مرزا باقيءَ جي مقبري وارو ڪوٽ عام زمين کان 4 فوٽ کن مٿي آهي.
اندر وڃڻ لاءِ ڏکڻ پاسي کان چؤ ڏاڪو لنگهه آهي.
اولهه پاسي واري ڀت ۾ محراب آهي. ننڍي ڪوٽ تي واري
وٽيءَ سان چؤڪنڊا ونگدار خانا ۽ جافريءَ تي دريون
آهن. اتر ۽ اوڀر پاسي اهڙي قسم جا ٽي ٽي خانا ۽
ڏکڻ ۽ اوڀر طرف ٻه ٻه خانا آهن. اڀرندي مهاڙي
(نمبر 78) تي، ونگ جي وَنگڙ واري حصي ۾گول گل جي
اُڪير واري چٽسالي ڏسجي ٿي. پر هيٺ تي آکڙي نموني
تي هيٺ لڙڪندڙ چورسا آهن. ساڳيو چٽساليءَ جو نمونو
دروازي جي چؤڪاٺي تي به ورجايو ويو آهي. هر خاني
کي جدا ڪرڻ لاءِ وچ تي اُڀي طرز جي اُڪير آهي.
اندريون وٿيون پنج ڦاڪي پن ۽ ان مان نـڪرندڙ مـوڙن
سان ڀريـل آهن. سردرن تي
تصوير 78 - مرزا باقي بيگ جي مقبري جي چوديواري جو لنگهه، جيڪو
چؤڪـُـنڊو ۽ اوچو آهي، مٿان ڪنگرا تعمير ٿيل اٿس.
هيٺان پٿر جو چؤڪاٺو لڳل آهي. پاسي وارين ڀتين ۾
جافريءَ سان دريون آهن. هن تعمير ۾ خاص فرق واري
ڳالهه هيءَ آهي ته اُڪير جي طرز بلڪل نئين آهي،
جيڪا ترخان دور سان تعلق رکي ٿي. هن 1586ع ۾ وفات
ڪئي هئي.
ليٽيل طرز جي اُڪير آکڙي چؤرس لڙڪندڙ اُڪير موجود ڪانه آهي، پر
اٽليءَ جي روايتي منڌيئڙي
(X)
جهڙو چٽ ملي ٿو، جيڪو چٽي نموني اُڪيريل ڪونه آهي.
سردر جي هيٺان وچئين داٻڙي تي هم چورس دائري اندر
ٻه گلاب گل اُڪيريل ملن ٿا. دروازي جي مٿان واري
اڏاوت تي ٻاهرئين پاسي ڪرنگهيدار سادن ڪنگرن جي
قطار آهي. ان اڏاوت جي مٿئين پاسي عربي لکت جي
قطار ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جي هيٺان ۽ مٿان آکڙي طرز
جي ٻٽي ڪنارِي آهي، جيڪا عربي لکت سان گڏ ٻنهي
پاسن ڏانهن هلندي وڃي ٿي، ان جي هيٺان هلڪي اڀار ۾
ڏاڪيدار طرز وارن چؤرسن جي وچ تي گل جي تصوير
اُڪيريل آهي. سڄي صورتحال ۽ سنجٽ نئين ٿي لڳي. ڀت
جو اندريون پاسو ساڳيءَ طرز جي اُڪير سان سينگاريو
ويو آهي. اولهه پاسي، محراب مٿان چؤڪـُـنڊو سردر
آهي (پليٽ 22). مٿس اُڪير جو نمونو لنگهه تي ٿيل
اُڪير جهڙو آهي. ساڳيءَ ريت ڪلنگيءَ طور ڪنگرا به
رکيا ويا آهن. ساڳي نموني سان عربي لکت ۽ ان سان
ڪناريون آهن. عربي لکت جي ٻي قطار هيٺان به رکي
ويئي آهي. محراب جو نمونو اڌ چؤرس آهي. ان تي آکڙي
نموني جهڙي جهالر جهڙي لٽڪندڙ اُڪير آهي، جن جو
تعداد فقط ٽي آهي. ٻنهي پاسن کان سامهون سادا پاوا
آهن. ڪوٽ اندر بڻايل ٿلهي جي وچ تي پنج قبرون آهن.
کاٻي کان ٻئي نمبر تي مرزا باقي بيگ جي قبر آهي.
ان قبر جو پٿرانهون لوڙهٽ ترخان نموني جو آهي.
جنهن تي ليٽيل سنوت ۾ لکت جون ٽي سٽون آهن.
سيرانديءَ کان چؤنٺو کـُـتل نظر ڪونه ٿو اچي.
عورتن جي قبرن جي چوديواري ۾ اندر وڃڻ لاءِ لنگهه به سنجٽ ۽
سونهن وارو آهي (پليٽ 23). ڀت کان مٿي هڪ اوچي
چؤڪنڊي اڏاوت آهي. مٿانئس اولي تي ڪنگرن جي قطار
رکي ويئي آهي. دروازي جي چانئٺ جي وچ تي گول چنڊ
(Moon Stone)
ٺهيل آهي. سردر جي وچ واري مرڪزي داٻڙي تي گل جي
تصوير اُڪيريل نظر اچي ٿي. باقي ٻين قطارن ۾
چٽساليءَ ۾ سورج مکيءَ جون طرزون آهن. سردر ۾
ڪنگرن جي وچ تي اُڪير جون ٽي قطارون آهن. کين
نکيڙي بيهارڻ لاءِ وچ تي پٽيون رکيون ويون آهن.
صفا هيٺئين قطار ۾ جهالرن واري ونگن وچ ۾ چٽيل گلن
جون طرزون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. آخر ۾ ونگن جي قطار
آهي، جن جي وچ ۾ به گول گل چٽيل نظر اچن ٿا. نکيڙ
ڪندڙ پٽيون بلڪل نئين طرز جون آهن. نکيڙڻ لاءِ ٻه
سنجٽ واريون پٽيون مناسب ڊيگهه تائين ٻئي پاسي
واريءَ ڀت سان گڏ هلنديون وڃن ٿيون. اندرئين پاسي
پنج قبرون آهن. مٿن عربي لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪوٽ جو
اندريون پاسو خاص طور تي پوءِ نئون ملايل ٽڪرو
بلڪل سادو آهي. پر پراڻين ڀتين تي اليڪي ڪناريءَ
سان جهالردار ونگون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
سندن خانداني قبرستان ۾ اندر وڃڻ واسطي اوڀر ڏِسا کان پٿرانهين
در (پليٽ 24) مٿان اڏاوت ٿيل آهي، لنگهه جي سامهون
اولاهينءَ ڀت ۾ محراب ٺهيل آهي. لنگهه واريءَ
اڏاوت مٿان مختلف طرزن جي سنجٽي اُڪير ٿيل آهي،
جيڪا موجوده حالتن پٽاندر چٽساليءَ جو گڏوچڙ طرز
جو سهڻو نمونو آهي. ساڳيءَ ريت سردرن کان وٺي مٿين
ڪنگرن واري اولي تائين وچ تي به عربي لکت موجود
آهي ۽ مرڪز ۾ گل جي تصوير چٽيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
مٿئين ۽ هيٺئينءَ قطار ۾ ونگن اندر گل جي ساڳيءَ
طرز جي ٽـُـڪ ٿيل آهي. فرق رڳو اهو آهي، ته مٿيون
ونگون ڪجهه جهالردار آهن. موجوده در جي چؤڪاٺي ۽
ٻين ٻن درن جي چؤڪاٺن ۾ فرق اهو آهي، ته ان ۾ هنر
۽ ڪاريگري تمام گهٽ آهي. اندرئين پاسي سـَـنجٽي
اُڪير آهي. ٻاهرئين پاسي ٻنهي پاسن کان پاوا هنيل
آهن. ڪوٽ اندر ڪيتريون ئي پٿراوان لوڙهٽ موجود
آهن. هـِـت ٻن ڇٽيءَ وارن مقبرن جو به ذڪر ڪجي ٿو.
هبشاد (يا اهنسا) ٻائيءَ جو مقبرو
هيءُ قبرن جو هم چورس قسم جو ننڍو ڪوٽ، مرزا باقي خان ترخان جي
مقبري جي ڪوٽ جي ڏکڻ ڏانهن آهي. اندر وڃڻ لاءِ
لنگهه واري در ۾ ٽـِـه ڏاڪي چاڙهي جـُـڙيل آهي.
ان ڪوٽ جي چٽسالي واري اُڪير مرزا باقيءَ جي ننڍي
ڪوٽ تي ڪيل چٽن جهڙي آهي. يعني ڀتين تي ونگن سان
خانا ۽ واري وٽيءَ تي جافريءَ سان دريون آهن.
موجوده حالت ۾ درين جي جافريءَ جا گول دائرا، جن
جي وچ ۾ گل ۽ ستارا اُڪيريل آهن، هڪ ٻئي کي ڪاٽا
ڪن ٿا، جيڪي اُريب وسيلي هڪ ٻئي سان مليل آهن.
اندر ۽ ٻاهر هڪ ئي نموني جي چٽساليءَ سان اُڪيريو
۽ سينگاريو ويو آهي. محراب واري ڀت (نمبر 79) جي
مٿئينءَ قطار ۾ جهالر واري ونگ ۾گول گل جي اُڪير
ٿيل آهي. ڪناريءَ تي چؤرسن ۽ قطرن جي طرز نظر اچي
ٿي. محراب جي ونگ ٽن چؤڪـُـنڊن ۾ ورهايل حصن واري
سردر هيٺان آهي، جنهن جو مٿيون پاسو ديوارن کان
گهڻو اوچو آهي. ان تي به ساڳئي قسم جي چٽن جي
اُڪير نظر اچي ٿي، جهڙي اسان پاسن وارين ڀتين تي
ڏسون ٿا.هيٺئينءَ قطار ۾ جهالر واري ونگن جي اُڪير
ٿيل آهي، جيڪي واري وٽيءَ سان هڪڙيون ابتيون ۽
ٻيون سبتيون آهن. ٽينءَ قطار ۾ هڪ نئون تاثر آهي،
جن مان ڪي مختلف ماپن جي گول گلن جي ليٽيل سنوت ۾
ته ڪي اُڀي نموني ۾ اُڪيريل آهن. محراب جي چؤڦير
ٽن بيهڪن ۾ مخلف قسمن جون اليڪي ۽ امليڪي طرزون
چٽيل آهن. اڏاوت جي اندرئين پاسي ڏاڪڻ نما چؤرس
آهن، جن مان هر هڪ تي گل جي تصوير نظر اچي ٿي. ان
کان پوءِ گلن جي هڪ قطار آهي. جيڪي شڪل صورت ۾ هڪ
ٻئي کان نيارا آهن. محراب اَٺ ڪـُـنڊيءَ جي اڌ شڪل
جهڙو آهي، جنهن ۾ آکڙي طرز جي ونگ ۾ نئينءَ طرز ۾
چٽيل گل آهي. محراب جي پاسن ۾ پاوا ڪونه لڳل آهن.
ٿلهي تي ترخان اڏاوتي نموني جون ٻه قبرون ڏسڻ ۾
اچن ٿيون، جن جي لکتن مان 994 هه/1586ع ۽
1000هه/1592ع جون تاريخون ظاهر ٿين ٿيون.
ڇٽيدار - مقبرا
(الف) اٺاس اڏاوتون
انهن مقبرن وارين ڇٽين جي طرز پراڻي آهي، پر منجهن نئين نموني
جا ٿنڀ ۽ نئين نموني جي سنجٽ ٿيل آهي.
تصوير 79 - هبشاد ٻائي (اهنسا ٻائي
(Ahinsa Bai جو پٿر سان جوڙايل مقبرو، چوديواريءَ ۾ ٺاهيل محراب جي اوچيءَ
اڏاوت تي اُڪير واري چٽسالي ٿيل ڏسجي ٿي. ونگائين
محراب جي چؤڪـُـنڊي خاني جي ڪنڊن تي ٻه گل چٽيل
آهن. محراب جي هر هڪ پاسي تي خاني سان ونگ آهي،
جنهن جي مٿئين پاسي وچ تي هڪ گل اُڪيريل آهي. ان
کان پوءِ ٻنهي پاسن کان ڀت ۾ جافريءَ تي ٻه دريون
ڏسجن ٿيون. هن تعمير جو تعلق 1000 هه/1592ع آهي.
تصوير 80 - ترخان دور جو هڪ گمنام اٺ - ٿنڀي ڇٽي جهڙو مقبرو
جيڪو مرزا باقي بيگ ترخان جي وسيع چوديواريءَ اندر
آهي جنهن جي ٿنڀن جون ڪنڊون ساديون آهن. هن اڏاوت
جو لاڳاپو 17 هين صدي عيسوي جي ابتدائي دور سان
آهي.
بديع الزمان جي ڇٽيءَ ڀرسان هڪ گمنام مقبرو
هن مقبري (نمبر 80) تي ڪنهن به قسم جي تاريخي لکت7 ڪانه آهي.
پٿرانهين لوڙهٽ تي قرآني آيتون اُڪيريل آهن. اهو
مقبرو باقي بيگ ترخان جي وڏي ڪوٽ اندر، ڏکڻ -
اولهه واري ڪنڊ تي آهي. مقبرو اٺاس شڪل تي ۽ اڏاوت
بنهه سادي آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جي آرائش ۽
سنجٽ ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. قبي مٿان هڪ نئين قسم جي
نيل لڳل آهي. ڇٽيءَ جو اندريون قطر 11 فوٽ 4 انچ
آهي. سندس تعمير هڪ ٿلهي تي اٺن ٿنڀن جي مدد سان
ٿيل ڏسجي ٿي. ٿنڀ سادي جانڊل ((Monolithic
صورت جا هر هڪ ڪنڊ تي لڳل آهن. عام طور تي هر هڪ
ٿنڀ کي ٽي ڀاڱا آهن. هيٺيون بنياد هم چورس آهي.
ٿنڀ جو هيٺيون پاسو به ٿورو هم چورس آهي. ان کان
پوءِ وارو حصو اٺاس آهي. اٺاس جي ڪنارين کي اڃا به
وڌيڪ ڪوريو ويو آهي. هن قسم جو ڪم اسان هتي پهريون
ڀيرو ڏسون ٿا. انهن ٿنڀن جي مٿان لـَـسا ۽ سادا
سردر ڌريل آهن. مٿن مرڪزي داٻڙا رکيا ويا آهن. ان
کان پوءِ پراڻي طريقي مطابق، گول دائري ۾ بار مٿان
بار ڏئي قـُـبي کي تيار ڪيوويو آهي، جيڪو پنهنجي
بناوت ۾ بلڪل سادو آهي. ڇـِـت جي سنوت سان لڳل
ڪناري تي ڇڄو هنيو ويو آهي. ڇڄي مٿان هڪ ٻئي کان
ٿوري وٿيءَ تي سادا ڪنگرا لڳايا ويا آهن. سنجٽ ۽
سونهن جي واڌ لاءِ ڇت جي وچ تي فقط هڪ لڏڪڻو رکيو
ويو آهي. نيل ۾ ڪلس جا ٽي حصا آهن، جيڪي هڪ ٻئي جي
مٿان رکيل آهن. اندرئين پاسي فقط هڪ قبر آهي. قبر
مٿان طبقي وار چار پٿراوان لوڙهٽ آهن. مٿيون لوڙهٽ
پيٽيءَ وانگر آهي. هر طبقي جي پٿرانهين لوڙهٽ جي
پاسي تي سنجٽ ۽ سونهن واسطي اُڪير ڪيل ڏسجي ٿي.
يعني ٽن تي گڏوچڙ اليڪي اُڪير آهي. آخري ڇڏي ٻي تي
ڪنگرن جهڙي ٽـُـڪَ ٿيل ڏسجي ٿي. مٿئين چؤڪنڊي
بـُـٺي ترخاني طرز تي خانن ۾ ورهايل آهي. پٿرانهين
لوڙهٽ مٿان ڊگهن پاسن واري ٻانهين مٿان قرآني
آيتون اُڪيريل نظر اچن ٿيون. سيرانديءَ ۽
پيرانديءَ وارا پاسا، نـَـون ڀاڱن ۾ ورهايل آهن.
ڪنڊن وارن پاسن ۾ فقط گلن جي چٽساليءَ واري اُڪير
ٿيل آهي.
بديع الزمان جو مقبرو
بديع الزمان مرزا باقي بيگ جو پوٽو8 ۽ شاهه رخ جو پٽ هو. سندس
قبر تي تاريخي لکت موجود آهي. سندس وفات
1011هه/1602ع ۾ ٿي. هيءُ به اٺاس قسم جي ڇٽي (نمبر
81) آهي. اڏاوت جي طرز اڳينءَ ڇٽيءَ جهڙي آهي. پر
مـُـک فرق اهو آهي، ته هن ۾ ترخاني قسم جي اُڪير
جون نيون طرزون نظر اچن ٿيون. ڇٽيءَ جو اندروني
قطر 16 فوٽ 6 انچ آهي. ٺلـهه جـو بنيـاد 5 فوٽ 2
انچ هم چورس آهي. مقبري کي پنهنجي اڏاوت لاءِ ٿلهو
ضرور هوندو، پر اڄ اهو
تصوير 81 - مرزا بديع الزمان جو اَٺ - ڪـُـنڊائون ڇٽي جهڙو
مقبرو، جنهن جي اندر سڌيءَ سنوت واري هڪ قبر آهي.
مٿان مـخروطي قسم جا قبا اڏيل آهن، جنهن کي گول
بار ڏئي جوڙيو ويو آهي، جيڪو قبائين تعمير جو
پراڻو طريقو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 1602ع سان
آهي.
تصوير 82 - بديع الزمان جو اٺ ڪنڊائون ڇٽيءَ جهڙو مقبرو جنهن جي
اَٺ ڪنڊائين ٿنڀن تي اُڪير جي هڪ نئين طرز واري
چٽسالي نظر اچي ٿي. قبر واري پٿر تي اُڪير جي
زنجيري رکي وئي آهي جنهن قبر جي ان پٿر جي مهاڙين
کي مختلف خانن ۾ ونڊي ڇڏيو آهي.
ڊٺو هيٺ مٿي لڳو پيو آهي. ان مقبري جا ٿنڀا ٻين يادگار ٿنڀن کان
هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ نواڻ رکندڙ آهن. موجودهه مثال
(نمبر 82) ٺلهن جي هم چورس بنيادن جي چئن ئـي
پاسـن کـان اُڀيءَ طرز جي مـنارن جهـڙي اُڪير واري
چٽسالي ٿيل آهي. ٿنڀ جي هيٺئين پاسي واري چؤرس ،
ابتي وريل گهوڙي جي طرز جي خاڪي هيٺان گل جي ٽـُـڪ
ٿيل آهي. ٿنڀ جو اٺاس حصو، ليٽيل قسم جي ڇهن خانن
۾ ورهايل آهي. هرهڪ ڀاڱو کوکيءَ طرز واري چٽسالي
جي نموني ۾ اُڪيـِـريو ويو آهي. پهريون ڀاڱو ٻاهر
تي نڪتل ونگ تي ٻڌل خانو آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ آکڙي طرز
آهي، جيڪا لِيڪن وسيلي ڳنڍيل آهي. ان کان پوءِ
هيري ڪڻين جو سلسلو اچي ٿو پوءِ روشنيءَ جي گل
واري چٽساليءَ جي طرز آهي پوءِ ڏاڪن تي چؤرس جي
طرز اُڪيريل آهي. آخر ۾ ننڍڙن چؤرسن جي چٽسالي
آهي. ڳچيءَ تي ٽن مرحلن وارا آرائشي گول دائرا
آهن. تاج تي ٽي پٽا آهن، جيڪي هرهڪ پاسي هليا وڃن
ٿا ۽ ان تاج جي ٻاهرينءَ ٻانهن تي علامتي روشنيءَ
جي گول دائري جي چوڌاري هڪ چؤرس اُڪيريل ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. ساڳيءَ ريت سردر واري مرڪزي داٻڙي جي ٻنهين
پاسي دل جي طرز تي اُڪير جو هڪ ڊگهو سلسلو آهي.
سردر جي ٻاهرئين پاسي تي سادي پن جي طرز جي ٽـُـڪ
ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪي هيٺ تي وريل آهن. موجوده
تعمير ۾ نه ڪنگرا آهن ۽ نه وري ڪي ڇڄا. قبو گچ سان
لـِـتل آهي ۽ ٻاهرئين پاسي نوڪدار ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
مٿانئس ٻن ڪلسن جي نيل چڙهيل آهي. اندرئين پاسي
ڏسجي ٿو، ته هڪ ٻئي جي مٿان گول دائري ۾ بار ڏئي
قبو تعمير ڪيو ويو آهي. هرهڪ گول دائري واري بار ۾
خانن جي اُڪير ٿيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اندرئين پاسي
کان قبي جي وچ تي لڏڪــڻو هيٺ لڙڪــي رهيو آهي.
سردرن جا
تصوير 83 - مرزا عيسيٰ ترخان
I جي مقبري واري
چوديواري اندر خوبصورت اُڪير سان اٺ ڪنڊائون
مقبرو، جنهن جي ٿنڀن تي ترخان دور سان لاڳاپو
رکندڙ نئين طرز جي اُڪير ڏسجي ٿي. هيءَ 17 هين صدي
عيسويءَ جي اڏاوت آهي.
تصوير 84 - ساڳئي مقبري سان واسطو رکندڙ ڇت واري اُڪيريل
چٽسالي، جيڪا سما دور جي چٽ کان بلڪل الڳ آهي.
اندريان ۽ ٻاهريان پاسا ساڳيءَ طرز جي اُڪير وارن چٽن سان
سينگاريل آهن. شايد اها سورج مـکيءَ جي طرز آهي.
سندس نمونو سما دور سان لاڳاپيل ڇٽين ۾ پڻ ڏسڻ ۾
اچي ٿو. هن مقبري جي سنجٽ ۽ سونهن ۾ اهو واضح فرق
آهي ته، اندرئين پاسي تاج کان مٿان جانورن جي
تصويري طرز آهي. جانورن جي تصويرن بابت هتي فقط ٻه
طرزون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. پهرين (پليٽ 25) طرز ۾ مور9
آهي، جنهن جي مٿي تي ڪلنگي ۽ پڇ جا کنڀ وڃڻي جيان
کنڊريل اٿس، جيڪو حملو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. مور
پيرن هيٺان ڪريل نانگ جي مٿي تي ٺهنگاري رهيو آهي.
ٻي طرز (پليٽ 26) ۾ ٻه هنج پکي آهن، جيڪي هڪ ٻئي
ڏانهن منهن ڪيو وڙهڻ لاءِ ڪانڊريا بيٺا آهن. اهي
ٻئي طرزون هندستاني نقش نگاري ۽ چترڪاري واري
اڏاوتي روايتن تان ورتل آهن ۽ ظاهر ظهور سنڌي
ڪاريگرن جي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙي جو فني نتيجو آهن. اندر
ڇٽيءَ جي وچ تي فقط هڪ پٿرانهين قبر آهي، جيڪا مٿي
ذڪر ڪيل قبر جيان آهي، پر قبر جي پٿرانهين لوڙهٽ
تي اُڪير جا ٻيا چترڪاري وارا نمونا آهن. هيٺئين
پٿرانهين لوڙهٽ تي ترخان دور واري آکڙي ونگن اندر
گل جي اُڪير آهي. ٻنهي پاسن کان وٽ تي ڏوريءَ جو
نمونو آهي. مٿئين پاسي تي ڪنگرن جي چٽَ جي طرز
آهي. مٿئين چؤڪنڊي جي بٺيءَ واري پٿرانهين لوڙهٽ
کي زنجيري جي اُڪير سان ننڍڙن خانن ۾ ورهايو ويو
آهي. ٽن ڊگهن خانن ۾ عربي لکت ۽ سيرانديءَ کان
نون خانن ۾ تاريخي لکت موجود آهي.
مرزا عيسيٰ خان ترخان
I
واري ڪوٽ ۾ هڪ گمنام، ڇٽيءَ وارو مقبرو
هيءُ اٺاس مقبرو (نمبر 83) هڪ وڏي ٿلهي تي تعمير ٿيل آهي. هن
ڇٽيءَ واري مقبري جو اندريون قطر 11 فوٽ 6 انچ
آهي. سندس اٺ ئي ٿنڀا جانڊل ((Monolithic
جي صورت ۾ آهن. بنياد چؤرس اٿن. هم چورس حصي کان
پوءِ اهي ٿنڀا اٺاس جو روپ ڌارين ٿا. ٻين يادگارن
جيان ڪُنڊن وٽ ڪجهه ڪـُـوريل آهن. موجوده اڏاوت ۾
چٽن سان اُڪيريل صورت ۾ به آهن. ٿنڀن جي بنيادن تي
سورج مکيءَ جا خاڪا اڪـِـيريل آهن، جن جي چوڌاري
هيري ڪڻين جي ڪناري آهي. انهن مان چئن تي مٿان
نانگ جي ابتيءَ طرز جي اُڪير ٿيل آهي. اهڙيون
طرزون بديع الزمان جي مقبري ۾ به ڏسي سگهجن ٿيون.
ٻين ۾ گول دائرن اندر پنکڙين سان گل آهن. ٿنڀن جي
جانڊلن تي اليڪي اُڪير واري چٽسالي ڏسجي ٿي. ڳچين
وٽ کوکيون ليڪون آهن. چؤمکا تاج، بنا ڪنهن اُڪير
جي لسا آهن، جيڪي سردرن کي جهليو بيٺا آهن. انهن
جو نمونو بديع الزمان جي مقبري ۾ هنيل سردرن جهڙو
آهي. ڇت جي ڪناريءَ جي وٽ تي به اُڪير جو چٽيل ڪم
ڏسجي ٿو. اُڪير ۾ هيرڪڻين جو چٽ نمايان آهي.
ڪرنگهي وارن ڪنگرن جي به هڪ قطار آهي، جيڪا مٿان
ڇڄي کان شروع ٿئي ٿي. قبو ويٺوڙو آهي. اندرئين
پاسي کان گول دائري ۾ هڪ ٻئي جي مٿان بار ڏئي
بڻايو ويو آهي. (نمبر 84). هر هڪ گول دائري تي
اُڪير جي چٽن واري هڪ الڳ طرز اُڪيريل آهي. صفا
چوٽيءَ تي لڏڪڻي جيان هڪ گل جي تصوير ((Rosette
ڏسڻ ۾ اچي ٿي. قبي جي هڪ بار تي عربي لکت موجود
آهي. ٻئي تي آکڙي طرز جي چٽن واري اُڪير آهي.
ٽينءَ تي انگريزي اکر
“S”
جهڙو چٽ آهي. اهي سڀ نمونا ترخان دور سان واسطو
رکن ٿا. ڇٽيءَ اندر فقط هڪ قبر آهي. سندس نمونو
اڳين قبرن جهڙو آهي. ڪابه تاريخي10 لکت موجود
ڪانهي، رڳو پٿرانهين لوڙهٽ تي عربي لکت نظر اچي
ٿي.
اٺاس ڇٽيءَ وارو گمنام مقبرو
هيءُ مقبرو، سلطان ابراهيم خان جي مقبري کان هڪ سؤ وال کن اولهه
طرف سرن جي ناس ٿيل ڪوٽ اندر آهي. هيءُ ڇٽيءَ وارو
مقبرو سٽاءُ ۾ اٺاس آهي (پليٽ 27). ان جي اندر ٻه
۽ ٻاهران ٽي قبرون آهن. ٿنڀا هڪ ئي جانڊل جي صورت
۾ آهن. هيٺيون بنياد وارو پاسو هم چورس آهي. مٿان
اُڪيريل چؤرسن اندر منارن جهڙي ٽڪ ٿيل آهي. جانڊل
جو ٻيو حصو اٺاس آهي، جنهن جون اٺاس واريون ڪنڊون
ڪوريل ۽ لـَـسيون آهن. شڪل ۽ صورت ۾ لـَـسو ۽
بنهه سادو آهي. جڏهن ته قبي جي ڳچيءَ کي اُڪير
واري چٽساليءَ سان سينگاريو ويو آهي. سردر به بلڪل
سادا آهن. پر انهن تي اندرئين پاسي کان ٽي سورج
مکي گل چٽيل آهن. جن کي اليڪي اُڀيءَ اُڪير الڳ
ڪري بيهاريو آهي. ڇڄا ۽ ڪنگرا هاڻي ڊهي ويا آهن.
قبو (نمبر 85) هڪ ٻئي مٿان گول دائرن ۾ اُڪيريل
پٿرن جا وڌاوڙا بار ڏئي تيار ڪيو ويو آهي. قبي جي
وچ تي هڪ لڏڪڻو لٽڪي رهيو آهي. اندرين قبرن مان هڪ
جو سيرانديءَ وارو چؤنٺو ڀڄي پيو آهي. سڀئي
پٿراوان لوڙهٺ ترخاني نموني سان واسطو رکن ٿا، جن
کي عربي لکت سان ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي.
ٻاهرين قبرن مان هڪ قبر جي پٿرانهين لوڙهٽ تي 1022هه /1613ع سن
لکيل آهي ۽ هم چورس ۽ آرائش ڪيل دڪي تي رکيل آهي.
قبر آڙماڙ شڪل ۾ آهي. هيٺئين پٿرانهين لوڙهٽ جي
ڊگهي پاسي تي مختلف ڇهن چؤرسن اندر گلن جون
تصويرون اُڪيريل آهن. مختلف اُڪيريل طبقا، هيٺئين
دڪيءَ ۽ تابوت جهڙي پيتيءَ جي وچ تي اچي وڃن ٿا،
جنهن جو مٿاڇرو زنجير سان ورهايل خانن تي ٻڌل آهي،
جن ۾ عربي لکت نمايان آهي.
(ب) هم چورس اڏاوتون
هيءَ نئين قسم جي اڏاوت آهي، جيڪا اسان هتي ڏسون ٿا. اسلام کان
اڳ واري دور ۾ اها گهڻي مشهور ۽ نامياري هئي.
گجرات ۾ اسلامي طرز وارين عمارتن جي لنگهه وٽ11
اهڙيون اڏاوتون جوڙيون وينديون هيون. سٽاءَ ۾ هم
چورس هوندي هئي. قبو اٺن يا ٻارهن ٺلهن تي ٺاهيو
ويندو هو. ان اڏاوت جو فرشي خاڪو اهڙو آهي، جهڙو
شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مدرسي (ڏسو باب ٻيو) جو ڏسڻ
۾ اچي ٿو. پر ان ۾ ڏيڍي ٺاهيل ڪانه آهي. قبي جي
بناوت حقيقي
(True Arch)
ونگ جي نئين طريقي سان ڪئي ويئي آهي. اٺن ٺـُـلهن
جي حالت ۾ ڪـُـنڊن تي ڇڪ وارا سردر - جيڪي هم چورس
نقشي کي اٺاس ۾ بدلائيندا هئا، سي هيٺين سردرن تي
رکيا ويندا هئا. پر ٻارهن ٺلهن واري ڇٽيءَ جي حالت
۾، ڇڪ وارا سردر رڳو ٻن ٺلهن تي رکيا ويا آهن.
اهڙيءَ ريت هڪ پاسي تي ٽي ٺلهه هڪ قطار ۾ بيٺل آهن
۽ ٻن وچ وارن ٺلهن جي وچ تي تمام گهڻي وِٿي ڇڏي
ويئي آهي.
ڇٽيءَ وارو گمنام مقبرو
هيءُ (نمبر 86) ڇٽيءَ وارو گمنام مقبرو، سلطان ابراهيم جي مقبري
کان سوگز کن ڏکڻ طرف، هڪ ٿلهي تي ٺهيل آهي، جنهن
جي هر پاسي جي ماپ 25 فوٽ 10 انچ آهي. ٿلهي جي مٿي
اوچائي 4 فوٽ 10 انچ ٿيندي. ڇٽيءَ جي پنهنجي حقيقي
ماپ 15 فوٽ 1 انچ آهي، جيڪا ٿلهي جي هڪ پاسي تعمير
ٿيل آهي. ٻئي پاسي گهڻيون ئي قبرون موجود آهن.
ڇٽيءَ جا سڀئي ٿنڀا جانڊل صـورت ۾ سادا آهن. سندن
گهاڙ هم چورس اٿن، پر هيٺان چؤرس بنيادن وٽ ڪنڊون
ماريل اٿن. جانڊلن جي ڳچي، ڪنهن ابتي ٿانو جيان
معلوم ٿئي ٿي. سندن تاج ستاري سان اُڪيريل چؤمکا
آهن. ٻاهرين مهاڙيءَ جي پاسي کان
تصوير 85 - عبدالله شاهه اصحابي جي مزار کان اولهه پاسي اٺ -
ٿنڀي ڇٽي جهڙو مقبري جي اڏاوت، جنهن جي اندرئين ۽
ٻاهرئين پاسي ڪيتريون ئي قبرون آهن. سڀيئي ترخان
اڏاوتي طرز جون آهن. هن مقبري جا ٿنڀ به اٺ ڪنڊا ۽
لسا آهن. تعمير جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ جي
ابتدا سان آهي.
تصوير 86 - هم چورس ماپ جو اٺ - ٿنڀي ڇٽي جهڙو هڪ مقبرو، جنهن
جي ٿنڀن تي ڪنهن به قسم جي اُڪير نظر ڪانه ٿي اچي.
هر هڪ ٿنڀو پاسن جي وچ تي آهي ۽ اڏاوت چئن ڪنڊن
واري ڏسجي ٿي. هتي قبي جي تعمير جي نئين طرز ڏسجي
ٿي، جنهن ۾ ونگ سان خانا رکيا ويا آهن ۽ قبي جو
بنياد به ان ترتيب سان رکيو ويو آهي. تعمير 17 هين
صدي جي وچئين دور سان تعلق رکي ٿي.
ڇٽي اڀريل طرز ۾ اُڪيريل آهي. ڇت وارو اولو ڪنگرن سان سينگاريل
آهي. چوڌاري ڏيڍي ۽ ڇڄو لڳل اٿس. هن ڇٽيءَ ۾ ڪل اٺ
ٿنڀا آهن. چار ٿنڀا چئني ڪـُـنڊن وٽ ۽ هڪ هڪ چئني
ڪـُـنڊن جي وچ تي آهي. ڇڪن وارا سردر ليٽيل سنوت ۾
رکيل آهن. اَٺ ڪنڊي جي مٿان ونگن وارا ٺاهيل خانا
اڏاوت کي گول پاسن ۾ تبديل ڪن ٿا ۽ ان جي مٿان قبي
جو بنياد رکيو وڃي ٿو. ونگن وارا خانا قبي جي ڳچي
۽ ڍيڍيءَ ((Drum
کي ڊگهو ڪن ٿا، تنهنڪري قبو مٿي اوچو ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. نيل واري چوٽي ٽن ڪلسن سان جوڙي ويئي آهي. ڇت
جو اندريون پاسو اليڪي طرز جي چٽساليءَ سان
اُڪيريل آهي. صفا چوٽيءَ تي گل جي اُڪير ڪئي ويئي
آهي. ڇٽيءَ اندر ترخاني نموني جون ٻه قبرون آهن.
ڇٽيءَ وارو گمنام مقبرو
هيءُ مقبرو، عبدالله شاهه اصحابي جي مزار کان اٽڪل 50 گز اولهه
طرف آهي. ڇٽي چورس مٿڀري دڪي تي بيٺل آهي. هرپاسي
جي ماپ 23 فوٽ آهي. ڇٽي ان کان ننڍي آهي جنهن جي
چورس ماپ 16 فوٽ آهي. مقبرو ٻارنهن ٿنڀو آهي. هر
پاسي تي ٽي ٿنڀا قطار ۾ آهن. ڪنڊن وارا چار ٿنڀا
ڪـُـنڊائتا آهن. باقي وچ وارا اٺ ٿنڀا هم چورس
آهن. جن جا اندريان پاسا ڪـُـنڊن وٽ ماريل آهن.
بنياد هم چورس ۽ چؤڪنڊا آهن. مٿن اُڪير واري
چٽسالي ترخاني نموني جي پن جي طرز تي ڪيل آهي. هتي
پهريون ڀيرو اسان کي ٿنڀي جي چؤمکيءَ تاج هيٺان
ٻاهرئين پاسي کان ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي
ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ اندرئين پاسي ور وڪڙ ۽ ليڪن جهڙي
اُڪيـِـر آهي. ٿنڀن تي رکيل ڇڪن وارا سردر هم چورس
نقشي کي اٺاس جي صورت ڏين ٿا. اڳتي هلي ونگدار
خانا ان اٺاس کي گول دائري جي شڪل ڏين ٿا، جيڪو
قبي جو بنياد بڻجي ٿو. قبي جي اندرئين ڇت سادي آهي
پر سردرن جا اندريان ۽ ٻاهريان پاسا چٽسالي سان
اُڪيريل آهن. مقبري اندر هڪ پٿرانهين ۽ سادي قبر
موجود آهي.
(ج) مسجد واريءَ ڀت سان ڇٽيءَ وارو مقبرو
اهڙي قسم جي ڇٽيءَ وارن مقبرن سان ڀت واري مسجد گڏيل هوندي آهي.
هتي اسان کي نئين نموني سان قبي جي اڏاوت ڏسڻ ۾
اچي ٿي. ان قسم جي اڏاوت ۾ گڏيل وچڙيل قسم جي ونگن
جي ڪاريگريءَ کي استعمال ڪيو ويو آهي. ونگن جي
آخري مرحلي کان پوءِ قبي جي اڏاوت شروع ڪئي ويئي
آهي. اهڙي قسم جي ڇٽين جي تعمير دکن12 ۾ عام جام
آهي. امڪان اهو آهي، ته مغل شهنشاهن پاران، دکن
ڏانهن ترخان گورنر بدلي ڪيا ويا هئا، شايد انهن
وسيلي هيءُ اڏاوتي فن هتي پهتو هجي.
ڇٽيءَ وارو گمنام مقبرو
هيءُ مقبرو، مرزا جاني بيگ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي آهي. ڇٽيءَ جي
هم چورس ماپ 14 فوٽ 6 انچ آهي ۽ مٿي ٿلهي جي
اوچائي 3 فوٽ 4 انچ آهي. سٽاءَ هم چورس اٿس ۽ جيڪو
ٻارهن ٿنڀن تي بيٺل آهي،(نمبر 87). هرهڪ ڪنڊ تي هڪ
ٿنڀو آهي. سڀ ٿنڀا گهاڙ ۾ هم چورس ۽ شڪل ۽ صورت ۾
سادا آهن، پر مٿانئن ماکيءَ جي مانارن جهڙا تاج
رکيل آهن. مٿيون پاسو چؤمکو اٿن. ٻاهريون پاسو
ستارن جهڙي طرز واري چٽن سان سينگاريل آهي. اهڙي
ساڳي چٽساليءَ واري طرز نمبر 12 ۾ ڏسي سگهجي ٿي.
ڇڪن وارا سردر ٻن ٿنڀن تي رکيل آهن. ان کان پوءِ
هم چورس نقشو اٺاس ۾ بدلجي وڃي ٿو. تنهن کان پوءِ
گڏيل وچڙيل ونگن (نمبر 88) جو سلسلو ان کي مٿي هلي
گول دائري جي شڪل ڏئي ٿو، جيڪو پڻ قبي جو بنياد
آهي. گڏيل وچڙيل ونگن ۾ وڏي گل جي تصوير اُڀريل
طرز ۾ اُڪيريل نظر اچي ٿي. گهڻ - مرڪزي ونگ ۾ اڌ
گل جي اُڪير آهي. قبي جي ڇت لهريدار طرز تي جوڙيل
آهي. معلوم ائين ٿئي ٿو، ته سرن جي ڪاريگريءَ کي
پٿر جي اُڪير جي چترڪاري واري ڪاريگريءَ13 ۾
بدلايو ويو آهي. قبو هن وقت ڪري پيو آهي. ڇٽيءَ جي
اندرئين پاسي ٻه گچ سان لـِـتل قبرون آهن. مقبرو
سرن جي ڪوٽ اندر آهي، جنهن جي اولهه واريءَ ڀت ۾
سرن جي محراب جا اهڃاڻ ملن ٿا.
مرزا طغرل بيگ جو مقبرو
مقبرو (پليٽ نمبر 28) هڪ چؤڪـُـنڊي ٿلهي تي ٺهيل
آهي. ٿلهي جي اوچائي 4 فوٽ آهي. مٿي وڃڻ لاءِ چئن
ڏاڪن سان چاڙهي ٺهيل آهي. مقبرو هم چورس 27 فوٽ
آهي. ٻارنهن ٿنڀا ٺاهيل اٿس. مقبرو ٿلهي تي اوڀر
ڏانهن آهي. اولهه پاسي ساڻس ڀت واري مسجد (نمبر
89) آهي. مقبرو 16 فوٽ 3 انچ هم چورس آهي، جيڪو
ٻارهن هم چؤرس اُڪيريل ٿنڀن تي بيٺل آهي. مٿانئس
مخروطي قبو آهي. ٿلهي جي هيٺان ٻاهرئين پاسي چٽن
واري اُڪير جو ڪم ٿيل اٿس. وٽيل ڏوري جهڙي اُڪير
ٿيل آهي. ٿنڀن جي ٻاهرئين پاسن تي گهري کوکيءَ طرز
۾ اُڪير ٿيل نظر اچي ٿي. آکڙي طرز جي ٽڪ واري
چٽسالي پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ مانڌاڻيءَ نموني
وارا نشان آهن. ٺلهن جا بنياد لـَـسا آهن. تاجن وٽ
ماکيءَ جي مانارن جهڙي سنجٽ ٿيل آهي. (نمبر 91)
ٿنڀن جي اندرئين پاسي کان ڪنڊا ڌار اُڪير ٿيل
آهن. ڇت وارو اولهه به ٻـُـسو ۽ سادو آهي، پر مٿس
ڪنگرا ۽ ڇڄو رکيل ڏسجي ٿو. ڇڪن وارا سردر (پليٽ
29) ڪنڊن
تصوير 87 - جان بابا جي مقبري جي ڏکڻ ڏسا تي هڪ گمنام مقبرو،
جيڪو ڇٽي جهڙو آهي جنهن جي هم چورس لسن ٿنڀن جي
تاجن
Capitals
وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي اُڪيريل ڏسجي ٿي.
هن تعمير جو تعلق 17 هين صدي جي وچئين دور سان
آهي.
وارن ٿنڀن تي رکيل آهن، جيڪي هم چورس نقشي کي اٺاس ۾ تبديل ڪن
ٿا. انهن سردرن تي چؤڪنڊي طرز جي چٽن واري اُڪير
ٿيل آهي، جيڪا اڳتي هلي اڌ ستاري وٽ ختم ٿي وڃي
ٿي. سردر مٿان رکيل داٻڙو لهريدار طرز جي اُڪير
ڏيکاري ٿو. تنهن کان پوءِ گڏيل وچڙيل ونگن جو
سـلـسـلـو اٺاس کي (نمبر
تصوير 88 - مرزا جاني بيگ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي هڪ گمنام مقبري
جي ڇت، جتي جافريءَ سان ونگون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.
هيءَ تعمير 17 صدي عيسويءَ جي وچ واري زماني سان
تعلق رکي ٿي.
90) گول دائري جي شڪل ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، جيڪو قبي جو بنياد
بڻجي ٿو. ڇٽيءَ اندر هڪ قبر آهي، جنهن تي 1059هه
/1649ع سن لکيل آهي. اولهه ۾ ڀت واري مسجد (نمبر
92) جي وچ تي وڏو محراب آهي، جنهن جي مٿان
چؤڪـُـنڊو سردر تعمير ٿيل ڏسجي ٿو. پاسن ۾ ٻه
ننڍڙا محراب اٿس. ڀت جي ٻنهي ڇيڙن وٽ، هم چورس
بنيادن سان ٻه ننڍڙا منارا تعمير ٿيل آهن. ان مسجد
جي ڀت جي اوڀارين مهاڙي نهايت خوبصورت ٺاهيل آهي.
مقبري تي به ساڳيءَ قسم جي گهري کوکي اُڪير واري
چٽسالي ڪئي ويئي آهي. وچئين مکيه محراب (نمبر 92)
جو اندريون پاسو ونگدار خانن ۾ ورهايو ويو آهي.
هرهڪ خاني ۾ گـُـگهي جهڙي گلدان جي طرز جي اُڪير
ٿيل ڏسجي ٿي. محراب مٿان چؤڪـُـنڊي اڏاوت جي
اندرين ونگ جدا پٿرن سان ترتيب ڏني ويئي آهي، جيڪا
صحيح نموني گول شڪل ۾ ٻڌل آهي. منجهس زنجيريءَ جي
طرز جهڙا مختلف چٽساليءَ جا نمونا اُڪيريا ويا
آهن. ونگ جي نـُـڪرن تي گگهيءَ جي طرز جي اُڪير
ٿيل آهي. مٿان فارسي لکت موجود آهي. وري به درن
واري آکڙي طرز واري چترڪاريءَ جو ورجاءُ ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. جنهن جي وچ تي چؤڪور چٽساليءَ واري هلڪي اُڪير
ٺهيل آهي. اُڪير جو تفصيل ڏاڍو دل کي وڻندڙ آهي.
قبرن جا پٿراوان لوڙهٽ
(GRAVE CENOTAPHS)
پٿرانهين لوڙهٽ مٿان سرُو وڻ جي اُڪير
هڪ پٿرانهين قبر نور الدين پٽ شاهه منصور، حڪيم تبريزيءَ سان
تعلق رکي ٿي، جنهن 25 ذوالحج 948هه پٽاندر اپريل
1542ع ۾ وفات ڪئي.14 سندس قبر جي پٿرانهين لوڙهٽ
مٿان، گل ٻوٽي ۽ ساهه وارن جيوَ جون تصويرون
تصوير 89 - طغرل بيگ جو مقبرو ۽ اولهه پاسي تعمير ٿيل مسجد،
جيڪا اوڀر - اتر پاسي کان نظر اچي رهي آهي. مقبرو
يارهن ٿنڀن تي بيٺل ڇٽيءَ تي ٻڌل آهي. هن جڳهه جو
لاڳاپو 1059 هه/1649ع سان آهي.
تصوير 90 - طغرل بيگ جو مقبرو، جنهن ۾ خانا ۽ گڏيل وچڙيل قسم
واريون ونگون آهن. قبي جي تعمير ۾ نواڻ نظر اچي
ٿي. هن تعمير جو دور 1059 هه/1649ع وارو آهي.
عام جام ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. سيرانديءَ واري پاسي هڪ
گل جي خوبصورت چٽساليءَ جي اُڪير ڪئي وئي آهي
(نمبر 93) جنهن جي چوڌاري مڻين جو گول دائرو نڪتل
آهي ۽ ڪنارن تي پن پکڙيل آهن. اهي سڀ هڪ هم چورس
دائري اندر ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اها آرائش مٿي اوساري
ڪيل چؤڪـُـنڊي خاني جي هڪ طرز تي آهي. ان چٽسالي
واري طرز جي هيٺان هڪ گڏوچڙ قسم جو نمونو آهي،
جنهن جي وچ تي شمشاد جو وڻ آهي. ان شمشاد وڻ هيٺان
ڪي چوپايا ويٺل نظر اچن ٿا. وڻ جي ٽارين مٿان،
ٻنهي پاسن تي مور پکي ويٺل آهن. وڻ جي چوٽيءَ تي
ٻه مور پکيءَ پــَـرَ کنڊيريو چهنب چهنب سان ملايو
ويٺا آهن. چؤرس وڏي گل جي تصوير اُڪيريل آهي،
جيڪا وڻ جي مٿان تاج وانگي رکيل آهي. هيٺڀرو، ٻنهي
پاسن کان گول دائري ۾ اندر گل جي اُڪير آهي. شمشاد
وڻ ۾ مور پکيءَ جو ميلاپ هڪ خاص ڳالهه ڏانهن اشارو
آهي. سڄو سارو نمونو پرڏيهي ذريعي تان کنيل ۽ ورتل
آهي. اها هڪ تبريزي امير جي جذبات جي ترجماني آهي،
جيڪا سندس اصلي ماڳ سان لاڳاپو رکي ٿي. |