تصوير 105 - جان بابا جي مقبري جي چؤديواري اندر موجود صحيح
سلامت مقبري جي ڇت، جنهن ۾ ونگ وارن خانن جون
گهڻيون قطارون ۽ مٿي هڪ ورن وڪڙن جي طرز جي سهيڙ
آهي.
تصوير 106 - جان بابا جي مقبري اندر گول دائرن جي هڪ ٻئي کي
پائيندڙ ۽ ورن وڪڙن واري اُڪير جي طرز، جيڪا قبي
جي وچ تي مٿي نظر اچي رهي آهي.
تصوير 107 - جان بابا جي مقبري اندر ونگ سان خانو، اهڙا خانا
ڪنڊ واري محرابيءَ جو ڪم به ڏيندا آهن. انهن
محرابن جي تعمير کان پوءِ هم چورس منڊپ، اٺ ڪنڊي
شڪل اختيار ڪري ويندي آهي. ان اٺ ڪنڊي کي وري
آسانيءَ سان سورهن ڪنڊو به بڻائي سگهجي ٿو.
مرزا عيسيٰ ترخان
II
جو مقبرو
اڏاوت جي تاريخ
مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جان بابا جو پٽ هو. هيءُ، مرزا غازي بيگ جي وفات
1021هه/1612ع24 کان پوءِ مغل گورنر مقرر ٿيو، پر
سندس مقرري سنڌ کان ٻاهر عمل ۾ آئي. فقط 1037هه
کان 1038هه جو وچ وارو عرصو مغل گورنر جي حيثيت ۾
ٺٽي ۾ رهيو. اندازو لڳايو وڃي ٿو، ته ان عرصي
دوران ان مقبري جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو هوندو.
مير علي شير قانع ٺٽوي جي حوالي مطابق ته ان مقبري
جڙي راس ٿيڻ ۾ ارڙنهن سال ورتا. مقبري تي تعمير جو
خرچ نورائي علائقي جي ڍل مان ڪڍيو ويندو هو، جنهن
کي ابن ڏاڏن جي مقبرن جي سارسنڀال جي خرچ واسطي اڳ
۾ ئي مخصوص ڪيو ويو هو. ساڳئي حوالي ۾ ذڪر ٿيل
آهي، ته عمارت جي تعمير لاءِ پٿر به هندستان جي
ان علائقي مان آندو ويو، جتي مرزا عيسيٰ خان ترخان
II گورنر مقرر ٿيل هو. پير حسام الدين راشــدي(25) ان نـُـڪتي تي
روشني وڌي آهي ۽ بحث به ڪــيو آهي،
تصوير 108 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مقبري جي رٿابندي ۽ زمين تي نقشو، هن مقبري جي
ٻاهران وانگاڙو ڏنل آهي جنهن ۾ خوبصورت خانا ٺاهيل
آهن. مکيه لنگهه اوڀر پاسي کان آهي. اتر ۽ ڏکڻ طرف
کان به ٻه لنگهه آهن جيڪي بند آهن ۽ محراب اولهه
پاسي تعمير ڪيو ويو آهي. مکيه مقبرو ٿنڀن جي آڌار
تي بيٺل آهي، جنهن کي پاسي واريون ديوارون ڏئي
تيار ڪيو ويو ٿو ڏسجي. ان کان سواءِ ٿنڀن جي آڌار
اڏايل ٻه ورانڊا آهن. اڏاوت جو هي فن، گجرات جي
اڏاوتي فن سان لاڳاپو رکي ٿو.
ته عمارت جو پٿر مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
گجرات مان هٿ ڪري موڪليو، جتي هو گهڻو وقت گورنر
ٿي رهيو هو. هو وڌيڪ ٻڌائي ٿو، ته اهي رڳو پٿر
ڪونه هئا، جيڪي هن موڪليا، پر پٿر چٽساليءَ سان
اُڪيرائي گجرات مان روانا ڪيا هئا. انهن اندازي ۽
ڪٿ ۾ ڪو به وزن ۽ ڪابه سچائي ڪانه آهي، ڇاڪاڻ ته
اڪيـِـريل پٿر ڦڪا ۽ چن جا آهن ۽ هتان جي مڪاني
پٿر جي ساخت جهڙا آهن. اهي اهڙي قسم جا عام پٿر
آهن، جيڪي مڪلي ٽڪريءَ جي ٻين جڳهن ۾ به ڪم آيل
آهن. اڳتي هلي اهو به ڏيکاريو ويـنـدو تـه، پٿر جي
اُڪـيـر جي طرز به گجراتي نه، پر سنـڌي اصـليت جـي
آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته ڪي طرزون گجرات جي
اڏاوتي فن تان به ورتل آهن. جيڪڏهن اسان عمارت جي
سٽاءَ جي تفصيل ۾ وينداسون، ته اسان کي پتو پوندو،
ته اڏاوت جي نقشي جو بنياد پڻ گجراتي طرز تي رکيل
آهي. ان جو اهو مطلب آهي، ته فقط اڏاوتي نقشو ان
پاسي کان آيو ۽ ان عمارت کي مرزا جان بابا جي
مقبري کان نياري صورت هئي، پر جيڪڏهن ائين کڻي
چئجي ته ان عمارت جي رٿا مڪليءَ ٽڪريءَ تي موجود
سڀني عمارتن کان جدا ۽ نياري آهي، ته وڌاءُ ڪونه
ٿيندو. پير حسام الدين راشدي، مير علي شير قانع جي
حوالي سان بيان ڪيو آهي، ته مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي وفات ڪري مقبرو اڌ ۾ رهجي ويو ۽ نشيمن جا ڪجهه
حصا به اڻ پورا هئا، پر حقيقت اها آهي ته موجوده
عمارت ڪٿي به اڻ پورائي اهڃاڻ ڪونه ٿي ڏيکاري.
رِٿ
مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جو مقبرو (نمبر 108 - خاڪو 6)، ڪوٽن وارن مقبرن جي
ورثن ۾ اچي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته مقبري واري جڳهه،
چوڌاري ڏنل ڪوٽ جي وچ تي آهي. اهو مقبرو ٻين مقبرن
کان ان ڪري نواڻ رکي ٿو، جو هن مقبري ۾ قبرن مٿان
هڪ مڪمل اڏاوت ٿيل آهي. ان معاملي ۾ هيءُ مقبرو،
جان بابا جي مقبري جي گهڻو ويجهو اچي پوي ٿو. پر
جان بابا جي مقبري جو سٽاءُ هتان جي مشهور معروف
ڇٽيءَ وارن مقبرن تان ورتل آهي. ٻئي طرف مرزا
عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جو سٽاءُ گجراتي اڏاوتي طرز جو آهي، جنهن
۾ وچ واري هم چورس صفي کي چوڌاري ٺلهه ڏئي، انهن
تي قبو بيهاريل آهي ۽ چوڌاري چئني پاسن کان ٿنبدار
جهروڪا ۽ ڪٽهڙا آهن. هڪ ٻئي جي مٿان ساڳيا ٻٽا
ٺلهه ڏئي ان عمارت کي جوڙي راس ڪيو ويو. اهي ٺلهه
جڳهه ۾ چوڌاري ڏسي ۽ پسي سگهجن ٿا. ٽئين هڪ جهڙائي
اها آهي، ته ٻنهي ۾ ڇت ۽ ڪٽهڙي جي تري ۾ تراکڙا
اڪيـِـريل پٿر استعمال ڪيا ويا آهن. ڇت ڍڪڻ جو
هيءُ اهڙو طريقـو آهي، جيـڪـو اسلامي اڏاوتي فن
واري دور کان اڳ ۾ رائج هو ۽ ان طريقي ســان منڊپ
يا صــفي کي ڍڪيو ويندو هو. چوٿين هــڪ جهڙائي
بذات
تصوير 109 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II جي مقبري جو هڪ
اوچو حصو، جنهن ۾ ٻن پاسن کان اوچو پلويڙو ڏنل
آهي. ٿنڀن واري ورانڊي ۾ ننڍڙيون قبيون تعمير ڪيون
ويون آهن. اتاهون قبو پاڻ ۾ گڏيل ونگن تي بيهاريو
ويو آهي.
تصوير 110 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي محراب کان ٻئي پاسي جيڪڏهن ترڇو ڏسبو،
ته الهنديءَ ڀت ۾ هڪ وڏو ۽ گهرو جارو نظر ايندو.
ان کان سواءِ ڀت ۾ ونگن سان خانا به ڏسڻ ۾ ايندا.
خود مکيه قبي جي تعمير آهي، جنهن ۾ گڏيل وچڙيل قسم جون ونگون
جوڙي اٺاس کي سورنهن پاسن ۾ بدلايو ويو آهي. پنجين
هڪ جهڙائي اها آهي، ته پهرينءَ ڇـِـت تي ڪيترن
ويٺوڙن ڍڪن جو سلسلو آهي. ڍڪ ڏيڻ جو هڪ سلسلو ننڍن
چؤرسن مٿان آهي، جيڪي چئن ٺلهن تي ٺهيل آهن. گهڻن
قبن26 جي صورت ۾ اهڙي قسم جا نمونا گجرات ۾ اختيار
ڪيا ويندا هئا. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي، ته ان
۾ هڪ اهم چٽو فرق موجود آهي. گجرات ۾ مسجدون
مقبرن کان الڳ تعمير ڪيون وينديون هيون پر هتي ٺٽي
۾ ڪوٽ اندر اولهه پاسي واريءَ ڀت ۾ ئي مسجد جوڙائي
ويندي هئي. اهڙيءَ ريت مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جو مقبرو وڏين ڀتين اندر سٽاءُ ۾ هم چورس ۽ سندس
مکيه لنگهه اوڀر ڏانهن کان آهي. اوڀارين لنگهه
وانگر، اتر ۽ ڏکڻ پاسي کان به بند لنگهه ٺهيل هئا،
۽ اولهه واري ڀت ۾ محراب جوڙيل آهي. ڪوٽ جي
اندرئين پاسي ۽ مکيه قبي جي ٻاهران، تاج محل،
همايون، اڪبر ۽ جهانگير جي مقبرن جيان باغ لاءِ
وٿي ڇڏيل هئي، پر ان وٿيءَ کي هتي قبرن سان ڀريو
ويو آهي. موجوده مقبري جي الهنديءَ ڀت سان ڀراءُ
وجهي ان کي مٿي ڪيو ويو آهي. محراب به ان ساڳيءَ
سنوت تي جوڙيل آهي. ٿي سگهي ٿو، ته نماز باجماعت
پڙهڻ واسطي ائين ڪيو ويو هجي. اتر - الهندي ۽ ڏکڻ
- الهندي پاسي جدا ٿلها نظر اچن ٿا، جن تي به
قبرون موجود آهن. ساڳيءَ ريت اترئين ڦاٽڪ کان
اندرئين پاسي قبرن لاءِ خاص وٿي ڇڏي ويئي آهي. اتر
- اوڀر واريءَ ڪنڊ تي، عورتن جي قبرن واسطي هڪ هم
چورس جڳهه ڇڏيل آهي.
مکيه قبو هڪ هم چورس ٿلهي تي ٺهيل آهي. اندر وڃڻ
لاءِ چئن ئي پاسن کان ٽه - ڏاڪي چاڙهي جوڙايل آهي.
ان ٿلهي تي قبي جو هم چورس
تصوير 111 - مرزا عيسيٰ ترخان
II
جي مکيه مقبري جي اوڀر پاسي واري ڀت جي سامهون کان
بيهي جيڪڏهن اولهه ڏانهن نهاربو ته ٿنڀن جي آڌار
تي بيٺل ورانڊا، وچ تي ڀت ۾ ونگن وارن درن جو
لنگهه، مٿي ڇت تي ننڍڙيون قبيون ۽ سفيد قبو ڏسڻ ۾
ايندو ۽ چوڌاري ٺهيل قبيون ڦول - پتين وانگي ڏسجن
ٿيون.
منڊپ آهي، جنهن جي چئن پاسن کان ٺلهن جون ٻه قطارون آهن. هر هڪ
پاسي کان ڏهه ٺلهه آهن. اهي اهڙيءَ ترتيب سان
جوڙيل آهن جو ٺلهن جي چؤڪڙي (نمبر 114) جي پاسي جي
وچ تي ٽي ونگدار لنگهه بڻجي پيا آهن. (پليٽ 41)
جيڪي بالا خاني ڏانهن هليا ٿا وڃن. فقط اوڀر پاسي
کان، پهرينءَ ماڙيءَ تي وڃڻ لاءِ ٻه پاسا، ٽه
ونگدار لنگهه تعمير ٿيل آهن. وچ واري قبـي جـو
منڊپ ٺلهن تي بيٺل آهي، جنهن جي چوڌاري وِيهـه
ٺـُـلهـه نظر اچـن ٿا. ٻـن ٺـُـلهـن جي وچ وارين
وٿين کي پرديون ڏئي بند ڪيو ويو آهي. قبي جو سڄو
سارو بار ٺلهن تي رکيل آهي. گجرات ۾ قبن جي تعمير
لاءِ ڪي قدر ساڳيو نمونو اختيار ڪيو ويندو آهي.
فتح پور سيڪريءَ ۾ به پانڇ محل جي تعمير پڻ ٺلهن
تي ٿيل آهي ۽ ان جو سڄو نقشو ڏاڍو نيارو آهي. مرزا
عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي ڀتين تي ٿيل اُڪير فتح پور سيڪريءَ جي
يادگارن تي ٿيل اُڪير سان ڀيٽائي سگهجي ٿي. فتح
پور سيڪريءَ ۾ ان تعمير جي ويجهو جيڪڏهن ڪا جڳهه
آهي ته اها ترڪي سلطانه جي مقبري جي آهي، جنهن جي
عمارت جا اندريان پاسا ٻارين سان ڀريا پيا آهن،
جن ۾ پکين ۽ جانورن جون تصويرون چٽيل27 آهن. انهن
ٻنهي مقبرن ۾ پري جي انڌي منڊي هڪ جهڙائي ڪري ڪي
عالم ان خيال جا آهن ته هيءُ مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
وارو مقبرو فتح پور سيڪريءَ جي اڏاوتي طرز تي
جوڙيو ويو آهي. پر جيڪڏهن غور ڪري ڏسجي ٿو ته ٻنهي
جڳهين ۾ اصول بنهه الڳ آهي. فتح پور سيڪريءَ وانگر
هتي ورن وڪڙن واريون گهوڙيون
(Serpentine brackets)
استعمال ڪونه ڪيون ويون آهن. اها به هڪ حقيقت آهي
ته فتح پور سيڪريءَ واري جاءِ جو سٽاءُ خود گجراتي
تعميراتي فن تان ورتل آهي. مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جو نقشو ۽ سندس بالا خانا گجراتي
تعميراتي فن تان ورتل آهن. اهو به امڪان آهي ته
مڪلي ٽڪريءَ تي موجود سردرن ۾ شهتيرن وارين جاين
تي به گجرات واري اڏاوتي فن جو اثر هجي. پر فتح
پور سيڪريءَ جي اثر جو هتي موجود هجڻ جو امڪان
ماڳهين نه هئڻ گهرجي.
ٻاهريون ڪوٽ
مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي ڪوٽ جي ڀت جي ٻاهرئين پاسي، ونگن سان
چوڪنڊين ٻارين جو هڪ سلسلو آهي. جنهن تي چٽيءَ
اڀريل طرز ۾ اُڪير واري چٽسالي ٿيل آهي، (نمبر
114) ۽ بنياد ۾ رکيل ونگن وارين ٻارين ۾ ننڍڙي
نموني واري اُڪيـر (نمبر 111) جـي مٿان آهي. انهن
ورن جي اُڪير جان بابا جي چوديواريءَ تي ٿيل اُڪير
کـان گهڻـي ڀاڱي مختلف آهي،
تصوير 112 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي وانگاڙي جي ڏاکڻئين پاسي موجود ڪوڙي
لنگهه
False entrance
کان بيهي جيڪڏهن اولهه ۽ اوڀر پاسي نظر ڪبي، ته
مکيه لنگهه جي اوچيءَ تعمير جي هيٺين ٻن حصن ۾
ونگن وارا خانا ۽ مختلف طبقا آهن، جيڪي اصلي ماپ
کان ڪجهه گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا.
تصوير 113 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي چوديواري جي اُترئين ۽ ڏاکڻئين ڀت ۾
تعمير ڪيل ڪوڙن لنگهن کان بيهي نظر ڪبي، ته
اولهنديءَ ڀت ۾ محراب جو وڏو، گهرو جارو ۽ ڀتين ۾
ونگن وارا خانا ڏسڻ ۾ ايندا.
جن تي ونگدار ٻارين اندر اُڪير واري چٽسالي ٿيل آهي ۽ اولي جي
هيٺان ۽ ٻارين مٿان به اُڪير ڏسجي ٿي. موجوده
مقبري جي ڪوٽ جي ڀتين ۾ سادگي آهي، ٿي سگهي ٿو ته
اها ڪن مشڪلاتن جي ڪري هجي. يا ائين به ٿي سگهي ٿو
ته پئسي جو يا ڪو ٻيو اهڙو مسئلو هجي. اهڙيءَ ريت
ڪوٽ جي ڀتين جو اندريون پاسو (پليٽ 39) ونگن سان
پيٺل جارن سان سينگاريل آهي، جيڪي پنهنجي شڪل
صورت ۾ چؤڪنڊا آهن. اڀيءَ شڪل ۽ ليٽيل سنوت وارين
ٻارين ۾ مٿاڇري اُڪير واري چٽسالي ڪيل آهي، جيڪي
تمام ننڍين ٻارين ۾ چٽيل گل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ساڳيءَ
ريت اولي جو اندريون پاسو به اُڪير سان سينگاريو
ويو آهي.
لنگهه واري ونگ
هاڻي لنگهه واري فقط هڪ ونگ (پليٽ 38) موجود آهي.
جنهن جي ٻنهي پاسن کان، مٿي گهوڙين ((Brackets
جي مدد سان جارا بيهاريا ويا آهن. اهڙو طريقو مڪلي
ٽڪريءَ جي يادگارن ۾ عام جام آهي. جارن جو اندريون
پاسو لسو آهي، پر ٻاهرئين پاسي تي چٽيل اُڪير ڏسڻ
۾ اچي ٿي. ٻاهرينءَ ونگ مٿان اوچي چؤڪـُـنڊي اڏاوت
ٿيل آهي. ان اڏاوت جي ٻاهرئين توڙي اندرئين پاسي
اڇاتري اُڪير ٿيل آهي. البت ونگن سان، ڀت ۾ اندر
تي پيٺل جارا ڏسڻ وٽان آهن. انهن مان ڪن تي ترخاني
دور سان لاڳاپيل آکڙي
تصوير 114 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جو، ڏکڻ - اولهه کان بيهي ڏسڻ ۾ ايندڙ
منظر، جنهن ۾ ڏکڻ واري لنگهه سان گڏ مٿئين ماڙ به
موجود آهي. ان کان سواءِ مقبري جو قبو ۽ ٿنڀن جي
آڌار تي بيٺل ورانڊا به واضح نموني سان نظر اچي
رهيا آهن. سنه 1054هه/1644ع
صورت جي اڀريل طرز جـي چـٽسـالـيءَ واري اُڪير آهـي. اصلي لنگهه
واريءَ ونگ ۾ پٿر جو چؤڪاٺو هنيل آهي، جنهن جون
ٻانهيون ۽ سردر اُڪيريل آهن. لنگهه مٿان چؤڪـُـنڊي
ٻاريءَ ۾ عربي لکت آهي. اوڀر پاسي جيان اتر واري
بند لنگهه تي ساڳيو اُڪير وارو نمونو ورجايو ويو
آهي (پليٽ 39). فرق رڳو اهو آهي، ته هتي اهڙيون
ٻاريون موجود ڪونه آهن. اهڙي قسم جي ونگ جي مٿان
اتاهين اڏاوت، ان لنگهه ۽ ڏکڻ واري لنگهه تي ڏسي
سگهجي ٿي. ٻاهرئين طرز وارا اڏاوت جا وڌاوڙا (نمبر
112) ٻارين ۽ خانن جون ٻه قطارون ڏيکارين ٿا.
ساڳئي قسم جي بناوت اسان ڪوٽ جي ڀت جي ٻاهرئين
پاسي به ڏسون ٿا. محراب (نمبر 110) کي وڏيءَ ونگ
جي هيٺان سوڙهي منهن سان هڪ جارو آهي. سندس
اندرئين پاسي تي ونگدار ٻارين جي اُڪير ٿيل آهي.
هيءَ اڌ قبائين اڏاوت، قبي جي ڪنڊن وارو سچو محراب
آهي. چؤڪنڊيءَ اڏاوت ۾ ونگن سان هڪ ننڍڙو جارو
آهي. ٻنهي پاسن کان سنڌي طرز جا پاوا لڳل آهن. وڏي
ونگ به ان چؤڪنڊيءَ اڏاوت ۾ ٺهيل آهي (پليٽ 40)
اڏاوت جي مهاڙيءَ تي اڇاتري اُڪير ٿيل آهي، جنهن ۾
ڇهه ڪنڊا به آهن، جن اندر اڀيءَ طرز تي ننڍن گلن
جي ٽـُـڪ ٿيل آهي. ان اڀيءَ طرز جي اُڪير جي مٿان
ونگن تي ٻاريون آهن. محراب ۽ سندس سنجٽ ٻئي سنڌي
اڏاوتي طرز جا آهن.
مقبري جو منڊپ
جڏهن اسان ڪوٽ کان لنگهي مقبري ڏانهن اچـون ٿا، ته
اسـان کـي هڪ وڏي تفاوت جو احـساس ٿئـي ٿـو (پليٽ
41). ڀت تي بنيادن واريءَ سنوت سمان، ٻن ليٽيل
سنوت وارين اُڪيرن جي وچ تي، ونگدار ٻارين اندر
گلن جي اُڪير ٿيل چٽسالي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سامهون
واري مـُـهاڙي ٻٽن ٺلهن ڪري ڏاڍو من موهيندڙ منظر
پيش ڪري ٿي. ٺلهن جي هڪ ٻئي مٿان هجڻ ڪري ڄڻ ته
تصوير 115 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي اتر - اولهه پاسي نظر ايندڙ ٿنڀن جي
آڌار تي بيٺل هيٺيون ۽ مٿيون ورانڊو ڏسجي ٿو. ان
کان سواءِ مقبري جي اڇي قبي سان گڏ ڇت تي مٿي
ننڍڙيون قبيون به ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، مٿئين پاسي وارن
ٿنڀن جي قطار ۽ اُڪيريل هم چورس ٿنڀن تي مٿي تاجن
وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي اُڪير ڏسجي ٿي.
تصوير 116 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي اَٺ ڪنڊي ڍيڍيءَ
Drum
جي ٻاهرئين پاسي تي نظر ايندڙ خوبصورت اُڪير، جنهن
۾ ترخاني قسم جي هڪ مخصوص چٽساليءَ جي طرز ڏسڻ ۾
اچي ٿي.
تصوير 117 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي مٿينءَ ماڙي تي ڪتب آندل هم چورس ٿنڀن
۽ سردرن تي ڏسڻ ۾ ايندڙ خوبصورت اُڪير آهي، جنهن ۾
مخصوص ترخاني طرز جا امليڪي
Floral
گڏوچڙ نمونا ڏسجن ٿا.
تصوير 118 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي ٻاهرئين پاسي نظر ايندڙ ونگ سان هڪ
خانو جنهن جي ٻنهي پاسن کان هڪ هڪ ننڍو ٿنڀ آهي.
هنن ٻنهي ٿنڀن تي پيچيده اُڪير ڏسجي ٿي. جڏهن ته
چؤکٺي جي ٻنهي ٻانهين کان مٿاڇري اُڪير آهي. پر
ونگائين خاني اندر آکڙي طرز جي ٻنهي پاسن کان رکيل
هڪ هڪ پوپٽ، ان طرز جي اُڪير چئن ئي پاسن کان مٿي
۽ هيٺ گل جهڙي گهري اُڪير آهي.
ٻه ماڙ بڻجي پئي آهي. پهرينءَ ماڙ جي ٻاهرئين پاسي کي جهنگلو
هنيو ويو آهي، پر سڀ کان خوبصورت شيءِ اوچي
چؤڪـُـنڊي سردر هيٺان ٽهِ ونگو لنگهه آهي (پليٽ
42) جيڪو اوچي قبي جي اَٺ ڪـُـنڊي ڏيڍيءَ کي لڪائي
ٿو ڇڏي. مٿانئس ٺهيل ڪنول گل جهڙي نيل چؤڪنڊي پري
کان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ان لنگهه وارين ونگن تي،
اندرئين پاسي کان ڏندڙيون لڳل آهن. سڀ ٺلهه هم
چورس آهن. سندن تاجن وٽ ماکيءَ جي مانارن جهڙي
اُڪير ٿيل آهي (پليٽ 45). سندن چارئي پاسا ترخاني
طرز جي چٽساليءَ تي ڪنهن ٻوٽي جي واڌ وانگي نظر
اچن ٿا. چؤمـُـکا سردر به ساڳي طرز جي اُڪير وارن
ڇٽن سان سينگاريل آهن. تراکڙي ڇت زنجيريءَ جي چٽ
سان ننڍڙن چؤرسن ۾ ونڊيل آهي. منجهن گجراتي اڏاوتي
طرز جي گل جي اُڪير ٿيل آهي. ساڳيءَ وقت ٺلهن جون
قطارون ڊگهن بالا خانن جي وجود کي جنم ڏين ٿيون
(پليٽ 44) ۽ قبي جي هر پاسي تي ٻه بالا خانا موجود
آهن. ڪٿي ڪٿي ڇت جي اُڪير واري طرز ۾ فرق نظر اچي
ٿو (نمبر 119). قبي جي منڊپ جو ٻاهريون چترڪاريءَ
جي اڪيچار نمونن جو هڪ ڀنڊار آهي. ڀت جو مٿاڇرو
ونگن وارين ٻاريون خوبصورت اُڪير سان سينگاريل
آهن. هيءَ اُڪير طغرل بيگ جي مقبري تي ٿيل چٽن
جهڙي آهي. پاون جي اندرئين پاسي تي اُڪير جا چٽ
گڏوچڙ نموني آهن جن مان هڪ تي عام ترخاني آکڙي طرز
واري چٽسالي آهي، جيڪا گل ٻوٽي واري اُڪير تائين
هلندي وڃي ختم ٿئي ٿي (نمبر 118). ڪن ٻارين ۾
اليڪي، ڪن ۾ غير روايتي وڻ جي طرز اُڪيريل ڏسڻ ۾
اچي ٿي. اندرين ٻارين تي مختلف قسم جي اُڪير ٿيل
چٽسالي آهي، جيڪا ڏاڍي من موهيندڙ آهي (نمبر
109). عمارت جي اندرين پاسي کان در ۽ دريون سنجٽ
جي چؤڪـُـنڊي بيهڪن
(Frames)
جي وچ ۾ نظر اچن ٿيون. مقبري جي ڪنڊن تي محراب
لڳل آهن، ته جيئن هم چورس منڊپ کي اٺاس ۾بدلائي
سگهجي. انهن جي مٿان گڏيل وچڙيل ونگون آهن. مقبري
جي منڊپ جي وچ تي ٺهيل ٿلهي مٿان نـَـو قبرون آهن.
ٻاهرين ٽن ونگن واري لنگهه مٿان اوچي چوڪـُـنڊي
اڏاوت (نمبر 114) تي ليٽيل سنوت واريءَ آرائشي طرز
۾ ونڊيل آهي. هرهڪ ٻاريءَ کي عربي لکت ذريعي الڳ
ڪيو ويو آهي. ٺلهن تي بيٺل مٿينءَ ڇت وارو قبو هر
چورس کي ڍڪي ٿو. قبي جي اتاهين ڏيڍي (نمبر 116) تي
ڏاڪڻ نما چؤرسن واري وٽيءَ سان گلاب جا گل ۽ چئن
پنکڙين وارا گل اُڪيريل آهن. وڏي گل واري وڏي
مـُـک طرز واري اُڪير به ترخاني اڏاوتن ۾ نظر اچي
ٿي. قبو چئن ئي پاسن کان مٿي اوچو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
ٺلهن ۽ بالاخانن جي شهتيرن واري اڏاوت وچين ٽن
ونگن جي بلڪل آمهون سامهون آهي. ٻه ماڙ عمارت جي
اڏاوت سبب اوچين ونگن وارو لنگهه رکيو ويو آهي. ان
قسم جي توازن جو اصل، گجرات جي اڏاوتي فني طرز سان
تعلق رکي ٿو. مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي اڏاوت ۾ اکيون ٻوٽي گجراتي يادگارن جو
هوبهو نقل ڪونه ڪيو ويو آهي. ان شاندار يادگار جي
خيال کي حقيقت جي روپ ڏيڻ ۾ سنڌي آرائشي روايتي
اڏاوتي فن جي اصليت ۽ اعليٰ مقام کي چڱيءَ ريت
ڏسي، پسي ۽ پرکي سگهجي ٿو.
نتيجو
ارغون ۽ ترخان دور جون جڳهون، سنڌ جي پٿر جي چٽساليءَ واري
ڪاريگريءَ ۽ فن کي گهڻو اڳتي کڻي ويون آهن. طغرل
بيگ جي مقبري کي ڏسڻ مان معلوم ٿيندو، ته اهي
روايتون مغل دور تائين جاري رهيون. موجوده دور ۾
پراڻي قسم جا ڇٽين وارا مقبرا اسان جو ڌيان ڇڪائين
ٿا. ان دور سان لاڳاپيل چوديواريءَ اندر جان بابا
جو مقبرو آهي. سندس قبر جي پٿرانهين لوڙهٽ تي نئين
قسم جي چٽن واري سنجٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. آرائش جون
طرزون چٽيءَ ريت تي اهو ٻڌائين ٿيون، ته ارغون ۽
ترخان قبيلا ڪهڙي پاسي کان واسطو رکن ٿا. ساڳين
ذريعن قبي ٺاهڻ جو نئون هنر به ڏنو. ان دور ۾ جان
بابا جو مقبرو، ٿوري سڌاري کان پوءِ پراڻي روايتي
اڏاوتي فن ۽ سنڌي هنر کي ملائي ٺاهيو ويو. ان جي
ڀيٽ ۾ مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جو وچيون منڊپ مختلف آهي، جيڪو گجرات جي
يادگارن واري اڏاوتي فني ڏانءَ کان متاثر آهي، پر
اهو سنڌ جي پٿرن مان سنڌي روايتن پٽاندر ۽ ترخان
دور ۾ جوڙيو ويو هو.
تصوير 119 - مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي مقبري جي ڇت جو هيٺيون پاسو جتي اُڪير جي ڀانت
جي طرز جي چٽساليءَ جا ڊگها سلسلا موجود آهن. |