سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 4

صفحو ؛ 13

 

باب چوٿون

ارغون ۽ تـَـرخان دور جا يادگار

(پٿر جا ٺهيل يادگار)

1520ع کان 1593ع تائين ۽ جاگيردارن جا 1612ع تائين v

ارغون ۽ ترخان، ٻئي ذاتيون تـُـرڪ نسل جي قبيلن سان لاڳاپو رکن ٿيون، جن جو لاڳاپو وچ ايشيا سان هو. اهي قبيلا امير تيمور جي شروعاتي دور وارن حملن ۾ ساڻس گڏجي افغانستان پهتا ۽ انهن علائقن تي پنهنجن پونئرن جي حڪمرانيءَ وارن ڏينهن ۾ قنڌار ۽ هرات ۾ رهي پيا. مرزا شاهه رخ هرات کي پنهنجي سياسي ڪار وهنوار جو مرڪز بڻايو. سندس سرپرستيءَ جي ڪري هرات، تيموري مڪتب فن جو مرڪز بڻجي پيو. جڏهن صفوين ان علائقي تي حملو ڪيو، ته ان فن ۽ ڪاريگريءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. اڏاوتي فن جي ڪيترن ئي ڪاريگرن ۽ ٻين هنر مندن لڏپلاڻ ڪري اچي صفوي مڪتب واري اڏاوتي فن کي شاهوڪار بنايو. ارغون ۽ ترخان سنڌ ڏانهن هليا آيا. انهن پاڻ سان گڏ تيموري مڪتب جو فن به آندو. هـُـو جڳهن ٺاهڻ جو نئون طريقو ۽ اڏاوتي فن جو نئون ڍنگ پاڻ سان گڏ کڻي آيا. اهي انهن علائقن مان آيا هئا، جتان جي سـِـرن جي نموني کي وڏي شهرت مـِـليل هئي. ڪاشيءَ جي چمڪندڙ سر جي استعمال ۾ واڌاري، جڳهن ۾ سنجٽ، سونهن ۽ رنگيني پيدا ڪئي هئي. اهي ڪاشيءَ جون سرون، صاف نيريون، اَڇـَـتـُـهيون واڱڻائي، ڦـِـڪيون ۽ پن ول جي صورت ۾ گهڻ - رنگيون هيون، جن ۾ گل ۽ پن هڪ رنگ جو ته تـَـرُ ٻئي رنگ جو هو. ٺٽو اهڙيءَ جاءِ تي قائم هو، جتي پٿر ڏاڍي سولائيءَ سان ملي سگهيو ٿي ۽ جتي پٿر جي گهاڙ ۽ چٽساليءَ واري اُڪير واري فن جون پراڻيون روايتون موجود هيون. اها به هڪ فطري ڳالهه هئي، جو پٿر جي گهاڙ جو ڪم ان دور ۾ به هلندو رهيو. پراڻين ۽ مضبوط روايتن اڃا به وڌيڪ ترقي حاصل ڪئي. وقت جي گهرج پٽاندر ان فن ۾ نيون تبديليون آنديون ويون. ان ڏس ۾ پٿر جي اڏاوتن ۾ ڪجهه نئون واڌارو يا سڌارو ڪونه ٿيو ۽ پراڻن اڏاوتي اصولن پٽاندر جڳهون ٺاهيون وينديون هيون. جڏهن ته قبائين اڏاوت ۾ ڪجهه سڌارو ۽ نواڻ آئي ۽ ڀت جي مٿاڇري جي چترڪاريءَ واري خوبصورتيءَ ۾ به چٽي تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پٿر جي اُڪير جا ڪيترائي نمونا ڪاشيءَ جي سرتي نظر اچن ٿا ۽ ڪٿي اليڪي چترڪاريءَ کي گلڪاريءَ واري چترڪاريءَ مٿان حاوي ڏسون ٿا. قبرن مٿان تراکڙي پٿرانهين لوڙهٽ رکڻ ۽ سيرانديءَ کان چؤنٺن جو نئون رواج پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

ان دور جي آخري ڏينهن ۾ جڏهن شهنشاهه اڪبر سنڌ فتح ڪري ان کي پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيو، ته ان دور کان پوءِ اسان ترخانن کي مغلن جي اطاعت ۽ سندن نوڪري قبول ڪندي ڏسون ٿا. هيءُ اهو زمانو هو، جو ترخانن کي سنڌ کان ٻاهر گورنر ڪري مقرر ڪيو ويندو هو. ترخانن ان دور ۾ عمارتي فن ۽ ڪاريگري ٻاهران کان ٺٽي اندر آندي. قبائين تعمير ۾ نواڻ، مرزا جاني بيگ ۽ طغرل بيگ جي مقبرن ۾ ڏسي سگهجي ٿي، پر انهن ٻنهي کان وڌيڪ مرزا عيسيٰ خان ترخان II جو قبو اهم آهي، جنهن کي مغل دور ۾ دکن جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو. ان مقبري جي تعمير جو بنياد گجراتي اڏاوتي نموني تي آهي. چٽساليءَ واري اُڪير جو گهڻو تڻو نمونو مڪاني سنڌي ڪاريگرن ۽ هنرمندن وٽان اختيار ڪيو ويو آهي. جيڪو اڳ ۾ ئي هتي پنهنجي مضبوط ۽ پختي بنيادن سان موجود هو.

پٿرانهين اڏاوتن تي لکڻ کان اڳ انهن کي هيٺين ڀاڱن ۾ ورهايون ٿا:

(الف)  (1) هڪ قباوان هم چورس مقبرا

(ب) مقبرن جي چوڌاري ڪوٽ

(2) مرزا عيسيٰ پهرئين جو مقبرو

(3) امير سلطان محمد جو مقبرو

(4) مرزا سليمان جو مقبرو

(5) مرزا صالح جو مقبرو

(6) مرزا باقي بيگ ترخان جو مقبرو

(7) هبشاد ٻائي (اهنسا ٻائيءَ) جو مقبرو

(ج) ڇٽيدار مقبرا

الف: اٺاس اڏاوتون

(8) بديع الزمان جي مقبري ڀرسان مقبرو

(9) بديع الزمان جو مقبرو

(10) مرزا عيسيٰ پهرئين جو ڪوٽ اندر مقبرو

(11) سلطان ابراهيم خان جي مقبري جي اولهه ۾ مقبرو

ب: چؤرس اڏاوتون

(12) سلطان ابراهيم خان جي مقبري جي ڏکڻ طرف مقبرو

(13) عبدالله شاهه اصحابيءَ جي زيارت گاهه کان اولهه پاسي مقبرو

ت: ڇٽيءَ وارا مقبرا ۽ ڀت واري مسجد

(14) مرزا جاني بيگ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي هڪ گمنام مقبرو

(15) طغرل بيگ جو مقبرو

د: قبرن جا پٿراوان لوڙهٽ (Cenotaphs)

(16) پٿرانهون لوڙهٽ، جنهن مٿان مور ۽ شمشاد وڻ جي طرز جي چٽن واري اُڪير آهي

(17) چؤڪنڊي نموني جي قبر

(18) جان بابا جو مقبرو

(19) مرزا عيسيٰ خان ترخان II جو مقبرو

بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته ارغونن سنڌ تي 1520ع کان 1555ع تائين هڪ مختصر مـُـدت حڪومت ڪئي. ان کان پوءِ سندن دلچسپي ٺٽي کان وڌيڪ قنڌار ۾ رهي. ٺٽي ۾ ڪنهن به ارغون جي قبر نٿي ملي، تنهن ڪري ان دور سان لاڳاپيل ڪوبه يادگار هتي موجود ڪونهي. البت هڪ نئين ڍنگ جو پٿرانهون قبو ضرور موجود آهي، جيڪو ڪنهن گمنام ماڻهوءَ سان واسطو رکي ٿو، جنهن ۾ حقيقي گول ونگ هجڻ جي ثابتي ملي ٿي (نمبر 72). ان جي ڪنڊن تي (نمبر 73) محراب به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ساڳيءَ ريت مٿئين حصي جي اٺاس واريءَ صورت کي ڇڏي قبي جي تعمير ۾ پراڻي اڏاوتي طرز استعمال ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سرن جي چوڌاري بار جي ڇلي جهڙي گولائيءَ کي سرن جي هر ٻئي بار جي گولائيءَ سان ڍڪيو ويندو آهي، پر ان قسم جي تعمير هم چورس اڏاوت تائين محدود آهي. قبي جي سڄي اڏاوت گهڻو ڪري اٺاس جي بڻايل محرابن مٿان ڪئي ويندي آهي ۽ قبي جو سڄو سارو بار انهن مٿان رکيل هوندو آهي يا وري گڏيل قسم جون ونگون هونديون آهن، جيڪي قبي جو بار کڻنديون آهن. پراڻي قسم جا قبا سرن جي پراڻي طرز جي تعمير سان واسطو رکن ٿا، پر قبن جي پوئين دور جي طرزِ اڏاوت گجرات جي اڏاوتي اثر سان لاڳاپو  رکي ٿي. قبر جي مٿان مور پکيءَ جي سنجٽي تصوير جي طرز هتان جي نج سنڌي طرز آهي، پر سروَ وڻ واري چٽساليءَ جي طرز ٻاهران کان هتي آيل آهي. ان ڏس ۾ مرزا جان بابا جو مقبرو سنڌي اڏاوتي فن جو ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان II جو گجراتي فن جو نمونو آهي. سنجٽ جي جهجهائي اتر - اولهه جي پاسي سان واسطو رکي ٿي، جهڙوڪ: آکڙي چٽساليءَ طرز هيٺ لڙڪندڙ ڪورون گڏوچڙ اوڀڙ واري طرز (Arabesques) ۽ ڏندائين ونگون وڏي اهميت رکن ٿيون. ساڳئي وقت قبي جي تعمير جو بنياد حقيقي گول ونگ ٻڌڻ جي هنرمنديءَ تي مدار رکي ٿو.

تصوير 72 - ارغون دور جو هڪ مقبرو، جنهن بابت ڪا ڄاڻ نه آهي، ته اهو ڪنهن تعمير ڪرايو ۽ منجهس ڪير دفن آهي؟ هن تعمير ۾ ونگ سان لنگهه آهي، جيڪو پٿر جي ڪام جي مدد سان جوڙيو ويو آهي. هن لنگهه جي ٻنهي پاسن کان ڀت ۾ گهرو اُڪيريل هڪ هڪ جارو آهي. هن مقبري جي تعمير جو تعلق 16 هين صدي عيسويءَ سان آهي.

تصوير 73 - هڪ قديم دور جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن ۾ ڪنڊن تي محراب جوڙي تعمير کي اٺ ڪنڊي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن مقبري ۾ اندرئين پاسي اُڪير جو فقط هڪ نمونو آهي، جنهن ڪارنس Cornice کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي.

تصوير 74 - ساڳي تعمير جي ٻاهرئين پاسي اڌ جيترو مٿي اوچائي تي اُڪيريل پٿرن جي هڪ قطار آهي، جنهن ۾ ڪجهه وٿي تي اُڪيريل چٽساليءَ وارو  پٿر ڪتب آندو ويو  آهي. اهڙي اُڪير نه ابتدائي سما دور ۽ نه وري پوئين ترخان دور ۾ نظر اچي ٿي.

(الف) هڪ - قبائون هم چورس گمنام مقبرو

هيءُ مقبرو شيخ جيئي جي مقبري جي اتر ۾ پرڀرو اڪيلائيءَ ۾ آهي. جڳهه سڄي ساري پٿر مان جوڙي وئي  آهي. شڪل صورت ۾ (نمبر 72) هم چورس آهي ۽ هن جو هر پاسو 31 فوٽ 2 انچ آهي. چئني پاسن کان ونگ سان لنگهه اٿس. سما دور جي عمارتن جيان هن ونگدار لنگهه ۾ پٿر جو چؤڪاٺو اهڙيءَ ريت جوڙايل آهي، جو سردر مٿان به ونگ سان هڪ دري  آهي. سڀ ونگون پٿر جي چپر جهڙن ٽڪرن سان اوساريءَ ڪري جوڙيون ويون آهن ۽ اهي ويڪريون ۽ سما دور جي سينڌ ونگ کان بلڪل نياريون آهن. لنگهه واريون ونگون ٿورو ٻاهر تي نڪتل ويڪرن چؤڪنڊي ۾ ٺهيل آهن. ونگ جي هر پاسي کان ڀت ۾ پيٺل ونگن سان خانا آهن. بنيادن جي سنوت (نمبر 74) سان هيري ڪڻين جي لانڍ حاشي تائين آهي. ان کان مٿان سنجٽ جي اُڪير جي قطار آهي، جنهن ۾ هم چورس ماپ جا خانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هر خاني ۾ جدا طرز جي چٽن واري اُڪير آهي. پهرئين ۾ اڀريل چؤرسا آهن، جنهن جي وچ تي مـُـٽڪو (Boss) آهي. تنهن کان پوءِ لڪدار چؤرسا آهن. هن طرز کي ٻه ڀيرا اڳتي به ورجايو ويو آهي، ٽئين خاني ۾ هڪ ونگ آهي، جنهن جا هيٺيان پاسا مٿي وريل آهن ڄڻ گل لاله جي تصوير بڻجي پئي آهي. چوٿون چئن پنکڙين وارو گل آهي. پنجين جي وچ تي مانڌاڻيءَ واري نشان جي مرڪز تي گل اُڪيريل ٿو ڏسجي. آخريءَ ۾ ڏاڪيدار مانڌاڻيءَ جي طرز واري چٽسالي آهي. اها هڪ حيرت جي ڳالهه آهي ته سورج مکيءَ ۽ گلاب جو گل جيڪي سما دور جي چٽساليءَ ۾ عام جام اُڪيربا هئا سي هتي بلڪل غائب آهن. اندرئين پاسي ۾ به وڏي تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪـُـنڊاوان محراب (نمبر 73) جيڪي پيڙهه جي اوساريءَ کان ٿورو مٿان، مٿي کڄن ٿا، سي سڄي اندرئين صفي کي اٺاس ۾ بدلائي ڇڏين ٿا. تنهن کان پوءِ ڪنڊن تي وڌيل پٿرن جون گهوڙيون آهن، جيڪي هنيل ٽيڪن ۽ سر درن کي وڏو ٽيڪو ڏين ٿيون جنهن کان پوءِ اٺاس سورهن پاسن ۾ بدلجي وڃي ٿو. سردرن تي فقط هڪ ئي قسم جي هم چورس ۾ چئن پنکڙين واري گل جي اُڪير جي هڪ لانڍ آهي. قبو هينئر ته ڪري تباهه ٿي چڪو آهي، پر اُهو اڳ ضرور چڱو وڏو هوندو.

سنجٽ جي کوٽ هجڻ ڪري جڳهه لـَـسي ۽ ٻـُـسي لڳي ٿي. ڀتين جوڙڻ جو عام طريقو اهو آهي، ته وڏن چوڪنڊن پٿرن جا داٻڙا گاري گچ کان سواءِ هڪ ٻئي جي مٿان رکي ڀت جوڙي ويئي آهي. ڪاريگريءَ جي طريقي ۾ هڪ بنيادي تبديلي نظر اچي ٿي. سڀني حقيقي ونگن جي تعمير واسطي ڇپراون پٿرن جي الڳ اڏاوت موجود آهي، جيڪا حاشي جي پٿرن واري بار جي مٿان پنهنجي جدا صورت ۾ شروع ٿئي ٿي. ان ۾ استعمال ٿيل پٿر ننڍا  آهن. ننڍن پٿرن جي بارن مٿان واري سان چؤڪـُـنڊا ڊگها پٿر پڻ رکيا ويا آهن. حقيقي ونگ ۽ حقيقي ڪنڊائين محراب جي اڏاوت لاءِ هڪ نئون طريقو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي، ته پٿر جي جاين ۾ اڏاوت جو اهو طريقو استعمال ڪونه ڪيو ويو آهي، شايد ان ڪري جو هتان جا ڪاريگر ان طريقي کان پوري طرح واقف نه هئا، جو اهڙا يادگار تعمير ڪري سگهن. جڏهن ته اهڙي قسم جي تبديلي سرن جي عمارتن ۾ ضرور نظر اچي ٿي.

(ب) مقبرن جي چوڌاري ڪوٽ

مرزا عيسيٰ خان ترخان I جو مقبرو

مرزا عيسيٰ خان ترخان I گهراڻي جو پهريون حڪمران هو. هو 963هه مطابق 1555ع ۾ اقتدار ۾ آيو ۽ 973هه مطابق 1565ع ۾ سندس وفات ٿي. کيس مڪلي ٽڪريءَ جي ڪناري تي، عبدالله شاهه اصحابي جي مقبري جي اوڀر ۾ هڪ ڪوٽ اندر دفنايو ويو. سندس مقبري  تي پٿر جي چٽسالي واري اُڪير جو ڪم ٺٽي جي چترڪاريءَ جي ڪم کان بنهه نيارو ٿيل آهي. سما خاندان جي زوال کان پوءِ اها هڪ وڏي تبديلي هئي. پٿر جي اُڪير جي ڪم ۾ هڪ نئون لاڙو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ساڳئي وقت قبرن جا چٽيل پٿراوان لوڙهٽ ۽ چؤنٺَ پڻ نئين نموني جا آهن.

مقبري جو ڪوٽ (خاڪو 2) نقشي ۾ چؤڪنڊو آهي، جنهن جا سامهون وارا پاسا 98 فوٽ 3 انچ x 78 فوٽ 10 انچ آهن. اولهه واري ڀت ۾ محراب واسطي ڪجهه اٺاس جهڙي شڪل آهي. اوڀر پاسي واري ڀت ۾ وچ تي،  پنجن ڏاڪن تي ٻڌل هڪ ڏاڪڻ آهي، اهو ڪوٽ ۾ اندر اچڻ جو اڪيلو لنگهه آهي، جيڪو ڪجهه مٿڀرو بنايو ويو آهي. هن موڪري چؤديواري اندر قبرن جا ڪيترائي مچلا  آهن. وچ تي اُڪيريل پٿرن سان هڪ ڪوٽ آهي، جنهن کي پنهنجو هڪ خوبصورت چٽن سان اُڪيريل محراب  آهي. اتر - اوڀر ۽ اتر - اولهه وارين ڪنڊن تي هم چؤرس ماپ جا ڪوٽ آهن، جن جي هر پاسي جي ماپ (15 فوٽ 6 انچ ۽ 13 فوٽ) جدا جدا آهي. اهڙيءَ ريت مٿي ٿلهي تي قبرن جا چار مچلا آهن. آخر ۾ هڪ ڇٽيءَ وارو اٺ ٿنڀائون مقبرو آهي، (تفصيل لاءِ هيٺ ڏسندا) جيڪو هن موڪري ڪوٽ جي اندر وچ تي، وچولي ننڍي نڪتل چوديواريءَ ۾ ڏکڻ - اولهه طرف آهي.

خاڪو 2. عيسيٰ خان ترخان I جي مقبري جي چوديواري جو نقشو جنهن جي وچ تي مرداڻين قبرن جي چوڌاري ڀت ڏني وئي آهي. جنهن اندر پهرئين ترخان حڪمران جي پڻ قبر آهي. ان جي ڏکڻ اولهه طرف اَٺ ٿنڀي ڇٽي واري قبر آهي. جڏهن ته اتر اوڀر پاسي زنانين قبرن جي چوديواري ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو تعلق 1572ع سان آهي.

لکت جي اُڪير1 ڪوٽ جي مکيه دروازي تي ٿيل  آهي، جيڪا وچ وارن ڪوٽن جي ڀتين ۽ مقبرن تي به ٿيل نظر اچي ٿي. مرزا عيسيٰ ترخان جي قبر جي چوڌاري، قرآن شريف جي آيتن کان سواءِ، ڊگها فارسي بيت پڻ سهڻي خطاطيءَ ۾ اُڪيريل  آهن جن مان مسلمانن جي ايندڙ حياتي متعلق ويساهه ۽ مرزا عيسيٰ I جي وفات جي تاريخ جو به پتو پوي ٿو. ان اڏاوت ۾ هڪ من موهيندڙ هم چورس ڪوٽ آهي، جنهن جي هرپاسي جي ماپ 29 فوٽ 5 انچ آهي. وچ تي 6 قبرون آهن. مکيه عيسيٰ خان ترخان I جي آهي. ٻه قبرون ٻارن جون آهن. باقي قبرون وڏن سان لاڳاپو رکن ٿيون. هن ننڍي چوديواريءَ ۾ اندر وڃڻ لاءِ، ڏکڻ پاسي کان ڏاڪن جي چاڙهي آهي. لوڙهه جا پٿراوان لوڙهٽ درجي وار ماپن جا آهن ۽ هڪ ٻئي مٿان اهڙي ترتيب سان رکيا ويا آهن. جو قبر چوڌاري ڄڻ ته ڏاڪن ۾ ورڇي پئي  آهي ۽ صفا مٿان واري بـُـٺي صندوق جيان چؤڪـُـنڊي آهي. مٿيون ۽ پاسن وارو مٿاڇرو ليٽيل ۽ اُڪير جا چٽ اُڀين زنجير جهڙين طرزن وسيلي خانن ۾ ورهايو ويو  آهي. هرهڪ خاني ۾ لکت موجود  آهي. مرزا عيسيٰ خان ترخان I جي چؤڪـُـنڊي بـُـٺيءَ جي هيٺان قبر جي پٿرانهين لوڙهٽ تي سنجٽ ۽ سونهن آڻڻ لاءِ ليڪون نڪتل آهن. ان کان وڌيڪ اهميت وارو مٿن کان لڳل چؤنٺو آهي. سمجهه ۾ ائين اچي ٿو، ته ڄڻ ڪا ڏياٺي جڙيل (Lamp-post) آهي. پٿر چٽن سان اُڪيريل اٿس. مٿان چوٽيءَ تي پڳ جيان پر ڪجهه اڀيري طرز تي تاج جي چٽسالي ٿيل آهي. ڪوٽ واريءَ ڀت جي مٿان به ڏاڍي سنجٽ واري اُڪير ڪيل ڏسجي ٿي. اولهه پاسي کان محراب ٺاهيل اٿس. اندرئين پاسي کان ڀتيون جافري نموني جي درين ۾ ونگدار خانن ۾ ورڇيل آهن. خانن کي جدا جدا رکڻ واسطي وچ تي اُڀيءَ طرز تي چترڪاري ڪيل آهي ۽ اڻ چٽيءَ اوڀڙ جي نموني ٽڪ ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. معلوم ائين ٿئي ٿو، ته ڄڻ ته اُڪير جي هيءَ طرز ڪاشيءَ جي سر جي گل ٻوٽي جو ڪو نقل آهي. هرخاني جي ونگڙ ۽ نـُـڪـُـرن تي گلن جون تصويرون چٽيل آهن. ڪوٽ واريءَ ڀت مٿان ڪنگرا هنيا ويا آهن. مٿئين ڇيڙي وٽ ڏورين جهڙي طرز جي گڏيل سڏيل اُڪير جي چٽساليءَ جون ٻه قطارون آهن. محراب جي چؤڪاٺي وٽ اڏاوت ڪجهه مٿي اڀريل  آهي. ٻنهي چٽساليءَ واري اُڪيرن جي وچ تي ڀت تي چوڌاري عربي لکت آهي. محراب جو مٿيون پاسو اڃا به وڌيڪ مختلف چٽن جي نمونن سان سينگاريل آهي. ٻنهي پاسن کان سامهون سنڌي طرز جا پاوا لڳل آهن.

امير سلطان محمد جو مقبرو

مقبري تي خطاطيءَ ۾ اُڪيريل لکت موجب امير سلطان محمد پٽ امير حاجي بيگ مغل وفات 963هه مطابق 1556عv. هيءُ مقبرو، سلطان ابراهيم جي وڏي ڪوٽ اندر هڪ ننڍي ڪوٽ ۾، عبدالله شاهه اصحابي جي مزار جي ڏکڻ ڏانهن  آهي. اهو ڪوٽ (نمبر 75) پنهنجي نقشي ۾ هم چورس آهي ۽ اولهه پاسي کان محراب جو وڌاوڙو ڏنل اٿس، مٿڀري هجڻ ڪري، اندر وڃڻ لاءِ ڏکڻ طرفان ٽهِ - ڏاڪي چاڙهي به ٺاهيل اٿس. لنگهه واري اڏاوت چؤڪنڊي آهي. ڏنل اولي جي مٿان سونهن ۽ سنجٽ خاطر ڪنگرا رکيل آهن.

تصوير 75 - امير سلطان محمد جي مقبري جي چوديواري، جنهن جي محراب ۾ جاري واريون دريون ۽ ٻنهي پاسن کان سامهون پاوا رکيل آهن. هن تعمير جو دور 963 هه ۽ 1556 عيسويءَ  آهي.

ڀتيون  لسيون ۽ ساديون آهن، پر منجهن ونگن تي دريون جوڙيون ويون  آهن، جيڪي چؤڪنڊي اڏاوتن ۾ اندر تي هنيل معلوم ٿين ٿيون، ڄاري جهڙي اليڪي طرز تي جافري استعمال ٿيل  آهي، جنـهن مـان آر پـار نظر پـوي ٿي. مـحراب جـو اندريون پاسو بنهه سادو آهي. ٻنهي پاسن کان  پاوا لڳل اٿس. ڪوٽ جي وچ تي فقط هڪ قبر موجود آهي، جنهن جي سيرانديءَ کان هڪ چؤنٺو لڳل آهي، جنهن تي سوڙهيءَ وٽ سان عربي لکت2 آهي. هينري ڪزنس،3 ابراهيم خان جي هن مقبري کي غلطيءَ وچان نواب امير خالد خان ڏانهن منسوب ڪري ٿو.

مرزا سليمان جو مقبرو

هيءُ مقبرو، پٿرن جي هڪ ٻسيءَ چوديواريءَ اندر آهي (خاڪو 3). هڪ پاسو 94 فوٽ 7 انچ ۽ ٻيو پاسو 68 فوٽ 4 انچ آهي. تري ۾ ڀراءُ پيل اٿس. چؤڪـُـنڊي درن وارا لنگهه، ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ڀتين جي وچ تي لڳل آهن. محراب اولهه واريءَ ڀت سان تعمير ٿيل آهي. محراب سادو آهي. اندرئين پاسي کان سندس ترتيب ڪجهه اٺاس جهڙي آهي. اُڀيءَ طرز تي سيـِـنڌ ونگ اٿس، سنجٽ ۽ سونهن واسطي محراب جي سامهون ٻنهي طرفن کان سنڌي طرز جا پاوا لڳل آهن. ڪوٽ جي وچ تي ڪجهه مٿڀري چؤڪـُـنڊي دڪي آهي. ماپ 48 فوٽ 10 انچ x 36 فوٽ 4 انچ، اوچائي 4 فوٽ 2/1-6 انچ  آهي. اندر پهچڻ لاءِ ڏکڻ ڏس کان ڏاڪن تي ٻڌل هڪ چاڙهي آهي. ان ٿلهي تي ڪل 13 قبرون آهن. وچ واري مکيه قبر (نمبر 76) مرزا سليمان جي آهي. نقشي ۾ چؤڪنڊي ۽ ٻه ڏاڪي آهي. قبر جي سيرانديءَ کان چؤنٺو اٿس. امڪان آهي، ته اهو ڏياٺيءَ جو ڪم ڏيندو هوندو. چوٽيءَ تي پڳ جيان ڪلنگي به اٿس. هن چؤنٺي ۾ ٻاهر تي نڪتل ونگ سان هڪ خانو آهي، جنهن جي ٻنهي طرفن کان اڀريل طرز  (High relief) ۾ گلاب جو گل اُڪيـِـريل آهن. چؤنٺي جا پاسا به اُڪيريل آهن. مٿن قرآني آيتن جي لکت به موجود آهي. تاريخي لکت4 جي پڙهڻي هن ريت آهي: مرزا سليمان پٽ مرزا عيسيٰ وفات 964هه مطابق 1557ع. ٻيون سڀ قبرون هڪ جهڙيون آهن. سندن ڀر ۾ چؤنٺا به کـُـتل ڪونه آهن ۽ پاسن تي سنهي وَٽِ سان اُڪير ٿيل آهي. ڪنارِين تي ڊگهيءَ طرز جي لکت به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. مرزا سليمان جي پٿرائين لوڙهٽ تي مٿئين پاسي سبب سيرانديءَ کان ڪلمو لکيل آهي. وچ تي ڪلمي واري جاءِ تي اوڀڙ اُڪير جي گڏيل وچڙيل طرز  آهي. لکت جو تاريخي حصو، سيرانديءَ کان اوڀڙ طرز واري ڪناري سان هڪ هم چورس کي دائريدار وٽ ۾ رکيو ويو آهي. اهو ضروري معلوم ٿئي ٿو، ته انهن قبرن تي موجود اوڀڙ طرز جي چٽساليءَ جو ذڪر ڪيو وڃي. سما دور جي اوڀڙ طرز جو نمونو ئي نيارو هو، جيڪو مسلمانن کان اڳ واري دور جي سنڌ جي يادگارن تي ٿيل چٽساليءَ واري اُڪير سان گهٽ لاڳاپو رکي ٿو.

خاڪو 3. مرزا سليمان پٽ مرزا عيسيٰ  خان ترخان I جي قبر جي چوديواري جو نقشو، جنهن جي وچ تي مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿلهو ٺاهيو ويو آهي. ان ٿلهي تي ڪيتريون ئي قبرون ڏسجن ٿيون. مرزا سليمان جي قبر جي سيرانديءَ کان هڪ اوچو پٿر نصب ٿيل آهي. امڪان آهي، ته اهو ڏياٺي جو به ڪم ڏيندو هوندو. سندس وفات جو سال 1557ع آهي.

خاڪو 4. مرزا محمد صالح جي قبر جي چوديواري جو خاڪو، جنهن ۾ مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿلهو ٺاهيو ويو آهي. هن چوديواري اندر ٽي مـُـکيه قبرون آهن، جيڪي پٿر سان جڙيل آهن. مرزا محمد صالح جي قبر تي ٻه ڊگها پٿر لڳل آهن، جن مان هڪ سيرانديءَ ۽ ٻيو پاسي کان آهي. هن 1563ع ۾ وفات ڪئي هئي.

پر هتي پن ول واري اوڀڙ طرز ونگوڙيدار آهي، جيڪا پورو گول دائرو نه ٿي بڻائي. ان طرز ۾ ٽارين سان ٽن پنکڙين وارو گل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هيءَ طرز مختلف نمونن تان ورتل آهي. هرات جي هنر ۽ فن تان ورتل ڀانئجي ٿي. ان قسم جي چترڪاري ان دور ۾ عام جام ملي ٿي. اهڙي ورن جون اُڪيرون نه ته اُڀريل آهن ۽ نه وري کوکيون آهن، پر مٿاڇري جي سنوت کان ٿورو اڻ لکي نموني جي اُڪير ڪيل آهن.

مرزا صالح جو مقبرو

ان مقبري جو ڪوٽ مرزا عيسيٰ خان ترخان I ۽ باقي بيگ ترخان جي مقبرن جي وچ تي، عبدالله شاهه اصحابي جي اوڀر طرف ۽ مڪليءَ جي بلڪل ڪناري تي آهي. ڪوٽ (خاڪو 4) جي ماپ 72 فوٽ x 61 فوٽ 7 انچ  آهي. اولهه واريءَ ڀت ۾ محراب اٿس. اندر ڀراءُ پيل آهي. اندرئين پاسي ٿلهي جي ماپ 44 فوٽ 5 انچ x 29 فوٽ آهي، جنهن تي ٽي قبرون آهن. وچئين قبر ميان صالح جي آهي. تاريخي لکت فارسي ۾ آهي.5  پڙهڻي هن ريت اٿس:

”حضرت شهزاده عالميان، شهيد، سعيد الواصل الجوار الملڪ المنان، مرزا محمد صالح ترخان بن علي حضرت جنت مڪاني الواصل الجوار الملڪ الرحمان مرزا محمد عيسيٰ خان ترخان“ - وفات 23 شعبان 970هه/1563ع.

جيتوڻيڪ مرزا صالح کي 970هه ۾ قتل ڪيو ويو هو، پر مقبرو سندس پيءُ عيسيٰ ترخان جي موت (973هه/1565ع) کان پوءِ تعمير ڪيو ويو. قبر واري ٿلهي کي گلن جي چٽساليءَ واري اُڪير جي قطار سان سينگاريو ويو آهي. هر هڪ گل ور وڪڙ طرز جي گولاين ۾ هيٺ مٿي ڪري چـِـٽيو ويو آهي. اها طرز مانڌاڻي نموني کان هيٺان آهي. مقبري جي اڏاوت وڏي اهميت جوڳي آهي. مرزا

   تصوير 76 - سلطان سليمان پٽ مرزا عيسيٰ خان ترخان I جي مقبري جي وانگاڙي اندر قبرن جا پٿر جو ڪتبو سلطان سليمان جي قبر جي سيرانديءَ هڪ اوچو پٿر نصب ٿيل ڏسجي ٿو. جنهن ۾ ونگائون جارو آهي. شايد اهو چراغ ٻاري رکڻ لاءِ ڏياٺيءَ طور تعمير ڪيو ويو هوندو. ان جي مٿئين پاسي تاج Crown جي اُڪير ڏسجي ٿي. سلطان سليمان 1557ع ۾ وفات ڪئي هئي.

تصوير 77 - مرزا صالح پٽ مرزا عيسيٰ خان ترخان I جي مقبري جي چوديواريءَ اندر پٿر جون قبرون، معلوم ائين ٿئي ٿو، ته جنهن قبر لاءِ پاسي سان ٻه ڊگها پٿر جا ڪتبا کـُـتل آهن سا مرزا صالح جي آهي. قبر کي چئن ڪنڊن تي پاوا لڳل آهن، هن 970 هه/1563ع ۾ وفات ڪئي هئي. هتي هڪ ٻي به قبر آهي، جنهن کي چئن ئي ڪنڊن تي پاوا لڳل آهن. شايد اها مير زاهد محمد ترخان جي آهي جنهن 966 هه/1559ع ۾ وفات ڪئي هئي.

صالح جي وچين قبر (نمبر 77) جو هيٺيون پٿرائون لوڙهٽ گهٽ اوچائيءَ واري دڪيءَ تي جوڙيو ويو آهي. مٿئين پاسي واري لوڙهٽ جو پٿر ٻن طبقن تي جـُڙيل آهي. مٿئين چؤڪنڊي بٺيءَ واري پٿرانهين لوڙهٽ تي ٻه خوبصورت اُڪيريل سـَـنگينون رکيون ويون آهن. هڪ پيرانديءَ کان ۽ ٻي سيرانديءَ کان آهي. انهن سنگينن کي ڪنڊن تي تابوت جيان پاوا آهن. هيٺئين پٿرانهين لوڙهٽ کي ليٽيل سنوت ۾ ڇهه اُڪيريل خوبصورت قطارون آهن. وچئين قطار وڏي اهميت واري  آهي. جنهن ۾ جهالردار (Lobed) ونگن جي لانڍ آهي. هرهڪ ونگ الڳ  آهي ۽ جنهن تي گل واري چٽسالي اُڪيريل آهي. ((Lobed ونگن جهڙو چٽ سما دور ۾ ڪونه ٿو ملي. سڀ کان مٿي گول دائري واري طرز آهي، جيڪا پراڻي آهي. اهڙي قسم جي طرز سمن جي يادگارن ۾ ڏٺي وڃي ٿي. سڀ کان مٿيون چؤڪنڊو پٿرانهين لوڙهٽ ٽن ليٽيل ۽ هڪ اُڀيءَ لـِـيڪ سان ڇهن خانن ۾ ورهايو ويو آهي. هرهڪ خاني ۾ عربي لکت نظر اچي ٿي. سيراندي ۽ پيرانديءَ وارا چؤنٺا ٽن موڙن واري ونگ وٽ ختم ٿين ٿا جن جي هرهڪ مهاڙيءَ ۾ گل چٽ جي اُڪير ٿيل آهي. ڪجهه هيٺ ڀرو، ٻن ليڪن مهاڙيءَ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ هر هڪ ڀاڱي ۾عربي لکت موجود آهي. ساڄي پاسي تي ٻئي نمبر واري قبر، نموني ۽ طرز ۾ وچينءَ وڏيءَ قبر جو هوبهو نقل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته کيس سيراندي ۽ پيرانديءَ وارا پٿر ڪونه آهن. باقي هيٺئين پٿرانهين لوڙهٽ تي تابوت جيان بونبا ضرور آهن. سنجٽ ۽ سونهن واريون اُڪيرون به نياريون آهن. کاٻي پاسي کان ٽئين نمبر قبر اڻ پوري آهي، ان تي سنجٽ به اڻ پوري ٿيل آهي. مٿانئس تابوت جهڙي شڪل صورت به ڪانه رکي ويئي آهي. ڏکڻ - اولهه واري پاسي تي ٻيو ٿلهو آهي، جنهن تي چٽساليءَ واري اُڪيريل پٿر سان ٻه قبرون نظر اچن ٿيون.

هن ڪوٽ جي ٻاهران پٿر جون ٻه قبرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن تي چؤنٺا پڻ لڳل آهن.

مرزا باقي بيگ جي مقبري جو ڪوٽ

مرزا باقي بيگ جي مقبري جو ڪوٽ (خاڪو 5)، عبدالله شاهه اصحابي جي مزار جي سڌو سنئون ڏکڻ ۾ آهي. اهو وانگاڙو پٿرن جي ننڍيءَ ڀت تي ٻڌل آهي، جنهن کي ڏکڻ پاسي کان سادو لنگهه ٺهيل آهي. ٻاهرئين وڏي ڪوٽ جي ماپ هن ريت  آهي: ڏکڻ ۾ اتر وارين ڀتين جي ماپ 138 فوٽ ۽ اولهه ۽ اوڀر وارين ڀتين جي ماپ 130 فوٽ آهي. اولهه واري ڀت ۾ ٻه محراب جوڙيل آهن. ان وڏي ڪوٽ اندر ٻيون ٻه چوديواريون آهن. مرزا باقي بيگ جي اصلي ڪوٽ جو وانگاڙو 25 فوٽ ساڍا 7 انچ x 25 فوٽ ساڍا 5 انچ انـدر آهي. ان کي اتر طرف کان مـرداڻو ڪوٽ 68x95 فوٽ 8 انچ ڏئي وڌايو ويو آهي. تنهن کان پوءِ

ان جي اتر - اوڀر طرف کان زنانو ڪوٽ ڏنو ويو آهي. ان زناني ڪوٽ کان ڏکڻ

خاڪو 5. مرزا باقي بيگ جي پٿر سان ٺهيل مقبري جي چوديواري جو خاڪو، جنهن ۾ اندر ننڍڙيون چوديواريون  آهن. مرزا باقي بيگ جي قبر هم چورس آهي جنهن جي چوڌاري ڀت ڏني وئي آهي ۽ اها قبر چوديواري وچ تي ڏسجي ٿي. هن جي اتر پاسي سندس خاندان جي ٻين ماڻهن جي قبرن جي چوديواري آهي. اتر ڏانهن مرزا باقي بيگ جي قبر جي اوڀر پاسي مرزا بديع الزمان جي قبر آهي، جيڪا اٺ ٿنڀي ڇٽي هيٺان آهي. هن 1562ع ۾ وفات ڪئي هئي. هن چوديواري جي اولاهين ڀت ڀرسان هڪ گمنام قبر آهي جنهن مٿا اَٺ ٿنڀي ڇٽي ٺهيل ڏسجي ٿي.

تي ڪجهه پوئين دور سان واسطو رکندڙ ڇٽين تي ٻڌل ٻه مقبرا آهن. مرزا باقي بيگ جي مقبري تي فارسي ۾ تاريخي لکت6 موجود آهي. پڙهڻي هن ريت اٿس:  وفات حضرت جنت مکاني الواصل اليٰ الجوار الملڪ الرحمـٰـن مرزا محمد باقي بن محمد عيسيٰ ترخان سال 993هه /1585ع اربع 8 شوال.


v 1520ع کان 1593ع تائين ارغون ۽ ترخان حاڪمن جا يادگار جوڙايل آهن، جڏهن ته ان کان اڳتي 1612ع تائين مـُـغل حاڪمن طرفان ترخانن کي غير حاضر گورنر جي حيثيت ۾ مقرر ڪيو ويو. ان ڪري ليکڪ کين جاگيردار لکندي سندن تعميرات جو تذڪرو ڪري ٿو. (سنڌيڪار)

v ڪتاب ۾ مختلف هنڌن تي هجري سالن کي مختلف عيسويءَ سالن سان ڀيٽيو ويو آهي، جنهن بابت احتياط ۽ تصديق ڪرڻ جي ضرورت آهي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org