ٺٽي جي جامع مسجد
هيءَ جامع مسجد شهنشاهه شاهجهان جي حڪم تي جوڙائي ويئي هئي. ان
تي ڪيتريون ئي فارسي لکتون موجود7 آهن، جن مان
سندس اڏاوت جي وچور ۽ بعد ۾ مرمت جو پتو پوي ٿو.
سڀ کان پهرينءَ لکت مان ان مسجد جي بنيادن جي
تاريخ 1644ع/1054هه جي سـُـڌ ملي ٿي. مسجد جي پوري
ٿيڻ جي تاريخ 1647ع/1057هه ٻيءَ لکت ۾ ملي ٿي.
مسجد جي فرشبندي 1657ع/1068هه ۾ ٿي. پهرين مرمت سن
1104 هه مطابق 1692ع ۾ شهنشاهه اورنگزيب جي زماني
۾ ٿي هئي ۽ ٻيو ڀيرو 1227هه مطابق 1812ع ۾ مير
مراد علي خان ٽالپر جي زماني ۾ ٿي. انگريزن جي دور
۾ ٻه ڀيرا مرمت ٿي هئي. هڪ ڀيرو سن 1855ع ۾ ۽ ٻيو
ڀيرو سن 1894ع ۾. آخري ڀيرو مرمت هلندڙ صدي جي
ستين ڏهاڪي ۾ اوقاف کاتي جي طرفان ٿي. اها مرمت
ساري سنڀالي ڪئي ويئي. چوڌاري جيڪو ڪـِـنُ ڪچرو
پيل هو، سو به ٻاهر پري ڦٽو ڪرايو ويو. آسپاس صحيح
نموني سان صفائي ڪرائي اوڀر پاسي کان باغ ۾ واڌارو
ڪيو ويو. چوڌاري ڀـِـتِ جو وانگاڙو ڏئي ٽن ونگن
سان ٽي ڳـِـلانڍيون اچ وڃ لاءِ پڻ تعمير ڪرايون
ويون هيون، جيڪي باغ ڏانهن کليل آهن.
مسجد ۽ باغ جو نقشو
باغ واريون ونگن سان ٽي ڳلانڍيون، مسجد جي اوڀر واري مکيه
دروازي ۽ محراب جي بلڪل سـِـڌ ۽ سنوت ۾ آهن. نئين
باغ واريون ڳلانڍيون (پليٽ 63) مغل طرز تي جوڙيل
آهن، جنهن ۾ چؤڪـُـنڊي اڏاوت اندر ونگون جوڙيون
ويون آهن. وچئين ونگ وڏي آهي ۽ ان جي مٿين اڏاوت
به پاسن وارين ونگن کان اتانهين آهي. هرهڪ ڇيڙي تي
هڪ هم چورس وڌيل اڏاوت آهي، جنهن ۾ هڪ ٻئي جي مٿان
ٻن خانن واريون ٻاريون آهن. ڀت سرن جي ڪور ۽ گٺل
ڳاڙهين سرن مان جوڙي ويئي آهي ۽ سنڌن کي سفيد گچ
سان ڀريو ويو آهي. ونگن جون نـُـڪرون ۽ ونگن مٿان
چؤڪنڊي خانن جون ٻاريون پراڻين مسجدن جي طرزن تان
ورتل آهن. ڪوشش اها ڪئي ويئي آهي، ته مسجد جي
سامهون چار باغ (پليٽ 64) جي طرز تي باغ بنايو
وڃي، پر ان جو پورو نقل ٿي ڪونه سگهيو آهي ۽
ڦوهارن کي پاڻيءَ جي ڪسين جي وچ ۾ نصب ڪيو ويو
آهي. جارن جي ٻنهي پاسن تي سرو جا وڻ هنيا ويا
آهن. وچئين وڏيءَ ونگ منجهان مسجد جو نظارو ڏاڍو
ڀلو ٿو لڳي.
موجوده مسجد جي زمين (خاڪو 10) جي بيهڪ اڳوڻيءَ ٺٽي جي جامع
مسجد واري نقشي کان بلڪل نياري آهي. اسان ان مسجد
کي هتي پهريون ڀيرو جامع مسجد واري شڪل ۾ ڏسون ٿا،
جنهن کي هڪ چؤڪنڊو وچ وارو اڱڻ،(جنهن جي چوڌاري
ڇٻر وغيره لڳل آهي) مـُـيسر آهي. اولهه وارو پاسو
نماز لاءِ آهي. اوڀر پاسي مکيه لنگهه آهن، اتر ۽
ڏکڻ ۾ به وچ تي لنگهه آهن ۽ پاسن کان مٿان ڍڪيل
رستا آهن، جيڪي نماز پڙهڻ واري منڊپ ڏانهن وٺي وڃن
ٿا. سامهون واري اڱڻ جي ماپ 164 فوٽ
x
97 فوٽ آهي ۽ سڄيءَ مسجد جي ماپ 305 فوٽ
x
170 فوٽ آهي. ڊگهو پاسو اولهه ۽ اوڀر پاسي آهي.
اوڀر ۽ اولهه وارن ڊگهن پاسن جي ڪري هيءَ مسجد،
آگري، دهليءَ ۽ لاهور جي مغلن جي مسجدن کان ماڳهين
الڳ ۽ هڪ نياري حيثيت رکي ٿي. ٻيو واضح فرق اهو به
آهي، ته ٻين مسجدن وانگر ان مسجد جي ڪنڊ ۾ ڪٿي به
منارو اڏيل نه آهي. ان مسجد جي عمارت کي مکيه وڏو
قبو آهي، جنهن کي پيش - طاق واري چؤڪـُـنڊي ڍڪي
ڇڏيو آهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ ٻين کي ٽي ويٺوڙا هڪ
جيڏا قبا آهن، جيڪي نماز واري منڊپ کي ڇانئي ٿا
بيهن ۽ اڱڻ مان انهن جو چڱيءَ پر نظارو ڪري سگهجي
ٿو. اهي اتانهان پيش - طاق، ترخان دور ۾ ڏاڍا
مشـهور ۽
خاڪو 10. شاهجهاني مسجد جو نقشو، جنهن ۾ نماز پڙهڻ واسطي
چؤڏسائن ۾ قبا ٺهيل آهن. وضو سارڻ لاءِ پاڻيءَ جو
تلاءَ اوڀر پاسي موجود آهي. هن مسجد جي تعمير جو
تعلق 1644ع ۽ 1647ع جي وچ واري عرصي سان آهي.
خاڪو 11. شاهجهاني مسجد جي مـُـهاڙ جو نقشو، جنهن ۾ رکيل
چؤڪنڊين ٻارين ۾ ڪاشيءَ جون چمڪندڙ سرون ڪتب آندل
آهن. ان کان سواءِ گڏيل قسم جي ونگن جي تعمير ۽
قبن جي اندرئين پاسي ستارن جهڙي خوبصورت چٽسالي
ٿيل آهي.
معـروف هـئا ۽ اهـي تيمـوري تعمـير، (خـاص طور سمرقند) جي طرز
سان واسطو رکن ٿا. ٺٽي جي اڏاوتي طرز مغلن جي
تعمير جي طرز بجاءِ سڌو سمرقند تان ورتل آهي. اها
ڳالهه اسان کي تڏهن سمجهه ۾ ايندي، جڏهن اسان کي
ياد ايندو، ته اهڙي قسم جي جهان آرا مسجد تن ڏينهن
آگري ۾ به اڏائي وئي هئي. فتح پور سيڪريءَ واري
جامع مسجد البت ٻئي قسم جي آهي. پر ٺٽي ۾ مکيه فرق
قبن هيٺان ايوانن جو آهي. اولهه ڏانهن محراب جي هر
پاسي تي ٽي ڀاڱا آهن، باقي اتر، اولهه ۽ ڏکڻ وارن
پاس تي ٻه ٻه ڀاڱا آهن. هر هڪ ڀاڱو هڪ لاٺيري قبي
سان ڍڪيل آهي. مسجد جا ٺلهن سان ڇانيل پاسا ۽
قبايون ڇـِـتيون اهڙي طريقي سان بنايون ويون آهن،
جو جيڪڏهن مسجد جي وچئين محراب مان ٻانگ ڏني
ويندي، ته مسجد جي هر هڪ ڀاڱي ۾ هڪ جيتري ٻڌي
ويندي. وچ واري محراب جي بلڪل آمهون سامهون اوڀر
ڏانهن لنگهه آهي، جنهن جي مٿان هڪ يادگار قبو
ٺاهيل آهي. ان لنگهه جي اندرئين پاسي مٿي وڃڻ لاءِ
ڦيريدار ڏاڪڻ آهي. ان کان اڃا به اوڀر پاسي هڪ ٻي
غير معمولي اڏاوت آهي. اها هڪ دروازي جي واڌو
اڏاوت آهي، جنهن جي وچ تي وڏي ۽ اتاهين ونگ جڙيل
آهي ۽ هر هڪ پاسي تي ننڍي ونگ سان لنگهه آهي. اهو
اضافي لنگهه مسجد جي هم چورس اڱڻ ڏانهن وٺي ٿو
وڃي، جنهن جي وچ تي وضو ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو تلاءُ
آهي. عام طور تي وضو ڪرڻ جو انتظام اڱڻ جي وچ تي
ڪيو ويندو آهي. پر هتي وضو واري تلاءُ کي اوڀر
پاسي ڏانهن رکيو ويو آهي، شايد اهو هتان جي آبهوا
کي نظر ۾ رکي ڪيو ويو آهي.
سامهون وارو حصو
اولهه ۽ اوڀر وارو حصو (خاڪو 11) جيڪو محراب جي سامهون آهي،
مختلف قسم جي ڪور ۽ چٽساليءَ جي نمونن سان ڏاڍي
خوبصورتيءَ سان سينگاريو ويو آهي. اوڀر پاسي کان
بنايل اوچو پيش - طاق يا مقصوره ڍيڍيءَ کان ايترو
ته مٿي آهي جو قبو نظر ڪونه ٿو اچي. ان جي اندرئين
پاسي کي نيري ڪاشيءَ سان پٽا پٽي بڻايو ويو آهي،
جيڪو چؤڪـُـنڊي ٻاري تائين هليو ٿو وڃي، ۽ جنهن کي
نوڪدار يا سـِـينڌ ونگن وارن درين کان الڳ رکيو
ويو آهي. اهي دريون ونگ واري لنگهه ۾ هڪ ٻئي مٿان
ٺاهيل آهن. بنيادن وارن هيٺين بارن تي هرونگ جي
ڇيڙي تي ٿوريءَ وٿيءَ سان هڪ پائو آهي ۽ مختلف
مهاڙين تي ليٽيل سنوت واري رخ تي ٻاريون آهن. ان
کان پوءِ وچ تي هڪ منڊپ ٿو اچي، ان کان پوءِ تمام
خوبصورت محراب واري قبي اندر پهچجي ٿو. ان کان
پوءِ ونگ سان هڪ لنگهه کان گذري پٺيون پاسو
اولاهين مسجد جي ٺلهن واري پاسي ڏانهن اچجي ٿو. وچ
واري ونگ تي جوڙيل گذرگاهه چؤڪـُـنڊي اڏاوت جي
هيٺان آهي. ان جي پاسي ۾ ننڍي مستطيل اڏاوت هيٺان
ونگ ۾ خانن واريون ٻاريون ٺاهيل آهن. انهن اڏاوتن
تي مٿي، قرآني آيتون لکيل آهن. ڪنڊن وارن محرابن
جي سنوت ۾ونگن سان جارين جو سلسلو آهي، جيڪو چؤرس
ڪمري کي اٺاس ۾ بدلائي ٿو ڇڏي. ان کان پوءِ گڏيل
وچڙيل ونگن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. هيءُ اهو نمونو
آهي جيڪو اسان مڪلي ٽڪريءَ جي يادگارن ۾ اڳ ئي ڏسي
چڪا آهيون، جنهن ۾ اٺاس کي گول دائري جي شڪل ۾ آڻي
مٿان قبو تعمير ڪيو ويو آهي، ۽ جنهن مٿان ڪنول جي
شڪل تي نيل جوڙي ويئي. ساڳيءَ ريت اوڀر واري ونگ
واري لنگهه جي مٿان به قـُـبـِـي ٺهيل آهي، جيڪا
ونگ سان ٺهيل هڪ جاءِ ڏانهن رهبري ڪري ٿي ۽ اهو
رستو اڃا به اڳتي قبائين ڪمري ڏانهن وڃي ٿو. جتان
کان اهو رستو ساڄي ۽ کاٻي وڃي وضوءَ واري تلاءُ تي
کـُـٽي ٿو. پر اهو لنگهه اڄ ڪلهه بند آهي. ٿورو
اڳتي اڃا به هڪڙي ٻي قبائين ڪوٺي آهي، جيڪا اوڀر
پاسي واري پهرئين ٺلهن واري پاسي ڏانهن رهنمائي
ڪري ٿي. اوڀر پاسي واري ڇيڙي تي اتر - اوڀر واري
سامهون پاسي جي هر ڇيڙي تي ننڍي قبائين اڏاوت
ڏيکارجي ٿي. اڱڻ ۾ موجود وضوءَ جي تلاءَ کان هتي
پهچڻ لاءِ ونگ سان هڪ لنگهه ٺاهيل آهي. محراب جي
ڪوٺيءَ جو نمونو گڏيل وچڙيل ونگن ۽ مقصوره
کانسواءِ مغل تعمير جي طرز تان ورتل آهي. گڏيل
وچڙيل ونگن جي طرز هڪ ته قبي جي اڏاوت ڪرڻ ۾ مدد
ڪري ٿي، ٻيو ته اها خوبصورتيءَ ۾ تمام گهڻي واڌ
آڻي ٿي.
اوڀر پاسي جي مهاڙي
اوڀر پاسي جو نظارو (پليٽ 64) شمشاد ۽ اُڀين کجين
(Botlle Palm) جي
وڻن ڪري ورهائجي ويو آهي. وچ تي عام لنگهه ٺهيل
آهي، جنهن ۾ ٽي
تصوير 137 - شاهجهان مسجد جي هڪ قبي جي ڇت، جنهن جي چوڌاري
ستارا چمڪندي ڏيکاريا ويا آهن. هن منظر مان معلوم
ائين ٿئي ٿو ته وچ تي هڪ گول نشان آهي، اهو گول
نشان سج جو آهي.
جدا نمونن جون چؤڪنڊي طرز جون اڏاوتون آهن. وچئين اڏاوت پاسي
وارين کان اتاهين آهي. هر هڪ مٿان قـُـبـِـي ۽
هيٺان ونگدار لنگهه آهي. وچ وارو ونگدار لنگهه
جديد دور جي ڪاٺ جي در سان بند ڪيو ويو آهي. ان
دروازي کان اوڀر ڏانهن هڪ قبر آهي. سمجهه ۾ اچي
ٿو، ته ڪنهن معمار اُستاد رازي جي آهي، انڪري هاڻي
مسجد ڏانهن اچ وڃ ٻن ننڍن لنگهن وسيلي ٿئي ٿي. اتر
۽ اوڀر وارن پاسن کان اولي واريءَ ڀت جي اوچائي
اڃا به ڪجهه ننڍي آهي ۽ پاسي تي ٽن ونگن سان
جاريون آهن. جن مان هر هڪ ۾ پڃرو هنيو ويو آهي.
سڄي مهاڙيءَ ۾ نواڻ آندي ويئي آهي ۽ پراڻي طرز
وارن پراڻن رنگن جو نقل ڪيوويو آهي. وچئين لنگهه
جي اڏاوت ۾، موجوده دور ۾، ڳاڙهيءَ سـِـرکي سفيد
گچ سان اوساريو ويو آهي ۽ ونگن جي سنوت ۾ ڪارنس تي
نيري رنگ جون پٽيون هنيون ويون آهن. ڪاشيءَ جو ڪم
رڳو ونگن جي نـُـڪرن ۾ يا انهن جي مٿان ليٽيل سنوت
واري طرز جي چٽساليءَ ۾ نظر اچي ٿو. سمجهه ۾ اچي
ٿو، ته اهو اصلي تعمير ۾ موجود ڪونه هو. ٻي حالت ۾
سرن جي سنڌن کي چمڪدار گچ سان ڀريو وڃي ها، جيئن
اسان دبگير مسجد، مرزا جاني بيگ جي مقبري ۽ ديوان
شرفا خان جي مقبري ۾ ڏسون ٿا. وچئين وڏي چؤڪـُـنڊي
اڏاوت جي هرهڪ پاسي تي جافريءَ سان ننڍي نيري رنگ
جي دري ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪا زمين جي سطح جي حساب
سان ڪـُـجهه هيٺ تي آهي. ليٽيل سنوت واري لـَـڙهه
۾ چؤڪـُـنڊي ڪناري آهي، جيڪا ٻنهي ڇيڙن وٽ ڪور جي
نموني تي ختم ٿي وڃي ٿي. ان جي وچ ۾ سفيد ڏاڪڻ نما
چؤرسن ۾ نيرا ستارا آهن، لهواريون پوروڇوٽيون ٽي
قطارون، جن ۾ اڻ چٽا ڦـِـڪا ۽ هلڪا نيرا ٽٻڪا ۽
طرزون چٽيل آهن. ونگ جي مٿان آکڙي قسم جو گل ۽ پن
ول جي طرز آهي. سڀني ۾ گهاٽو ڪارو نيرو ۽ سفيد رنگ
استعمال ڪيو ويو آهي. ٻيون وٿيون عشقِ - پيچان ۽
ٻين ولين سان ڀريون ويون آهن، جن جو رنگ هلڪو
نيرو ۽ تـَـر سفيد آهي. هيٺيان ونگن وارا لنگهه
ساڳيءَ قسم جي سنجٽ سان سينگاريل آهن، پر وچ واري
ڀاڱي ۾ گهاٽن رنگن واري طرز واري چترڪاري آهي.
پاسن واري لنگهن ۾ ساڳي سنجٽ ورجايل آهي. وچئين
اتاهين اڏاوت جي پٺئين پاسي گچ سان لنبيل سفيد قبو
آهي، جنهن جي مٿان ڪنول جي گل جهڙي نـِـيل چڙهيل
آهي. ڪاٺ جو دروازو ليٽيل سنوت وارين ٻارين ۾
ونڊيل آهي، جن ۾ مختلف چٽساليءَ جون طرزون
اُڪيريل آهن.
وضوءَ جو تلاءُ
حقيقت ۾ پاڻيءَ جو تلاءُ نئين نموني سان ٺهرايو ويو آهي، جنهن ۾
نڙن
(Pipes)
رستي پاڻي پهچي ٿو. تلاءَ جي چوڌاري ويهڻ لاءِ
دِڪيون جوڙيون ويون آهن، جيئن وضو ساري سگهجي.
هيءَ هم چورس جڳهه، چوڌاري بند ڪئي ويئي آهي. ان
جي اولهه کان چار قبيون آهن. اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان
ٻه ٻه قبيون آهن. اوڀر ڏِسا کان ٽي دريون آهن. اڳ
۾ اصل کان ڏکڻ واري پاسي کان قبائين ڪوٺيءَ ۾ اچي
سگهبو هو، پر هاڻي اهو رستو بند ڪيو ويو آهي. هاڻي
انهن قبين ۾ ونگن وارن لنگهن مان داخل ٿبو آهي،
جنهن جي نـُـڪرن تي بي انتها خوبصورت چٽسالي ٿيل
آهي، جن ۾ نيري، سفيد ۽ واڱڻائي ڪاشي ڪتب آندي وئي
آهي. ڪناريءَ تي ڪارنس وٽ نيري رنگ جون سرون ڪتب
آنديون ويون آهن. هرهڪ ونگ مٿان چؤڪنڊي اڏاوت نظر
ايندي، جن ۾ ڳاڙهي رنگ جي سر جو گهڻو استعمال
ڏسبو.
لنگهه واري قبائين ڪوٺي
اوڀر پاسي مکيه لنگهه جي پٺئين پاسي وچ تي قبيءَ سان هڪ ڪوٺي جي
اڏاوت نظر ايندي (پليٽ 66)، جنهن تائين رسڻ لاءِ
هڪ چؤڪنڊي منڊپ مان لنگهي اچڻو پوي ٿو، جنهن جي
چئن پاسن کان در ڇڏيل آهي. منڊپ جي ڀت ۾ هيٺئين
پاسي چوڌاري ڪاشيءَ جون ٽي پوروڇوٽ قطارون آهن،
جيڪي ٻارين جي صورت ۾ نظر اينديون. انهن ٻارين جي
بلڪل وچ تي واڱڻائي رنگ جي هڪ آکڙي طرز چٽيل آهي،
جنهن جي چوڌاري هلڪي نيري رنگ جي پـَـنَ وَلِ ڦري
اچي ٿي. انهن ٻارين مٿان ڀت تي هلڪي ۽ گهاٽي رنگ
جي واري وٽيءَ سان سنجٽ ٿيل آهي. ان طرز واري
لنگهه مٿان جوڙيل ونگ جي ونگڙ ۾ ٻاهر جهڙي چٽسالي
ڪئي ويئي آهي. ان کان سواءِ اتر ۽ اوڀر پاسي جي
ونگن وارين جارين ۾ به ساڳي نموني جي چٽسالي نظر
اچي ٿي. ان کان پوءِ مٿي واريون ڪناريون اچن ٿيون،
جن جي مٿاڇري تي ڳاڙهين سرن جون وچڙيل طرز جون
ونگون جوڙيون ويون آهن ۽ وٿين تي نيري رنگ جي
ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آندل آهن. اهي ونگون ڀر واري
منڊپ جي قبي ٺاهڻ ۾ مدد ڪن ٿيون. قبي جي اندرئين
پاسي چوٽيءَ تي گل جي تصوير آهي. باقي رهيل وٿيءَ
۾ نيري ۽ سفيد رنگ جا چمڪندڙ ستارا آهن ۽ تـَـرُ
واڱڻائي آهي. ان قبيءَ تي ٿيل ڪم ائين لڳي ٿو، ته
ڄڻ اهو ڪاشيءَ جي سر سان واسطو ئي ڪونه ٿو رکي،
حقيقت ۾ چمڪندڙ شيشن جي ٽڪرن جي پيوندڪاري ڪئي
ويئي آهي. ان لنگهه مٿان جوڙيل قبي ۽ ان جي پاسن
واريون ڀتيون ونگن تي بيٺل آهن. قبي جي ڇت ۾ نيري،
سفيد ۽ ڦڪي ڪاشيءَ جي سر جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽
ان ۾ سورج مکيءَ جي گل جي چوڌاري گول دائرن جي طرز
واري چترڪاري ٿيل آهي. اهي گول دائرا گلن سان
بنايا ويا آهن، جن جون پنکڙيون کليل آهن، جيڪي
چمڪندڙ سفيد ستارن جي شڪل ۾ آهن، تر انهن جو نيري
آسماني رنگ ۾ آهي. شايد انهيءَ جي ڪري سڄو ڏيک
ستارن ڀريل نيري آسمان جهڙو لڳندو آهي (پليٽ 66).
هن ۾ چمڪندڙ سفيد ونگون به آهن، جن ۾ ستارا
چـِـٽيل آهن. ڪنڊن وارن محرابن تي مختلف ورنن جي
چٽسالي ٿيل آهي. ان جي مقابلي ۾ هڪ ٻي ڇت (پليٽ
67) آهي، جنهن جي ڇـِـڪـُـنِ تي ماکيءَ -
ڇـَـٽـَـنِ تي سفيد ليڪون نڪتل آهن ۽ مٿان گڏيل
وچڙيل ونگن تي، ڦـِـڪي تـَـرَ تي گهاٽي نيري ۽
سفيد رنگ ۾ گل چٽيل آهن. مٿينءَ ڇت تي وچينءَ طرز
جي چوڌاري چمڪندڙ ستارن جا گول دائرا آهن. ان جي
وچ مرڪز ۾ وَريل ليڪون آهن، جنهن جي چوڌاري پاسن
تي ڪيترا گول دائرا آهن، جيڪي اڌ گولن ۾ ختم ٿين
ٿا. اڌ گولن جا رنگ ڦڪا ۽ ٽـِـڪنڊن جا رنگ نيرا
آهن. ڦڪن اڌ گولن ۾ سفيد رنگ ڀريو ويو آهي. ڇت جو
ڏيک مختلف قسمن جي سنجٽ وارو آهي، پر چمڪندڙ قبي
جو بنيادي تصور ساڳيو آهي.
مسجد جي ٺلهن وارا پاسا
جڏهن اسان ٻيءَ قبائين ڪوٺيءَ ۾ وينداسون، ته اسان کي ونگن جي
هيٺان انگريزي اکر
T جي طرز جي چترڪاري ڏسڻ ۾ ايندي ۽ ان کان پوءِ قبي جي ڇت ڌيان
ڇڪائيندي. ڇت تي اسان کي نيري رنگ جون سڌيون ليڪون
ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جيڪي ستارن جي گول دائرن کي
ملائين ٿيون. ستارا وري به سفيد رنگ ۾ آهن، جيڪي
وچ ۾ سج جهڙي گول طرز جي چوڌاري گول دائرن ۾ آهن.
جيڪڏهن اسان اترئين پاسي کان ڏسندا سون، ته ڳاڙهين
سرن جي ونگن جي وچان دالان نظر ايندو. ونگن جي
نـُـڪرن تي نيري رنگ ۾ آکڙي طرز تي چٽسالي آهي،
جنهن کي ڦڪي ڳوڙهي نيري رنگ جا موڙَ ڏنل آهن. هيٺ
بنيادن وارن بارن تي ليٽيل سنوت ۾ ٻاريون آهن. مٿي
قـُـبيءَ جي نـُـڪرن ۾ هڪ مستطيل وڏي ٻاري آهي،
جنهن ۾ ونگ جي هڪ ٻاري آهي، جنهن تي هلڪي نيري رنگ
جي چٽسالي ٿيل آهي. قبي بڻجڻ واري مرحلي تي ڇڪن تي
گڏوچڙ ماکيءَ جا مانارا چٽيل آهن. ان جي سامهون
مخالف سمت ۾ دالان آهي، جيڪو محراب جي ڪمري مان
بيهي اتر ڏانهن ڏسي سگهجي ٿو (پليٽ 71). اهو گهڻ -
رنگي ۽ ڀانتي ورنن جي ڪري ڏاڍي دل لڀائيندڙ ڏيک
وارو آهي. هتي وري ڳاڙهين ۽ سفيد ونگن واري دالان
۾، بنيادن وارن بارن تي نيري ۽ سفيد رنگ جون
ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن، جن کي
اڀيچن ٻارين، نـُـڪرن ۽ ونگڙ جي مٿئين اڌ ۾ به ڏسي
سگهجي ٿو. ڪـُـنڊن واريون ڊگهيون محرابي هـُـريون،
ڪـُـنڊن جي سڌين ڪٽاين کي ختم ڪري ٿيون ڇڏين. ڪنڊ
تي وڏن محرابن جي مٿان ونگن سان ٻاريون آهن. هرهڪ
ٻاريءَ ۾ هر وَڙَ جي نيري رنگ ۾ مختلف قسمن جي
چٽسالي ٿيل آهي. هتي ڀانت ڀانت جي دالانن ۾
چٽساليءَ جو ورجاءُ ٿورو ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ آهي. ڪوشش
اها ڪئي ويئي آهي، ته سنجٽ وارا طرز نت نوان هجن،
جيئن ڏسندڙن جي دل تي سٺو اثر پيدا ڪن.
وچ وارو اڱڻ
وچ واري اڱڻ (پليٽ 68) کي هاڻي نئين سر مرمت ڪري اُن جي گهڙيل
پٿر سان فرشبندي ڪئي ويئي آهي ۽ ان جي چوڌاري ونگن
۾ نواڻ آندي ويئي آهي. اندرئين پاسن کان ونگن تي
هيٺين پاسن تي ٿوري وٿيءَ سان پٿر جا ٺلهه رکيا
ويا آهن. اڱڻ مان جڏهن ٺـُـلهن تي تعمير ٿيل مسجد
جي پاسن تي اک ڊوڙائجي ٿي، ته ڏيک ڏاڍو ڀلو لڳي
ٿو. چٽساليءَ جي هڪجهڙائي کي بنيادن واري سنجٽ ۽
ونگن جي نڪرن تي، نيري رنگ جي ڪاشيءَ جي خوبصورت
چٽسالي ختم ڪري ڇڏي ٿي. اولهه واري اتاهين مهاڙي
من موهيندڙ ڏيک ڏيو بيٺي آهي ۽ اتر ۽ ڏکڻ وارين
مهاڙين کان چٽساليءَ جي ڇـُـرَ ۾ منفرد ۽ نرالي
آهي.
اترينءَ مهاڙيءَ جو اندريون پاسو
لنگهه واري وچئين اڏاوت (پليٽ 69) جيڪا ان مهاڙيءَ تي اڏايل
آهي، سا اولهه واريءَ ٿيل اڏاوت کان گهڻو نميل
آهي. سڄي مهاڙي هاڻوڪي بڻايل آهي ۽ چٽساليءَ جي
ڇـُـرَ ۾ پراڻيءَ کان گهڻو فرق رکي ٿي. اڱڻ ۾
بيهجي ٿو، ته لنگهه وارو سفيد قبو اٺ ڪـُـنڊيءَ
ڍيڍيءَ سوڌو چڱيءَ ريت ڏسي ٿو سگهجي. هيٺ بنيادن
وٽ ٿيل سنجٽ ۽ ونگن جي نـُـڪرن تي ڪيل آرائش کان
سواءِ ان مستطيل اڏاوت ۾ ونگن سان لنگهه ٺاهيل آهي
۽ مٿي ٽن پاسن کان سفيد رنگ ۾ عربي لکت آهي ۽
تـَـر گهاٽي نيري رنگ جو آهي. رنگن جي گهڻائي
جهڙوڪ گهاٽو نيرو، هلڪو نيرو، سفيد، سرن جو ڳاڙهو
رنگ ۽ انهن رنگن جي ڀاڪـُـر ۾ سفيد لـِـتـَـلُ قبو
روح کي ريجهائيندڙ ماحول پيدا ڪري ٿو وجهي.
اولاهون پاسو
اولاهون پاسو ڏاڍو سهڻو ۽ من موهيندڙ آهي. وچ تي اتانهون مقصوره
ٺاهيل اٿس. پٿر تي قرآني آيتن جي اُڪير کان سواءِ
(جيڪي مرڪزي لنگهه جي چؤڌاري ڦري ٿيون اچن،) سڄي
مهاڙي ڪاشيءَ جي سهڻين سرن سان سينگاري ويئي آهي.
ونگن کي جدا ڪندڙ اڀين ليڪن ۾ به ڏاڪيدار چؤرسن ۾
نيرا مانڌاڻيءَ نموني جا نشان چـِـٽيل آهن. وچئين
لنگهه جي اتاهين ونگ جي نـُـڪرن تي (پليٽ 70) گل
ٻوٽي جي سهڻي سفيد نيري چٽسالي ٿيل آهي. ٻيءَ گل
ٻوٽي جي طرز نيري رنگ ۾ آهي ۽ چٽساليءَ جو مکيه
نمونو به هلڪي نيري رنگ ۾ رکيو ويو آهي. ٻاهرينءَ
نيري لـِـيڪ تي آرائش ختم ٿي وڃي ٿي. نيرين ڪاشيءَ
جي سرن جي اندرين ڪناريءَ، ٻي آرائش سان گڏجي ڏاڍو
چـِـٽو چـَـهرو رنگ لايو بيٺي آهي.
محراب واري ڪوٺي
محراب جي اولاهين مهاڙي (پليٽ 72) تي ڏاڍي من موهيندڙ چٽسالي ۽
چترڪاري ٿيل آهي. ونگن تي بنايل وچواري محراب کي
هوا ۽ روشني واسطي پڃري سان دري آهي، جيڪا چؤڪنڊي
ونگ واري ۽ وري بيهڪ اندر به چؤڪنڊي آهي، ان ۾
هرهڪ بيهڪ چمڪيليءَ ڪاشيءَ سان سجائي ويئي آهي.
واري وٽيءَ تي نيري سان ڳاڙهو رنگ ملايو ويو آهي
يا گهاٽي نيري کي هلڪي نيري رنگ سان رکيو ويو آهي.
ان وچ واري محراب جي هر پاسي تي گهـَـري هـُـريءَ
۾ ونگ سان ٻــِـٽي دري هڪ ٻئي جي مٿان جوڙيل آهي.
هيٺئين دري وڏي ۽ مٿين ننڍي آهي. اهڙيون دريون
دبگير مسجد ۾ به نماز واري منڊپ ۾ ٿڌي هوا اچڻ
لاءِ رکيون ويون آهن. هرهڪ ڪـُـنڊ ۾ وٿيءَ تي پٿر
جو ننڍو پائو رکيو ويو آهي. پر محراب جي سامهون
پاسن تي پاوا رکيل ڪونه آهن. پيڙهه وارن بنيادن تي
اڀيءَ طرز تي ٻاريون رکيون ويون آهن. انهن ٻارين ۾
آکڙي نموني تي گهاٽي نيري رنگ ۾ چٽسالي ڪيل آهي ۽
ٻيون به سفيد ۽ هلڪي نيري رنگ ۾ پن ول جي طرز تي
ڇـُـروَن چٽيل آهن. محراب جي مٿئين پاسي تي ماکيءَ
جي ماناري جيان سفيد گچ سان چٽسالي ڪيل آهي. اها
هڪ روايتي سنڌي چٽسالي آهي، جيڪا اسان سما دور جي
سرن جي مقبرن جي اولهه پاسي وارن محرابن ۾ گهڻو
ڪري ڏسون ٿا. پر اهو ضرور قبول ڪيو ويندو، ته هتي
انهن ماکيءَ جي ڇـَـٽن جي ٺاهڻ جي هنر ۽ ڪاريگريءَ
۾ ڪمال جي مهانتا آهي. وچئين محراب جي چوڌاري ۽
ڪارنس جي سنوت ۾ اڇي رنگ ۾ ۽ گهاٽي نيري تـَـرَ تي
هڪ سٽ ۾ عربي زبان ۾ لکت آهي. ونگن جي نـُـڪرن ۾
به ڀانتي ورنن ۾ چٽسالي ۽ چترڪاري ٿيل آهي. محراب
جي ونگ جي نـُـڪرن ۾ سفيد آکڙي طرز واري چٽساليءَ
جي چوڌاري نيرو رنگ سمايل آهي. پاسي واريون دريون
سنجٽ ۾ ڪجهه گهٽ آهن. اهي بيهڪ ۾ چؤڪنڊيون آهن.
انهن جي نـُـڪرن ۾ آکڙي شڪل جي چوڌاري ترُ سفيد ۽
موڙ هلڪي نيري رنگ ۾ آهن. پاسي وارين درين تي تمام
گهٽ چٽسالي ٿيل آهي. انهن جي چوڌاري چؤڪنڊيون
اڏاوتون آهن. سندن ونگن جي نڪرن ۾ محراب جيان
گهاٽي نيري رنگ ۾ ساڳين طرزن واري چترڪاريءَ وارا
چٽ چٽيل آهن. اڏاوت ۾ هلڪي نيري، گهاٽي نيري ۽
سفيد رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون ڏسون ٿا. ڪنڊاوان
محراب چؤرس کي اٺاس ۾ بدلائي ٿا ڇڏين. ڪارنس کان
مٿان ونگن سان ٻاريون آهن ۽ هر ٻاريءَ ۾ ڀانتي
ورنن جي چٽسالي آهي. ان کان پوءِ گڏيل وچڙيل ونگن
جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جن ۾ چمڪندڙ ستارا ۽
چٽساليءَ جا ٻيا انيڪ نمونا آهن. هيٺئين ٻاري ڌيان
ڇڪائيندڙ ۽ سـُـڌ ڏيندڙ آهي. اهي ٻاريون، واري تي
آکڙي ۽ ڪلنگيءَ سان اڌوگابرو آکڙي طرزن جي چٽسالي
ڏيکارن ٿيون. جن جي چوڌاري عشق - پيچان جي ول جي
ڇـُـر ٿيل آهي. اهڙي قسم جا نمونا وچ ايشيا اندر
تيموري دور ۾ ڏاڍا مشهور ۽ هاڪارا هئا. ٺٽي ۾ ان
طرز کي پٿر جي اُڪير ۾ بدلايو ويو آهي. ان ورن جي
ڪاريگريءَ کي جان بابا ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبرن تي چڱيءَ ريت ڏسي سگهجي ٿو.
ڪنڊاوان محراب ((Corner
Squinch
نماز پڙهڻ واري منڊپ جا ڪنڊاوان محراب (پليٽ 73) ونگن وارين
ٻارين ۾ ورهايل آهن، جن جي مٿان گڏوچڙ نموني
واريون طرزون ڇـُـريل آهن ۽ واري سان نيري، سفيد ۽
ڦڪيِ رنگ جي لهريدار ورن ۾ گول دائرا آهن، جيڪي
آخرڪار ونگ ۾ لڳل سورج مکيءَ جي چوڌاري چڪر ڪاٽي
ختم ٿي وڃن ٿا. ٻارين ۾ چمڪندڙ ستارا آهن، ڪڏهن
اهي قطارن ۾ ته ڪڏهن پنَ ول واري طرز ۾ آهن.
نـُـڪرن تي چين ملڪ جي اجگر جي نموني جي چٽسالي
ٿيل آهي.
نتيجو
ٺٽي واري شاهجهاني مسجد، ڪاشيءَ جي سرن جي بي انت
ڪلا جو هڪ عاليشان مظهر آهي. جيتوڻيڪ نئين مرمت
جي ڪري، هن جي پراڻي چٽساليءَ جو، انت اچي ويـو
آهـي، پـر تنـهـن هونــدي بـه، اقـِر ۽ ڏکڻ وارن
دالانن جي نـَـون نمونن ۾ پراڻيءَ طرز جي گهڻي قدر
عڪاسي ڪئي ويئي آهي. ان هوندي به سنڌي روايتن سان
برميچڻ واسطي مسجد جي چٽساليءَ ۾ اڃا به گهڻو
تفاوت محسوس ٿئي ٿو. هيءَ عمارت ٻين مغل شاهي
مسجدن جيان نه آهي، جيڪي آگري، فتح پور سيڪري،
دهلي ۽ لاهـور ۾ پٿر سان جوڙيون ويون آهن. موجوده
مسجد جي خاڪي جي جوڙجڪ، سرن جي اڏاوت منجهان ڪئي
ويئي هـُـئـي، ان ڪري اُها تعمير سرن جي جوڙيل
عمارت جو سهڻو ورن آهي. جيتوڻيڪ مسجد جو نقشو جامع
مسجد وارو آهي يعني وچ واري اڱڻ جي چوڌاري دالان
آهي، پر ان هوندي به ٺٽي جي سرن جي انهن ورن جي
ڪاريگريءَ جو تصور گهڻو پراڻو آهي. بهرحال مٿس ٿيل
ٺٽي جي ڪاشي جي سرن سان جوڙيل سهڻي ۽ سوڀياوان
مسجد پنهنجي سڃاڻپ ڪاشيگريءَ واري ڪم ذريعي مڃرائي
آهي! ٻين شاهي مسجدن ۾ پٿر جي سنجٽ ۽ جڙاوت سندن
سونهن کي سوايو ڪيو آهي، پر هتي ڪاشيءَ جي ڀانت
ڀانت جي ورنن ۽ رنگن ان تاريخي عمارت کي تمام
گـهڻو سـونهارو بڻائي ڇڏيو آهي. ڪـاشيءَ جي سرن ۾
پٿر جي جڙاوت
تصوير 138 - شاهجهاني مسجد جي طرز سان سجايل هڪ پئنل، جنهن ۾
اڇين ليڪن جي ورڇ مختلف اليڪي شڪلين ذريعي ٽڙندڙ
گـُـلن کي جنم ڏئي ٿي.
جهڙو نفيس ڪم، قبن جي ڇتين، قبن وارن ڪمرن، گڏيل وچڙيل ونگن ۽
ڪـُـنڊاون محرابن جي سنوت ۾ لڳل ٻارين ۾ ڏسي سگهجي
ٿو. مڪلي ٽڪريءَ جي ٻين عمارتن ۾ نظر ايندڙ گلاب
جي گل جي تصوير بجاءِ اسان هتي چمڪندڙ ستارن جي
طرز کي گهڻائيءَ ۾ ڏسون ٿا. سڀئي ستارا گڏجي هڪ
قسم جي گلن ٻوٽن واري طرز جي چترڪاري بنائين ٿا ۽
جڏهن وچ واري گول طرز جي چوڌاري دائرن جي صورت ۾
ڏسجن ٿا (۽گول طرز گهڻو ڪري سورج مکيءَ جو گل
هوندو آهي) ته معلوم ائين ٿيندو آهي ڄڻ اهي ستارا
سج جي چوڌاري گردش ڪندا هجن! سجاوٽ ۽ اڏاوت جو اهو
هڪ نئين قسم جو تصور آهي، جيڪو مغل دور ۾ ڏسجي ٿو.
اهو خيال وچ ايشيا جي علم نجوم جي ان اڀريل تصور
ڏانهن وڃي ٿو، جيڪو الغ بيگ ڏنو هو. هن شاهي طرز
جو ٻيو تاثر اهو آهي، ته ڀانتي ورنن جي اوسر واسطي
اليڪي ليڪون چـِـٽيون ويون آهن، جن ليڪن جي شاندار
گڏپ مان ستارا بڻجي ٿا پون. (نمبر 138) انهن تاثرن
کان سواءِ ڪاشيءَ جي سرن جون ٻاريون اهڙن وڙن ۽
ورنن ۾ آهن، جهڙا اسان ترخان دور ۾ ڏسون ٿا.
ڪاشيءَ جا ڪيترا ئي قسم (جهڙوڪ: هم چورس،
چؤڪنڊيون، ڇهه - ڪنڊيون) تيار ڪيا ويندا هئا ۽
هـُـنر مند انهن کي نت نون ورنن ۾ملائي جوڙي ڪيترن
ئي ورنن جون ٻاريون جوڙيندا هئا. ٺٽي جي ڪاشيءَ
جون سرون ايتري ته اڪيچار ورنن ۾ آهن، جو انهن کي
ان دور جي سنجٽ کان الڳ ڪري ئي نه ٿو سگهجي. هن
تعمير کي ڏسي ڪاشيءَ جي سر جي آرائش کي پٿر جي
جڙاوت واري ڪم کان آسانيءَ سان الڳ ڪري سگهجي ٿو.
ٺٽي جي ڪاشيءَ جون سرون مغل شاهي طرز سان ڪوبه
لاڳاپو ڪونه ٿيون رکن. جيڪڏهن انهن ٺٽي جي سرن جو
وچور بڻايو وڃي ته ان جو سڌو واسطو تيموري اڏاوتي
طرز سان وڃي ملندو، جيڪو اسان سمرقند، بخارا ۽
هرات ۾ ڏسون ٿا. انهن جو گهڻو ڪري رنگ نيرو آهي،
جيڪو ٺٽي ۾ عام طور ڏٺو وڃي ٿو. نيري رنگ جا سفيد
تـَـر تي گهڻا نمونا آهن ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ڦڪو يا
واڱڻائي تـَـر ملندو، جيڪو رنگ جي تاثر کي بدلائي
ڇڏي ٿو. سنڌ ۾ جتي هميشه تيز اُس هوندي آهي. هيءُ
نظارو، ڏسندڙ کي دلي سڪون ڏئي ٿو. ٺٽي جي شاهجهاني
مسجد بـُـنيادي طرح مغل شاهي اڏاوتي طرز جو حصو
سمجهي ويندي آهي، پر ان جو بنيادي اڏاوتي تصور،
ٺٽي جي ڪاشيءَ جي سرن واري سـُـندر جوڙجڪ ذريعي
ڪيو ويو آهي. ان جي سنجٽ ۽ آرائش ڪاشيءَ جي سر
سان ڪئي ويئي آهي، جيڪا گذريل صدين کان سنڌي
ڪاريگرن جي فني روايتن جو حصو بڻيل آهي. |