڪڏهن حسن ادب و فن سان سينگاريل ۽ مزين هوندو ته تمام بهتر ٿيندو ۽ هن جي لاءِ اسان جي دل ۾ چاهه ۽ ذوق وڌندو. حق ۽ سچ جي ڳالهه غلو، ڪوڙ، مبالغي ۽ وڌاءُ کان سواءِ ادبي ۽ لساني استعارن، ڪناين، تشبيهن، صنائع ۽ بدايع سان سينگاري پيش ڪرڻ هميشه ممڪن آهي. بشرطيڪ مؤرخ پنهنجي علمي معيار کي يعني تاريخي صداقت کي ادب و فن جي ديوي جي آستان تي قربان نه ڪري ڇڏي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org