تصوير 24 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ وارو مقبرو. امڪان آهي ته هي مقبرو
ڄام تغلق پٽ ڄام سڪندر جي دور جو هجي. هن تعمير جا
سڀئي ٿنڀا چٽساليءَ وارا آهن. هن جا ڪجهه ڇڄا،
پلويڙو ۽ ڪنگرا محفوظ آهن. هن تعمير جو تعلق 15
هين صدي عيسويءَ سان آهي.
ڇت جي اندرئين پاسي سجاوٽ اڳينءَ ڇٽيءَ جهڙي آهي.
هن ڇٽيءَ جي خاص خوبي اها آهي، ته ڌرتيءَ جي مٿاڇري سان لسن
پٿرن جا داٻڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جيڪي يادگار اڃا
تائين محفوظ آهن ۽ هن اٺ ڪنڊي ڇٽيءَ ۾ هڪ بار ڏئي
اوڀر طرف لنگهه کان سواءِ ٻين وٿين ۾ پرديءَ واري
ڀت طور استعمال ڪيا ويا آهن. محراب واري جاري جو
نشان اولهه طرف کان آهي. اهڙي قسم جي پٿرن کي
تاڙين وسيلي پاڻ ۾ ڳنڍيندا هئا. اها حقيقت اسان کي
پٿرن ۾ نڪتل کانچن يا جهرين مان معلوم ٿي. سردرن
واري سنوت تي فارسيءَ ۾ لکت جون ٻه سٽون موجود
آهن. (نمبر 26) پڙهڻي هن ريت آهي:
بنا کرد اين عمارت راهو .....
درعهد جام تغلق (بن) سڪندر شاهه - بتاريخ الثامن ....
مطلب: هيءَ جڳهه راهوءَ جوڙائي.
ڄام تغلق (بن) سڪندر شاهه تاريخ اٺين ......
لکت ’بـِـن‘ جو اکر ڪانه ٿي ڏيکاري. گهڻو ڪري اها غلطي آهي.
شجري مطابق ڄام تغلق سڪندر شاهه جو پٽ آهي
تنهنڪري اهڙي تصحيح ڪئي وئي آهي. پهرينءَ سـِـٽ
۾ اسان کي راهوءَ جـو نالو نـظر اچي ٿـو، جيـڪو
هن جاءِ جو جوڙائيندڙ آهي يا ٿي سگهي ٿو، ته هيءُ
مقبرو ئي ان جو هجي. ڄام انڙ
I
جي ٽن پٽن مان هڪ مـَـلڪ راهو به هو. سندس پڙ پوٽي
جو نالو به ملڪ راهو هو، جيڪو ملڪ راڄپال جو پڙ
ڏاڏو هو. ڏسو هيٺيون شجرو:
تصوير 25 - خوبصورت چٽساليءَ سان هڪ ڇت جو حصو ۽ سردر جي
اندرئين پاسي هڪ تحرير جنهن جي ابتدا بسم الله سان
ٿئي ٿي ۽ ڪلمو ٻن سٽن ۾ لکيل ڏسجي ٿو جيڪو سما دور
جي هڪ اٺ - ٿنڀي مقبري تي موجود آهي.
تصوير 26 - خوبصورت چٽسالي واري ڇت جو هڪ حصو فارسيءَ جي هڪ لکت
ڏسڻ ۾ اچي ٿي. (ملڪ) راهوءَ جو نالو به آهي جيڪو
ڄام تغلق پٽ ڄام سڪندر جي دور ۾ ٺهيل هڪ اٺ ٿنڀي
مقبري سردر جي اندرئين پاسي اُڪيريل آهي.
ڄام انڙ
ملڪ راهو
I
ملڪ راءِ ڏنو
ملڪ راهو
II
ملڪ انڙ
ملڪ راڄپال
(ملڪ راهو ڄام تغلق جو همعصر هو.)
تصوير 27 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ ۾ هڪ اٺ - ٿنڀي
مقبري جي خوبصورت چٽسالي واري ڇت، جنهن جا هڪ ٻئي
جي مٿان گول بار ڏنا ويا آهن. منجهس ونگ جهڙو چٽ
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن قسم جي سونهن ۽ سنجهٽ واري ڇت
ٻين مقبرن ۾ به موجود آهي. هن تعمير جو تعلق 15
صدي عيسويءَ سان آهي.
(ث) مقبرن وارا ڪوٽ
مبارڪ خان جي مقبري وارو ڪوٽ
ڪوٽ جي اوڀارين لنگهه تي محفوظ عربي لکت مطابق هن تعمير جي
بنياد رکڻ جي تاريخ جمادي الاول 895 هه: 1490ع
آهي. لکيل نالو خان الاعظم ميان مبارڪ خان24 پٽ
سلطان نظام الدين شاهه آهي. مبارڪ خان، سلطان نظام
الدين جو نپايل پٽ هو، سندس اصلي نالو دريا خان
هو. اوڀر واري لنگهه تي سلطان نظام الدين جو سارو
شجرو به ڏنو ويو آهي. ان لکت مان مغلن يا ارغونن
تي دريا خان جي فتح ظاهر ٿئي ٿي. اها لکت سندس پٽ
احمد جو به نالو ٻڌائي ٿي. حقيقت مان معلوم ٿئي
ٿو، ته هن اهو مقبرو پنهنجي پيءُ جي وفات کان پوءِ
1519ع25 ۾ جوڙايو.
تعمير (پليٽ 12-13) ۾ مقبري جي چوڌاري ڪوٽ آهي، جيڪو چن جي پٿر
جي گهڙيل هڪ ڪـَـرين سرن مان جوڙايو ويو آهي. زمين
جي سطح کان وٺي مٿي تائين ڪل ست بار آيل آهن. اندر
والاريل ايراضي 72 فوٽ هم چورس آهي ۽ ڀت جي ٿولهه
چار فوٽ آهي. ڀت مٿي ٿوري سنهي ٿيندي وڃي ٿي جنهن
تي لسا ۽ گول ڪنگرا هنيل آهن. پٿرانوَن چوڪاٺن سان
ٻه لنگهه آهن، جن مان هڪ ڏکڻ ۽ ٻيو اوڀر طرف آهي.
مستطيل چؤڪاٺ چوديواري کان
تصوير 28 - دريا خان جي پٿر سان اوساريل مقبري جو لنگهه، جيڪو
هن تعمير جي ڏکڻ ڏس کان نظر اچي رهيو آهي. هن جڳهه
جي ديوار ۽ چوڪنڊن ڇڄن تي به ڪنگرا نظر اچي رهيا
آهن. لنگهه جو پٿر وارو چؤڪاٺو لسو آهي. هيٺئين
پاسي چانئٺ وٽ سفيد نرم پٿر جو
(Moon Stone)
"دونو"
(Sill)
لڳل ڏسجي ٿو. سردر تي عربي تحرير موجود آهي. لنگهه
ٻنهي پاسن کان ڀانت ڀانت جي خوبصورت اليڪي
(Geometrical)
چٽسالي آهي. چئني پاسن کان خوبصورت درين وارا جارا
آهن. هن اڏاوت جو واسطو 16 هين صديءَ جي شروعات
سان آهي.
تصوير 29 - دريا خان جي مقبري جو اوڀاريون لنگهه، جنهن تي ڏکڻ
واري لنگهه کان مختلف قسم جي چٽساليءَ نظر اچي
ٿي. اُڪير ڪجهه مٿاڇري ڏسجي ٿي، تنهن ڪري چئي
سگهجي ٿو، ته اها ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي
ٿي. هتي هڪ خوبصورت جاريءَ بدران سادو جارو رکيو
ويو آهي. اُڪير جون طرزون به ٿوريون چٽيل آهن.
ٿورا مٿڀرا آهن. اوچائي ۾ مٿڀري آهي. ان ۾ لڳل پٿر
جي چوڪاٺن مان لنگهي ماڻهو اندر وڃي سگهي ٿو. ڪوٽ
جي ڀت اُڪير جي پن سفيرن (قطارن) کان سواءِ لسي
آهي. هڪ سفير، ڪنگرن کان هيٺان چورسن ۾ اندر اوڀڙ
اُڪير واري طرز تي پن ول ناهي ٿي. ٻي اُڪير ڀت
جي وچ تي اُڀيءَ هيري ڪڻين جي طرز تي آهي، جيڪي وچ
تي هڪ ٻئي سان گڏيل آهن. اوڀر واري لنگهه کي لسا ۽
ٻـُـسا اڀيءَ طرز تي پٿر جا چؤڪاٺا آهن (نمبر 29).
هيٺ چانئـــٺ ۾ اڌ چنڊ
(Half Moon Stone)
ٺهيل آهي. ٻــــاهرئين پاســـــي ســـــردر جي
مرڪـــــزي حصي تي عربي لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پٿر جو
چؤڪاٺو پٿر جي ٺاهيل لنگهه ۾ وهاريل آهي. سونهن ۽
سينگار واسطي مٿاڇري تي هيري ڪڻين جي ٽـُـڪ ڪئي
وئي آهي. چؤڪاٺي مٿان سردر تي ڪنگرن جي قطار جي
آرائش آهي، جنهن جي هيٺئين پاسي کان ڪناريءَ تي
هيرڪڻي جي طرز واري اُڪير نظر اچي ٿي. مٿئين پاسي
واري ڪناري موتين جي پويل هار جيان آهي، جتان کاٻي
۽ ساڄي پاسي کان مختلف چٽن جون اُڪيريل طرزون ڏسڻ
۾ اچن ٿيون. ان طرز جي چوڌاري وري آرائشي ڪناري
ڏني وئي آهي. کيس هيٺ ۽ مٿي ٻن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو
آهي. هيٺئين پاسي وچ تي ڏاڪيدار طرز جو چٽ ڏسڻ ۾
اچي ٿو. اُڪيريل سلسلي هيٺان گولاين واري ونگ سان
جارا (Nichse)
جڙيل آهن. کاٻي طرف تي مٿئين اڌ واريءَ وٿيءَ ۾
سوڙهيءَ ڪنڊ تي سينڌ ونگ آهي، جيڪا گولاين کي ڪاٽي
ٿي. جيڪڏهن قطر ڪڍجي، ته ان سان ملي ويندي. ڄاڻايل
وٿيءَ کان ٻاهران اوڀڙ طرز جا چٽ اُڪيريل آهن.
ساڄي طرف، ساڳي وٿيءَ کي هڪ جيترن ننڍن چورسن ۾
ونڊيو ويو آهي. سڄي آرائش اوڀڙ طرز تي اُڪير ڪيل
آهي، جيڪا ڏاڍي سهڻي لڳي ٿي. ڏکڻ طرف واري (نمبر
28). در جا چؤڪاٺا لسا سادا آهن، پر ان جي ٻنهي
پاسن کان ٿيل خوبصورت چٽساليءَ جي اُڪير گهڻين
طرزن ۾ آهي، جيڪا ڏاڍي ڀلي لڳي ٿي. موتين جي مالها
جي طرز واري اُڪير ۾، مالها جي ڪناريءَ جي وچ تي
اليڪي نمونن جون ڪيتريون ئي طرزون ٽـُـڪَ ٿيل آهن
۽ ڪيترن ئي قسمن جا چورس چٽ نقش ڪيا ويا آهن، جن
جي وچ تي جارو بڻيل آهي. ان جاري جي پاون جي مٿان
هڪ قسم جو ڪـُـنگرو ٺهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٻنهي جارن
مٿان نوڪدار يا سينڌ ونگ سان خانا آهن. جن ۾ گل جي
چوڌاري ڏاڍي دلچسپ اليڪي چٽن جي اُڪير ٿيل آهي.
انهيءَ کان هيٺان چورسن جي اندر ونگن سان خانا
آهن. سردر تي اُڀي خط ۾ عربي لکت آهي، جنهن اليڪي
چٽساليءَ سان ملي جلي هڪ قسم جي هڪجهڙائي پيدا ڪري
ڇڏي آهي. اُڪيريل چٽساليءَ جي طرز جو وچور ڏاڍو
صاف ۽ ماپ ۾ نهايت پورو آهي. انهن ۾ حساب جو جيڪو
تناسب رکيو ويو آهي، سو به واهه جو ٺهڪي اچي ٿو.
شڪلين جي گڏجي وڃڻ سبب ڪنهن به قسم جو مونجهارو
ڪونه ٿو ٿئي. سڄي ساري اُڪير جي ڪاريگري پن ول
واري عربي نموني کي پٿر تي منتقليءَ جي جهلڪ،
اسلامي اڏاوت جي آرائشي طريقي جو اثرائتو اظهار
آهي. ڪوٽ/چؤديواريءَ جي اولاهينءَ ٻانهين جي وچ تي
ونگ سان هڪ محراب (نمبر 30) آهي. ونگ قسم جي لحاظ
سان سينڌ ونگ آهي ۽ محراب اندرئين پاسي وڌيل آهي.
هيءَ محراب به پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان سنڌي آهي،
جنهن جا پاوا اُڪيريل چٽن سان ڀريل آهن. محراب جي
هر هڪ پاسي هڪ پائو آهي. پائي جو جانڊل
(Shaft) مختلف قسم
جي اُڪيرن سان سينگاريل آهي، اهڙي قسم جو پائو
علامتي آهي ۽ خطيب جي عصا جي نشان دهي ڪري ٿو.
محراب جي اندرئين پاسي خانن ۾ ٺهڪندڙ ۽ سونهندڙ
اُڪير ٿيل آهي ۽ اهڙيءَ ريت ٻاهريان به ٻنهي پاسن
کان اها اُڪير ڪئي وئي آهي. هيٺئين پاسي تي سينگار
(Decoration)
جي شروعات هڪ گلدان کان ٿئي ٿي، جيڪا هڪ زنجيريءَ
سان لٽڪندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ان جو نمونو به سنڌي
آهي. ان کان پوءِ ڏورين، هيري ڪڻين ۽ هيري ڪڻي جي
آڏين، ونگن سان خانن، پاسيرين ونگن جو هڪ سلسلو
شروع ٿئي ٿو. هر هڪ قطار هڪ قسم جي اُڪير لاءِ
مخصوص ٿيل آهي. ان کان به اڃا ٿورو اڳتي، محراب جي
ٻنهي پاسن تي ان نوڪدار ونگ واري خاني اندر هڪ
تارازي ۽ مختلف وَٽَ (نمبر 32) چٽيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا،
جنهن کي ڪاريگر جو نشان چئي سگهجي ٿو، ڪوٽ جي اندر
ڪيتريون ئي قبرون آهن (پليٽ 13 - نمبر 31) پر انهن
مان هڪ، سيرانديءَ کان اُڀي قسم جي تاج هجڻ ڪري
نياري آهي. اهڙي قسم جا تاج فقط بادشاهن ۽ شهزادن
جي قبرن تي هنيا ويندا آهن. پٿرائين لوڙهٽ هيٺئين
پاسي کان پيٽيءَ وانگي چوڪـُـنڊي آهي، جنهن جون
چارئي ڪنڊون هڪ تابوت جيان آهن، پاسن کي ڪنگرن جي
چٽساليءَ سان سينگاريو ويو آهي. مـُـهاڙيءَ تي
ونگن وارا خانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هرهڪ خاني ۾ گلاب جي
گـُـل جي اُڪير ٿيل آهي. خانن کي نکيڙڻ لاءِ
لهريدار ڏوري، گڏوچڙ ڏوري ۽ اوڀڙ واري طرز جي
ٽـُـڪ ٿيل نظر اچي ٿي. ان پيٽيءَ جهڙي چوڪنڊي
پٿرائين لوڙهٽ مٿان هڪ ٻيو به تراکڙو پٿرائون
لوڙهٽ رکيو ويو آهي، جنهن تي وري گلاب جي گل ۽
ونگن وارن خانن جي اُڪير جون
تصوير 30 - دريا خان جي مقبري اندر ونگ سان محراب جنهن تي
خوبصورت اُڪير جي ڪم سان چٽسالي ٿيل آهي. ان جي
سامهون واري پاسي کان ٻنهي پاسن کان ننڍڙا خوبصورت
پاوا آهن. چٽساليءَ جي ساڳي طرز محراب جي ٻنهي
پاسن کان سڌي سنوت وارين ڀتين ۾ ڏسجي ٿي.
تصوير 31 - دريا خان جي قبر تي رکيل پٿرن تي خوبصورت چٽسالي نظر
اچي رهي آهي. سيرانديءَ واري پٿر تي تاج ڏسجي ٿو.
قبر جي تعمير ٻه ماڙ آهي. هيٺئين طبقي ۾ ونگ جهڙا
خانا آهن جن اندر گلاب جي گل جهڙو چٽ آهي. عربي
تحرير ٻن قطارن ۾ ڏسجي ٿي، جيڪي سڌي سنوت ۾ آهن.
هن اڏاوت جو لاڳاپو 16 هين صدي جي ابتدائي حصي سان
آهي.
تصوير 32 - دريا خان جي مقبري جي اندرئين پاسي ٺهيل محراب جي
ٻنهي پاسن کان ڏندائين ونگ ٿوري ٻاهر تي نڪتل آهي،
جن تي هڪ تارازي ۽ مختلف قسم جا ٽي وَٽَ چٽيل آهن.
هن قسم جي اڏاوت جو لاڳاپو 16 هين صدي عيسويءَ جي
ابتدا سان آهي.
ٻه قطارون آهن. چئن ئي ڪنڊن تي تابوت جيان پاوا ابتيءَ صورت ۾
اُڀا ڏيکاريا ويا آهن. صفا مٿيون پٿرائون لوڙهٽ به
تراکڙو آهي، جنهن تي عربي رسم الخط ۾ ٻه سٽون لکيل
آهن، جن کي اليڪي گڏوچڙ علامتن سان وچ تي خانن ۾
ورهايو ويو آهي. پٿرائين لوڙهٽ تي ٿيل سجاوٽي
اُڪير يا پٿرائين لوڙهٽ جو خود پنهنجو نمونو، ڄام
تماچيءَ جي مقبري تي ٿيل اُڪير واري چٽن کان گهڻو
نيارو آهي.
قبرن جي چؤڌاري پڪين سرن جو ڪوٽ
اهڙي قسم جو ڪوٽ ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڏکڻ -
اولهه طرف آهي. ڪوٽ سرن جو ٺهيل آهي، پر پيڙهه
وارا بار پٿر جا اٿس. ان جي لام 43 فوٽ 3 انچ ۽
منڍو 30 فوٽ 6 انچ آهي. ڪوٽ جو پنهنجو عـمق 5 فوٽ
3 انچ آهـي. بنـاوت ۾ جيئن مٿي تيئن سوڙهو ٿيندو
وڃي ٿو. اندرئون ۽ ٻاهرئون پاسو گچ سان لتل آهي.
ڏکڻ - اوڀر واري طرف کان ڀتين جي ڪناري واري وٽ
تي، واڱڻائي چـَـٽَ تي نـِـيريون ڪاشيءَ جون سرون
اندران ۽ ٻاهران ڪنهن اڏاوتي فن کان اڻ ڄاڻ سيکڙاٽ
ڪاريگر جون هنيل آهن. ڏکڻ - اوڀر واريءَ ڪنڊ تي
ٻاهرئين پاسي کان اهڙيون نـَـوَ سرون ڪـِـرڻ کان
بچي ويون آهن. ڏکڻ واريءَ ڀت جي اندرئين پاسي
مٿئين ڪناري جي سنوت تي هنيل گهاٽي نيري ڪاشيءَ جي
سرن جا به نشان مليا آهن. اهي ڪاشيءَ جون سرون
ڏنگيون ڦڏيون ۽ ڇسيون آهن. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو،
ته ڄڻ ان قسم جي ڪاريگريءَ ۾ ڪاريگر جي اها پهرين
ڪوشش هجي. هن ڪوٽ کي پنهنجي بناوت ۾ ٽي لنگهه آهن:
هڪ اتر ٻيو اوڀر ۽ ٽيون ڏکڻ کان آهي. امڪان اهو
آهي، ته اولهه پاسي ڏانهن شايد محراب هجي. ڪوٽ جي
اندرئين پاسي ڪيتريون ئي قبرون آهن، جن مان ڪجهه
ڪرنگهي واريون ۽ ڪي تراکڙي ٽـُـڪيل پٿر سان جوڙيل
آهن. ڪرنگهي واريون قبرون لسيون ۽ ساديون آهن،
پر تراکڙيون قبرون ڏاڪن سان آهن ۽ انهن جي مٿان
سنجٽ به ٿيل آهي. اهڙين ٻن قبرن جي چيروليءَ سان
مرمت ڪئي وئي آهي. اهڙي قسم جي قبر (نمبر 33)
مبارڪ خان جي قبر سان هڪجهڙائي رکي ٿي. ان کي به
سيرانديءَ کان ساڳي قسم ۽ نموني جو تاج لڳل آهي ۽
قبر کي ڪيتريون ئي منزلون آهن. سڀ کان مٿئين پٿر
کي ننڍڙن هم چورس خانن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾
هيري ڪڻين ۽ ٻين قسمن جي اُڪير ٿيل آهي. هر هڪ
چورس ۾کجيءَ جي وڻ جي طرز چٽيل آهي، جيڪا سج جي
شڪل جهڙي گول آهي جنهن منجهان ڪـِـرڻا نڪرندي
ڏيکاريا ويا آهن. قبر جي ٻي مهاڙيءَ تي عربي لکت
آهي. قبر تي لڳل تاج اهو ٻڌائي ٿو، ته قبر ۾ دفن
ٿيل جو لاڳاپو شاهي خاندان سان آهي. پر بدقسمتي
اها آهي، ته ان شخصيت جي صحيح نموني سان سڃاڻپ نه
ٿي سگهي آهي
تصوير 33 - ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڏکڻ ڏس تي موجود هڪ قبر،
جيڪا چيروليءَ جي ٺهيل آهي جنهن جي گول چٽ اندر
کجيءَ جو وڻ ڏسجي ٿو. ان چٽ سان واري وٽيءَ تي چٽ
جي ٻي طرز به ڏسجي ٿي. اهڙا چٽ وچ تي نشان ڏئي الڳ
الڳ ڪري بيهاريا ويا آهن. هڪ پڪسري چوديواري به
آهي، جنهن ۾ اندرئين پاسي سادي قسم جون ڪاشيءَ جون
سرون ڪتب آندل آهن. هن اڏاوت جو لاڳاپو 5 هين
صديءَ جي آخر سان آهي.
(د) مڪليءَ جي پراڻي مسجد
روايت مطابق27 ڄام تماچي ولد ڄام انڙ، گهڻو ڪري فيروز شاهه تغلق
جي وفات کان پوءِ 1388ع ۾، دهليءَ کان آزاد ٿي ٺٽي
پهتو ۽ حڪمرانيءَ جي واڳ سنڀالڻ سان گڏ شيخ حماد
جماليءَ جي خانقاه ۽ ان سان لڳ مسجد به تعمير
ڪرايائين. هيءَ مسجد، جامع مسجد جي حيثيت ۾
استعمال ٿيندي هئي. موجوده وقت مسجد ۾ رڳو نماز
ادا ڪرڻ وارو صفو وڃي باقي بچيو آهي. پر ڏسڻ ۾ اچي
ٿو، ته ان اڏاوت کي اوڀر طرف کان اڱڻ به هو. شايد
ان اڱڻ ۾ شيخ حماد جماليءَ جو مقبرو به تعمير ٿيل
هو، جيڪو هاڻي کنڊر جي صورت ۾ موجود آهي. مسجد جي
اولاهين ڀت سان لڳو لڳ ٻاهران هڪڙي تراکڙي قسم جي
قبر آهي، جيڪا متقي ۽ پرهيزگار ’مائيءَ مڪليءَ‘
ڏانهن منسوب ڪئي ويندي آهي، جنهن جي زيارت واسطي
هزارين ماڻهو الائي ڪٿان ڪهي اچي رسندا آهن. سنڌ ۾
عام طور تي ائين چيو ويندو آهي، ته هن نيڪ عورت جي
طفيل هن ٽـَـڪريءَ تي مڪليءَ جو نالو پيو.
مسجد مستطيل آهي. لام 64 فوٽ ۽ منڍو 29 فوٽ اٿس.
سندس ٽئي لنگهه ونگن سان ٻڌل آهن، جيڪي اتر، اوڀر
۽ ڏکڻ پاسي کان آهن. ونگون سـِـينڌ - ونگ جي قسم
سان تعلق رکن ٿيون. ٻاهرين ڀت پڪين سرن سان جوڙي
وئي آهي جنهن جا بنياد پٿر جا آهن. اوڀر طرف واري
مسجد جي مهاڙي (نمبر 35) پنهنجي شڪل صورت ۾ ڏاڍي
سادي آهي. ان پاسي کان فقط هڪڙي ئي گذرگاهه ونگ
سان آهي، جيڪا اُچي مـحراب ۾ لـڳل آهي ۽ مـحراب به
ٻن حــــصن ۾ ورهايــل آهي. مٿئين حــصي ۾ ونگ
ســان هڪ خانو آهي ۽ هيٺئين اڌ ڀاڱي ۾ دروازو لـڳل
آهي. مسجد جي اوڀر- ڏکڻ واري ڪنڊ تي ڪــــجهه
چورســــن جي اُڪير ٿيل آهي ۽ اتان مٿي وڃڻ لاءِ
ڏاڪڻ ٺهيل آهي.
تصوير 34 - سما دور جي قديم جامع مسجد جو ڏاکڻيون ڏيک، جنهن جي
ساڄي پاسي تي ٺاهيل ڏاڪڻ ڊهي فنا ٿي وئي آهي.
اڏاوت جي وچ تي ونگ سان لنگهه نظر اچي رهيو آهي.
ٻه ٻيون ونگون به ڏسجن ٿيون، جيڪي نماز پڙهڻ واري
جڳهه کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏين ٿيون (معلوم ائين
ٿئي ٿو، ته هي مسجد ٽه قبائين آهي، وچ واري قبي
کان ساڄي ۽ کاٻي واري قبي کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ وچ
تي ٻه وَنگاوان لنگهه آهن. هن تعمير جو تعلق 14
هين صدي عيسويءَ سان آهي.)
تصوير 35 - هن مسجد جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن جي وچ تي
خاني واريءَ ونگ سان لنگهه ڏسجي ٿو. ساڄي پاسي ٻه
خانا آهن جن جي اندر پڻ ونگون جڙيل آهن. سامهون
واري پاسي ۾ ڪيترائي هم چورس جارا آهن. هيءَ اڏاوت
14 هين صدي عيسويءَ سان لاڳاپو رکي ٿي.
تصوير 36 - جامع مسجد جو اندريون پاسو، جنهن ۾ محراب جي تعمير
نظر اچي رهي آهي. (اوجهڙ ۾) - ڪارنس
Cornice
مٿان رکيل خانن ۾ ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي
ڏسجي ٿي. اهڙي چٽسالي وچين محراب جي ٻنهي پاسن کان
به آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ
سان آهي.
ٻي ڪجهه تبديلي هن مهاڙيءَ جي اتر، پاسي ڏانهن ڏسڻ
۾ ايندي، جتي ديوار ۾ بيٺل ونگن سان ٻه اُڀا خانا
نظر ايندا، جيڪي هڪ ٻئي جي مٿان آهن. مٿئين خاني
جي ونگ ۾ ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير واري چٽسالي
نظر اچي ٿي. هوبهو اهڙي قسم جي فيروزي اڏاوت
دهليءَ ۾ به آهي. ساڳي نموني سان ڀتين کي پشتيون
به ڏنيون ويون آهن. هن قسم جي هڪجهڙاين هوندي به
ڪاريگري ۽ هنرمنديءَ ۾ وڏو فرق آهي. مڪليءَ جي
مسجد پڪين سرن سان جڙيل آهي، جڏهن ته دهليءَ واري
فيروزي تعمير پٿرائين اڏاوت آهي. ٻي ڳالهه اها
آهي، ته فيروز شاهي اڏاوت جيان ”ونگ ۽ شهتير“ واري
ڪاريگري هتي استعمال ٿيل ڪانه ٿي ڏسجي. ونگ جي شڪل
۽ صورت به الڳ آهي. مسجد جو اندريون پاسو به مختلف
نموني جو ٿو ڏسجي. هتي اسان هڪ ڊگهو هال ڏسون ٿا،
جنهن کي وچ تي ٻه ونگون هڻي ٽن ننڍن هالن ۾ ورهايو
ويو آهي. (نمبر 34) وچون ڀاڱو ٻين ٻن کان وڏو آهي،
جيڪو اوڀر ۽ اولهه کان وڏن ۽ ڊگهين ونگن جي ڪري
مختلف نمونن جا تاثر ٿو ڇڏي، جيڪي ڇت تائين مٿي
هليون وڃن ٿيون. اولاهينءَ ڀت جي ونگ ۾ محراب
جوڙيو ويو آهي، (نمبر 36) جيڪو اڳتي وڌيل ۽ مستطيل
شڪل ۾ آهي. ڪارنس ليٽيل سنوت واري سٽاءَ ۾ بلڪل
چٽو آهي. هن کان مٿان پوروڇوٽ تي هلندڙ ونگ اُڀن
ٽن خانن ۾ ورڇيل آهي. وچ وارو خانو مستطيل آهي ۽
جنهن ۾ دري به آهي ۽ پاسي وارن خانن ۾ ماکيءَ جي
مانارن جهڙي چٽسالي نظر اچي ٿي. اهڙي قسم جي اُڪير
جي طرز خاص طور تي سرن سان ٺهيل ۽ سما حڪمرانن جي
ڏينهن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ پاسن وارن ننڍن صفن ۾ به
محراب جوڙيل هئا، پر پوءِ سرن جي اوساري ڪري بند
ڪيا ويا آهن. چورسن جي هر ڪنڊ وٽ محراب جوڙيو ويو
آهي، جيڪو هم
تصوير 37 - سما دور سان تعلق رکندڙ ٻه پڪ سراوان مقبرا جن جي
ونگ واري لنگهه جي ٻنهي پاسن کان اڀا خانا نظر اچي
رهيا آهن. قبن جي اڏاوت اٺ - ڪنڊي ڍيڍي
Drum
مٿان ٿيل ڏسجي ٿي. سامهون وارو مقبرو ملڪ راڄپال
جو آهي، جڏهن ته ٻيو مقبرو فتح خان جي ڀيڻ جو آهي.
ٻنهي مقبرن جا قبا ڊٿل آهن. هنن ٻنهي اڏاوتن جو
تعلق 15 صدي عيسويءَ سان آهي.
چورس شڪل کي اٺاس ۾ تبديل ڪري ٿو ۽ قبي جي اوسر جو بنياد بڻــجي
پوي ٿو، جيڪو هـــاڻي ڪري ختم ٿـــي چــــڪو
آهـــي. مـــحرابن جي هيٺين پاسن کي ڏيڍيون ڇڪون
هڻي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو آهي. هن قسم جو ڪنڊن کي
مضبوط ڪــرڻ وارو غير روايتي طـــريقو ســـما دور
جي عمارتن جي خاص خوبي آهــــي. مرڪزي قبي جي
پاســــي ۾ ٻه قبا بنايا ويا آهن. وچين صفي ۾
اهم ڳالهه اها به آهي ته چئن ئي ڪنڊن تي ڪاٺ جا
لڏڪڻا يا ڏياٽيون لڳايون ويون آهن. انهن تي روشني
ڪرڻ لاءِ ڏيئا رکيا ويندا هئا. ڏاڪڻ واسطي هڪ
مستطيل قسم جو ڇڄو ٺاهيل آهي، سو به سما دور جي
جڳهن جي خاصيت آهي. ان ڏاڪڻ کي مٿي ڇت تي چڙهي
ٻانگ ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هوندو. ٻانگ ڏيڻ
لاءِ ٻيو ڪو جدا منارو ٺهيل ڪونه آهي. |