تصوير 1 - محمد بن قاسم نالي مسجد جو گول منارو جيڪو پهريداري
جي مقصد سان جوڙيو ويو هو، جنهن تي چڙهي سنڌي
فوجي پهريداري جو ڪم ڪندا هئا. چيو ويندو آهي،
ته ڀرسان ئي هڪ عرب نسل جي ماڻهن جي وسندي قائم
هئي. هيءَ اڏاوت پير پٺي جي مقبري جي سامهون آهي
جيڪا سنڌوءَ جي پراڻي پيٽ جي هڪ اوچي ڪناري جي
وٽ سان جوڙيل آهي.هنن اڏاوتن جو تعلق 17 هين
صديءَ سان آهي.
جيڪڏهن ڪو اهڙو هنڌ، جتي اسلام، مڪاني روايتن سان گڏجي سڏجي هڪ
قسم جو مخلوط نظريو پيدا ڪيو هجي، ته اهو هنڌ
فقط ٺٽو ئي ٿي سگهي ٿو. مڪليءَ جون زيارتون اڄ
به وياڪل ۽ ڏکويل دلين کي اطمينان ۽ سڪون بخشين
ٿيون ۽ قديم يادگارن جي لحاظ کان به اهميت جي
لائق آهن، ڇو جو اُهي ڏسندڙ کي، اڏاوتي فن جو
ڪمال، چٽساليءَ واري طرزن ۽ نمونن جي جهجهائي
واري سوُنهن ڏسندڙن کي هرهر ڏسڻ جي دعوت ڏين ٿا
۽ انهن بادشاهن، شهزادن ۽ شهزادين جي وڏائي ۽
شان جو به احساس ڏيارين ٿا، جن جي وڏي تمنا هئي،
ته کين سهڻين قبرن، بارونق مقبرن ۽ من موهيندڙ
قبن جي تعمير ذريعي امر سمجهيو وڃي. اڄ جو ٺٽو
پراڻن اعليٰ شاهي يادگارن جي ڪري زنده آهي، جيڪو
سنڌ جي اسلامي اڏاوتي فن جي ڪمال جي نمائندگي
ڪري ٿو.
ڪئپٽن اليگزينڊر هئملٽن 1699ع ۾ هن شهر لاءِ چوي ٿو ته ”هيءُ
شهر صوبي جي تجارت جو مکيه مرڪز ۽ هڪ وڏو
شاهوڪار شهر آهي، جيڪو اٽڪل ٽي ميل ڊگهو ۽ ڏيڍ
ميل کن موڪرو ٿيندو. لاهري بندر کان سندس فاصلو
40 ميل آهي. ان جي اولهه طرف کان وسيع قلعو آهي،
جنهن ۾
50,000
پنجاهه هزار ماڻهو ۽ گهوڙي سوار رهي سگهن ٿا.
فوجن جي رهڻ لاءِ بئرڪون ۽ گهوڙن لاءِ ڪـُـڙهيون
جوڙيل آهن ۽ ان ئي قلعي ۾ گورنر جو محلات به
تعمير ٿيل آهي. ٺٽو سنڌو درياءَ کان ٻه ميل پري
هڪ وسيع ميدان ۾ واقع آهي. ماڻهن، شهر ۾ باغن کي
پاڻي ڏيڻ واسطي درياءَ مان واهه کوٽيا آهن.
1699ع ۾ شاهي باغ ڏاڍي سٺيءَ حالت ۾ هئا ۽
مزيدار ميون ۽ سهڻن گلن سان ڏٽيا پيا هوندا هئا،
خاص طور تي مٺن ڏاڙهن جي ڇا ڳالهه ڪجي، جن جهڙا
مٺا ۽ سوادي ڏاڙهون مون ڪاٿي به چکيا ڪونه هئا.
۽ اڳتي هلي لکي ٿو ته ”ٺٽي جو شهر دين، فلسفي ۽
سياست جي تعليم ڏيڻ ۾ مشهور آهي ۽ تعليم جي انهن
شعبن ۾ شاگردن کي تعليم ڏيڻ لاءِ 400 ڪاليج
آهن.“
ان کان پوءِ جلد ئي ٺٽو تباهيءَ جو شڪار ٿيو. ان لاءِ هيئن بيان
ڪيو ٿو وڃي ته ”اڳيان ٽي سال ڏاڍي خشڪ سالي رهي،
ان ڪري سخت قسم جي وبائي بيماريءَ منهن ڪڍيو،
جنهن شهر ۽ پسگردائيءَ وارن علائقن کي ايترو، ته
متاثر ڪيو جو، شهر مان 000، 80 ته اهي ڪوري مري
ويا، جيڪي پَٽَ ۽ ڪپهه جي ڌاڳي کي ملائي بهترين
ڪپڙي ٺاهڻ جا ماهر هئا، جڏهن ته موت جي ڊپ کان
ٺٽي جي اڌ آبادي ٻين علائقن ڏانهن لڏي وئي، ان
ريت شهر خالي ٿي ويو. ”هينري پاٽنجر، جيڪو 1809ع
۾ هن شهر مان گذريو هو، سو لکي ٿو ته ”اسان گهڻو
سفر ڪري اول ته کنڊرن مان گذرياسين ۽ پوءِ آباد
شهر ۾پهتاسين.“ 1831ع ۾ اليگزينڊر برنس هن شهر
متعلق چوي ٿو، ”هن شهر جي آبادي 15000 کان مٿي
ڪانه ٿيندي ۽ گهر اُن جي کنڊرن ۾ هتي هـُـتي
پکڙيا پيا آهن. ان آباديءَ مان اڌ جيترن ماڻهن
کي رهڻ لاءِ پنهنجا گهر به ڪونه آهن. لـُـنگين
اُڻڻ وارا ڪوري، جن جي ڪري هيءُ شهر گهڻو مشهور
هو، تن مان رڳو 125 خاندان باقي رهيا آهن. سڄي
شهر ۾ چاليهه واپاري به ڪونه ٿيندا.“
ٺٽي جي هن تباهيءَ کان پوءِ جلد ئي ڪلهوڙا ۽ کانئن پوءِ ٽالپر
سردار طاقت ۾ آيا، جن سنڌ جو تخت گاهه ڪنهن ٻئي
هنڌ وڃي جوڙايو. قديم ٺٽو هينئر من موهيندڙ قديم
آثارن جي شڪل ۾ موجود آهي. پراڻا باغ بـُـٺَ ٿي
چڪا آهن. قلعو ويران ٿي ويو آهي. نوابن جا محلات
۽ جايون الائي ڪاڏي ويون. ٺٽي جو نئون ڪين جهڙو
۽ ننڍڙو شهر، پراڻي شهر جي دڙي تي تعمير ٿيل
آهي، جنهن جون گهٽيون، جامع مسجد واري رستي سان
جوڙيل امير خاني مسجد جي فرش کان اتاهيون آهن،
شاهي بازار، نون نظارن ۽ پراڻي طرز واري ورن ۽
وڪڙن سان ڀريل آهي. بي ڊولا روايتي گهر، جن ۾
اندران ڪاٺ ۽ ٻاهران گارو ٿڦيل ۽ مٿان هوا لاءِ
منگهه جوڙيل آهن. مغل دور کان اڳ جي تعمير ٿيل
دبگير مسجد اڄ انساني آباديءَ کان گهڻو ڏور آهي،
مغل دور واري جامع مسجد، شهر جي اوڀر طرف ۽
حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ نيشنل هاءِ وي جي
ويجهو آهي، جنهن جي هاڻي تازو مرمت ڪرائي ويئي
آهي. پر اهي کنڊر، جيڪي نيشنل هاءِ وي ۽ مڪليءَ
کان وٺي سنڌو درياهه تائين ميلن جي حساب ۾ پکڙيا
پيا آهن، سي هر ايندڙ ويندڙ جي اکين ۾ اکيون
وجهي نماڻائيءَ سان گهوريندا رهن ٿا.
جاگرافيائي بيهڪ:
ٺٽي جو ڪمال ۽ زوال، سنڌو درياهه جي وهڪرن جي
تبديلين سان لاڳاپيل رهيو آهي، جيڪو اڄ موجوده
شهر کان پنج ميل اوڀر طرف کان وهي ٿو. هيءُ
تاريخي شهر 24 ڊگريون ۽ 46 فوٽ ويڪرائي ڦاڪ
اتر، 67 ڊگريون ۽ 59 فوٽ ڊگهائي ڦاڪ اوڀر ۾ واقع
آهي. ڪراچيءَ کان 60 ميل اوڀر، حيدرآباد کان 50
ميل ڏکڻ اولهه ۾ سنڌو درياهه جي ڇوڙ وارو آخري
علائقو آهي. اهو تصور ڪيو ويندو هو، ته جنهن دور
کان وٺي مڪليءَ جي ٽڪري، دريائي ڇوڙ واري آخري
علائقي ۾ رهي، ته هيءُ شهر به ان دور کان وٺي
آباد رهيو ۽ ڪيترين صدين کان وٺي قائم رهندو آيو
آهي، فقط هڪ سؤ چاليهه سال اڳ صورتحال ڦيرو
کاڌو. سنڌو درياهه جو ڦاٽ، اڄ جنهن کي اسان ڪلري
واهه سڏيون ٿا، تنهنجي پيٽ ۾ لـَـٽ ڀرجي ويو ۽
درياهه پنهنجو وهڪرو مـَـٽائي ويو، نه ته حالتون
هن تجارتي شهر لاءِ ايتريون مناسب هيون، جو هيءُ
گهڻي وقت لاءِ غير آباد رهي ڪونه ٿي سگهيو. شهر
جا نالا ۽ ماڳ مڪان ڪيترا ڀيرا تبديل ٿيندا رهيا
آهن ۽ انهن جي تبديلين جي صحيح نموني سان اڄ
نشاندهي نه ٿي ڪري سگهجي. ان جو سبب اهو آهي، ته
نئين شهر يڪدم پراڻي شهر جي جاءِ ڪانه ورتي4.
سنڌو درياءَ ۾ پائڻ واري خاصيت هجڻ جي باوجود به
مڪليءَ جي مضبوط هئڻ ڪري اهو علائقو درياهي کاڌ
ٿيڻ کان آجو هو. جنهن جي ٿورو اتر طرف ۽ درياهه
جي ڪناري سان گڏيل ٺٽي جو شهر آباد هو، جيڪو
عظيم سنڌوءَ جي لاءِ ڄڻ هڪ لنگهه هو. مڪلي
ٽڪريءَ هن شهر لاءِ پٿر جو پڪو بنياد فراهم ڪيو.
سنڌو درياهه اچ وڃ ۽ رابطي جو هڪ تاريخي سلسلو
پيدا ڪري وڌو هو، جنهن تي هن شاهي شهر (ٺٽي) جي
خوشحاليءَ جو وڏو دارومدار هو.
تصوير (2) - ڪلان ڪوٽ نالي قلعي جي اوڀارين ڀت جنهن ۾ گول
چبوترن جا نشان ڏسجي رهيا آهن. هي درياهه جي
ساڄي پاسي سنڌوءَ جي ڪناري سان واقع آهي. هن
اڏاوت جو لاڳاپو سما دور ۾ تيرهين ۽ چوڏهين صدي
عيسوي سان آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته ننگر ٺٽو، درياءَ جي ڀرسان ئي تي آباد هو، ان
ڪري مڪلي ٽڪريءَ کي اهميت ملي پر هاڻي صورتحال
بدليل آهي. اڄ مڪلي ٽڪريءَ تي موجود تاريخي
يادگارن ڪري ٺٽي شهر کي عظيم ۽ مقدس سمجهيو وڃي
ٿو.
مهان سنڌو درياهه، آبِ سنڌ يا سنڌ جي مهراڻ، سنڌ جي ڌرتيءَ کي
زندگيءَ جي جوت بخشي آهي. سنڌو درياءَ جو گڏيل
پاڻي پنجاب جي پڊن تان وهي، سکر جي سوڙهي جاءِ
وٽان گذري، هڪ سهڻي عورت جي ڊگهن ۽ بي ترتيب
وارن جيان پکڙجندو ۽ لٽ واري ميداني علائقي ۾
اڃا وڌيڪ موڪرو ٿي اڳتي هلندو ٿو وڃي. هي نڙيءَ
جهڙي جڳهه هڪ سوڙهي ماٿري آهي، جنهن جي اولهه
پاسي سليماني ٽڪريون ۽ اوڀر طرف ٿر جو وارياسو
رڻ آهي. انهيءَ منظر ۽ تصوير کي اڃا به هن طرح
واضح ڪري سگهجي ٿو، ته هن سوڙهي جاءِ وٽان پاڻي
زور سان وهڻ کان پوءِ ڏکڻ - اولهه ڏِس تي پهچي
درياهه رفتار ۾ ماٺو ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان مان
اڀرندو نارو ۽ الهندو نارو نڪري پاڻيءَ جو چڱو
حصو کڻي وڃن ٿا. درياهه جي چاڙهه وقت ساڄي طرف
اڙل واهڙ هڪ ڇنڊڻ جو ڪم ڏئي ٿو ۽ واڌو پاڻي ڇڪي
وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڪٺو ڪري ٿو، درياهه جي کاٻي
ڪناري تي ڪيترائي واهڙ ۽ ڦاٽ جيئن پراڻ، ڍورو
نارو، گــُـونگڙو، ڦليلي ۽ پڃاري آهن، جن ۾
آبڪلاڻي جي موسم ۾ پاڻي ڌوڪي وڃي پوي ٿو. سنڌو
درياءَ جي وهڪري جي هيٺئين پاسي واري تصوير ائين
وڃي مڪمل ٿئي ٿي. ان کان پوءِ سنڌو درياءَ جو
وهڪرو موڙ کائي اوڀر ڏکڻ اَهل ڪري ڪوٽڙي تائين
وڃي پهچي ٿو. ٻي به هڪ گولائي کائي ڪوهستان واري
لڪ مان لنگهي ٿو ۽ ڏکڻ طرف واري پيٽ مان وهڻ
شروع ڪري ٿو. اڳتي هلي جبلن مان نڪرندڙ نئن
باران جو پاڻي به اچي ساڻس ڀاڪرئين پئي ملي وڃي
ٿو. ٺٽي کان گهڻو هيٺ درياهه ننڍن واهڙن ۽ وڏن
ڦاٽن ۾ ورهائجي دوآبو جوڙي ٿو.5
تاريخ جي شعور جي اَک پٽجڻ کان اڳ واري دور ۾ سکر کان هيٺئين
طرف روهڙي وارن پوٺن تي ويهي انسان روهڙيءَ جي
ٽاڪرائين پٿر مان اوزارن جوڙڻ جو ڪم پئي ڪيو،
ڪنجهي جي پوئين دور تائين، ٿر جي اولاهين پاسي
کان هڪ ٻيو درياهه به وهندو هو، جنهن کي هاڪڙي
جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ان جي ڏونگهي تري جا
اهڃاڻ اڃا به موجود آهن، جنهن کي اسان اڀرندي
ناري جي نالي سان اڄ به سڃاڻون ٿا. جنهن جي
جاگرافي هن طرح بيان ڪيل آهي: اڀرندو نارو،
ڪنارا کائيندڙ درياهه جو پراڻو پيٽ آهي، جيڪو
سڪي ويو آهي. اهو گهڻو ڪري سنڌو درياهه سان پور
وڇوٽ تي وهندو هو ۽ پنهنجي پاسي واري زمين جو
لاهه مکيه درياهي وهڪري کان گهڻو پري ڏيکاريندو
هو. جيتوڻيڪ ان کي ناري جي نالي سان سڏيو وڃي
ٿو، پر هيءُ تمام گهڻو موڪرو هو. سندس ترو 8 يا
10 فوٽ هيٺ هوندو هو. روهڙي(1)
۽ نئين ڪوٽ شهرن جي وچ تي نارو يا جيئن سنڌ ۾
کيس هاڪڙو سڏيو ويندو آهي، ٿر جي رڻ جي وٽ ڏئي
وهندو هو. نئين ڪوٽ کان پوءِ ٻه شاخون ٿي وهندو
هو. ٻنهي مان وڏو وهڪرو ڏکڻ طرف اوڀر اَهل ونگي
جي ڳوٺ کان مٽيندو هو ۽ پراڻ سان اچي ملندو هو ۽
ٻيو وهڪرو 30 ميل کن ٿر جي وٽ ڏيو وري اچي ونگا
بازار هيٺان پراڻ سان ملندو هو. هتان کان اهو
پاڻي هڪ واهڙ جي ذريعي لکپت ڏانهن وڃي وري پراڻ
۾ پوندو هو. جتي ٽي سؤ ميل جي وهڪري کان پوءِ
ڪوري ڦاٽ ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.6 ساڳيءَ ريت
الهندو نارو آهي، جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي مان وهندو،
قديم شهر موهن جي دڙي طرفان ٿيندو، منڇر ڍنڍ ۾
ڇوڙ ڪندو هو. ان ناري متعلق چيو ويندو آهي، ته
پاڻي جي هن وهڪري ۾ ور وڪڙ تمام گهڻا آهن ۽ پاسي
سان واريءَ جون ڀٽون به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. ان
ڪري سمجهه ۾ اچي ٿو، ته هيءُ وهڪرو سنڌو جي هڪ
ننڍي پراڻي شاخ آهي. هيءُ واهڙ ٿوري فاصلي لاءِ
سنڌوءَ جي وڏي وهڪري سان پوروڇوٽ فاصلي تي هلي
ٿو، پر بعد ۾ هن واهڙ کي سنڌ جي آبپاشي کاتي جي
سربراهه ڪرنل جي. جـِـي فائيف
(Col. J.G Fife)
سڌاري هڪ گهاڙ واهه جي صورت ڏني. هيءُ واهڙ نيٺ
وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، جيڪا هن واهڙ جي
پنهنجي واڌ هئي.7 اهي ٻئي صوبي جو انتها اوڀر ۽
انتها اولهه واريون درياهي شاخون آهن: هڪ ٿر جو
ڪنارو ڏئي اوڀر کان ۽ ٻي کيرٿر جبل جي ٽڪرين جي
ڪڇ ڏئي اولهه طرف کان وهندي هئي.
اتر پاسي کان سکر، روهڙي واريون ٽڪريون، اولهه
طرف کان کير ٿر جبل جي قطارن سنڌ کي بلوچستان
کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌو درياءَ جي لاءِ ڄڻ
هڪ ڀت بڻجي پئي آهي. آبي واهڙ سان سنڌ جي وچولي
دور واري تاريخ ۽ خاص طور تي ٺٽي جي تاريخ وڌيڪ
لاڳاپيل آهي. راورٽي هن8 وچ واري
تصوير 3 - پوئين مغل دور سان لاڳاپيل عيد گاهه جنهن جي ٻنهي
پاسن کان گول منارا تعمير ٿيل آهن. وچ تي محراب
اوچو آهي. هن تعمير جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ
سان آهي.
وهڪري جي اروڙ کان وٺي سمنڊ تائين نشاندهي ڪئي آهي، جيڪو عربن
جي حملي وقت هتان وهندو هو. هن درياهه جو هڪ
واهڙ، جيڪو مڪلي جو اولاهون پاسو ڏئي گهاري ڦاٽ
مان وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو، ڪنهن زماني ۾ هن
ڦاٽ جي ڪناري تي ڀنڀور واقع هو. هن قديم شهر
لاءِ امڪاني طور اهو سمجهيو ويندو آهي، ته ديبل
بندر جو شهر هو، جنهن کي عرب فاتح محمد بن قاسم
فتح ڪيو هو. ان کان پوءِ عربن منصوره ۽ محفوظه
نالي ٻه شهر هن مکيه وهڪري کان ڪجهه ڏور اوڀر
پاسي آباد ڪرايا هئا. اها حقيقت آهي، ته ان
زماني ۾ درياهي وهڪرو بلڪل مختلف هو. اهو وهڪرو
انهن عربن جي اڏايل شهرن جي پاسي کان ضرور
مٽيندو هوندو. پر تيرهين صدي عيسويءَ جي ڪهڙي به
ڏهاڪي ۾ هيءَ وچون وهڪرو الهندي پاسي سرڪي ويو.
سومرا دور جي سنڌي بيتن ۾ ان جو واضح ذڪر آهي.9
جن ۾ ماڻهن کي ٺٽي ۾ آباد ٿيڻ کان روڪيو ويو
آهي، جيڪو سنڌ جي اندروني بندر جي حيثيت وٺي وڏي
اهميت حاصل ڪري رهيو هو. اهو به امڪان آهي، ته
ان وقت ديبل بندر لٽجي بند ٿي چڪو هجي ۽ ٺٽي کي
اهميت ڏيڻ کان سواءِ ٻي ڪابه متبادل وستي نظر ۾
ڪانه هئي. سنڌ جو وچون درياهه جيڪو سکر جي سوڙهي
گـَـهٽَ مان نڪري پهرين روهڙي جي ٽڪرين جي سلسلي
جي ڏکڻ - اولهه واري ڪنڊ سان ٽڪرائبو هو، جنهن
تي ڪوٽ ڏجي جي ڪنجهي کان اڳ واري دور جي سنڌي
سڀيتا واري وستي آباد آهي. امڪان اهو آهي، ته ان
وقت سنڌو درياهه جو وهڪرو انهيءَ ساڳي گهٽَ مان
گذرندو هجي. هن جاءِ تان هن وچين درياهه جي رخ
جو لاڙو الهندي آهل لڪيءَ جي ٽڪرين ڏانهن ٿئي
ٿو. هن ساڳيءَ وهڪري جي اولاهين هنڌ تي ڪـَـنجهي
جي دور سان لاڳاپيل هڪ آڳاٽي وستي آمري جو دڙو
موجود آهي. ان کان پوءِ کيرٿر سلسلي جون ٻاهر تي
نڪتل اوڀاريون ٽڪريون درياهه کي وري اوڀر طرف
ڌڪي وڃن ٿيون. موجوده دور ۾ درياءَ ڄامشوري ۽
گنجي ٽڪر تي اڏيل حيدرآباد شهر جي وچان لنگهي
ٿو. ڄامشوري ۽ حيدرآباد جي وچ تان درياهه گذرڻ
وارو اهو واقعو 57-1756ع ۾ ٿيو، جڏهن درياهه
نوابشاهه ضلعي جي شهر سڪرنڊ کان ڪجهه اولهه پاسي
موڙو کاڌو. جيڪڏهن اها تبديلي اڳ ۾ آئي آهي، ته
به ڪجهه چئي ڪونه ٿو سگهجي. پر جڏهن درياهه هڪ
دفعو منصوره ۽ محفوظه ڏانهن موڙو کاڌو ته ان جو
ٻيو موڙو ٺٽي جي ڀرسان مڪلي واري وٽ ئي هجڻ کپي.
ان ڪري وچولي دور واري تاريخ جي حوالي سان نگر
ٺٽو فطري طور تي حيدرآباد کان قديم هجڻ گهرجي.
جاگرافي جي ماهرن جو رايو وري هن طرح آهي، ته هن درياهي ميدان
جي صفا اترئين حصي ۾ (واهڙ جي وچ تي) ٽڪرين جو
هڪ سلسلو شروع ٿئي ٿو، جيڪو اتر کان هلندو ڏکڻ
ڏانهن وڃي ٿو. ان ٽاڪرو علائقي جي مٿاڇري جي
سنوت سمنڊ کان 413 فوٽ مٿي آهي. حيدرآباد ڀرسان
وچ تي 25 ڊگريون ۽ 21 فوٽ اتر ويڪرائي ڦاڪ تي،
14 ميلن جي ايراضيءَ ۾ ٽئين درجي جو ٽــــاڪــرو
۽ هموار علائقو آهي، جنهــن جي اوچائي 252 فوٽ
مــس ٿيــندي.
اهي ٽڪريون اُچائيءَ جي لحاظ کان آهستي آهستي هيٺ ڀرو ٿينديون
اوڀر آهل لڙنديون وڃن ٿيون ۽ درياهه وٽ پهچي
سڌيون ٿي ختم ٿي وڃن ٿيون. اڃا به ٿورو اڳتي ڏکڻ
ڏانهن ٺٽي جي ڀرسان، مڪليءَ جي ٽڪرين جو جدا ۽
الڳ سلسلو آهي. ڌرتيءَ جي علم جي لحاظ کان سندن
عمر بلڪل ساڳي آهي، مڪليءَ واريون اهي ٽڪريون
اولهه ۽ ڏکڻ آهل هيٺ هلنديون ٿيون وڃن، انهن
ٽڪرين مان ڪي سخت قسم جي پٿرن واريون ٽڪريون به
آهن، جيڪي درياهي علائقي ۾ موجود آهن، جتي
نيمولايتي ((Nummulitic
چن جي پٿر جهڙو ۽ کيرٿر جابلو سلسلي جي جبل سان
هڪجهڙائي رکندڙ پٿر موجود آهي ۽ ان جي ڀرپاسي
واري زمين ۾ سائي رنگ جي چيڪي مٽي ۽ سفيد چاڪ
واري مٽي موجود آهي.10 اولهه واري ٽڪرائتي
علائقي کي ڪوهستان سڏيندا آهن ۽ اهو هن پاسي تي
ئي محدود ٿي وڃي ٿو. دوآبي وارو علائقو، سامونڊي
ڪناري واري بنيادي حد، جيڪا اتر - اوڀر طرف
مونزي راس (ڪيپ مونزي
Cape Monze)
کان شروع ٿئي ٿي، ٺٽو ان جي آخري حد سمجهڻ
گهرجي، جتي سامونڊي لهرون پهچي سگهن ٿيون ۽
درياهه کي سٺ 60 ميلن تائين اتر چاڙهه ڏياري
سگهنديون آهن. ڏکڻ - اوڀر طرف ڪڇ جي رڻ تائين
دوآبو پکڙيل هو. دوآبي جي تاريخ هن ريت لکي ويئي
آهي: ”سنڌ جي وڏي حصي کي قديم دوآبو ڪري سمجهي
سگهجي ٿو. سنڌ جي پراڻن نقشن جي مطالعي مان اسان
کي معلوم ٿيندو، ته تاريخ جي مختلف دورن تائين
سنڌ جي دوآبي جي بناوت ۽ جوڙجڪ ٿيندي رهي آهي ۽
سنڌو درياءَ ٻنهي طرفن ڏانهن ڪيترن ميلن تائين
پئي ڦريو گهريو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترن
هنڌن تي سندس وهڪرو ساڳيو ۽ هڪ جائتو رهيو آهي،
ڪنهن وقت بلڪل ڏکڻ طرف کنڀات نار
(Gulf of Cam bax)
وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. ڪڏهن ان جو وهڪرو اوڀر
ناري کان وهندو هو. سندس ڇوڙ جو تعداد وڌندو
کـُـٽندو رهندو هو ۽ وهڪرن ۾ به ڦير گهير ايندي
رهندي هئي“ ٽالمي ((Ptolemy
جي قديم نقشي ۾ ست اهڙا واهڙ ڏيکاريا ويا آهن،
جي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا هئا جيڪي پوئين دور جي
نقشي ۾ ڏيکاريل ڦاٽن کان بلڪل نيارا آهن. پراڻي
دور جي دوآبي جو سرو حيدرآباد وٽ سمجهڻ گهرجي.
ان پوئين دور ۾ ٺٽو دوآبي جو مرڪز رهيو. هاڻي ته
گهڻو اڳتي وڌي، ڪيترائي ميل ڏکڻ طرف11 نڪري ويو
آهي.
سنڌو درياءَ جي وچئين وهڪري جي ناتي سان ٺٽي جي حيثيت ۽ ترقي
تيستائين قائم رهي، جيستائين درياهه سندس ڀرسان
گـَـهندِي ڏئي مٽيندو هو. اهڙي صورتحال دهليءَ
جي حڪمران فيروز شاهه تغلق جي زماني
(1351ع-1388ع) تائين قائم رهي. پير حسام الدين
راشدي12 ان دور جي همعصر شاعر مطاهر شاهه ڪڙه جو
شعر بيان ڪيو آهي:
تهـــتہ کـــه آن جـــزيـــره بـــلاديست پـــر کهـف
درياش يک طرف شد و پنج آب يڪ طرف
مطلب: ٺٽو جيڪو هڪ ٻيٽ آهي، اهو علائقو غارن سان ڀريل آهي. کيس
هڪ پاسي کان درياءَ آهي، ٻئي پاسي کان پنج آب13
يعني سنڌو درياهه آهي.
همعصر شاعر جي اها شاهدي ڏيکاري ٿي ته سنڌو درياهه جي هڪڙي شاخ
ٺٽي کي ٻيٽ بنائي مڪليءَ کان الڳ ڪري رهي هئي14
۽ ان پراڻي واهڙ جو گٺُ اڄ به چٽيءَ طرح ڏسي
سگهجي ٿو. جڏهن اهو واهڙ، ڄام نظام الدين جي
ڏينهن ۾ سڪي ويو ته مڪليءَ کي پاڻي ڏيڻ واسطي
واهڙ جي پراڻي ڳٺَ سان هڪ واهه کوٽايو ويو هو.15
سنڌو درياهه جو مکيه وهڪرو ان وقت بگهاڙ ۾ وهي
رهيو هو، جيڪو سڌو مڪليءَ جي ڏاکڻي ڪـُـنڊ کي ٿي
لڳو ۽ پير پٺي کي سامهون وارين ٽڪرين کان الڳ
ڪري ٿي ڇڏيائين، جن جي هيٺان تري ۾ عرب
آبادڪاريءَ جا نشان موجود آهن. هيءُ بگهاڙ ڦاٽ
به ساڳي ڏينهنِ ۾ سڪي ويل ٿو ڀانئجي ۽ مکيه
وهڪرو اڃا به اوڀر پاسي ڏانهن سرڪي ويو هو.
مڪاني روايتن مطابق اهو سڀ ڪجهه صوفي بزرگ حماد
جماليءَ جي ڪرامت جي ڪري ٿيو ۽ اها سڄي ساري
درياهي تبديلي مڪلي ٽڪريءَ جي اتر ڏس کان ٿي ۽
ان کان پوءِ پير پٺي تي ڪوبه لاش دفن ڪونه ٿي
سگهيو.16 اها ڦير گهير حماد جمالي جي خانقاه ۽
ڄام نظام الدين جي مقبري وٽان شروع ٿي هئي، پر
اها روايت غلط آهي. ماڻهو پير پٺي جي زيارت لاءِ
ويندا رهيا ۽ ويندي ڪلهوڙا دور يعني ارڙهين
صديءَ تائين مقبرا ۽ مزارون تعمير ٿينديون
رهيون. مغلن جي پوئين دور ۾ به هڪ مسجد جي اڏاوت
ڪئي ويئي هئي ۽ منارو به جوڙيو ويو هو، جنهن کي
عرب فاتح جي پٺيان محمد بن قاسم جي مسجد جي نالي
سان سڏيو ويندو آهي.
ٺٽي، مڪلي ۽ سنڌو درياهه جو رشتو اڻٽٽ رهيو آهي، ٺٽي شهر جو
پراڻو شان ۽ مان ته قائم نه رهيو آهي، پر اڳئين
شهر جا اهڃاڻ ڳولي لهڻ به ڏاڍو مشڪل آهي، جيڪو
ماضيءَ جي مختلف دورن ۾ پئي اڀريو ۽ اُسريو.
ڪيترن تاريخدانن17 جو خيال آهي، ته ٺٽي شهر جو
بنياد، سما دور جي ڄام سلطان نظام الدين
(1508ع-1460ع) جي ڏينهن ۾ پيو. هن نئين شهر جي
اڏاوت جي ضرورت تڏهن محسوس ٿي هوندي، جڏهن
اولاهون واهڙ سڪي ويو هوندو، جنهن جي نتيجي ۾
ڄام جي هڪ خاص وزير دريا خان، ڪلري نالي هڪ واهه
کوٽائي مڪليءَ ڏانهن آندو هو. ان حقيقت مان اهو
معلوم ٿئي ٿو، ته سمن جو اصلوڪو پراڻو ٺٽو نئين
شهر جي اتر - اولهه پاسي هو، جيڪو هينئر زرعي
زمين لڳو پيو آهي يا ڪي کنڊر (نمبر 8 ۽ 9) جيڪي
موجود اڏاوتن هيٺان اچي ويا آهن. گهڻو ڪري
پاڻيءَ جو وڏو تلاءُ وچ تي هو ۽ ٻيون اڏاوتون ان
جي چؤطرف هيون. درياهي وهڪري جي ڦيرگهير ڪري شهر
به ڏکڻ - اوڀر ڏانهن سـُـرڪي ويو آهي، دبگير
مسجد ترخانن جي دور ۾ شهر جي وچ واري ايراضيءَ ۾
جوڙي ويئي هوندي. ان کان پوءِ اتر پاسي واري
کوٽيل واهه کي خيال ۾ رکندي محسوس ائين ٿئي ٿو،
ته شهر وري اتر پاسي وڌيو هوندو ۽ بادشاهي مسجد
به پڪ سان ان وقت جي شهر جي وچ تي جوڙي وئي
هوندي. مکيه شاهي بازار ان جي اولهه ۽ مغلن جا
باغ سندس اوڀر طرف تي هوندا. پير حسام الدين
راشدي هن شهر جي، قلعي، بازار، جاين، باغن سوڌو
هڪ خوبصورت لفظي تصوير ڪشي ڪئي آهي،18 جنهن جو
بنياد علمي شاهدين تي رکيو آهي. قلعي جي ديوار،
جيڪا شهر جي چوڌاري هئي، جنهن کي عالم پناهه به
سڏيو ويندو هو، سا فيروز شاهه تغلق جي حملي
تائين سلامت رهي. تاريخي شاهدين پٽاندڙ ان کي
ڪيترائي ڀيرا مرمت ڪري سڌاريو ويو هو. محلاتَ ۽
ٻيون جايون حاڪم نشين قلعي ۾ تعمير ٿيل هيون.
مکيه شهر کي ڪيترن ئي محلن ۾ ورڇيو ويو هو.
جهڙوڪ: شوراني محلو، مير احمد بيگ محلو، غلا
بازار محلو، ملا محمد علي محلو، ڀائي خان محلو،
خواجه شڪر الله محلو، مرزائي بازار محلو، آگر
محلو، سرهين جو محلو، نرشش محلو، ڪشمشيان محلو،
مسواڪشان محلو، سنگتراش محلو، نقارچين جو محلو،
مغل واڙو، گدا بازار محلو، مصفار محلو، سهتيه
محلو، تند سر محلو، مولو محلو، ٺٽي محلو، قاضي
محلو، محلو رضوي سادات، محلو ميرڪي سيد، محلو
اميرخاني، شڪر الاهي سادات محلو، محلو انجوي
سادات ۽ محلو جمنا سرزمين. انهن محلن ۾ ڪيتريون
ئي مسجدون تعمير ٿيل هيون، جهڙوڪ: مسجد ولي
نعمت، جامع فرخ، مرڪين مسجد، مسجد بزار امير بيگ
- مسجد آگريا محلو، دبگير مسجد، مسجد خضري،
اميرخاني مسجد، شاهجهاني مسجد، حفظ الله خاني
مسجد، تنــــدسر محلو مــــسجد، ملــوڪ شاهه
واري مسجد، مير
عبدالله واري مسجد، مـِـسگر محلي واري مسجد،
مسجد لکي، مسجد اسلام پور، قمري مسجد، ميان ٺاري
واري مسجد، حاجي محمد هاشم مسجد، مخدوم عدو
مسجد، مخدوم ابراهيم مسجد، مخدوم محمد قاسم
مسجد، مخدوم ابو القاسم نقشبندي مسجد، مخدوم
محمد معين مسجد. انهن مان ڪي ٿوريون مسجدون اڃا
به موجود آهن. رهائشي جڳهن مان خسرو خان جي
حويلي، عرب ڪوڪي جي حويلي، خشتي حويلي، قاضي
ابراهيم حويلي، مرزا فتح علي بيگ جو محل ۽ مير
عظيم الدين جو بنگلو باقي بچيل آهن. اڃا انهن
کان به وڌيڪ باغن جا نالا آهن. جهڙوڪ: خواجه مير
ابوتراب جو باغ، مير سيد علي شيرازي ٻئي جو باغ،
خورشيد باغ ۽ مسڪين باغ وغيره. چؤنڪن مان فقط ٽن
چؤنڪن جو ذڪر ملي ٿو. چؤنڪ ملڪ مان، چؤنڪ
عبدالغني ۽ چؤنڪ ميدان جمله پير ۽ بازارن مان،
مرزا بازار، گودڙي بازار، پٽي هٽ بازار، گدا
بازار، غلا بازار، امير بيگ بازار ۽ قصابا بازار
يا ڪاساين جي بازار جو ذڪر ملي ٿو. ٻن کوهن جا
نالا ملن ٿا - کوهه عالي جان ۽ کوهه نارقي.*
گهاٽ جي نالن مان لونگ پير گهاٽ جو نالو ملي ٿو.
ٺٽي جي مسافرخانن ۽ ضرب خاني جو ذڪر ملي ٿو،
جيڪي مرزا عيسيٰ خان ترخان قائم ڪيا هئا ۽ ان
سان گڏ قبرن ۽ مقبرن جو وچور پڻ ڏجي ٿو، جيڪو
ڪجهه دستياب ٿي سگهيو آهي.
اڄڪلهه مڪليءَ جي ايراضي وڏيءَ
ڪشش واري جڳهه آهي. اتي صوفي بزرگن جي زيارتن
ڪري ماڻهو سـَـوَن بلڪ هزارن جي تعداد ۾ اچي گڏ
ٿيندا آهن.
تصوير 4 - قومي شاهراهه مڪليءَ منجهان گذري ٿي جنهن جي
کاٻي پاسي مڪليءَ جي چاڙهيءَ وٽ هڪ مندر آهي.
هن اڏاوت جو تعلق قديم دور سان آهي. ڀرسان ئي
ساڄي پاسي اسلام پور نالي هڪ مسجد آهي.
تصوير 5 - درياهه جي پراڻي پيٽ مان بيهي ڏسبو ته کاٻي پاسي طغرل
بيگ جو مقبرو ڏسڻ ۾ ايندو. جڏهن ته ساڄي پاسي
کان مرزا جان بابا جي مزار آهي. وچ تي مرزا
عيسيٰ خان ترخان
II
جو سفيد مقبرو نمايان نظر اچي ٿو.
انهن سان گڏ بادشاهن جا مقبرا ڏسندا آهن ۽ روحاني اطمينان ۽
سڪون حاصل ڪندا آهن. گڏوگڏ هن شهر خموشان جي
خوبصورت ماحول مان به لطف اندوز ٿيندا آهن.
ان ماحول جي ”ملال خاران“ ڏاڍي خوبصورت تصوير
ڪڍي آهي.
بهار ڪوه مڪلي طرفه سير است،
بهر گوشه خرامان سروقدي،
واي روح افزائش همه وقت،
بــــلـــي آنـــجـــا مـــزار
ســـيـــدي اســت، |
تماشاي بداند خرم آباد
اگرچه نيست در وي سرو آزاد
هواي جنت الماويٰ دهد ياد
کــه اڪــثــر نــامــرادان را کــنــد
شــاد |
معنيٰ: بهار جي موسم ۾ مڪلي ٽڪري هڪ بهترين تفريح گاه بنجي
پوندي آهي جن کي اهڙو تجربو آهي (تن کي خبر
هوندي) اها هڪ خوشيون ڏيندڙ جاءِ آهي. هرڪو
محسوس ائين ڪندو، ته سروقد محبوب چؤطرف گهمي
رهيا آهن.
جيتوڻيڪ اتي سرو وڻن جو ڪو وجود ئي ڪونهي. هر وقت روح افزا هوا
گـُـهلندي رهي ٿي، جيڪا جنت جي ٿڌي هير جي ياد
ڏياريندي آهي، اتي هڪ سيد جي مزار آهي، جيڪا
ڏکويل دلين کي آٿت ۽ سڪون ڏئي ٿي.
قدرتي بناوت جي نقطه نگاهه کان ۽ ارضياتي حساب سان مڪلي هڪ عجيب
و غريب ٽڪري آهي، جنهن جو مٿاڇرو هموار، لٽاسو
۽ ڀانت جي لحاظ کان پٿريلو آهي، جيڪو رني ڪوٽ
واري پٿر سان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ منجهس
نيمولاتي چن موجود آهي. اها ٽڪري پير پٺي کان
شروع ٿئي ٿي ۽ 11 ميل اتر اِهل ٺٽي کان بلڪل
اولهه طرف هڪ ميل جي فاصلي تي ختم ٿي وڃي ٿي.
جيڪڏهن ان کي اولهه طرف کان ڏسبو ته هيءَ ٽڪري
محسوس ئي ڪانه ٿيندي، پر جيڪڏهن ان کي ٺٽي جي
طرف کان ڏسبو ته اها ٿورو ڪجهه اڀڪپري ڏسبي
آهي، ان جي سمنڊ جي سنوت کان اوچائي 80 کان
150 فوٽ مٿي آهي. سندس مٿاڇرو هموار آهي. ڪٿي
ڪٿي سنڌي ٿوهر جا ٻوٽا ((Euphorbia
nereifolia بيٺا آهن. روڙي به چؤڏس پکڙيل نظر ايندي، ڪٿي ڪٿي،چن جي پٿر جا
وڏا گول چڪا به ڏسڻ ۾ ايندا، جنهن ۾
نيمولاتي19
(Nummulities)
پڪو پٿر به آهي. اهو ضروري آهي ته تاريخي طور
تي مڪلي ٽڪريءَ جي هر ڀاڱي جو ۽ گهڻ پاسائتو
مطالعو ڪيو وڃي.
اتر پاسي کان هي ٽڪري اڀڪپري آهي، پر اتر - اولهه واري ڏس کان
هوريان هوريان ٿي زرعي زمين جي مٿاڇري جي
برابر سنوت سنئين ٿي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي
جهاتر وارا وڻ آهن ۽ زيارتن کان گهڻو دور ملان
عبدالرحمـٰـن لٽر جي قبر کان به پري ڪنهن
پراڻي شهر جا کنڊر موجود آهن، جنهن جي مٿان
سما خاندان جي پونيرن جا ٻه چار گهر ٺهيل آهن،
جنهن کي غلام حسين جو ڳوٺ سڏين ٿا، پر ڳوٺ کي
پراڻي نالي سان ساموئي به سڏيندا آهن، مکيه
گهر دڙي جي چوٽيءَ تي ۽ ڦـُـلهياري ڀوري پٿر
مان ٺهيل آهي. پٿر به هن پراڻي شهر جي دڙي مان
ڪڍي استعمال ڪيا ويا آهن، ڳوٺ جي اولهه پاسي
کان ڪنهن مسجد جي پراڻيءَ پيڙهه جا نشان ملن
ٿا، جنهن جي نماز پڙهڻ واري جاءِ جي شڪل
چوڪـُـنڊي آهي ۽ اوڀر ڏِسا کان ورانڊو اٿس،
جيڪو اصل ۾ ڪڏهن ڍڪيل هوندو. اولهه واري ڀت
مان ڄڻڪ ونگ جيان بڻيل هڪ محراب ٻاهر تي نڪتل
ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مسجد جو هيٺيون ڀاڱو ائين نظر
اچي ٿو، ڄڻ پٿرن سان جوڙيو ويو هجي ۽ مٿانهون
حصو پڪين سرن سان اوساريل ٿو ڀانئجي. انهن
ماڳن جي اوسي پاسي ڪنهن به اُڪيريل پٿر يا
لسيءَ چمڪدار سر جو ڪو نشان ڪونه ٿو ملي. ڳوٺ
کان اتر ۾ هڪ قبو آهي جنهن لاءِ چيو ويندو
آهي ته اهو سومرا خاندان جي ستن ڀينرن جو
آهي20، مقبرو لمبوتري چوڪـُـنڊو شڪل تي آهي،
جيڪو اندران توڙي ٻاهران گچ سان لنبيل آهي.
اوڀر پاسي ڏانهن ويڪرو اڱڻ اٿس، جيڪو هاڻي ٽڙ
پکڙ پٿرن سان ڀريو پيو آهي. ان جي ڇت ڪجهه
هموار آهي، جيڪا سردرن تي بيٺل آهي. اوڀارين
مـُـهاڙي ونگ جي شڪل جي انهن خانن سان
سينگاريل آهي، جيڪي آرپار نه آهن. لنگهه فقط
هڪڙو آهي، جيڪو اندر اونداهيءَ ۾ چوڪـُـنڊي
جڳهه ۾ وٺي وڃي ٿو. جتي ستن ڀينرن جون ساديون
سوديون قبرون موجود آهن. ان کان ٿورو اوڀر طرف
جهنڊي شاهه جو مقبرو آهي، جنهن جي اڏاوت مٿڀري
۽ اوچي آهي. پيڙهه ۾ چورس ۽ ڪارنس جي مٿان
اٺاس جي تعمير شروع ٿئي ٿي. ان کان پوءِ مقبري
جي گول ڍيڍي کنئي ويئي آهي، جنهن جي مٿان گچ
سان لنبيل سفيد اوچو قبو جوڙيل آهي، اتر طرف
مسجد به اٿس.
ساموئيءَ جو هيءُ شهر، سمن جي نالي پٺيان آباد آهي. تحفة الڪرام
جو بيان آهي، ته درڪ پرڳڻي ۾ سومرن جي راڄ
ڌاني تباهه ٿيڻ کان پوءِ هن شهر جو بنياد رکيو
ويو، پر مؤلف اهو يقين نه ٿو ڏياري سگهي ته ان
شهر جو پايو وجهندڙ ڄام ٻانڀيڻو پٽ ڄام تماچي
آهي يا ڄام ٻانڀيڻو پٽ ڄام انڙ آهي.21
صفا ڏکڻ پاسي، هن ٽڪريءَ جي ختم ٿيڻ واريءَ جاءِ کي پير پٺي جي
نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، جنهن جو اصلي
نالو شيخ حسين ديبلي22 آهي.پير پٺي جي اصلي
درگاهه ٺٽي کان 14 ميلن جي پنڌ تي آهي. هن
خانقاه ڏانهن ٻه پڪا روڊ وڃن ٿا. هڪ روڊ
مڪليءَ کان نڪري اسٽيل مل ڪمپليڪس ۽ غلام الله
کان ٿيندو پير پٺي پهچي ٿو. ٻيو رستو ٺٽي کان
نڪري بدين - سجاول روڊ کان ٿيندو، دبگير مسجد
جو پاسو ڏيون، پير پٺي ڏانهن وڃي ٿو. اتي
جميل شاهه گرناريءَ جي درگاهه پڻ آهي23، جنهن
کي پير ڏاتار جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو.
پير پٺي ۽ پير ڏاتار جي وچ وارو علائقو قبرن
سان ڀريو پيو آهي، انهن قبرن ۾ هڪ قبائين
بناوت جا چار مقبرا ڪلهوڙن جي دور سان واسطو
رکن ٿا، جيڪي سرن سان ٺهيل آهن. ٻيا به ويجهڙ
واري دور سان تعلق رکندڙ قباوان مقبرا آهن.
پير پٺي جي درگاهه واري هنڌ تي، اَٺن ٺلهن تي
تعمير ٿيل پراڻي دور سان واسطو رکندڙ هڪ اَٺ
ٺـُـلهائين ڇٽي آهي. پٿر جا سڀئي ٺلهه اُڪيريل
آهن. اها ٺلهن تي بيٺل ۽ پٿرن جي سردرن وسيلي
ٿيل هڪ اڏاوت آهي. جيئن ته اها سڄي ساري گچ
سان لـِـتل آهي، ان ڪري سندس قدامت جو اندازو
لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو هو.
جيئن اسان پير پٺي کان هلي، مڪليءَ تي قائم ڪيل ٺٽي ضلعي جي صدر
مقام ڏانهن اينداسون، ته اسان کي ساڄي طرف کان
درياهه جو پراڻو پيٽ نظر ايندو، جيڪو
آرڪيالاجي ريسٽ هائوس کان پنج ميل پري اڃا به
پاڻيءَ سان ڀريو پيو آهي. درياهه جو هيءُ
پراڻو پيٽ، مڪلي ٽڪريءَ جي ٺونٺ جهڙي نوڪ جي
چوڌاري چڪر هڻي ڦري اچي ٿو. ٽڪريءَ جي هن ٺونٺ
تي قلعو (نمبر 2) تعمير ٿيل آهي، جنهن کي ڪلان
ڪوٽ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. پر ڪجهه وقت
کان پوءِ، سمي سلطان ڄام تغلق جي پويان تغلق
آباد يا طغرل آباد سڏجڻ ۾ آيو. ان قلعي جي
جاءِ وقوع جنگي حڪمت عمليءَ جي نقطه نگاهه کان
وڏي اهميت واري آهي. درياءَ طرف ان جون قدرتي
طور محفوظ ديوارون، دشمن کي گهڻي وقت لاءِ
روڪي ٿي سگهيون. ان قلعي کي ٽن طرفن: اولهه،
اتر ۽ اوڀر کان درياهه ڦري اچي ٿو. ڏکڻ پاسي
کان خشڪي اٿس، اهو ئي پاسو کليل آهي. ان پاسي
کان ٻه لنگهه اٿس. هن قلعي کان ٿوري وٿيءَ تي،
شهر جي پسگردائي سان واسطو رکندڙ ڪن وسندين جا
اهڃاڻ ڏسي سگهجن ٿا، پر انهن ماڳن تي ڪنهن خاص
نالي سان ڪا وسندي ترقي ڪري اُڀري ۽ اُسري ڪري
ڪنهن الڳ شهر جي حيثيت ڌاري ڪانه سگهي. ٿي
سگهي ٿو ته ڏکين موقعن تي فوجن جي تحفظ واسطي
اهي پسگردائي واريون وسنديون ڪنهن وڏي ڪم
اينديون هجن. بهرحال هن قلعي جي پٺيان هڪ ڊگهي
تاريخ آهي ۽ سما دور جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي
مغل حڪمران اورنگزيب تائين ڪجهه ماڻهو منجهس
رهندا هئا.24
جيڪڏهن اسان ضلعي جي صدر مقام ڏانهن وينداسون
ته هڪ ننڍي گهٽي جلوه گاه امامين25 کان مٽيندي
سڌو وڃي درياهه تي بيهندي. هن جاءِ کي مقدس ۽
متبرڪ سمجهڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون
وينديون آهن، جيڪي وصفن ۽ عقيدت جي لحاظ کان
شيعن سان تعلق رکن ٿيون. مغل گورنر نواب سيف
الله (1137هه-1142هه) جي نوابيءَ واري ڏينهن ۾
هن جلوه گاه کي 1140هه ۾ چوڌاري سرن جي ڀت
ڏياري ويئي هئي. نواب جي پٿرائين قبر ان جي
اندرئين پاسي آهي. هن جاءِ جي پاڪائي حضرت
علي ڪرم الله وجہ جي قدم مبارڪ سبب آهي. نواب
صادق علي خان(1149هه-1150هه) جي ڏينهن ۾، جيڪو
مغلن پاران ڏکڻ سنڌ جو آخري گورنر هو ۽ جنهن
کان پوءِ ميان نور محمد ڪلهوڙي سنڌ کي مڪمل
آزاد ڪرائي ورتو هو، اتر واريءَ ڀت جي طرف کان
ميان نور محمد 1140هه ۾ هڪ همچورس هڪ قبائين
لـِـتل جاءِ تعمير ڪرائي هئي. اهو قبو ڪجهه
مٿڀرو آهي، هڪ اوچيءَ اڏاوت سان تعلق رکي ٿو ۽
اَٺ ڪنڊي اڏاوت مٿان ٺهيل آهي. همچورس عمارت
کي خوبصورت بنائڻ لاءِ چوڌاري ڀت تي ڪنگرن جون
ٻه قطارون رکيون ويون آهن، قبي جي اٺاس ڍيڍي
کي وڌيڪ سهڻي بڻائڻ لاءِ ڪنگرن جي ٽئين قطار
مٿي رکي ويئي آهي. هن عمارت جي سڄي جوڙجڪ اها
آهي، جنهن سان جلوه گاهه امامين جو تقدس
لاڳاپيل آهي. هن جي ڀرسان ئي ٽه قبائين شڪسته
حال مسجد آهي، جنهن جي اوڀر پاسي واري اڪيلي
لنگهه تي ونگ ٻڌل آهي. اهميت واري هڪ ٻي
اڏاوت هڪ ڇٽي آهي، جنهن جي هر هڪ ڪنڊ تي چار
ٺلهه ۽ پاسن جي وچ تي هڪُ هڪُ ٺلهه آهي. ٺُلهه
اُڪيريل آهن. اها اُڪير ترخان دور سان واسطو
رکي ٿي، پر هنر ۽ ڪاريگريءَ جي لحاظ کان گهٽ
معياري آهي ۽ ڇٽي هلڪي کوکيءَ
(Low relief)
طرز وارن چٽن واري آهي. جهڙي ريت ترخان دور ۾
نظر اچن ٿيون. ڇٽي جي هيٺئين همچورس اڏاوت کي
ڪارنس مٿان اَٺ ڪنڊائين شڪل ڏني ويئي آهي. چئن
ڪنڊن وٽ پٿر جا سر در هڪ ٻئي سان مانڌاڻيءَ
وانگي ملن ٿا. ٺلهن مٿان رکيل تاجن کي
مانڌاڻيءَ جيان چار ٻانهون آهن ۽ انهن تي
چوڪـُـنڊي طرز واري اُڪير ٿيل آهي. جيڪا گل
ٻوٽي تي وڃي پوري ٿئي ٿي. قبو مٿي اتانهون
آهي، جيڪو محرابي ترتيب (Arcuate
System) سان
جوڙيو ويو آهي. ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيتريون ئي
قبرون آهن. ٿورو اڳتي هڪ جڳهه آهي، جيڪا هڪ
ڊگهي عرصي تائين عيدگاهه (نمبر 3) جي حيثيت ۾
استعمال هيٺ رهي. موجوده عيدگاه فقط هڪ ڀت
واري مسجد آهي، جنهن کي وچ تي محراب آهي.
محراب جي ٻنهي پاسن کان تاج وارا ٺلهه اڏايل
آهن ۽ سندس هر هڪ پاسي ونگن سان 18 ننڍا جارا
پڻ ٺهيل آهن. عيد گاهه جي اتر طرف ڪنهن
حويليءَ جا کنڊر آهن. روايتن جي نشاندهيءَ
مطابق اها ڄام نظام الدين جي وزير دريا خان جي
حويلي آهي.