سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ 2

صفحو ؛ 5

 

باب ٻيو

سما دور جا يادگار

(1335ع کان 1520ع تائين)v

تعارف

سما خاندان جي حڪمرانن عمارت سازيءَ جي فن کي هٿي ڏيارڻ ۾ تمام گهڻو حصو ورتو، جنهن کي اسان سنڌي، اسلامي اڏاوت جو نمونو چئي سگهون ٿا. بدقسمتي اها آهي، ته اهي قيمتي يادگار جيترو حق  لهڻن، اوترو انهن جي قدر ۽ قيمت ڪٿڻ واسطي سندن اڀياس ڪونه ڪيو ويو آهي، هينري ڪزنس1 انهن يادگارن کي هندي اڏاوتي پس منظر ۾ ڏٺو. هن مطابق جيڪو سامان انهن پراڻين جڳهين ۾ استعمال ٿيل آهي، سو هندن جي مندرن مان آندو ويو هو. ٻئي هنڌ هو ٻڌائي ٿو ته: انهن يادگارن  تي گجرات جي عمارت سازيءَ جو اثر آهي، جنهن بابت کيس قديم آثارن جي سپرنٽينڊنٽ جي حيثيت سان وڏو تجربو هو. مڪليءَ جو ذڪر ڪندي سندس بيان سر رچرڊ فرانسس برٽن2 جي بيان کان وڌيڪ ڪونه آهي، جنهن چيو آهي ته ”عيدگاهه کان پٺيان بيشمار نمونن جا مقبرا ۽ قبرون آهن. ڪجهه ڌرتي ڌڏڻ ڪري تباهه ٿي چڪا آهن ته ڪي وري وقت جي واءُ  ويران  ۽ ناس ڪري ڇڏيا. ڪي ٿورا بلڪه تمام ٿورا باقي وڃي بچيا آهن. ڪن کي سندن وارثن ته ڪن کي عقيدت مندن بچائي ورتو آهي. قبا، ونگون، منارا، ڏيڍيون، راهداريون ۽ هڪ جيترين وٿين تي ترتيب سان بڻيل ٺلهه هڪ وڏي سلسلي جا ڊولن ڍيرن ۽ دڙن تي بيٺا آهن، جن جا آثار نڌڻڪا، پر اَڻَ مـِـٽُ آهن. اهي اهڙا تازا ۽ نوان لڳن ٿا، ڄڻ اڄ ٺهي تيار ٿيا آهن.“  هو وڌيڪ تبصرو ڪندي چوي ٿو ته: ”تمام ويجهو وڃي ڏسڻ سان اهو منظر بهرحال ايترو وڻندڙ ناهي. مقبرن تي ڏاڍي خوبصورت اُڪير ٿيل آهي. جيڪڏهن انهن چـِـٽن ۽ چـِـترن جي تفصيل کي جاچي ڏسبو، ته ان جي ذري ذري ۾ تڪميل نظر ايندي. وڏا ۽ ڊگها پٿر، جيڪي ڏاڍا شاندار آهن، اهڙي قسم جو هرهڪ پٿر پوءِ اهو جاءِ جي بناوت ۾ ڪم آيل آهي يا ڀتين ۾ ڦاٽڪن تي وڏي ڪاريگريءَ سان هلڪي کوکيءَ طرز تي اُڪيريل آهي. هم چورس، گول، پيچدار، اڌ گولايون، چوڪنڊا، پن ول، گل، ڪناري وارا نمونا ۽ قرآن شريف جي آيتن جي خطاطي،( جنهن جي ڪمال خوبصورتي اها آهي، ته اها پڙهي ڪانه ٿي سگهجي) ۽ انهن سڀني جا ايترا ته نت نوان ۽ اڪيچار نمونا آهن، جو ڪنهن اک کي اعتبار ئي ڪونه ايندو، اتي سڌي ليڪ ته ملندي ئي ڪانه، هر هڪ جڳهه فن ۽ ڪاريگريءَ جو اعليٰ مثال نظر ايندو. اهو ڪنهن هندستان جي سونارن وانگي آهي، جيڪي سونا زيور ساديءَ طرز ۾ جوڙي ڪونه سگهندا آهن. ائين جيئن ڪنهن سياح لاءِ ان جو مجموعي اثر ڪنهن ڀڙڪيدار پر ڦوهڙ شيءِ وارو هجي، جيڪو سنجٽ جي تمام گهڻي استعمال سبب پيدا ٿيو آهي. اهڙي قسم جو ذاتي رايو ان ماڻهوءَ لاءِ بلڪل ٺيڪ آهي، جنهن وٽ عمارت سازي جي خوبصورتيءَ لاءِ پنهنجي ماحول جي لحاظ سان قدر ۽ اهميت آهي، کيس ايترو وقت نه آهي، جو مڪاني ماحول کي نظر ۾ رکي، ان جي روحاني قدر جي ڪٿ ڪري سگهي. جڏهن ته هيءَ چٽسالي پنهنجو اثر آهستي آهستي ڏيکارڻ شروع ڪري ٿي ۽ روشني ۽ پاڇي جا مختلف تاثر پيدا ڪري ٿي، يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته سج جي روشني ۾ چمڪندڙ سنڌي پٿر جون ديوارون ۽ ان جي پاڇي جو ابتو تاثر هڪ جـُـدا نموني جي خوبصورت شيءِ آهي“. پرسي برائون3 (Percy Brown) هندستان جي (اسلامي دؤر) اڏاوتن بابت يادگار ڪتاب لکيو آهي، پر کيس سنڌ جي تعميراتي آثارن کي ڏسڻ جيَ فرصت ئي ڪانه ملي، تنهن پنهنجا غير اهم تبصرا ٻين جي اهڙن ئي بيانن تي انحصار ڪندي لکيا آهن.4

هيٺ ڏنل حوالن مان سندس سطحي خيالن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو:

ٿوريءَ حد تائين لاڙ واري سنڌ جي جڳهن جي اڏاوتي طرزمغل جڳهين جي اڏاوت واري نموني سان هڪجهڙائي رکي ٿي. عمارت سازيءَ جي فن جو هيءَ هڪ اهڙو نمونو نظر ايندو ته هتان جون ڪي قبرون ۽ قبا، رت جي رشتن جي نشاندهي ڪن ٿا. رنگين ڪاشيءَ جي سرن جي معاملي ۾، جن سان مسجدون ۽ مقبرا تمام گهڻا سينگاريا ويا آهن، تن کي عرب ۽ ايراني ٻنهي اڏاوتي رنگن ۾ رونق وارو بنايو ويو هو، پر انهن جي خوبصورتيءَ جو اهو اڪيلو سبب ڪونه آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن پنجاب جو  علائقو پنهنجي وجود اندر عمارت سازيءَ جو عنصر گهٽ رکي ٿو، ان جو سبب پٿر ۽ ڪاٺ جي اڻ هوند آهي5 .... عمارت سازيءَ جو نمونو جيڪو پوئين وچين دور ۾ سنڌ ۾ نظر اچي ٿو، تنهن کي سنڌ جو پنهنجو مڪاني فن چئي سگهجي ٿو. اهو ساڳيءَ وقت سڄي ايران ۾ به هلندڙ هو. ڀتين ۾ ٻه قوسي نوڪدار ونگ (Tudor Arch) نموني وارين ونگن جون قطارون، منارا، قبا جيڪي ڪنڊن وٽان ڄڻ آسمان سان ڳالهيون پيا ڪن، جن جي مٿان لوڌي6 ..... دور جي اڏاوتي طرز جو قبو ٺهيل آهي. سنڌي عمارت سازيءَ جو هنر قديم آهي، پر ان ۾ فڪر جي ڪمي آهي، ڪاشيءَ جي سرن جا سڀ نمونا، جيڪي اسان ڏسون ٿا، سي به عام نموني جا ۽ روايتي آهن. منجهن دلي لڳاءُ ڪونهي، احساس کان خالي آهن.7 ..... ان سلسلي ۾ اسان ٻن موقعن تي سرن جي تعمير ۾ سنڌ جي پٿر جي اُڪير واري چٽساليءَ جي نموني کي ڏسون ٿا.... سمي سلطان ڄام نظام الدين جو مقبرو ...... جيڪو احمد شاهي نموني تي آهي ...... ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان جي (عمارت) ..... سڄي ساري پٿر سان جڙيل آهي، جيڪا پڻ فتح پور سـِـيڪري جي ڍنگ تي جڙيل آهي.“ اهي رايا جيتوڻيڪ هڪ وڏي عالم جا آهن، پر بدقسمتيءَ سان شخصي مشاهدي تي ٻڌل نه آهن، ۽ مڪمل طور تي ٻين  ذريعن تي مدار رکن ٿا.

سما دور سان لاڳاپيل عمارتون پٿرن ۽ سرن ٻنهي سان جوڙايل آهن ۽ انهن جي تعمير جا به ٻه مختلف نمونا آهن، جن مان هڪڙا پٿرن واري اڏاوت ۾ ته ٻيا وري سرن واري تعمير سان واسطو رکن ٿا. قبرن تي لڳل ڪتبن کان سواءِ جيڪي به پٿر نوان آهن، سي يا ته ڪنهن جبل مان ڪڍي استعمال ڪيا ويا آهن يا ان ڀـُـوري پٿر مان جوڙيا ويا آهن، جيڪي مڪلي ٽڪريءَ تي چوڏس پکڙيا پيا آهن. نه فقط ٺٽي، پر سڄيءَ سنڌ ۾ ڪنهن به دور ۾ پٿر سان گڏ مسالي واري ۽ چمڪدار سر جو استعمال ڪونه ڪيو ويو آهي. سما دور ۾ پڪيءَ سر جي عمارتن ۾ به ڪاشيءَ جي سر جو استعمال ڪونه ٿو ملي. سواءِ هڪ مثال جي يعني ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڀرسان قبرن جي چؤپاسي گچ سان لتل چوديواري ۾. اتي ڪارنس وٽ اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان واڱڻائي تـَـرَ تي نيري رنگ جي سادي ڪاشيءَ جي سرن جي هڪ هڪ قطار هنئي وئي  آهي. ان جو هڪ ٻيو مثال ڪلان ڪوٽ وارو قلعو آهي، جنهن جي مٽيءَ جي گاري تي ٻاهران پڪيون سرون ٿڦيون ويون آهن. پٿر جي يادگارن کي چئن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

الف: مدرسي جي نموني واري ڇٽي

(1) شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جو ڇٽيءَ جهڙو مدرسو، جنهن سان لڳ بعد ۾ سندس مقبرو تعمير ڪيو ويو.

(2) شيخ حماد جماليءَ جي مقبري جي ڏکڻ طرف مدرسي نموني، قبيءَ سان ڇٽي.

(3) مسجد جي اولهه طرف شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جي ڇٽي جهڙي جڳهه، جنهن ۾ استعمال ٿيل پٿر تي بي انتها خوبصورت نمونا اُڪيريل آهن.

اهي مڪلي ٽڪريءَ تي تمام آڳاٽيون جڳهون آهن ۽ قدامت جي لحاظ سان اڳتي پوئتي ڪري اڏايون ويون  آهن. اسان پهرين جڳهه کان ٽينءَ جڳهه تائين درجي بدرجي ارتقا ڏسون ٿا. پهرين ۽ ٻي جڳهه سادي ۽ لائي لسي ڏسون ٿا، پر ٽين اڏاوت بي انتها خوبصورت آهي، انهن جي وچ ۾ ڪاريگري واري ڏات، ڏانُ ۽ هنرمنديءَ جو هڪ لاڳاپو آهي ۽ قبي جي ٺاهڻ ۾ اڏاوتي رٿا ۽ خاص هـُـنري ڏانُ پڻ شامل آهي، پر بدقسمتيءَ جي ڳالهه اها آهي جو هيءُ قبو فقط پهرين يادگار طور باقي وڃي بچيو آهي. پر تنهن هوندي به پوريءَ ريت ۽ تفصيل سان پتو پوي ٿو، ته ڪيئن هم چورس ڪمري سر درن ۽ ڪنڊن وارن مـَـڪڙن يا گهوڙن کي ڍڪي گول بنياد جي صورت ڏياري، مٿان مناري شڪل واري قبيءَ جي صورت اختيار ڪرائي وئي. پٿر جي ڀتين جوڙڻ جو طريقو خـُـشڪ نموني وارو آهي، جيڪو مسلمانن کان اڳ واري دور ۾ استعمال ٿيندو هو، يعني وڏي ڊگهي چوڪـُـنڊي پٿر کي ٻئي ڊگهي چوڪـُـنڊي پٿر مٿان بنا ڪنهن گچ گاري جي ڦٻائيندا رکندا ويندا هئا. اهڙيءَ ريت پهرين ٻنهي يادگارن ۾ استعمال ٿيل ٺلهه هم چورس ۽ سادا آهن، پر ٽئين يادگار ۾ ٺلهن تي چٽَ اُڪيريل آهن، پهرين ٻن يادگارن جي ڏيڍيءَ جا ٺلهه به سادا ۽ لاوا لسا  آهن، پر ٽئين يادگار جي ڏيڍيءَ جو پٿرائون چوڪاٺي چٽَ اُڪيريل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيتوڻيڪ ان جو نمونو اسلام کان اڳ واري اڏاوتي طرز سان تعلق رکي ٿو، پر حقيقت اها آهي، ته اها به اسلام جي اصول مطابق آهي، ڇو ته ان ۾ ڪنهن ساهه واري جيوَ جي تصوير اُڪيريل ڪانه ٿي ڏسجي.

(ب) قبايون ڇٽيون

 (الف) ڇهه ڪنڊيون ڇٽيون

(4) شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي اوڀر طرف ڀٽ، يارو (Bhitta Yaro) جي ڇهه ٿنڀي ڇٽي.

(5) قديم مسجد کان اتر - اولهه طرف قاضي عبدالله پٽ تاجو جي ڇهه ٿنڀي ڇٽي.

(ب) اٺ ڪنڊيون ڇٽيون

(6) شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي وارو اَٺ ڪـُـنڊو ڇٽيءَ سان مقبرو.

(7) ڄام نظام الدين جي مقبري جي اتر ۾ اَٺ ڪـُـنڊي ڇٽيءَ سان مقبرو.

(8) ڄام تغلق شاهه جي مقبري جي ڏکڻ ۾ اٺن ڪـُـنڊن واري ڇٽيءَ سان مقبرو.

(9) ڄام تغلق جي زماني جو تعمير ٿيل اٺن ڪنڊن واري ڇٽيءَ سان مقبرو.

اهي سڀ ڇـَـٽيون پٿرن جي ٺلهن تي ٺهيل آهن، جن مان ڪي ڇهه ٿنڀيون، ته ڪي اٺ ٿنڀيون آهن. هر هڪ ڪنڊ تي هڪ ٿنڀ لڳل آهي، سڀئي ٿنڀ هڪ نموني جا آهن، جيئن ٿنڀ واري مسجد ۾8 ڪـتب آيل آهـن، هينـري  ڪـزنس ان مسجد جي اڏاوتي سامان کي ٻارهين صدي عيسويءَ جو تصور ڪري ٿو. ٺلهن تي چٽَ اُڪيرڻ جو نمونو اسلام کان اڳ واري طرز سان لاڳاپو رکي ٿو، پر ان جو ڍنگ ۽ ڍڀ پڪ سان سنڌي آهي. اهڙي ڪا شاهدي موجود ڪانهي، ته مسلمانن انهن ٺلهن جي جارن مان اُڪيريل بـُـتن کي ڇيڻي جي مدد سان اُکيڙي ڦٽو ڪيو.9 هيءُ ٺلهه گجرات وارن ٺلهن کان ماڳهين مختلف آهن، جن کي مٿي کان تاج جي ڀرسان گلدان واري گهـُـگهي رکيل آهي. ان قسم جي چٽسالي گپتا

 

تصوير 10 - سما دور جي قلعي ڪلان ڪوٽ جي گهڻائي ڀيرا مرمت ٿي هئي. اولهه پاسي کان قلعي جي ڀت ۾ مارن جا ڳڙکا ڏسجن ٿا. ٿوري فاصلي تي مسجد نظر اچي رهي آهي.

دور جي عمارت سازيءَ جي فن سان لاڳاپو رکي ٿي.10 ٻئي طرف ٺلهن تي رکيل چؤمـُـکا تاج آهن، جن تي اُڪير جو ڇڊو ليڪدار ڪم ٿيل  آهي ۽ ڇيڙن تي ونگوڙا اُڪيريل اٿن. موجوده مثال ۾ قبو (الف) واري گروهه کان مختلف آهي. هن مثال ۾ اهي قبا هڪٻئي تي چڙهندڙ ڇلن جي طريقي تي تعمير ٿيل آهن. جيڪو ڪوه آبو جي جين ڌرم جي مندر سان هڪجهڙائي رکي ٿو، پر فرق رڳو اهو آهي ته هتي ساهوارن جي چٽسالي ٿيل ڪانه آهي. ان جي باوجود چوٽي تي ڏاڍي سهڻي چٽساليءَ ٿيل آهي جيڪا گلاب جي گل واري اُڪير وٽ ڄڻ هيٺ لڙڪيل آهي. ڇهن ٿنڀن جي حالت ۾ اهي ڄاڻايل ڇلا تعداد ۾ ٿورا آهن، ان سبب ڪري ڇهه ٿنڀي ڇٽي وارو قبو اٺ ٿنڀي ڇٽي جي قبي کان ڪجهه ويٺوڙو لڳندو آهي. ان کان سواءِ 8 ۽ 9 نمبر واري ڇٽين جي اندرئين سردر تي پهريون ڀيرو فارسي زبان ۾ لکت ڏسون ٿا. فقط 9 نمبر واري ڇٽيءَ جي وٿين کي لنگهه ۽ محراب کان سواءِ پٿرن جي هڪ بار واري اوساريءَ سان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

(ت) مقبرن جون چؤديواريون

(10) مبارڪ خان جي مقبري واري چوديواري.

(11) ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڏکڻ ۾ مقبري جي چوديواري.

 

 تصوير 11 - ڪلان ڪوٽ جي مسجد جو اندريون پاسو جنهن ۾ محراب ۽ منبر تي اُڪير واري چٽساليءَ جي بهترين طرز نظر اچي ٿي محراب جي پٺئين پاسي رکيل چوڪنڊي ٻاريءَ جا پاوا مٿي وچ ڀت تي Dado وٽ بيهاريل آهن. هيءَ تعمير سورهين صدي کان اڳ جي ڪانه آهي.

مڪليءَ جي هن مقام ۾ ڪيتريون ئي پٿرائيون قبرون چوڌاري پکڙيون پيون آهن، ڪي اڪيليون آهن ته ڪي مـُـچن ۾ آهن، ڪن کي شروعات ۾ چوڌاري ڀتيون ڏنل هيون، پر پوءِ ڊهي پٽ پئجي ويون. قبرن تي ڪيترن ئي قسمن جا پٿراوان لوڙ هٽ ((Grave stone لڳل آهن. ايس - زيڊاڪ هاسٽين راٿ11 (S.Zadacz Hastenrath) شجري واري سولي اصول تي انهن کي ترتيب ڏيڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر معاملو ايڏو ڪو سولو ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته هن ڪم جي اڪلاءُ واسطي ٻين ڳالهين ۽ عنصرن تي به بار رکڻو پوي ٿو، ان کي پرکڻ ۽ پـُـرجهڻ واسطي ڪنهن سجاوٽي نمونن بدران هنر ۽ ڪاريگريءَ واري فن کي آڏو رکڻ گهرجي. آرائشي طرز ۽ نمونا فردن ۽ سندن ڄاڻ جي پهچ سان لاڳاپيل آهن، هن ڀانت جو پهريون ورن مبارڪ خان جو ڪتبو (Date Stone) سان مقبرو آهي، جنهن جي چوڌاري ڀت ڏنل آهي، جنهن کي ڏاڍو سهڻو اُڪيريل لنگهه آهي، اولهه پاسي واريءَ ڀت سان محراب بڻيل اٿس، مبارڪ خان جي قبر وچ ۾ آهي. سيرانديءَ کان مٿان ڇٽ سان چؤنٺو ((Head Stone لڳل آهي ۽ پٿرائين لوڙهٽ تي اعليٰ پائي جي اُڪير واري چٽسالي ٿيل آهي. ٻيو مثال سرن جو ٺهيل هڪ سادو ڪوٽ آهي، ان ۾ به مکيه قبر ساڳيءَ نموني جي آهي. هيءَ سما دور سان واسطو رکندڙ اڏاوت آهي، جنهن ۾ ڪاشيءَ جون چمڪڻيون سرون استعمال ٿيل آهن.

پڪين سرن سان بڻيل سمورا قديم يادگار گچ سان لتل آهن، پر اُها لـِـنب، انهن پراڻين جاين جي فقط اندرئين پاسي وڃي بچي آهي. ڀتين جي ٻاهرئين پاسي کان اهو ليپو لهي ويو آهي، هڪ نموني جي ڪوٽ جو ذڪر اڳ ۾ مٿي اچي چڪو آهي. ٺٽي جي ڀتين جي تعمير ملتان جي ڀتين جهڙي آهي، جيڪي بناوت ۾ تغلق دور جي مڪتب فڪر سان تعلق رکن ٿيون. ٺٽي جون ڀتيون اوچائيءَ ۾ جيئن جيئن مٿي وينديون، تيئن ٿولهه ۾ سوڙهيون ٿينديون وينديون، ملتان جيان، مضبوطي قائم رکڻ واسطي ڪاٺين جون ڪامون، سرن جي عمارتن ۾ جهل ۽ گهوڙين طور تي ڪونه هنيون وينديون هيون، ڪاريگريءَ جي لحاظ کان ٻئي طريقا هڪ ٻئي کان مختلف آهن، مڪلي ٽڪريءَ واريون اڏاوتون مستطيل به آهن، ته هم چورس به آهن، جڏهن ته ملتان واريون اَٺاس جي صورت ۾ آهن. ملتان جي عمارتن ۾ ڪاشيءَ جي سر گهڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر مڪليءَ تي هن چمڪدار سر جو استعمال فقط هڪ جڳهه کان سواءِ ٻئي هنڌ نظر ڪونه ٿو اچي. اهڙي قسم جي هم چورس جڳهن ۾ قـُـبي جي تعمير ڏاڍي ڏکي هوندي آهي. اهڙين جاين مان اڄ ڪابه سلامت ڪانه رهي آهي، ٺلهن تي اڏيل ڇٽين وانگي پٿر جي گول ڇلن کي ڍڪي ڇڏڻ وارو طريقي جو هتي رواج ڪونه هو، هتي صحيح قسم جا قبا تعمير ٿيل ٿا ڏسجن، پر انهن جي اڏاوت دوران جيڪي طريقا استعمال ڪيا ويندا هئا، سي خاص قسم جا هوندا هئا. ڪارنس مٿان ننڍيون ونگون ڏئي هم چورس تعمير کي اٺاس شڪل ۾ بدلايو ويندو هو، پر سمجهه ۾ ائين ٿو اچي، ته ڪاريگر انهن ونگن جي مضبوطيءَ کان اڃا پوري ريت مطمئن ڪونه ٿيا هئا، ان ڪري ڪنڊن تي ڏيڍيون ٽيڪون هڻي کين وڌيڪ مضبوط ڪندا هئا. انهن جي هيٺان ٽي ٽي سر در به هنيل ڏٺا ويا آهن. مٿي ونگن جي خانن جو هڪ سلسلو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو اٺاس کي سورهن ڀاڱن ۾ ونڊي ٿو ۽ ڏيڍين ٽيڪن وارين ڪنڊن کي لڪائي ڇڏي ٿو. جيڪو اڳتي هلي قبي جي بيهارڻ لاءِ بنياد فراهم ڪري ٿو. قبي جي تعمير جو طريقو گهڻو ڏکيو هوندو هو، تنهنڪري ان جون ڀتيون روايتي ڀتين کان موڪريون ۽ مضبوط بنايون وينديون هيون. ملتان ۾ هن مسئلي کي هيئن حل ڪيو ويو آهي، جو قبي جي اڏجڻ جي منصوبي جي شروعات اٺ ڪنڊي کان ڪئي ويندي هئي، ٻيو ته قبي جي هيٺئين حصي يعني ڍيڍيءَ جي تعمير وڏي بلنديءَ تي پهچائي پوءِ مٿان قبو جوڙيو ويندو هو. هتي قبي جي ڍيڍيءَ جي اڏاوت غير اهم آهي، ان ڪري قبا تعمير ۾ ويٺوڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. آرائش ڇڊي پاڊي آهي، ڪٿي بنيادن کان پنجن فوٽن تائين پٿرائين اوساري آهي. محراب به گهڻو ڪري سادا سودا، شڪل صورت ۾ اڌ قبي جهڙا آهن ۽ مٿن ماکيءَ جي مانارن جهڙي  چٽسالي ڪيل آهي.

(د) مسجدون

(12) مڪليءَ جي قديم مسجد

اها شڪل ۽ صورت ۾ مستطيل نظر ايندي. ڏيک ويک ۾ ساموئيءَ جي تباهه ٿيل مسجد سان هڪجهڙائي رکي ٿي، پر فرق رڳو اهو آهي، ته مڪلي ٽڪريءَ واري مسجد کي اوڀارئون ورانڊو ڪونه آهي. ڪلان ڪوٽ جي قلعي ۾ اندر بچي ويل مسجد ۾ به اهو ساڳيو فرق آهي، ته ان کي فقط هڪ قبو آهي. هيءَ دهليءَ جي گهڻ قبائي تغلق مسجدن کان به گهڻو مختلف آهي ۽ گجرات جي مسجدن کان گهڻي نياري آهي، ڇو جو هيءَ ٺلهن تي بيٺل ڪانه آهي، ٻيو ته هن مسجد ۾ منارو لڳل ڪونهي، هن مسجد ۾ وري مٿي وڃي اذان ڏيڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي ۽ ٻانگ ڏيڻ لاءِ الڳ منبر يا منارو ٺهيل ڪونهي.

(ج) سرن جا ٺهيل هم چورس قبا

(13) مـَـلڪ راڄپال جو مقبرو.

(14) ڪنهن گمنام سلطان جو مقبرو، جنهن جي ڇـَـٽَ لڳل قبر ڊهي وئي آهي.

(15) ڪنهن گمنام حڪمران جو مقبرو.

(ذ) پڪين سرن جو هم چورس مقبرو جنهن کي واڌو ڪمرو به آهي.

(16) فتح خان جي ڀيڻ جو مقبرو.

(ر) پڪين سرن جو تعمير ٿيل مقبرو، جنهن جي مٿان ڏاڪڻين جو مجموعو ٺهيل آهي.

(17) ملڪ قائوس سلطان جو مقبرو.

(18) تباهه ٿيل هم چورس مقبرو.

(ڙ) پٿرائون هم چورس مقبرو

(19) ڄام نظام الدين جو مقبرو.

هيءُ پنهنجو مـَـٽُ پاڻ آهي، ان اڏاوت ۾ ڪوشش اها ڪئي ويئي آهي، ته سرن جي انداز کي پٿر جي تعمير ۾ استعمال ڪجي، جيئن وڌ ۾ وڌ سنجٽي نموني لاءِ گنجائش ڪڍي سگهجي. خاص طور تي در واري لنگهه محراب ۽ اولاهين ڀت جي محراب جي اصلي وڌاوڙن تي، بي انتها خوبصورت اُڪير واري چٽسالي ڪيل آهي. جيتوڻيڪ اُڪير جي هنر ۾ تڪميل ڏسجي ٿي پر اڏاوتي تجربي جي گهٽتائي سبب قـُـبو مڪمل طور تعمير ٿي نه سگهيو.

ڄام نظام الدين جي مقبري تي اڏاوتي فن ۽ ڪاريگريءَ جو ڪم انتها تي پهتل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هتي وڌ کان وڌ ڪوشش اها ڪئي ويئي آهي، ته جيئن سرن واري اڏاوتي طرز کي پٿر جي اُڪير ۾ بدلائجي، اهڙيءَ ريت جو هن تاريخي يادگار کي پٿرائين اُڪير جي نازڪ ۽ نفيس هنر وسيلي اڏاوتي فن جي ڪاريگريءَ جي انتها تي پهچايو وڃي. آرائشي نمونو ٿي سگهي ٿو ته ڪٿان ٻئي هنڌان ورتي ويئي هجي، يا ٿي سگهي ٿو ته اسلام کان اڳ واري هنر ۽ ڪاريگريءَ کي ڪتب آندو هجي، باقي ڪاريگريءَ جي سڀني نمونن کي گڏي، سموئي هڪ نموني طور پيش ڪرڻ هتان جي سنڌي سڄاڻ ڪاريگرن جو ڪمال آهي. ڄام نظام الدين جو مقبرو، سمن جي سڄي دور جي ڪاريگريءَ جو اوج آهي، جيڪو بي انتها خوبصورت آهي، سنڌ جي ڪلاوند ڪاريگر هيءُ مقبرو اڏي پنهنجي محبوب حڪمران لاءِ لافاني يادگار ته ڇڏيو، پر سنڌ جي ڏات ۽ ڏانءَ کي به اَمر ڪري ڇڏيو.

ڪلان ڪوٽ قلعو

ڪلا ڪوٽ12 يا ڪلان13 ڪوٽ (صحيح نموني سان ڪلياڻ ڪوٽ14 جنهن جي سنسڪرت ۾ معنيٰ آهي ”فرحت، تحفظ ۽ خوشحالي“) جنهن کي تغلق شاهه ڄام جوڻي II پٽ صدر الدين ڄام سڪندر (1427ع-1453/832هه-857) جي نالي پٺيان تغلق آباد به سڏيو ويندو هو، جنهن جي لاءِ چيو ويندو آهي، ته هن ان قلعي جي ڪجهه مرمت ڪرائي هئي. ان قلعي کي مغل گورنر طغرل بيگ (وفات 1649ع:1059هه) جي نالي پٺيان طغرل آباد به سڏيو ويندو هو، کيس دفن به مڪلي ٽڪريءَ تي ڪيو ويو. سندس ڇٽيءَ نما مقبرو مرزا عيسيٰ ترخان II جي قبي جي ڏکڻ طرف آهي. (ڏسو باب چوٿون). ان قلعي جي لاءِ چيو ويندو آهي، ته ان جي ڊگهي تاريخ آهي15. ڪلان ڪوٽ ارغونن جي ڏکئي دور ۾ مرزا جاني بيگ ۽ مغل سپهه سالار عبدالرحيم خان خانان جي وچ ۾ محاذ آرائيءَ وقت وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو هو. پر ان قلعي جي هندو دور واري اصليت متعلق ڪابه شاهدي موجود ڪانهي. قلعي جي ڀتين جي پڪين سرن سان اوساري ۽ گول برجيون هن قلعي جي مسلمان دور جي هجڻ واري اصليت بابت پڪي شاهدي ڏين ٿيون. اهو به امڪان آهي، ته هن قلعي جو بنياد سومرا خاندان جي پوئين دور ۾ ٻارهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ پيو هجي. جڏهن سومرا خلجيءَ سان جنگين ۾ جنبيل هئا ۽ سندن تخت گاهه محمد طور تباهه ٿي چڪو هو، ڪي تاريخي روايتون16 اهو پڻ ٻڌائين ٿيون، ته ان دور ۾ سومرا ساموئيءَ ۾ پنهنجي عمارتي اڏاوتن واري ڪم ۾ پوريءَ ريت رڌل رهيا. ٿي سگهي ٿو، ته اهي روايتون هن قلعي بابت وڌيڪ صحيح هجن.

هيءُ قلعو مڪليءَ تي تعمير ٿيل قديم آثارن جي کاتي جي ريسٽ هائوس کان پنج ميل ڏکڻ طرف، پير پـِـٺي جي درگاهه ڏانهن ويندڙ روڊ کان کاٻي ڏسا تي هڪ ميل کن ڏور ۽ سنڌو درياءَ جي سڪي ويل هڪ واهڙ جي ڪناري تي ٺهيل آهي. درياءَ جي پاسي کان، قلعي جي ڀت (نمبر 2) جنهن جي مٿان گول برجيون نظر اچن ٿيون، ڏاڍو سهڻو منظر پيش ڪري ٿي. درياءَ جو واهڙ قلعي جي اتر واريءَ ڀت ڏانهن ڪجهه جهوڪ ڏيون بيٺل نظر اچي ٿو، ۽ پوءِ اولهه پاسي وڪڙ کائي وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت قلعي لاءِ ٽن طرفن کان درياءَ ڄڻ هڪ بچاءُ هو، درياءَ جي اولهه واري شاخ (واهڙ) هڪ وڏو تلاءُ ٿي ٺاهي ۽ اهو تلاءُ قلعي لاءِ پاڻيءَ جي گهرج جي پورائي جو وڏو هڪ ذريعو به هو.

 

 تصوير 12 - ڪلان ڪوٽ جي زبون حال پڪسرائين مسجد جنهن جو فقط وچ وارو حصو بچيل  آهي، ان جو اوڀر وارو ٻاهريون پاسو گهڻو ڊٺل ۽ ناس ٿيل ڪونه آهي، پر اڏاوت جو اتريون ۽ ڏاکڻون حصو ڊهي ختم ٿي ويو آهي.

قلعي اندر پاڻيءَ جي بندوبست جا ٻيا به وسيلا هئا. هن پاسي کان پڪين سرن جي قلعي جي ڀت سنئون سڌو مٿي ويندي نظر اچي ٿي، جنهن ۾ ”مارن“ جا نشان چٽا پٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا (نمبر 10). خشڪ زمين فقط قلعي جي ڏکڻ ڏانهن هئي ۽ ان پاسي ئي شهر سان لڳ ڪنهن ڦٽل ڳوٺ جي آباد ڪاريءَ جا نشان ملن ٿا. قلعي جي ڏکڻ واريءَ ڀت ۾ ٻن ڦاٽڪن جي موجود هئڻ جا اهڃاڻ ملن ٿا. تعمير جي منصوبي ۾ قلعو شڪل ۾ لمبوترو چوڪـُـنڊو آهي، پر ترتيب ۾ ٽڪريءَ جي بي ڊوليءَ شڪل سان هلندو ٿو وڃي، قلعي جون ڀتيون (2/1-14) ساڍا چوڏنهن فوٽ ٿلهيون آهن، اڏاوت ۾ ڪچي مٽي ۽ پٿر جي روڙي استعمال ٿيل آهي، ۽ انهن مٿان هم چورس شڪل جون پڪيون سرون لڳل هيون. قلعي جي اندر وارو حصو سرن جي مدد سان ڀاڱن ۾ ونڊيو ورڇيو ويو آهي، هڪ ڀاڱو قلعي جي ڏکڻ اولهه واري ڪنڊ ۾ به واقع آهي، جنهن ۾ پڪين سرن جي مدد سان مستطيل شڪل تي پاڻيءَ جو تلاءُ بنايو ويو آهي، اولهه ڏسا کان پاڻيءَ جي تلاءُ ڏانهن ٽڪريءَ کي ڪپي رستو ٺاهيو ويو آهي، اهو رستو هڪ ڳجهو پيچرو آهي، جنهن جي منهن تي، قلعي جي اندرئين پاسي کان بچاءُ جي مقصد کان سپاهي به رکجي پئي سگهيا.

ڏکڻ پاسي وارو ٻيو لنگهه، قلعي جي ٻي هڪ وڏي چوديواريءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو، ٿي سگهي ٿو ته اهو رستو اتر اولهه ڏِسا تي تعمير ٿيل مسجد ڏانهن به ويندو هجي. پڪين سرن مان تعمير ٿيل موجوده مسجد (نمبر 12) پوئين دور جي اڏاوت سان واسطو رکي ٿي ۽ تـَـرخان دور کان اڳ جي جوڙايل هرگز ڪانهي، مسجد جي تعمير جو نمونو سما دور ۾ تعمير ٿيل قديم مسجد (هيٺ ڏسندا) کان بلڪل مختلف آهي، جيڪا مڪلي ٽڪريءَ جي اتر ۾ ڪنهن زماني ۾ اڏائي ويئي هئي. ڪلان ڪوٽ واري پوئين دور ۾ ٺهرايل مسجد ۾ ڀـَـڳ ٽـُـٽ ۽ ڪي ٻيون تبديليون پڪيءَ ريت ٻڌائين ٿيون، ته ان دور ۾ قلعي تي پوئين دور جي مغل ڪارندن جو قبضو هو. مسجد جي پيڙهه ڏاڍي موڪري آهي، ان جي تعمير پڪين سرن جي شڪل صورت ۾ چوڪـُـنڊي آهي ۽ چوڌاري ڪوٽ اٿس، پر هاڻي زبون حالت ۾ آهي، چوديواريءَ جي ماپ 250x165 فوٽ ۽ منجهس سرن جي ٺهيل پاڻيءَ جي تلاءَ جي ماپ 96x87 فوٽ آهي، جيڪو 14 فوٽ هيٺ اونهو آهي. تلاءُ اوڀر پاسي ۽ شڪل ۾ مستطيل آهي. مسجد تلاءَ جي اولهه ۾ آهي. اهو تلاءُ ٽڪريءَ کي کوٽي ماڻهن جي وضوءَ جي سهوليت لاءِ جوڙايو ويو هو. پڪين سرن جي اوساري مٽيءَ جي گاري سان ٿيل آهي ۽ مٿان گچ جو ليپو آيل اٿس، ليپي جو تهه 2 انچ کان 3 انچ ٿيندو. ان مسجد جا اتر ۽ ڏکڻ وارا ٻئي پاسا ڊهي پوريءَ ريت ختم ٿي ويا آهن، باقي وچون ڪمرو، جنهن جي هر پاسي جي ماپ 33 فوٽ 10 انچ ٿيندي. اهو اهڙيءَ ريت چنبڙيو بيٺو آهي جو ڄڻ ته ڊهڻ تي آهي، پنهنجي اڏاوت جي اصلي شڪل ۾ هن مسجد آڏو ورانڊو به هو، جيڪو پڻ هاڻي ڪري چڪو آهي، مسجد جي وچئين ڪمري جي باقي بچيل ڀتين جي مٿين ماپ 25 فوٽ ٿيندي ۽ ٿولهه جي ماپ 10 فوٽ آهي. تري جي فرش بندي 14 انچ هم چورس ماپ واري سر سان ٿيل آهي. اڄڪلهه اوڀارين طرف کان ونگ سان فقط هڪ لنگهه وڃي بچيو آهي، جيڪو مسجد جي نماز واري وچئين صـُـفي ڏانهن وٺي اچي ٿو. ٻه* ٻه قوسي نوڪدار ونگ، جيڪا موڪري پڻ آهي جيڪا قنڌار مان ارغونن جي اچڻ ڪري ٺٽي ۾ مقبول عام ٿي ويئي، منجهس قنڌاري اڏاوتي اثر چٽو آهي، ارغونن جي اچڻ کان پوءِ ونگن جو نمونو اهو ٿي ويو، مغلن جي پوين ڏينهن واري چئن مرڪزن جي ونگ جنهن کي ٻه قوسي نوڪدار ونگ (Tudor Arch) چيو ويندو  آهي، اها نوڪدار ونگ هتي مشڪل سان ڪٿي ڏسڻ ۾ ايندي. بنيادي طور، اڏاوت ۾ اتر ۽ ڏکڻ طرف کان ونگن تي ٻه لنگهه هئا، پر پوءِ اهي بند ڪيا ويا، شايد ان ڪري جو مسجد جون اتر ۽ ڏکڻ واريون ٻئي ڀتيون ڪري پيون هيون. نماز وارو مرڪزي هنڌ اصل ۾ قبي سان ڍڪيل هو، جيڪو هاڻي ڪري پيو آهي، باقي پاسن واريون اٺاس ونگون ڪجهه سلامت آهن، جيڪي ڪارنس جي مٿان جوڙيون وينديون آهن، جن تي چئن ئي پاسن کان ونگن مان هوا جي گذر لاءِ دريون پڻ جوڙيون ويون هيون، ڪارنس کان مٿان، ڪنهن ٻي مدد کان سواءِ ونگون هڻي قـُـبيون ٻڌي چوراس کي اٺاس ۾ بدلائڻ واري طريقي جو ارغونن واهپو ڪرايو هو. (ڏسو هيٺ).

نماز پڙهڻ واري چورس ڪمري جي اندرئين پاسي مختلف دورن ۾ هڪ ٻئي مٿان گـَـچَ جو ليپو ڏنو ويو آهي، ٻاهرئين پاسي کان اوساريءَ ۾ استعمال ٿيل سرون گسائي ڏاڍيون لسيون ڪيون ويون آهن. ڪنڊن وارين هـُـرِين جي ليپي سبب ماکيءَ جي مانارن جهڙي چٽسالي ٺهي پئي آهي، جنهن کي اَٺ ڪنڊي محراب جي اڌ قبيءَ ۾ ڏسي سگهجي ٿو. (نمبر 11). اهو محراب پيڙهه کان ٿورو مٿي ڪاشيءَ جي سرن جي خانن مٿان جوڙيو ويو آهي. ڪاشيءَ جون سرون ڀت جي اندرئين پاسي ساڳيءَ سنوت سان چوڌاري ڪتب  آنديون ويون آهن. مٿين درين جي چؤڌار کين استعمال ڪيو ويو آهي. حاشيي تي ڪاشيءَ جا خانا، اٽڪل پنج فوٽ کن مٿي، پٿر واريءَ ڀت جي مٿان هنيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪاشيءَ جي سر جو هيءُ سنڌي نمونو آهي، جن مان ڪن تي اوڀڙ ۽ ڪن تي اليڪي ڇـُـرَ آهي. پس منظر ۾ نيري ۽ اڇي رنگ جون سرون به استعمال ڪيون ويون آهن. هيٺئين پاسي تي سفيد سرن کي ڪتب آندو ويو آهي. ان کان پوءِ ڇهه ڪنڊي نيري سر جو واهپو ڏسڻ ۾ ايندو جنهن تي اڇي رنگ ۾ اوڀڙ جي چترڪاري ٿيل آهي. طرز ۾ گهڻن مرڪزن واري ونگ سان گڏ اوڀڙ واري چٽسالي به شامل آهي. محراب ۾ استعمال ٿيل ڪاشيءَ جي سرن ۾ ڪجهه اصلاح ٿيل ڏسجي ٿي. اندرئين پاسي مهاڙيءَ ۾ڪاشيءَ جون سرون استعمال ڪيون ويون آهن جن تي ڏندائين ونگ ۽ اوڀڙ جا گڏوچڙ چٽ چٽيل آهن. ان سان گڏ گل لاله جو چٽ موڙن جي چترڪاري سوڌو ڏسجي ٿو.

محراب جي ڀرسان ڀوري پٿر مان ٺهيل پنجن ڏاڪن سان هڪ سهڻو منبر آهي. ان جي بناوت ۾ ترخاني اڏاوتي اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان جي سنجٽ ۽ سونهن نمايان جڳهه والاري ٿي. هيٺيون ڏاڪو سنگ مرمر جو آهي جنهن تي گلاب جي گل جو چٽ اُڪيريل آهي. ٺٽي ۾ هيءُ پٿر در جي چؤڪاٺن ۾ عام استعمال ڪيو ويندو هو. منبر جي ڏاڪڻ جي پهرئين ٻن ڏاڪن تي هڪ جهڙي چٽسالي اُڪيريل آهي. مٿين ٽن ڏاڪن جي اُڪير پهرين ٻن کان مختلف طرز جي آهي، هيٺين ٻن تي ستارن جون قطارون آهن، مٿين ٽن تي اوڀڙ جي اُڪير ۾ پن ول ڏسجي ٿي ۽ ان سان گڏ ڏورين جي لڙهه جهڙي ٽـُـڪ پڻ ٿيل آهي. جڏهن مسجد پوريءَ ريت تيار ٿي وئي هوندي، ته ڪاشيءَ جي سرن جي سنجٽ ۽ سونهن ڪري ڏاڍي سهڻي ۽ من موهيندڙ لڳندي هوندي. ٻاهرئين پاسي تي اوچن ونگ وارا لنگهه ۽ مغل طرز جي تعمير سبب هيءَ عمارت پنهنجي دور ۾ بي انتها خوبصورت هوندي. *

الف - مدرسي طرز واري ڇٽي - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جو مدرسو

شيخ عيسيٰ لنگوٽي (لنگوٽي17 معنيٰ ڪسرت لاءِ لـُـنگ ٻڌڻ وارو). هـُـو هندستان جي مڌيه پرديش جي شهر برهانپور جو ويٺل هو ۽ اتان لڏي اچي هتي رهيو. مڪليءَ تي هڪ مدرسو کوليو هئائين. هيءُ عالم، علامه نعمت الله عباسيءَ جي استاد ۽ چوڏهين صدي عيسويءَ جي مشهور بزرگ شيخ حماد جماليءَ جو همعصر هو. هن بزرگ 1427ع:831هه ۾ وفات ڪئي. سندس مقبرو سرن جو ٺهيل ۽ گچ سان لنبيل آهي، ان جي اڏاوت سندس وفات کان گهڻو وقت پوءِ ٿي. سندس مقبرو ونگ وسيلي هڪ ٻي عمارت ساڻ جڙيل آهي (نمبر 13). ان عمارت کي مدرسي جي نالي سان ياد ڪريون ٿا. (ڏسو خاڪو تصوير 1). هيءَ پٿرن سان جوڙيل بي مثال عمارت آهي، (پليٽ 1). نقشي ۾ هم چورس ۽ هر پاسي جي ماپ 12 فوٽ 9 انچ آهي، ان سان گڏ ڏيڍي به اٿس، ڏيڍيءَ جي ماپ هم چورس 7 فوٽ 3 انچ آهي، جيڪا ڏکڻ ۽ اولهه طرف ڏانهن وڌيل آهي، بعد ۾ ان کي سرن جي تعمير سان ٿورو ڪـجهه اوڀر ڏانهن وڌايو ويـو آهي، ان اڏاوت ۾ ونگ سان هڪ لنگهه  ونگ جي شڪل صورت اُڀي ۽ سـِـينڌ ونگ طرز تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن نموني جون ونگون سما دور جي اڏاوتي طرز سان وابسته ڪيون وينديون آهن، تنهن ڪري سمجهه ۾ ائين اچي ٿو، ته هن  قسم جي اڏاوتي روايت ان دور جي هوندي. ان لحاظ سان هن مدرسي جي اڏاوت سما دور جي شروعاتي زماني ۾ ڪئي وئي هوندي. هيءَ جڳهه فقط ٺلهن تي بيٺل آهي. هر هڪ ٺلهه هم چورس نقشي جي ڪنڊ تي بنايو ويو آهي، ٺلهن ۾

بقايا سنڌيڪار جو نوٽ:

9. ڄام نظام الدين جي زماني ۾ محمد خان شيباني ۽ حسين بايقراهه جي وچ ۾ جنگيون لڳي رهيون هيون. وچ ايشيا ٻري رهيو هو، ساري ڌرتي ٽامون ٿي وئي هئي. اتان جا ماڻهو اچي ٺٽي ۾ آباد ٿي رهيا هئا. ڄام نظام الدين نگر ٺٽي جي امڪاني بچاءُ لاءِ هن شهر جي اتر ۾ به درياءَ ويجهو ڪوبه ننڍو وڏو قلعو ڪونه اڏايو هو.

هيٺين سببن ڪري ڪلان ڪوٽ نه نگر ٺٽي جو قلعو آهي نه وري اهو سما ڄامن جو تعمير ڪرايل آهي:

(1) سما دور جي مڪليءَ جي اڏاوتن ۾ ڪتب آندل سر ۽ ڪلان ڪوٽ جي تعمير ۾ ڪتب آندل سرن جي گهاگ ۾ گهڻو فرق آهي. مڪليءَ واري سر، سما دور سان تعلق رکي ٿي. جڏهن ته ڪلان ڪوٽ واري سر، تختيءَ ۾ وڏي ۽ سما دور جي اڏاوت لاءِ ڪتب آيل سرن کان گهڻو قديم ۽ مختلف آهي.

(2) قلعي اندر شـِـوَ مندر جي موجودگي هن جي سنڌي هندو دور جي اڏاوت هئڻ جي نشاندهي ڪري ٿي.

(3) قلعي جي ڀت ۾ وچ تي ڪچين سرن جو استعمال ڏيکاري ٿو، ته اهو قلعو بارود جي استعمال کان اڳ واري زماني سان تعلق رکي ٿو. جڏهن ته سما دور ۾ بارود جو واهپو عام هو.

(4) سڪندر يوناني کان وٺي غورين بلڪ ارغونن تائين سڀ حملا خيبر لڪ ۽ بولان لڪ کان ٿيندا رهيا آهن. تنهن ڪري نگر ٺٽي جي بچاءَ لاءِ قلعو ان شهر جي اتر کان هئڻ گهرجي ها، پر هي ڏکڻ اولهه ۾ آهي.

(5) قلعي کان درياءَ ڏانهن ويندڙ هڪ گهاٽ آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو، ته اهو هاٿي گهاٽ آهي جنهن وسيلي قلعي مان هاٿي ڪڍي درياهه ڏانهن آندا ويندا هئا. هاٿيءَ جو جنگي استعمال سومرن ۽ سمن کان گهڻو اڳ ختم ٿي چڪو هو.         (جاري)

هڪ جيترو مفاصلو آهي ۽ هر ٺلهه جي مٿان رکيل تاج تي چؤمـُـکي گهوڙي  ۽ هيٺان مـَـڪڙو رکيو ويو آهي. ٺلهن جي وچ واري وٿي پرديءَ واريءَ ڀت ڏئي بند ڪئي وئي آهي. اها اوساري بنا گاري جي فقط پٿرن سان ڪيل ٿي ڏسجي. ڏيڍيءَ وٽ ٻه لنگـهه آهـن. ڌرتـيءَ جـي مٿاڇـري کان

خاڪو 1. شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مدرسي جو نقشو، جنهن جو ڇت وارو تعمير ٿيل حصو هڪ ٻئي مٿان گول بار ڏئي جوڙيو ويو آهي جنهن مٿان ڏيئي ٻارڻ جي مقصد سان ننڍڙي قبي ٺاهي وئي  آهي.

 (بقايا سنڌيڪار جو نوٽ)

(6) قلعي جا برج تير جي پهچ جيتري وٿيءَ تي تعمير ٿيل آهن، جنهن مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته قلعي جي اڏاوت جو زمانو تير ڪمان واري جنگ وارو دور هو.

تنهن ڪري اهو قوي امڪان آهي، ته ڪلان ڪوٽ نگر ٺٽي جو نه پر مينانگر جو قلعو آهي. هن ماڳ جو ذڪر سڪندر جي هر مؤرخ ڪيو آهي. جيڪو درياءَ جي هـُـن پاسي واقع هو، جنهن پاسي ڪلان ڪوٽ جو قلعو هو ۽ قلعو مينانگر کان مٿئين پاسي هو. تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو، ته سمن ڪجهه وقت لاءِ مينانگر کي تخت گاهه بڻايو هو. پر وچ ايشيا جي ٻرندڙ صورتحال کي ڏسي درياءَ جي ساڄي پاسي قائم مينانگر کي ڇڏي اچي ٺٽي ۾ تخت گاهه قائم ڪيائون. جيڪو بـَـلبن ۽ سندس پٽ محمد "قا آن"  جي زماني ۾ گهڻو مشهور هو. پر هن شهر کي بچائڻ لاءِ هـُـنن اتر کان ڪو قلعو تعمير ڪونه ڪرايو هو. ڏٺو ويندو ته ڪلان ڪوٽ                 (جاري)


*  هن ونگ جو ورن سينڌ ونگ جهڙو ئي آهي. (سنڌيڪار)

* ڪلان ڪوٽ اصل ۾ مينا نگر آهي

ڊاڪٽرداني قلعي جي تعمير واري دور جي تعين ڪرڻ ۾ سخت قسم جي غلطي ڪئي آهي جنهن لاءِ هيٺان سبب آهن:

1. ٺٽي جو شهر درياءَ جي کاٻي ڪناري ۽ ڪلان ڪوٽ ساڄي ڪناري واقع آهي، وچ تي سنڌوءَ جي هڪ چاڙهه هئي، جيڪا هيٺان وهندي رهندي هئي، تنهنڪري دشمن جي حملي وقت اهو ڏاڍو مشڪل هو ته ڪلان ڪوٽ ۾ رهندڙ گئريسن فوج ٺٽي شهر جو بچاءُ ڪري سگهي.

2. جيڪڏهن ڪلان ڪوٽ سمن جو ٺهريل هو، ته اهو ٺٽي شهر جي اتر پاسي کان کاٻي ڪناري تي آباد ڪيو وڃي ها جنهن سان نگر ٺٽو آباد هو. ڇاڪاڻ ته سڪندر (اعظم) کان وٺي ڪشڪ دور تائين سڀ حملا اتر پاسي کان ٿيا آهن. پر ڪلان ڪوٽ نگر ٺٽي کان اولهه - ڏکڻ پاسي  آهي.

3. حملا آور فوج هميشه شهر تي حملي ڪرڻ کان اڳ ان جي قلعي ۾ رهندڙ گئريسن فوج کي شڪست ڏيندي آهي، پر جتي قلعو ۽ شهر گڏيل هوندو آهي، ته ان صورت ۾ حملي آور فوج جو جنگي طريقو ڪجهه ٻيو ۽ مختلف هوندو آهي.

4. ڄام صلاح الدين ۽ ڄام فيروز وچ ۾ تخت حاصل ڪرڻ واري مسئلي تان جنگيون              (جاري)

بقايا سنڌيڪار جو نوٽ:

 لڳيون هيون، پر ڪنهن به تاريخ ۾ اهو ذڪر ڪونه ملندو ته ٺٽي نگر جي بچاءَ واري قلعي ڪلان ڪوٽ ۾ رهندڙ گئريسن ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي. پر ان دور ۾ ڪلان ڪوٽ جو قلعي جي حيثيت ۾ ڪوبه ذڪر موجود ڪونه آهي.

5. جڏهن ارغونن نگر ٺٽي تي حملو ڪيو، ته هن شهر جي قلعي ڪلان ڪوٽ ۾ گئريسن فوج جي جنگ جو احوال ئي موجود ڪونه آهي پر دولهه دريا خان هڪ کلئي ميدان ۾ وڙهندو ڏسجي ٿو. اهو ذڪر ڪونه ٿو ملي، ته سندس فوج رات جو موٽي وڃي ڪلان ڪوٽ ۾ ترسندي هئي. جڏهن ارغون فوج درياءُ اڪري کاٻي ڪناري پهتي، ته اتي ڪوٽ ته ٺهيو پر ڪو ننڍڙو ڪوٽ به موجود ڪونه هو.

6. هن دور کان اڳ جڏهن ڄام نظام الدين سنڌ جو حڪمران هو ته اسلام جي مشهور ترڪي خليفي سليمان عاليشا، ڄام نظام الدين ۽ گجرات جي مشهور حڪمران محمود بيگڙي جي گڏيل سامونڊي فوج 1505ع ۾ پورچوگيزن هٿان ذليل شڪست کاڌي هئي. پر پوءِ به ڄام نظام الدين نگر ٺٽي جي بچاءَ لاءِ هن شهر کان ڏکڻ پاسي ڪوبه ننڍو وڏو قلعو ڪونه اڏايو هو.

7. سورهين صديءَ جي وچ ڌاري جڏهن پورچوگيزن ٺٽي تي حملو ڪري ان شهر کي ڦري لٽي باهه ڏئي ساڙي رَکَ ڪري ڇڏيو، ته ان وقت نگر ٺٽي جي بچاءِ لاءِ نام نهاد ڪلان ڪوٽ ۾ رهندڙ گئريسن فوج جو ڪو ذڪر  به ڪونه ملندو، ڇاڪاڻ ته نگر ٺٽي ۽ قلعي جي وچان سنڌوءَ جو وهڪرو موجود هو.

8. سورهين صديءَ جي آخر ۾ جڏهن عبدالرحيم خان خانان ۽ مشهور تاريخدان مير معصوم بکري گڏجي سنڌ تي حملو ڪيو، ته مرزا جاني بيگ ساڻن مڙسيءَ سان مهاڏو ڏنو هو. پر ٺٽي جي تحفظ لاءِ ان وقت به تاريخ ۾ ڪلان ڪوٽ وارو قومي قلعو نظر ڪونه ٿو اچي.                                                                                                      (جاري)

v سمن جي حـُـڪومتي دور بابت سنڌيڪار جو نوٽ باب جي آخر ۾ ڏسو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ