باب ڇهون
مغل دور جا تاريخي يادگار
تعارف :
مرزا جاني بيگ کان پوءِ ٺٽو، مغل شاهيءَ ۾ شامل ٿي ويو. آخري
ترخان حڪمران، شهنشاهه اڪبر آڏو سن 1001هه مطابق
1593ع تي پيش ٿيو. مرزا جاني بيگ ۽ سندس پٽ مرزا
غازي پوءِ به ٺٽي جا گورنر رهندا آيا ۽ نائبن
معرفت پنهنجو اختيار ۽ اقتدار هلائيندا رهيا. مرزا
غازي بيگ جي وفات 1021هه مطابق 1612ع ۾ ٿي. سندس
وفات کان پوءِ دهليءَ درٻار طرفان ٻيا گورنر 1
مقرر ٿيندا رهيا، جن جو تعداد ستٽيهه آهي. سندن
وچور هيٺينءَ ريت آهي:
1. مرزا رستم پٽ سلطان حسين مرزا |
1021 هه/ 1612ع |
2. مرزا مصطفيٰ خان |
1025هه/1616ع |
3. مرزا بايزيد بخاري |
1028 هه/1619ع |
4. نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (ان وقت باغي شهزادو خـُـرم
پهتو هو) |
1035هه/ 1626ع |
5. مرزا عيسيٰ خان پٽ مرزا جان بابا |
/1037 هه- 1627ع 1038 هه - 1628ع |
6. نواب امير خان، مير ابوالبقا |
1038 هه/ 1628ع |
7. نواب مظفر خان جهانگيري عرف مير عبدالرزاق معموري |
|
8. سيد ابراهيم خان پٽ سيد بايزيد بخاري (نمبر 3) |
|
9. نواب مغل خان |
1057 هه/ 1647ع |
10. نواب ظفر خان (اصلي امير سپهر شڪوه پٽ دارا شڪوه هـُـئو |
1063 هه/ 1653ع |
11. نواب قباد خان |
1069 هه/ 1659ع |
12. نواب لشڪر خان |
1071هه/ 1660ع |
13. نواب غضنفر خان |
1075 هه/ 1664ع |
14. نواب سيد عزت خان عرف عزت پير |
1078 هه - 1667ع |
1080 هه- 1669ع ۽ وري 1084 هه / 1673ع - 1090 هه / 1679ع |
15. نواب ابو نصرت خان |
1080هه/1669ع، 1082هه / |
1671ع ۽ وري 1101هه / 1690ع - 1103هه / 1691ع |
16. نواب سعادت خان |
1082 هه/ 1671ع 1084 هه/ 1673ع |
17. نواب خانزاد خان |
1090 هه/ 1679ع |
18. نواب سردار خان |
1095 هه/ 1684ع |
19. نواب مريد خان |
1099 هه/ 1688ع |
20. نواب زبردست خان (ساڳي سال سندس وفات ٿي) |
1101 هه/ 1689ع |
21. نواب حفظ الله خان |
1103 هه/ 1691ع |
22. نواب سعيد خان عرف خانزاد خان |
1113 هه/ 1701ع |
23. مير امين الدين خان حسين |
1114 هه/ 1702ع |
24. نواب يوسف خان ترمذي |
1115 هه/ 1703ع |
25. نواب احمد يار خان |
1116 هه/ 1704ع |
|
26. نواب سعيد خان عرف خان |
-1119هه/ 1707ع |
|
1121 هه / 1709ع ۽ وري 1125 هه/ 1713ع 1125 هه/ 1713ع |
27. نواب مـُـهيم خان |
/1121هه/1709ع |
1123هه/ 1711ع ۽ وري 1123هه/ 1711ع- 1124هه/1712ع |
28. نواب شڪور خان (هن ساڳي سال وفات ڪئي) |
1123 هه/ 1711ع |
29. نواب خواجه محمد خليل خان |
1124 هه/ 1712ع 1124 هه/ 1712ع |
30. مير لطف علي خان (شجاعت خان) |
1125 هه/ 1713ع |
31. نواب اعظم خان بن صالح |
1128 هه/ 1716ع |
32. نواب مهابت خان پٽ منيم خان |
1132 هه/ 1719ع |
33. سلطان محمود خان پٽ مهابت خان |
1135 هه/ 1722ع |
34. نواب سيف الله خان |
1137 هه/ 1724ع |
35. نواب دلير خان |
1143 هه/ 1730ع |
36. نواب همت دلير خان پٽ نواب دلير خان |
1145 هه/ 1732ع |
37. نواب صادق علي خان پٽ نواب سيف الله خان |
1149 هه / 1736ع 1150 هه/ 1737ع |
آخري مغل گورنر پنهنجي ضابطي واري علائقي مان ڍل اوڳاڙيءَ جو
انتظام سنڀالي ڪونه سگهيو ۽ پنهنجا اختيار خدايار
خان عرف ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حوالي ڪري ڇڏيا.
مغل دور جون عمارتون
مغل حڪمرانيءَ جي ڊگهي عرصي دوران ٺٽي ۾ ڪيتريون ئي جايون تعمير
ٿيون ۽ مڪلي ٽڪريءَ تي مقبرا پڻ جـُـڙيا. انهن مان
ڪن جو احوال آخري ٻن بابن ۾ اچي چڪو آهي، ڇاڪاڻ
ته انهن جي اڏاوتي طرز انهن پراڻين عمارتن جهڙي
هئي. انهن عمارتن ۾ جان بابا جو مقبرو يا طغرل بيگ
جي ڇٽي ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان
II
جي رانئڪ اچي وڃن ٿا، جيڪي ان دور جي اڏاوت سان
لاڳاپو رکن ٿا. سرن جي عمارتن مان، مرزا جاني بيگ،
ديوان شرفا خان ۽ مرزا باقي بيگ ازبڪ جا مقبرا مغل
دور جي اڏاوت سان لاڳاپو رکن ٿا. مڪلي ٽڪريءَ تي
انهن کان سواءِ ٻيا به ان دور سان لاڳاپيل سادن
قبن سان مقبرا ۽ مسجدون موجود آهن. اهڙي هڪ عمارت
ڇهين نمبر مغل گورنر نواب امير خان جو مقبرو آهي،
جنهن تي 1628ع جي تاريخ لڳل آهي. مقبري سان گڏ
چوڌاري اولي جي اڏاوت ٿيل آهي. عمارت ۽ چوديواري
پڪين سرن مان جوڙيل آهي، جنهن مٿان ڪاشيءَ جي سرن
جو گهڻو استعمال ڪيو ويو آهي. شيخ جيئي جي مقبري
جي اتر - اولهه ڏس تي هڪ غير روايتي اڏاوت ميران
شاهه جو مقبرو ۽ ان جي مسجد آهي. عمارت سرن جي
ٺهيل آهي، جنهن مٿان گچ جو ليپو آيل آهي. ان جو
نمونو هن ريت آهي. اولهه ڏانهن مسجد، ان جي لڳو لڳ
اوڀر پاسي اڱڻ، جيڪو قبرن سان ڀريو پيو آهي.
چؤڪنڊي نموني جي ان مسجد جي ڇت جي تجر چئن ڀاڱن ۾
ٺهيل آهي، مٿانئس ٺهيل ٻه نيلون ڀڄي پيون آهن. ان
مسجد جي اڏاوت ۾ آرائش جي فقط هڪ شيءِ آهي، جيڪا
ته اولهه پاسي واري محراب جي هرهڪ پاسي کان
جافريءَ تي دري ٺهيل آهي. هيءَ طرز بنگال جي
اڏاوتي سنجٽي نموني ٿوري ٻئي قسم جي آهي. موجوده
مثال ۾ اسان بنگال جيان اولي کي گولاين ۾ ڪونه ٿا
ڏسون. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو، ته هن مسجد جي
تعمير بنگال جي تعمير تان ورتل نه آهي. اها پوئين
مغل دور جي ڪنهن تجر جو نمونو هوندي.
خضري مسجد
ان مسجد جي عمارت شاهي بازار2 ٺٽي ۾ موجود آهي، جيڪا سرن جي
اڏيل ۽ ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. محراب تي
موجود لکت موجب هيءَ مسجد نواب عبدالرزاق مظفر
خان3 1022هه مطابق 1613ع ۾ گورنر ٿيڻ کان اڳ ۾
تعمير ڪرائي هئي. مسجد پنهنجي سٽاءَ ۾ هم چورس آهي
۽ ان جي هر پاسي جي ماپ 53 فوٽ آهي. چوڌاري اُوچي
ڀت جو چوديواريءَ جو وانگاڙو آيل اٿس. آڏو واري
اڱڻ جي اوڀر - ڏکڻ واريءَ ڪـُـنڊ کان ونگ تي ننڍي
ڳلا نڍي هئي، جيڪا بازار ڏانهن کـُـلي ٿي، مکيه
ٻـُـنڀي کان اولهه پاسي تي ونگن سان ٻاريون آهن،
جن کي ڪاشيءَ سان سينگاريو ويو آهي. آرائش ۾ ٽي
رنگ ڪتب آندا ويا آهن: گهاٽو نيرو، هلڪو نيرو ۽
سفيد. ڪنارين تي پنَ ول جو گڏوچڙ چٽُ آهي ۽ نيري
ڏوريءَ کي لڙهيءَ وانگر استعمال ڪيو ويو آهي. مرڪز
۾ اڀين قطارن جي صورت ۾ مانڌاڻي نموني وارو چٽ ڪتب
آندو ويو آهي. اندر واريون مانڌاڻيون سفيد، هلڪي
نيري ۽ گهاٽي نيري رنگ جون آهن.
مسجد کي اوڀر ڏِسان کان اتاهين مهاڙي آهي. وچون حصو پاسن کان
وڌيڪ مٿي وڌيل آهي ۽ ان ڪري منڊپ تي اڏيل ٽي قبا
ڏسڻ ۾ ڪونه ٿا اچن. مٿي اتاهين هـُـريءَ هيٺان
ونگن سان ٽي ٻنڀا آهن. وچون، پاسن وارن ٻنڀن کان
وڏو آهي ۽ هر هڪ ونگ مستطيل اڏاوٽ جي هيٺان آهي.
ونگن جي هيٺئين پاسي تي ڦڪي پٿر جا وٿين تي ڇهه
ٿنڀا آهن. وچين ونگ جي نـُـڪرن تي ڪاشيءَ جي آرائش
ٿيل آهي ۽ هيٺان وٿيءَ تي ٻه ٿنڀا لڳل آهن.
نـُـڪرن جي سنجٽ خاص سنڌي نموني تي آهي. هلڪي نيري
رنگ جي تـَـرَ تي، سفيد رنگ ۾ گل ٻوٽي جي طرز جي
چٽسالي ڪئي ويئي آهي، جيڪا آکڙي چٽ جي چوڌاري ڦري
ٿي اچي، جڏهن ته خاڪو سفيد رنگ ۾ ۽ ڀرائي نيري رنگ
جي ٿيل آهي. نماز واري جڳهه کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو
ويو آهي. وچ وارو ڀاڱو وڏو آهي. پاسن واريون
ونگون اتر ۽ ڏکڻ طرف آهن. پاسن وارا ننڍا ڪمرا به
هم چورس آهن. جن مٿان اڌ قبا يا ننڍا قبا يا قبيون
تجر جيان اوڀر کان اولهه ڏسا ڏانهن ٺهيل آهن جن
سان ڪمرو ننڍو ۽ هم چورس بنجي پوي ٿو. وچئين هم
چورس ڪمري کي، ڪـُـنڊن تي ڇڪون ۽ لڏڪڻا هڻي اَٺ -
ڪنڊو بنايو ويو آهي. وڌيڪ ڇڪون هڻي ان کي اڃا به
گول دائري جي شڪل ۾ آندو ويو آهي، ته جيئن قبي جي
اڏاوت لاءِ بنياد بڻجي سگهي. اهڙيءَ ريت اٺ ڪنڊي
ڍيڍيءَ جي مٿئين پاسي تي قبو تعمير ڪيو ويو آهي.
وچ وارو محراب اڌ اَٺ - ڪنڊو آهي. ان جي ڇـِـت وٽ
ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي آهي. ان جي خاص خوبي
اها آهي، ته درين ۾ هوا اچڻ واسطي ٽي منگهه جوڙيا
ويا آهن. ساڳيءَ ريت پاسن وارن منڊپن ۾ ٺاهيل
محرابن ۾ هڪ هڪ هوائي منگهه لڳل آهي. هتي جي
عمارتن ۾ سنڌي قسم جي هوائي منگهن يا درين رکڻ جي
گنجائش رکي ويندي هئي. گهڻو گهميل هوائن وارن
علائقن ۾ هيءَ ڳالهه ضروري هوندي آهي. نماز واري
منڊپ ۾ ونگن جي هيٺئين پاسي تي وٿيون رکي ٿنڀا
هنيا ويا آهن. بنيادن تي ڪيل ڪاشيءَ جي سنجٽ ختم
ٿي چڪي آهي. البت مٿئين پاسي تي ڪاشيءَ جي
چٽساليءَ جا ڪجهه نمونا بچيل آهن. ان علائقي ۾
اهڙي قسم جي مسجد، مغل دور جي هڪ اهم ۽ خاص اڏاوت
آهي.
پير پٺي جي ڀرسان محمد بن قاسم مسجد
هيءَ مسجد، سنڌ جي هن عرب فاتح جي نالي پٺيان سڏي ويندي آهي.
اها پير پٺي جي سامهون مٿاهينءَ تي اڏيل آهي. مٿس
ڪابه تاريخ لکيل ڪانه آهي. پر ان جي نموني مان
معلوم ائين ٿئي ٿو، ته سترهين صدي عيسويءَ جي
پڇاڙيءَ ۾ تعمير ٿيل آهي. حقيقت اها آهي، ته اهي
ٻه مسجدون آهن (نمبر 133) سندن اڱڻ به چڱو ويڪرو
آهي. ماپ اولهه ۽ اوڀر 180 فوٽ، اتر ۽ ڏکڻ 162 فوٽ
اٿس ۽ مسجد اولاهين پاسي تي واقع آهي. ٻنهي مسجدن
مان هڪ بلڪل وِچ تي ٺاهيل ۽ ٻي ڏاکڻي مسجد کي گهڻو
پوءِ ان ۾ شامل ڪيل ٿو ڀانئجي. موجوده دور ۾ ٻنهي
جي گڏيل مهاڙي اهڙو ڪو سٺو تاثر نٿي ڏئي، ته ٻئي
مسجدون هڪ ئي وقت جڙي راس ٿيون هونديون. پر انهن
جا اڏاوتي ڳـُـڻ بلڪل الڳ قسم جا آهن. اترينءَ
مسجد واريءَ مهاڙيءَ کي ونگن سان ٽي ٻنڀا آهن، جن
مان وچ وارو پاسن وارن ٻنڀن کان وڏو آهي ۽ ان جي
مٿان هڪ اتاهين ونگ جوڙيل آهي. ان وچئين ونگ جي هر
پاسي تي ونگ سان هڪ ٻاري آهي. ان کان ساڄي پاسي
تي هڪ ٻئي جي مٿان ٻه وڌيڪ ٻاريون آهن. ڏکڻ پاسي
واريءَ مسجد کي به ونگن سان ٽي ٻنڀا آهن. هر هڪ
ونگ جي مٿان چؤڪنڊي شڪل جي اڏاوت آهي. ان مهاڙيءَ
تي ڪي به خانن واريون ٻاريون رکيل ڪين آهن. ساڳيءَ
ريت ڏاکڻي مسجد جي ٽنهي قبن کي اٺاس نموني جون
ڍيڍيون آهن. ٻنهي مسجدين جو اندريون پاسو خضري
مسجد جي اندرئين پاسي جيان آهي، يعني، هر هڪ کي
ٽي منڊپ آهن. وچيون منڊپ پاسن وارن کان وڏو آهي.
اترين مسجد جي ڍيڍيءَ ۾ قبي واسطي، ڪنڊن ۾ محراب
جوڙيل آهن. پر ڏاکڻيءَ مسجد ۾ قبي جوڙڻ لاءِ ڇڪون
رکيون ويون آهن. اڳئين مسجد جي اولهه واري محراب ۾
خانن واريون ٻاريون جوڙيل آهن، پر پوئين مسجد جو
محراب سادو آهي. ٻئي مسجدون پاڻ ۾ گڏيل آهن. جتي
پاڻ ۾ ملن ٿيون ان جاءِ تي مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ ٺاهي
ويئي آهي. ٻنهي مسجدن جا محراب پٺئين پاسي کان
پوئتي نڪتل آهن (نمبر 134)
اڱڻ جي آڏو هڪ پاسي تي اندر اچڻ لاءِ ونگ سان
پوئين دور جي ٺهيل هڪ ڳلانڍي آهي. اتر - اوڀر
واريءَ ڪنڊ تي، نو ڪانجهو (مٿي سوڙهو ٿيندو
تصوير 133 - محمد بن قاسم جي نالي منسوب مسجد، جنهن ۾ ٽن قبن
واريون ٻه جڳهون شامل آهن. ڏاڪڻ ٻنهي مسجدن جي وچ
واري حصي ۾ تعمير ڪئي وئي آهي. قبن جي چوڌاري پٽي
ڏسجي ٿي. لنگهه ونگ سان آهي، جتان گذري چوديواريءَ
اندر پهچي سگهجي ٿو. اها اڏاوت سترهين صدي عيسويءَ
جي آخري دور جي آهي.
تصوير 134 - محمد بن قاسم جي نالي منسوب مسجد جو پٺيون پاسو،
جنهن ۾ محراب واري ٻاهر ڏانهن نڪتل اڏاوت ۾ ونگن
سان دريون آهن.
تصوير 135 - محمد بن قاسم جي نالي منسوب مسجد جي چوديواريءَ جي
اتر - اوڀر پاسي تعمير ڪيل منارو، جيڪو گول ۽ ٻن
منزلن تي ٻڌل آهي. صفا مٿان قبي جهڙي شڪل اٿس.
هيءَ اڏاوت سترهين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي سان
لاڳاپيل آهي.
تصوير 136 - محمد بن قاسم جي نالي منسوب مسجد جي مناري ۾ ڪاٺ
جون ٻاهر نڪتل جهلون، جي آڌار تي جهروڪو بيهاريو
ويو آهي. قوي امڪان آهي، ته ڄاڻايل جهروڪو آذان
ڏيڻ لاءِ ڪتب ايندو هجي!
ويندڙ) منارو آهي (نمبر 135) جيڪو سرن ۽ گچ سان جوڙيو ويو آهي.
مٿي وڃڻ لاءِ پهرئين طبقي تائين ان ۾ اندران ڏاڪڻ
جوڙيل آهي ۽ ان کان پوءِ ٻئي طبقي تي پهچڻ لاءِ
ٻاهران ڏاڪڻ ٺاهي ويئي آهي. پيڙهه وٽ مناري کي سرن
۽ گچ سان هسي جوڙي ويئي آهي. ٻئي طبقي تي
لـِـتـَـلَ اولي جي هيٺان گول ڏندڙي هڻي ان کي
سينگاريو ويو آهي. مٿان چوٽيءَ تي نوڪدار
قـُـبـِـي ٺهيل آهي، جنهن جي مٿان سادي نيل جو تاج
رکيل آهي. مسجد جي اندرئين پاسي به ونگ سان ٻنڀو
آهي. ٻنڀي جي بلڪل مٿان ڪاٺ جو جهروڪو لڳل هو،
جنهن کي ڪاٺ جي گهوڙين (نمبر 136) جي مدد سان
بيهاريو ويو هو، انهن ڪاٺ جي گهوڙين مان هڪ اڃا به
بچيل آهي. ان جي هيٺان ٻٽيون ڇڪون هنيل آهن. پاسن
تي گل ٻوٽي جي اُڪير واري چٽسالي ٿيل آهي ۽ مٿس
ڏوريءَ جي لڙهي جي طرز واري چٽسالي به ڏسڻ ۾ اچي
ٿي. ٻئي طبقي تي روشنيءَ ۽ هوا جي گذر لاءِ دريون
رکيل آهن. پهرئينءَ ماڙ تان ٻي ماڙ تي وڃڻ لاءِ
ونگ سان لنگهه آهي. جهروڪي جو منهن مسجد ڏانهن
آهي. معلوم ٿئي ٿو، ته ان مناري کي ٻانگ ڏيڻ لاءِ
استعمال ڪيو ويندو هوندو. مڪلي ٽڪريءَ تي ڪنهن
مٿانهين هنڌ تي ان مناري جي اڏاوت، (جنهن جي هيٺان
هڪ وسندي هجي ۽ اها سڪي ويل درياءَ جي ڪناري تي به
هجي،) ڏسي محسوس اهو ٿئي ٿو، ته ان مناري تي چڙهي
پهريداريءَ جو ڪم به ورتو ويندو هو. مناري جو
هيٺيون گهيرو 72 فوٽ ۽ اوچائي 50 فوٽ آهي. نموني ۾
سکر واري مير معصوم شاهه جي مناري جهڙو4 آهي، جنهن
جي اڏاوت جي شروعات 1003هه مطابق 1594ع ۾ ڪئي ويئي
هئي ۽ سن 1027هه مطابق 1618ع ۾ جڙي راس ٿيو.
امير محمد خان جي مسجد
مير علي شير قانع5 جي بيان مطابق هيءَ مسجد، ڀائي خان محلي ۾،
عبدالغني ۽ ملڪ مان جي چؤڪ جي وچ تي نواب امير
محمد خان جوڙائي هئي. مصنف جي قول مطابق اها اصلي
هندن جي پنچائت جي جڳهه هئي. مسجد جي ٻاهران لکت
موجب،6 مسجد 1039هه مطابق 1629ع ۾ جڙي راس ٿي.
هيءَ هڪ قبي تي ٻڌل اڏاوت آهي. ٻاهرين ماپ 23 فوٽ
6 انچ ۽ اندرين ماپ 16 فوٽ 3 انچ اٿس. اها سٽاءَ ۾
هم چورس آهي. لنگهه اوڀر کان اٿس. ٻاهريون پاسو
گٺل ۽ پوريءَ ماپ تي ڪٽيل ڳاڙهين سرن مان جوڙيو
ويو آهي ۽ سنڌن کي نيري ڪاشيءَ سان ڀريو ويو آهي.
سامهون واري مهاڙيءَ ۾ ٽي چوڪنڊيون بيهڪون
(Frames)
آهن. جن مان پاسي وارين کان وچئين وڏي آهي. انهن
سڀني ۾ ڪاشيءَ جون ٻاريون سينگاريل هيون، جيڪي
هاڻي تباهه ٿي چڪيون آهن. پر پاسي تي ٻه عربي
لکتون اڃا بچيل آهن. اتاهين وچين اڏاوت جي اُوچيءَ
ونگ جي هيٺان واري لنگهه ۾ پٿر جو چؤڪاٺو آهي،
جنهن جي ٻانهين تي اُڪير سان چٽسالي ڪئي ويئي آهي.
سردر جي مٿان ونگ جي ونگڙ ۾ هيري - ڪڻ جي آڌين جي
طرز واري چٽن جي قطار چٽيل آهي. مسجد جون ڀتيون
مٿي سنهيون ٿينديون ٿيون وڃن. اولي کان ٿورو هيٺان
هلڪي نيري رنگ جي ڪاشيءَ جي ڏندڙي لڳل آهي، قبو
اُڀڪپرو آهي (پليٽ 62) جيڪو نماز پڙهڻ واري ڪمري
کي ڍڪي ٿو. ڏيڍي گول دائري واري آهي. آرائش لاءِ
هلڪي نيري ڪاشيءَ جي سر جو عام واهپو ڪيو ويو آهي.
ڏيڍي ۽ قبي جي اوسر واري بنيادن جي وچ تي پٿر جا
بار هنيا ويا آهن. ڏيڍيءَ تي هيٺئين آرائشي قطار
گلدستن تي ٻڌل آهي، جيڪي گهاٽي نيري رنگ ۾ آهن ۽
تر سفيد اٿن. ان کان مٿينءَ قطار ۾، جيڪا ڪجهه
موڪري آهي، انگريزي
T
اکر جي طرز تي چٽ اُڪيريل آهي، ڏاڪڻ جي نموني تي،
رنگ گهاٽو نيرو، تـَـرُ سفيد اٿس، جيڪا واري وٽيءَ
تي هيٺ مٿي چٽيل آهي. ان کان مٿان هڪ گڏوچڙ نموني
جي طرز واري چٽسالي ڪيل آهي، جنهن ۾ ليڪون هڪ ٻئي
کي ڪپين ٿيون. ليڪون سفيد رنگ جون ۽ تر نيري رنگ
جو آهي. اندريون پاسو، ڪنهن پوئين دور ۾ پيڙهه
وارن بارن تائين ڀراءُ وجهي مٿي ڪيو ويو آهي. جڏهن
پويون پيل ڀراءُ ٿورو هٽايو ويو، ته هيٺان ٻارين
واري سنجٽ ظاهر ٿي پئي. ٻارين واري آرائشي طرز
بلڪل نرالي آهي. ان چٽساليءَ ۾ گلن سان جهنجهيل
ٻوٽا، ميوات جا ٿانو ۽ گلدستا ڏيکاريا ويا آهن.
اهڙي قسم وارا چٽساليءَ جا طرز دهليءَ ۽ آگري جي
مغل عمارتن تان ورتل آهن. چئن ڪنڊن تي ٺهيل
محرابن کان پوءِ هم چورس ڪمرو اٺاس ۾ بدلجي وڃي
ٿو. مٿي محرابن تائين يا محرابن کان وٺي ڇت تائين
سنجٽ اڃا سلامت آهي. مٿي ڇت تي ڌاڳن جي اُڻت جهڙي
طرز جي چٽسالي آهي ۽ چوٽيءَ تي گل جي تصوير
اُڪيريل آهي. هيءُ مغل طرز جي يادگار عمارت، ٺٽي
اندر پنهنجي نوعيت جي پهرين عمارت آهي. |