سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

باب؛ --

صفحو ؛ 1

ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار

ڊاڪٽر احمد حسن داني

 

ڇپائيندڙ پاران

هونئن ته سنڌ جي هر ڪُنڊ ۽ ڪڙڇ لازوال يادگارن، داستانن، آثارن ۽ اهڃاڻن سان ڀريل آهي، پر ٺٽي ۽ خاص ڪري مڪليءَ کي سڀني ۾ هڪ امتياز حيثيت حاصل آهي. چوڏهن چورس ميلن تي پکڙيل هيءُ عظيم تاريخي ماڳ بظاهر ته مقبرن ۽ مدفن جو مجموعو نظر اچي ٿو پر اصل ۾ اهو مقام آزاد سنڌ جي اقتدار اعليٰ، فن و هنر ، شاندار مهمن ۽ عظيم حاصلات جو هڪ اهڙو اهڃاڻ آهي، جيڪو ڏيهي توڙي پرڏيهي عالمن، اڪابرن، محققن ۽ محراب ڏسندڙ کي پاڻ ڏي متوجه ڪري، ماضيءَ جي شاندار سنڌ جي فرياد سُڻائيندي، کيس دعوت ڏي ٿو ته موجوده سنڌ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪهڙي ”عهدو وفا“ جي تجديد جي ضرورت آهي ۽ مستقبل جي سنڌ بابت ڪهڙي قسم جا خواب اُڻي سگهجن ٿا.

مُلڪ جي مشهور دانشور ۽ محقق ڊاڪٽر احمد حسن داني صاحب جو اصل انگريزي ۾ لکيل هيءُ ڪتاب Islamic Architecture of Thatta انهيءَ ڏس ۾ هڪ اهڙي علامت آهي، جنهن کي پڙهندي مڪليءَ تي موجود فن ۽ حقيقتن جي حُسن کي نهايت تفصيل ۽ آسانيءَ سان پسي سگهجي ٿو. لائق مصنف قديم آثارن جي سائنس ۾ وضع ڪيل اصولن مطابق تقريبن هر مقبري ۽ جاءِ جي تاريخي، سياسي، فني ۽ سماجي حوالن سان اهميت واضح ڪندي، اُن جي ذري پُرزي جي پيمائش ڪري پڙهندڙن لاءِ هڪ ڪتاب ۾ ڄاڻ جو ايترو ته وسيع ۽ شاندار  خزانو ڪٺو ڪيو آهي، جو مڪليءَ جي ماڳ کان هزارين ميل پري هوندي به وڏي حد تائين اُن جي اهميت جو اندازو ٿي وڃي ٿو.

داني صاحب پنهنجي هن محنت طلب شاهڪار ۾ مڪليءَ جي آثارن جو تذڪرو ڪندي هڪ طرف ڪئين صدين تي ڦهليل ننڍي کنڊ جي قديم آثارن جو مختصر جائزو ورتو آهي، ته ٻئي پاسي انهيءَ کنڊ ۾ موجود مختلف قومن جي ورثن ثقافتن ۽ فني عظمتن جو ضمني ذڪر ڪندي، مڪليءَ جي آثارن کي مڙني ۾ ممتاز  ڳڻائي، ان کي دنيا جي مڙني قومن لاءِ ”فخر جوڳي ورثي“ جو درجو ڏياري ڇڏيو آهي. ڪتاب پڙهندي محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته عزت مآب مصنف جي اندر ۾ هڪ داستان گو، دانشور، جاکوڙي، نقاد ۽ ذميوار سماجي سائنسدان سميت ڪئين آتمائون وجود رکن ٿيون. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته  هيءَ ڪشٽ ڪندي ڊاڪٽر داني صاحب سنڌ جي محبت ۽ اُڪير جو هڪ قدر جوڳو ثبوت فراهم ڪري ڇڏيو آهي.

مهربان مصنف جي انهيءَ عرق ريزيءَ جو انتهائي عقيدت سان قدر ڪندي، سائين عطا محمد ڀنڀري صاحب پڻ پنهنجي پتيءَ جو پورهيو ڪرڻ ۾ پير پوئتي ناهي وڌو. هُن صاحب هڪ سمجهدار سنڌيڪار طور نه رڳو ليکڪ جي بنيادي خيال، مشاهدي ۽ تجزيي کي چڱي طرح پروڙيندي ترجمي جو اصل روح بگاڙڻ کان پرهيز ڪئي آهي، پر ڪتاب منجهه موجود لفظن، اصطلاحن، جملن ۽ حوالن کي سنڌي ٻوليءَ جي سانچي ۾ نهايت ئي سلوڻائپ سان سمائي هڪ قسم جي ڪرشماتي ڪشش کي جنم ڏنو آهي. پڙهندڙ ڀنڀري صاحب جي سولي سهنجي پر سحر ڀري ٻوليءَ جي سونهن ۾ گرفتار ٿي، تحقيق جي خشڪيءَ کي آسانيءَ سان لسانياتي لطافتن ۾ تَر ڪري سگهي ٿو. بيشڪ اهو سنڌيڪار جي فن جو اعجاز آهي، جو هُن صاحب متروڪ لفظن، تُز سنڌي محاورن ۽ قديم سنڌ جي ڪاريگرن/ هُنرمندن جي استعمال هيٺ رهندڙ خاص ٻوليءَ جو ڀرپور ادراڪ رکندي، احساس ڏياريو آهي ته هڪ معياري ترجمو پنهنجي جوهر ۾ ڪنهن شاندار تخليقي عمل کان هرگز به گهٽ ناهي. هونئن به سنڌ واسين کي ڀليءَ ڀت  پروڙ هوندي ته، عطا محمد ڀنڀري صاحب ڳچ عرصي کان ترجمه نگاري جي فن کي محض ”دلچسپي“ يا ”ڪرت“ ڪري نه ورتو آهي، پر هُن ته انهيءَ پورهيي کي زندگيءَ جو اٽوٽ حصو بڻائي ڇڏيو آهي. لائق سنڌيڪار سان لاڳاپيل حلقي کي سُڌ آهي، ته هڪ عوام دوست آرٽسٽ وانگر، سندس هر ابتدا ۽ انتها هُن جو وطن آهي.... ۽ اُنهيءَ وطن جي محبت ۾ پاڻ نهايت سرمستيءَ ۽ سرفروشيءَ واري جذبي سان پنهنجو وقت، آرام ۽ آئندو ارپي ڇڏيو اٿائين اهوئي سبب آهي جو مڪليءَ جي دَر و ديوار جو ذڪر ڪندي، هو صاحب خواب نگر جي مسافري ڪندي نظر اچي ٿو.

ڀنڀري صاحب جي طرفان انتهائي خلوص سان ٿيل انهيءَ محنت ۾ پنهنجو حصو ڳنڍڻ وارن ۾ سندس دل گهريو دوست ڊاڪٽر نواز علي شوق صاحب به آهي، جنهن ڪتاب تي نظرثاني ڪندي پنهنجو قيمتي وقت سيڙايو ۽ مسودي کي سُڌاري سنواري بورڊ جي حوالي ڪيو. ”شوق“ صاحب جي ڪم کي اڳتي وڌائيندي بورڊ جي انچارج پبليڪيشن جناب عبدالحفيظ قريشي ۽ پروف پڙهندڙ دين محمد ڪلهوڙي صاحب نهايت ئي احتياط ۽ سنڀال سان سِٽ سِٽ تي بار بار نظر وڌي. جڏهن ته انجنئير محمد هاشم جوکيي صاحب آخر ۾ ماهراڻي نظر وجهندي گهربل سُڌارا ڪيا. ان کان علاوه هن ڪتاب کي شايع ڪندڙ اداري پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري، ڪلچر ائنڊ سولائيزيشن اسلام آباد جي تڏهوڪي ڊائريڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي به مُبارڪون ڏيڻ کپن، جنهن صاحب سنڌ جي هڪ ڄاڻي واڻي نظر انداز ڪيل ماڳ کي تمام سُهڻي نموني سان مُلڪي ثقافت جي هڪ اهم ورثي طور تسليمي ڏياري.

راقم الحروف هڪ منتظم جي حيثيت ۾ هر مرحلي تي مٿين مڙني صاحبن سان مسلسل واسطي ۾ رهيو ۽ ڪتاب کي جلد از جلد مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ هر قسم جي انتظامي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ بيجا نه ٿيندو ته هن ڪتاب سان منهنجي دلچسپيءَ جا ڪجهه ٻيا ڪارڻ به هئا. مثال طور: سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ ”ٺٽي جا اسلامي يادگار“  اهو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو منهنجي نگرانيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڇپجي پڌرو ٿي رهيو آهي. ان کان علاوه هن ڪتاب کي وقت سر شايع ڪرڻ جو واعدو مون ”هيريٽيج سوسائٽي ٺٽه“ طرفان ”ٺٽه سيمينار“ منعقد ڪرائڻ جو عزم رکندڙ اڳوڻي ڊي سي او ٺٽه جناب محمد اسحاق لاشاريءَ سان ئي نه ڪيو هو، پر پنهنجن مهربان دوستن/محسنن جناب عبدالغفار سومري صاحب، جناب ڪليم لاشاري صاحب ۽ ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ سان پڻ اهڙوئي انجام ٿيل هئم. مون کي خوشي ٿي آهي جو الله سائينءَ اهڙي واعده وفائيءَ لاءِ نه رڳو مهلت ڏني، پر مڙني مشڪلاتن کي به آسان بڻايو.

اُميد آهي ته هيءُ ڪتاب بورڊ جي رٿابنديءَ جي حوالي سان مندائتي مينهن جي اها ابتدائي ڪڻي ثابت ٿيندو. جنهن جي پالوٽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ماحول کي خوشگوار بڻائڻ ۾ بيحد مدد ڏيندي. آس اها به اٿئون ته پڙهندڙن جي علمي اُڃ اُجهائڻ لاءِ پڻ هيءُ ڪتاب ڇانوري ۾ رکيل مَٽ مان اندر ۾ اوتيل آب وارو اثر ڏيکاريندو، جيڪو رڳو جسم کي ئي نه پر روح کي ٺارڻ جو به سبب بڻبو آهي.

”سؤ ڪوهه ڪري سَڀَڪا، تون کُهي کڻج وِک،
تــــاڻـــج منجهان تــکِ، ته پنڌ پاسي ڀَــر نبري.“

 

ڄام شورو، سنڌ                                      انعام الله شيخ

7 رمضان المبارڪ 1425 هجري                      سيڪريٽري

بمطابق                                              سنڌي ادبي بورڊ

22 - آڪٽوبر 2004ع


 

 

]الف[

مهاڳ

اسلامي تاريخ ۽ ثقافت جي حدود اندر، انهن عنوانن سان لاڳاپيل پنج ڪتاب هيٺ ڏنل موضوعن تي لکڻ لاءِ هن اداري جي رٿا ۾ شامل آهن:

(i) پاڪستان ۾ عمارت سازيءَ جي فن جو اسلامي دور:  هڪ تعارف

(ii)  پاڪستان جي عمارت سازيءَ جي فن جو اسلامي دور: لاهور جا يادگار

(iii) پاڪستان جي عمارت سازيءَ جي فن جو اسلامي دور: ملتان جا يادگار

(iv) پاڪستان جي عمارت سازيءَ جي فن جو اسلامي دور: اُچَ جا يادگار

(v) پاڪستان جي عمارت سازيءَ جي فن جو اسلامي دور: ٺٽي جا يادگار

        هن خاص موضوع تي لاڳاپيل ڪتابن جو هيءُ سلسلو، هن موضوع تي مَن هڪ ابتدائي تصوير پيش ڪري ۽ ڏکڻ ايشيا جي مطالعي واسطي هڪ نئون  باب کولي وجهي.

انهن پنجن ڪتابن مان چوٿون نمبر ڪتاب (1400هه/ 1980ع)، ”اُچَ: تاريخ ۽ عمارت سازي“ جي عنوان سان اڳ ۾ ئي ڇاپجي چُڪو آهي. ڪتاب نمبر پنجون جنهن جو عنوان ٺٽو ۽ اسلامي عمارت سازيءَ“ جو فن آهي، هاڻي شايع ٿي رهيو آهي.

موجوده ڪتاب، منهنجي دعوت تي، پروفيسر احمد حسن دانيءَ لکڻ جو واعدو ڪيو هو. مان سندس ٿورائتو آهيان جو هن صاحب منهنجي نينڍ تي تڪڙي وراڻي ڏني ۽ ٻين ادبي سرگرمين مان وقت ڪڍي ڏاڍي ڏانَو سان، هن ڳوڙهي اڀياسي ڪتاب کي ڏنل وقت کان اڳي پورو ڪيو. پروفيسر داني هن موضوع تي گهرو مطالعو ڪيو آهي ۽ آثار قديمه جي ماهر جي حيثيت سان يا هڪ لائق تاريخدان ۽ هند- مسلم فن عمارت سازيءَ جي شاگرد هجڻ جي حوالي سان، هن موضوع تي گهڻ- پاسائين نظر وڌي آهي. سندس ٺٽي جي آثارن جي مطالعي، مقامي جاگرافي ۽ تاريخ جي ترتيب جي حوالي سان، مڪليءَ جي يادگارن ۽  ٻنهي جي اڏاوتي فن جي خوبين کي اهميت ڏئي ڏاڍو چٽو ڪري بيهاريو آهي. هيءُ هڪ اهڙي صورتحال آهي، جنهن ڊاڪٽر دانيءَ کي، روايتي خام خيالن ۽ غلط نظرين کي صحيح ڪرڻ ۽ سنڌ جي عمارت سازيءَ جي فن جي بي مثال تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ڏنو آهي، جيڪو پاڪستان جي تعميراتي فن جي تاريخ ۾ هڪ اهم باب جي حيثيت رکي ٿو.

پروفيسر دانيءَ جي ماهر ۽ عالم هئڻ واري حيثيت، اصلي لکيل ذريعن تائين سندس اهميت جوڳي پهچ ۽ اصلي ماڳن تي وڃي مطالعاتي جاکوڙ ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين يقيني طور، هڪ ڪتاب کي مذڪوره موضوع تي حوالن سان ڀريل هڪ اهم ڪتاب بڻائي وڌو آهي. اهڙيءَ ريت هيءُ ڪتاب هڪ وڏي دور تائين بي مثال رهندو.

اسلام آباد                             ڊاڪٽر اين - اي -بلوچ

1982-07-12                               ڊائريڪٽر             

  انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري

  ڪلچرل ائنڊ سولائيزيشن

اسلام آباد

 


 

]ب[

سنڌيڪار جا ٻه اکر

 

”ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار“ ڪتاب سنڌ جي اڏاوتي فن جي تاريخ کي يڪجا ڪندڙ سنڌي ادبي بورڊ پاران هڪ اهڙي سوکڙي آهي جنهن جو قدر ۽ ملهه جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو تيئن تيئن وڌ کان وڌ ٿيندو ويندو.

پنج هزار سال قديم شهر موئن جو دڙو، سنڌ جي سپورنج ۽ سچيت لوڪن جي هڪ اهڙي وسندي آهي جن پڪ - سري اڏاوتي فن کي عروج تي پهچايو.  پڪسراوان گهر، پڪسريون گهٽيون، آڙماڙ کوهه، وهنجڻ جو تلاءُ، ڍڪيل نيڪاسيءَ وارو نظام، چـِـٽيل ٺڪر جا ٿانوَ، سرجان مارشل چواڻي: لنڊن جي بانڊ اسٽريٽ جهڙا گهڙيل سونا ڳـَـهـَـه، ۽ مختلف جانورن جي شڪلين واريون اُڪريل مهرون، اڏاوت ۽ چٽساليءَ واري فن ۽ ڪلاڪارن جي مهانتا جي شاهدي ڏين ٿيون. ساڳيءَ ريت مڪليءَ جي ٽڪريءَ واري مدرسن، مسجدن، يادگارن، مقبرن ۾ پڪسري ۽ پٿر جي تعمير، پنهنجي فني اوج تي پهتل نظر اچي ٿي. خاص طرح سان ڇههَ - ٿنڀي، اَٺَ - ٿنڀي ۽ ٻين آڙماڙ ۽ گهڻ - ڪنڊائن مقبرن جي اڏاوت هن تعميرات جا چٽساليءَ سان اُڪيريل ٺـُـلهه، محرابي ونگون، نڪرون، چوڪاٺن وارا در، انهن مٿان رکيل سردر، ڏيڍيون، قـُـبن جون ڏيڍيون، جارا، جاريون، هـُـريون، محرابي خانا، ڇـَـڄا ۽ وڌاوڙا، عاليشان اُڪير واري فن جا شاهڪار جهروڪا، در، دريون، وانگاڙا، وهڪڙا ۽ لاٺيرا قبا، انهن منجهه اُڪير واري سنجٽ، ڪاشيءَ جا نت نوان نمونا ۽ طرزن جي نت نون ورن واري چٽسالي گلڪاريءَ سان ڀريل چونٺا، بهترين ڪتابت وارا ڪتبا، آڙ ماڙ چٽيل پٿراوان لوڙهٽ جيڪي کوکي طرز، اوڀڙ طرز جي نقش نگاريءَ ۽ بهترين عربي، فارسي خطاطيءَ وارن نمونن سان جهنجهيل آهن. نت نوان ونگن جا نمونا، ڇڄي دار ونگ، وڌاوڙي ونگ، حقيقي ونگ، چارَنوڪي ونگ، ورن واري ونگ، جهالر واري ونگ، سينڌ ونگ ۽ سنڌ جي قديم ترين ونگ يعني آکڙي يا بيضوي ونگ (جيڪا اسپين جي حاڪمن عبدالرحمان I ۽ II جي جوڙايل قرطبه جي جامع مسجد، الحمرا محل، ويندي اوڀر يورپ جي ڪليسائن جي عظيم اڏاوتن ۾ نظر اچي ٿي سا اصل ۾ سنڌي ونگ آهي ۽ سڄي دنيا جي اڏاوتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو رڳو سنڌ ۾ پنج هزار سال اڳ واري سنڌ جي شهر موئن جي دڙي ۾ نظر اچي ٿي) ۽ اڏاوتي تاريخ ۾ محراب ۽ محرابي ونگن کان ويندي مينار کي اصل سنڌ جي ايجاد هئڻ جو ثبوت ڏئي ٿي. جيتوڻيڪ اڏاوتي تاريخ ۾ مينار، قـُـبا، محراب ۽ محرابي ونگون اسلامي اڏاوتي فن جو حصو ڪوٺجن ٿيون، پر سنڌ ۾ اهو تعميراتي فن پنهنجي اصل روح ساڻ هتي جي زمين سان گهـَـرو ناتو رکندڙ ۽ ان مان ڦٽندي نظر اچي ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ تي اثر رکندڙ قديم مذهبن هتي جي تعميراتي حسن کي وڌايو، (جهڙوڪ: جين مذهب جي اڏاوتي فن جي اثر جو مثال ڀوڏيسر ۾ گجرات جي حاڪم محمود شاهه بيگڙي جي جوڙايل مسجد ۽ اتي جي جين عبادتگاهن ۾ فني ۽ اڏاوتي هڪجهڙاين ۾ پسي سگهجي ٿو)  ڇو ته لاهوت لامڪان واري جڳهه تي جين مذهب جي سمورن فرقن جوڳين، سامين، سنياسين، ڪنوٽين، ڪاپڙين (جن کي لطيف سائين سُرامڪلي ۾ خوب ڳايو آهي) جي سڄي ننڍي کنڊ ۾ وڏي ۾ وڏي تيرٿ ياترا سنڌ ۾ ئي هئي. ان ريت ٻئي ڏتڙيل ڌرم يعني ٻڌ مت کي سنڌ ۾ نه رڳو پناهه ملي پر اهو هت وڌيو ۽ ويجهيو ۽ ٻڌ مت جا وڏا قديم آثار سنڌو ماٿريءَ ۾ ئي موجود رهيا آهن. ساڳيءَ ريت چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي اڏاوتي فن ۾ اسلامي دور جي شروعات ڪي واڌارا ۽ سـُـڌارا آندا، جن جو بلاشڪ بنياد وچ ايشيا جي شهرن بدخشان، هرات ۽ ايران سان پڻ رهيو، پر سنڌ جي اڏاوتي فن ۾ چٽسالي ۽ پٿر تي اڪير وارو ڪم سڌو سنئون هتي سنڌ مان ئي اُسريو ۽ اُڀريو آهي ۽ جين مذهب جي اڏاوتن جي ڪلا ۽ ڪلاونت واري نفيس چٽساليءَ تي هن جو ۽ هن تي ان جو اثر چٽو نظر اچي ٿو. خاص طرح لڳي ٿو ته ان دور ۾ گجرات کان ڪي انهيءَ پٿر تي ورن واري گلڪاري چٽڻ وارا ڪاريگر سنڌ ڏانهن آيا يا سنڌ جا ڪاريگر اوڏانهين ويا ۽ اهي هڪ ٻئي کان فني طرح سان متاثر ٿيل ڏسجن ٿا. مڪلي ٽڪريءَ تي، سنڌ تي اٽڪل اڌ صديءَ تائين انصاف واري حڪومت ڪندڙ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جو مقبرو انهيءَ پٿرانهين اڏاوت ۽ انهن تي ٿيل امليڪي ۽ اليڪي چٽسالي ۽ گلڪاريءَ جو هڪ اهڙو شاهڪار آهي، جيڪو سنڌ جي خودمختيار دور جي شاهوڪار ۽ عاليشان ثقافت جي عروج جو داستان ٻڌائي ٿو. سنڌ جي ماڻهن کي وَر وَر ڏئي انهيءَ عظيم، باوقار، محبت جي لازوال مثال کي ڏسڻ گهرجي، جنهن کي سنڌ جي هنر مندن، اڏاوتي ڪاريگرن پنهنجي ڇيڻيءَ ۽ هٿوڙي وسيلي چٽساليءَ ۽ گلڪاريءَ وارين نت نين طرزن سان  اُڪيري پنهنجي انصاف پسند ۽ الله لوڪ سلطان سان پيار، پاٻوهه ۽ گهري سٻند جو جيڪو اظهار ڪيو آهي اهو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.

هن اڏاوتي فني تاريخ تي اڃا به ڌيان ڌرڻ گهرجي. سنڌي ادبي بورڊ جي باعمل سيڪريٽري انعام شيخ ۽ هن جي ساٿي انچارج پبليڪيشن عبدالحفيظ قريشي جيڪا دلچسپي هن ڪتاب کي پڌرو ڪرڻ ۾ ورتي سا نهايت ساراهه جوڳي آهي. اها ڳالهه هن ادبي اداري جي زندهه ۽ امر هئڻ جو ثبوت فراهم ڪري ٿي. آئون اها ڳالهه چئي سگهڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهان ته س.ا.ب سيڪريٽري انعام شيخ ۽ عبدالحفيظ قريشي ڪيترائي ڀيرا روبرو ۽ فون وسيلي رابطو ڪيو ۽ گرميءَ ۾ به در کڙڪائي مون کي هڪ پراڻي ۽ وساريل مسودي جي ياد ڏياري نه رڳو حيرت زده ڪيو پر هڪ هڪ اصطلاح ۽ فني لفظ بابت پڇا (نه پر جهڙوڪ آڏي پڇا) ڪئي. سا ڳالهه علم ۽ ادب جي واڌاري بابت سندن انتهائي دلچسپيءَ کي ظاهر ڪري ٿي. مون کي ائين به لڳو ته ڄڻ اهو ڪتاب سندن لکيل آهي جنهن کي ڇپائڻ لاءِ هو پريشان آهن.

آئون سيڪريٽري س. ا. ب انعام شيخ، انچارج پبليڪيشن عبدالحفيظ قريشي، ڊاڪٽر علي نواز شوق، اسسٽنٽ پروفيسر ڊپارٽمنٽ آف آرڪيٽيڪچر، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي، ڄامشورو محمد هاشم جوکيو، پريس مئنيجر سڪندر علي شاهه، ڪمپوزنگ ۽ سيٽنگ ڪندڙ فرحان علي ڀٽي، اسڪيننگ ڪندڙ سليم احمد ڀٽو ۽ دين محمد ڪلهوڙي جو ٿورائتو آهيان، جن جي اهڙي دلچسپيءَ کان سواءِ ان ڪتاب جو درست ٿي  ڇپجڻ ممڪن نه هو.

لطيف سائين جي ٻولي ٿورا مڃيندي ائين چوندس ته:

هـــڏ نــه پـَــــڙان هـــيڪڙي، ٿــوري ٿر ڄـاين،
مون کي ماروئڙن، مـيري ڪري نه منيو.

                           (ڀٽائي رحه) 

 

عطا محمد ڀنڀرو

حيدر آباد، سنڌ

تاريخ: 13، آڪٽوبر 2004


 

]د[

مهربانيءَ جا ٻه لفظ

پنجاهه جي ابتدائي ڏهاڪي ۾ جڏهن مون پنهنجو ڪتاب ”بنگال جا قديم اسلامي يادگار“ (Muslim Architecture of Bangal) لکي پورو ڪيو، ته مون مرحوم ممتاز حسن سان واعدو ڪو هـُـئو ته آئون ساڳي نوعيت جو ڪم ٺٽي جي يادگارن بابت سرانجام ڏيندس. افسوس جو منهنجي ساڻس ڪيل انهيءَ واعدي جي تڪميل ڏسڻ لاءِ مرحوم اڄ هن دنيا ۾ موجود ناهي! بهرحال مـُـنهنجي انهيءَ واعدي جي پورائي ۾ ڊاڪٽر اين.اي بلوچ جو وڏو هٿ آهي، جنهن صاحب نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ائنڊڪلچرل ريسرچ اسلام آباد جو ڊائريڪٽر ٿيڻ شرط اڳڀرائي ڪندي، مون کي هر قسم جو مادي ۽ مالي تعاون آڇيندي، ڪتاب جي تياريءَ لاءِ اُتساهيو. مون کي جڏهن به ضرورت پئي ته هـُـن هر موڙ تي نه رڳو سنڌ بابت پنهنجي اٿاهه ڄاڻ سان مون کي نوازيو، بلڪه هڪ ضميمي جي شڪل ۾ ٺٽي بابت هڪ شاندار ليک هن ڪتاب ۾ شامل ڪيو. ان کان علاوه مان پاڪستان جي ثقافت ۽ سياحت واري وزارت ۽ سندس ماتحت آرڪيالاجي کاتي جي شڪر ادائي ضرور ڪندس، جن جي تعاون کان سواءِ هيءُ ڪتاب حقيقت جو روپ ڌاري نه سگهي ها. ذاتي طور تي آئون اڳوڻي وفاقي وزير منئيجر جنرل (رٽائرڊ) شاهد حامد جو به ٿورائتو آهيان، جنهن جهلم سان لاڳاپيل پروفيشنل فوٽوگرافر ايم. آر. اويسي کان ڪي اهم فوٽوگراف خريدڻ ۾ مالي مدد ڪئي. مهربانيون ته آرڪيالاجي کاتي جي ڏاکڻي سرڪل حيدرآباد جي سپرنٽينڊنٽ جناب علي محمد خان لـُـنڊ خور جون به آهن، جنهن نه رڳو کاتي ۾ موجود تصويرن منجهان چونڊ ڪرڻ جي مڪمل آزادي ڏنم، پر مسٽر شڪور محمد نالي هڪ قابل فوٽوگرافر ۽ کاتي جي ڪنزرويشن آفيسرن مسٽر ماجد ۽ مسٽر شرافت جو سهڪار فراهم ڪيو، پر خاص طور تي آئون پير حسام الدين راشديءَ جو بيحد شڪر گذار آهيان، جنهن جي مڪلي نامي جي ڇاپي ۽ ٺٽي تي لکيل سندس ٻين تحقيقي مضمونن، مون کي ٺٽي جي تاريخ پروڙڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هن ڪتاب ۾ مون هينري ڪـُـزنس جي ڪتاب (Antiquities of Sindh) منجهان ڪي خاڪا ۽ هڪ نقشو به شامل ڪيو آهي. مون کي اُميد آهي ته هن ڪتاب جي ڇپجڻ سان هڪ عرصي کان پڙهندڙن لاءِ پاڪستان جي قديم آثارن بابت ناپيد ٿيل معلومات حاصل ٿيندي.

 

        اسلام آباد                پروفيسر احمد حسن داني        

    15 اپريل 1981ع


 

]هه[

ڪـُـجهه گذارشون

مسلمانن جي اچڻ کان پهريان ننڍي کنڊ ۾ فنِ تعمير عروج تي پهتل هو. هندي تعمير سازيءَ کي دنيا ۾ پنهنجو الڳ مقام حاصل رهيو آهي. موئن جي دڙي ۽ هڙپا جي تهذيب کان وٺي ٻارهين صديءَ جي آخر تائين ننڍي کنڊ جي اڏاوتي فن جي اٽڪل پنج هزار سال جي شاندار تاريخ آهي.

هندي فنِ تعمير وسط ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي فنِ تعمير کي متاثر ڪيو آهي. مسلم فنِ تعمير تي هندستان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي هندي فن تعمير، سڌو يا اڻسڌو اثر وڌو هو. آرين جي اچڻ بعد هندستاني تعمير جمود جو شڪار رهي، جو آريا مڪاني ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ويڙهاڪ ۽ مسلح هئا ۽ انهن هتي وڏو عام ڪوس ڪيو ۽ هتان جي لوڪن کي فرار ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪيترن کي غلام بنايائون. مؤرخن جو خيال آهي، ته آرين هتان جي ٻين هـُـنرن سان گڏ مڪاني تعمير ۽ شهرن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ طويل عرصي تائين ويدڪ دور ۽ مهاتما ٻڌ کان اڳ ساندهه تيرنهن سؤ کان پنج سؤ سال ق. م تائين ماڻهو ڪچين سرن، گاري، بانس، ڪاٺ، ڇپرن ۽ ٽوهن جي ٺهيل جڳهن ۾ رهندا هئا. بعد ۾ جيئن رامائڻ ۽ مهاڀارت مان پتو ٿو پويِ، ته شهرن ۽ مندرن جي اڏاوتن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو جيئن ته انهن عمارتن جا ڪي به آثار نه مليا آهن پر تنهن هوندي تاريخي لکتن موجب به اُهي عمارتون فنِ تعمير جو سٺو مثال هونديون.

موريا دور ۾ پٿر ۽ ڪاٺ جون عمارتون ٺهڻ لڳيون موريا دور ۾ ڪاٺ جو اڏاوتن ۾ استعمال تمام گهڻو ٿيڻ لڳو جنهن جو مثال پٽنه شهر آهي. موريا دور جو ٽئين بادشاهه اشوڪ جي زماني ۾ فنِ تعمير کي هڪ نئون رخ مليو. هن دور جي عمارتن ۾ پٿر جو استعمال ۽ سنگ تراشي وارو طريقو شامل ٿئي ٿو ۽ اهي  ٻئي فن ايران مان ننڍي کنڊ ۾ آيا، پٽنه ۾ ملندڙ ستونن، ٿنڀن جي گهڻي مشابهت ايراني عمارتن جي ستونن سان آهي. اشوڪ جي عهد ۾ پهاڙن کي گهڙي ان ۾ مندر، خانقاهون ۽ گهر ٺاهيا ويندا هئا. پهرين اهي مندر ۽ خانقاهون ساديون هيون پر بعد ۾ انهن تي ڏاڍي محنت سان باريڪ ۽ نفيس چٽساليءَ جو ڪم ٿيڻ لڳو.

اشوڪي دور جا ڪيترائي ڪتبا موجود آهن جن تي بادشاهي حڪم، علمي ڳالهيون ۽ تاريخ اُڪيريل آهي. ان دور ۾ ٻڌ مت جي پيروڪارن ڪيترائي اسٽوپا ٺاهيا. اسٽوپا جي چوڌاري ڪاٺ جا ۽ پٿر جا تمام سٺا ڪٽهڙا ٺاهيا ويا. ٻوڌي خانقاهون به تعمير ۾ هڪ منزلا ۽ ٻه منزلا ٺاهيل آهن، جن ۾ محراب به ٺاهيل آهن پر اهي اصلي محراب نه پر گهڙيل محراب آهن، ان دور ۾ ڪجهه شهرن ۾ سرن جا ٺاهيل محراب به موجود آهن. اڙيسه ۽ ڪٽڪ مان لڌل خانقاهن ۾ حقيقي ونگون (True Arches) موجود آهن.

پهاڙ کوٽي محلَ ٺاهڻ جو سلسلو اٽڪل هڪ هزار سال جاري رهيو. انهن ۾ ستين صدي عيسويءَ تائين ٻڌمت جا عبادت گهر ۽ بعد ۾ جين مت جون عمارتون ٺهڻ لڳيون. اهي عمارتون پٿر ڪاٺ ۽ سرن جون ٺهيل هيون. هندي فنِ تعمير ۽ خاص طور مندرن جي تعمير سنگتراشيءَ جو اعليٰ مثال آهن، جن جي آرائش ۽ تزئين ايتري حد تائين آهي، جو شايد ئي ڪو ڀت ۽ ڇت جو حصو بچيل هجي، جتي سنگتراش جي ڇيڻي نه لڳي هجي. اٺين صدي عيسويءَ تائين آرائشي ۽ سنجٽي ڪم تمام گهڻي ترقي ڪئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو تعميراتي فن رڳو سنگتراشيءَ واري سجاوٽ ئي رهيو، دراصل هندستاني معمار هڪ ئي وقت تعمير، سنگتراشي ۽ نقاشيءَ واري فن جو ماهر هو. تنهن ڪري هر عمارت ۾ انهن ٽنهي فني اسلوبن جو ڀرپور استعمال ڪندو هو. ان عمل ڪري ڪجهه عمارتون خوبصورت ۽ وري ڪي عجيب ٿي پونديون هيون.

عبادت جي جڳهن جي ان تعمير کي ٽن وڏن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

ٻـُـڌ تعميراتي طرز

جين تعميراتي طرز

برهمڻ تعميراتي طرز

سنڌ، هندستان جو اهو حصو رهي، جتي انساني تهذيب سڀ کان اڳ ۾ اک کولي ۽ واڌ ويجهه ڪئي، اسلام به هتان ٿي ننڍي کنڊ ۾ داخل ٿيو. جيئن سنڌ ۾ ٻڌ مت، جين مت ۽ برهمڻن جا اثر موجود هئا، ته انهن سڀن جو اثر اسلامي اڏاوتي فن تي به پيو. اسلامي اڏاوتي فن، هند ۾ اچڻ کان اڳ ۾ هندستاني تعميراتي اثر وٺي چڪو هو. اسلام جي ڪا خاص تعمير متعلق تلقين ته موجود ناهي پر جتي به اسلام ويو اتي جي سماجن جا  بهتر، سود مند ۽ خوش آئنده اثر ضرور کنيا آهن، ان ئي سبب ڪري رڳو مسجدن جي اڏاوت کي ڏسبو، ته ترڪي، ايران، مصر ۽ هند جو الڳ الڳ تعميراتي اثر منجهن نظر ايندو ۽ صرف ان هڪجهڙائيءَ سان جو اهي سڀ قبلي رخ آهن. اهوئي ساڳيو حال قلعن، قبن، قصرن، محرابن ۽ مقبرن جو آهي.

ننڍي کنڊ جي سنگتراشيءَ سڄي هندستان ۽ خاص طرح سنڌ ۾ قرآني آيتن کي پٿر تي اُڪير واري فن کي ڪمال درجي تي پهچايو آهي، هنر ورن  پٿر جي سختي ۾ اهائي پني تي ڪيل خطاطيءَ وارو خدوخال گهڙي اُڪير ۽ چٽساليءَ واري فن جا لازوال مثال يادگار طور ڇڏيا آهن. جيڪي پوريءَ سنڌ ۽ خاص طرح ٺٽي ۽ چوکنڊيءَ جي قبرن ۾ ته پنهنجو مثال پاڻ آهن. اسلام ۾ بت پرستيءَ ۽ مظاهر پرستيءَ کان روڪيو ويو آهي تنهن ڪري ان دور جي ڪاريگرن به بت تراشيءَ ۽ مظاهر ڪاريءَ کي ڇڏي تعمير جي آرائش ۾ جديد ۽ نوان تجربا ڪيا، جيڪي نقش گري واري فن ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام رکن ٿا.

مسلم دور جي آرائشي ۽ سجاوٽ جي ڪم کي سرن جي ذريعي قدرتي پٿرن جي رنگ ۽ سطح جي استعمال ذريعي اسٽڪو يا مسالي سان نقشڪاري، گل ڪاري ۽ ڪتبا نگاري، خطاطي، جاميٽري جي تجريدي شڪلن جا ٺهيل نمونا پچيڪاري، ڪاشيگري ۽ رنگن جي استعمال ذريعي ڪمال تي پڄايو ويو آهي.

اڄ جي سائنسي دور ۾ تاريخ رڳو بادشاهن جي مدح گوئي واري دائري کان نڪري هڪ سائنسي علم جو درجو وٺي چڪي آهي. تاريخ قديم آثارن واري علم (Archeology)، اڏاوتي فن (Architecture)، ثقافت سان گڏوگڏ ٻولي به آهي. ان ريت تاريخ جي اڀياس ۾ ان دور جي ڇڏيل اهڃاڻن مان ان دور جي ڪمال ۽ زوال جا سبب ڳولهجن ۽ آئيندي جو رستو به سنوارجي. اهڙي تاريخ جوڙڻ ۾ مغرب وارا تمام گهڻو اڳتي آهن ۽ اسان تمام پٺتي آهيون.

اڄ واري سنڌ جي ڀيٽ ۾ آڳاٽي سنڌ جي تهذيب جي عالمگير حيثيت سڄيءَ دنيا جي عالمن آڏو چٽي ۽ پڌري آهي. جنهن جو ثقافتي اثر ڀر وارين تهذيبن جي اڀياس مان به ظاهر ٿيو آهي. هينري ڪزنس جي ڪتاب  (The Antiquitlies of  Sindh) وانگر اڃا ڪيترائي نوان پهلو رکندڙ قديم آثارن جي اڀياس وارا ڪتاب سنڌيءَ ۾ پڌرا ٿيڻ گهرجن. انهيءَ تمام وسيع جاگرافيائي سرحدون رکندڙ سنڌو سڀيتا جي اسلامي دور جي اڏاوتن بابت انسٽيٽيوٽ آف اسلامڪ هسٽري، ڪلچر اينڊ سولائيزيشن، اسلام آباد، پاڪستان، پاران خاص طرح سان ملتان ۽ اُچ شريف جي قديم اسلامي يادگارن جا ڪتاب پڻ سنڌيءَ ۾ پڌرا ٿيڻ گهرجن. اهي علائقا به سنڌو تهذيب جا اڻ ٽٽ حصا رهيا آهن ۽ تاريخ جي هڪ دور ۾ سنڌ جو تخت گاهه ملتان پڻ رهيو آهي. انهن ڪتابن جي اچڻ سان نه رڳو تاريخ جي شاگردن جي رهنمائي ٿيندي پر اهو پڻ ثابت ٿيندو، ته سنڌي ادبي بورڊ پنهنجي جوهر ۾ سجاڳ ۽ سڄاڻ اداري جي حيثيت ۾ نه رڳو ماضيءَ جي ورثي جو امين ۽ رکوال آهي پر ان کي سهيڙيندڙ ۽ يڪجا ڪندڙ پڻ آهي. اهو ياد رهي ته قومون پنهنجي شاندار ۽ عظيم ماضيءَ جي روايتن مان اتساهه وٺي تاريخ جو اڻانگو سفر طيءَ ڪنديون آهن.

سنڌي ادبي بورڊ جس لهڻي، جنهن جي سيڪريٽري محترم انعام الله شيخ ”ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار“ جهڙي اهم فني ڪتاب جي پڌرائي ۾ گهري دلچسپي ورتي ۽ نيٺ ڪامياب ٿيو ۽ صد آفرين هجي انچارج پبليڪيشن س. ا. ب عبدالحفيظ قريشي کي جنهن هن ڪتاب تي نظرثاني ڪرڻ، فني اصطلاحن جي گليسري جوڙڻ ۽ ڏسڻي ٺاهڻ ۾ مون ساڻ لاڳيتو رابطي ۾ رهيو ۽ صلاحون وٺندو رهيو.

ڊاڪٽر احمد حسن دانيءَ جو هي ڪتاب ٺٽي جي آثارن متعلق هڪ سٺي اڳڀرائي آهي پر اهو به انگريزي ۾ هو. محترم عطا محمد ڀنڀري صاحب ان ڪتاب کي سنڌيءَ جو ويس پارائي سنڌ جي تاريخ جي شاگردن ۽ استادن لاءِ هڪ نئون در کوليو آهي. ڪتاب جي ٻولي تمام سادي ۽ سلوڻي آهي. ڪتاب ۾ آيل ڪجهه فني اصطلاحن جي معنيٰ اڳواٽ متعين ڪري ترجمو ڪجي ها، ته جيڪر ڪتاب اڃا به وڌيڪ جاندار ٿئي ها. بهرحال هيءُ ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنهنجو هڪ مقام رکندو، هن ۽ ايندڙ پيڙهيءَ لاءِ پڻ اتساهه جو سبب ٿيندو.                         محمد هاشم جوکيو

 اسسٽنٽ پروفيسر  

                             ڊپارٽمينٽ آف آرڪيٽيڪچر

                (مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ائنڊ ٽيڪنالاجي)

ڄام شورو، سنڌ

 

]ح[

خاڪن، تصويرن ۽ رنگين پليٽن جي فهرست

خاڪو 1. شيخ عيسيٰ لنگوٽي جي مدرسي جو نقشو، جنهن جو ڇت وارو تعمير ٿيل حصو هڪ ٻئي مٿان گول بار ڏئي جوڙيو ويو آهي، جنهن مٿان ڏيئي ٻارڻ جي مقصد سان ننڍڙي قبي ٺاهي وئي  آهي. ص 39

خاڪو 2. مرزا عيسيٰ خان ترخان 1 جي مقبري جي چوديواري جو نقشو، جنهن جي وچ تي مرداڻين قبرن جي چوڌاري ڀت ڏني وئي آهي، جنهن اندر پهرئين ترخان حڪمران جي پڻ قبر آهي. ان جي ڏکڻ اولهه طرف اٺ ٿنڀي ڇٽي واري قبر آهي. جڏهن ته اتر اوڀر پاسي زنانين قبرن جي چوديواري ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو تعلق 1572ع سان آهي. ص 119

خاڪو 3. مرزا سليمان پٽ مرزا عيسيٰ  ترخان I جي قبر جي چوديواري جو نقشو، جنهن جي وچ تي مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿلهو ٺاهيو ويو آهي. ان ٿلهي تي ڪيتريون ئي قبرون ڏسجن ٿيون. مرزا سليمان جي قبر جي سيرانديءَ کان هڪ اوچو پٿر نصب ٿيل آهي. امڪان آهي ته اهو ڏياٺيءَ جو به ڪم ڏيندو هوندو. سندس وفات جو سال 1557ع آهي. ص 121

خاڪو 4. مرزا محمد صالح جي قبر جي چوديواري جو خاڪو، جنهن ۾ مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿلهو ٺاهيو ويو آهي. هن چوديواري اندر ٽي مـُـکيه قبرون آهن، جيڪي پٿر سان جڙيل آهن. مرزا محمد صالح جي قبر تي ٻه ڊگها پٿر لڳل آهن، جن مان هڪ سيرانديءَ ۽ ٻيو پاسي کان آهي. هن 1563ع ۾ وفات ڪئي هئي. ص 122

خاڪو 5. مرزا باقي بيگ جي پٿر سان ٺهيل مقبري جي چوديواري جو خاڪو، جنهن ۾ اندر ننڍڙيون چوديواريون  آهن. مرزا باقي بيگ جي قبر هم چورس آهي، جنهن جي چوڌاري ڀت ڏني وئي آهي ۽ اها قبر چوديواريءَ جي وچ تي ڏسجي ٿي. هن جي اتر پاسي سندس خاندان جي ٻين ماڻهن جي قبرن جي چوديواري آهي. اتر ڏانهن مرزا باقي بيگ جي قبر جي اوڀر پاسي مرزا بديع الزمان جي قبر آهي، جيڪا اٺ ٿنڀي ڇٽي هيٺان آهي. هن 1562ع ۾ وفات ڪئي هئي. هن چوديواري جي اولاهين ڀت ڀرسان هڪ گمنام قبر آهي، جنهن مٿان اٺ ٿنڀي ڇٽي ٺهيل ڏسجي ٿي. ص 124

خاڪو 6. ست چڙهڻي تعمير جو نقشو آهي، جنهن ۾ پنج قبائين طرز جي نئين قسم جي عمارت ڏسجي ٿي. هن جڳهه جي اڏاوت جو تعلق سورهين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي سان آهي. ص 170

خاڪو 7. سلطان ابراهيم خان جي پڪ سرائين مقبري جي چوديواري جو نقشو، جنهن جي اوڀر پاسي ونگ سان لنگهه آهي. چوديواري اندر اولهه واري ڀت ۾ مسجد جو محراب آهي، جيڪو مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿورو مٿي جوڙيو ويو آهي. وچ تي اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ هيٺان سلطان ابراهيم جي قبر آهي، ان جي ڀرسان هڪ ٻي ننڍڙي چوديواري آهي، جنهن ۾ امير محمد سلطان جي قبر ٺهيل آهي. هن 1585ع ۾ وفات ڪئي هئي. ص 175

خاڪو 8. ديوان شرفا خان جي قبر جي سامهون پـُـٺ ۽ پاسي جو نقشو، جيڪو باقي پاسن کان وڌيڪ اوچو آهي. قبر جي سيرانديءَ کان اوچو پٿر لڳل آهي. قبر جي اوساري پٿر جي آهي، جنهن تي ترخاني قسم جي نقش و نگاري ٿيل ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 1048 هه - 1638ع سان آهي. ص 178

خاڪو 9. دبگير مسجد جو نقشو، جنهن جو سامهون وارو پاسو ٽن وڏن ٻارين ۾ ورهايل آهي. مسجدن جي اها ٻاهرين سونهن ۽ سنجٽ وارو نمونو ترخاني مسجدن سان لاڳاپو رکي ٿو. اوڀر پاسي کان کليل آڳنڌ اٿس. وچئين محراب جي ٻنهي پاسن کان دريون ٺهيل آهن، جن وسيلي مسجد اندر ٿڌي هوا ايندي هئي. مسجد جي اوڀر پاسي کان ٻنهي طرفن تي، ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، پر نقشي ۾ فقط هڪ ڏيکاري وئي آهي. هن مسجد جي تعمير ۾ اها ٻي نئين شيءِ آهي. انهيءَ اڏاوت جو لاڳاپو 1588ع سان ڏسجي ٿو. ص 180

خاڪو 10. شاهجهاني مسجد جو نقشو، جنهن ۾ نماز پڙهڻ واسطي چؤڏسائن ۾ قبا ٺهيل آهن. وضو سارڻ لاءِ پاڻيءَ جو تلاءُ اوڀر پاسي موجود آهي. هن مسجد جي تعمير جو تعلق 1644ع ۽ 1647ع جي وچ واري عرصي سان آهي. ص 196

خاڪو 11. شاهجهاني مسجد وچئين ڀاڱي (Cross-Sections) جو نقشو، جنهن ۾ رکيل چؤڪنڊين ٻارين ۾ ڪاشيءَ جون چمڪندڙ سرون ڪتب آندل آهن. ان کان سواءِ گڏيل قسم جي ونگن جي تعمير ۽ قبن جي اندرئين پاسي ستارن جهڙي خوبصورت چٽسالي آهي. ص 196

باب پهريون

سنڌ جو نقشو. ص 1

پليٽ 2 - مڪلي جي قبرستان جو وسيع پس منظر. ساڄي پاسي مرزا جان بابا جو مقبرو آهي. ٻين قـُـبائن مقبرن جون اڏاوتون به ڏسجي رهيون آهن، جن جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ٿورو پري پنڌ تي ابراهيم سلطان جو مقبرو نظر اچي رهيو آهي. ان کان سواءِ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار ڀرسان قبرن جو هڪ جهڳٽو به ڏسجي رهيو آهي. ص 2

پليٽ 3 - سنڌ جي آخري آزاد حڪمران مرزا جاني بيگ جو پڪسرائون مقبرو، جنهن 1593ع ۾ اڪبر اعظم جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا هئا. ص 2

پليٽ 4 - ديوان شرفا خان جو پڪ سرائون مقبرو، جيڪو مرزا طغرل بيگ جي ڇٽي نما مقبري جي کاٻي پاسي آهي. جڏهن ته ان جي ساڄي پاسي ۽ وچ تي مرزا عيسيٰ ترخان ٻئين جو سفيد رنگ جو مقبرو ڏسجي ٿو. ص 23

پليٽ 5 - شيخ حماد جماليءَ جي مزار جي ڀرسان چوڌاري نظر ايندڙ سما خاندان جي قبرن جو مـُـچلو آهي، بزرگ جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان هو. هن درويش جي مقبري جي کاٻي پاسي پڪسرائون مقبرو، ساڄي پاسي ڇٽي نما مقبرو ۽ ٿوري پنڌ جي وٿيءَ تي ڄام نظام الدين جو مقبرو ڏسجي رهيو  آهي. ص 23

تصوير 1 - محمد بن قاسم نالي مسجد جو گول منارو، جيڪو پهريداريءَ جي مقصد سان جوڙيو ويو هو، جنهن تي  چڙهي سنڌي فوجي، پهريداريءَ جو ڪم ڪندا هئا. چيو ويندو آهي، ته ڀرسان ئي هڪ عرب نسل جي ماڻهن جي وسندي قائم هئي. هيءَ اڏاوت پير پٺي جي مقبري جي سامهون آهي، جيڪا سنڌوءَ جي پراڻي پيٽ جي هڪ اوچي ڪناري جي وٽ سان جوڙيل آهي.هنن اڏاوتن جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 3

تصوير 2 - ڪلان ڪوٽ نالي قلعي جي اوڀارين ڀت، جنهن ۾ گول چبوترن جا نشان ڏسجي رهيا آهن. هي درياءَ جي ساڄي پاسي سنڌوءَ جي ڪناري سان واقع آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو سما دور ۾ تيرهين ۽ چوڏهين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 5

تصوير 3 - پوئين مغل دور سان لاڳاپيل عيد گاهه، جنهن جي ٻنهي پاسن کان گول منارا تعمير ٿيل آهن. وچ تي محراب اوچو آهي. هن تعمير جو تعلق 17 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 7

تصوير 4 - قومي شاهراهه مڪليءَ منجهان گذري ٿي، جنهن جي کاٻي پاسي مڪليءَ جي چاڙهيءَ وٽ هڪ مندر آهي. هن اڏاوت جو تعلق قديم دور سان آهي. ڀرسان ئي ساڄي پاسي اسلام پور نالي هڪ مسجد آهي. ص 10

تصوير 5 - درياءَ جي پراڻي پيٽ مان بيهي ڏسبو، ته کاٻي پاسي طغرل بيگ جو مقبرو ڏسڻ ۾ ايندو. جڏهن ته ساڄي پاسي کان مرزا جان بابا جي مزار آهي. وچ تي مرزا عيسيٰ خان ترخان II جو سفيد مقبرو نمايان نظر اچي ٿو. ص 10

تصوير 6 - درياءَ جي پراڻي پيٽ مان بيهي ڏسبو، ته مڪليءَ تي سامهون واري پس منظر ۾ وچ تي سلطان ابراهيم خان مرزا عيسيٰ ترخان I جو مقبرو نهايت چٽو نظر ايندو. ص 13

تصوير 7 - دريا جي پراڻي پيٽ وٽان بيهي ڏسبو، ته سلطان ابراهيم خان جو مقبرو، مرزا عيسيٰ ترخان I جي مقبري جي چوديواري جي کاٻي طرف  آهي ۽ عبدالله شاهه اصحابي جي مزار وچ تي ڏسجي ٿي. ص 17

تصوير 8 - قومي شاهراهه تان بيهي ڏسبو، ته ٺٽي جو نئون شهر، هڪ پراڻي دڙي تي تعمير ٿيل نظر ايندو، جنهن جي کاٻي پاسي پاڻيءَ جي اوچي ٽانڪي ڏسجي رهي آهي. ص 18

تصوير 9 - نئين شهر جي جڳهن هيٺان پراڻي ٺٽي جا دڙا، جيڪي هلندا وڃي آباد زمين تائين پهچن ٿا ۽ جن مٿان گهاٽا وڻ ڏسجي رهيا آهن. ص 19

تصوير 9 - الف - ريسٽ هائوس کان نظر ايندڙ مڪليءَ جو منظر. ص 20

باب ٻيو

پليٽ 6 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جو ڇٽيءَ جهڙو هڪ مدرسو - ڀرسان ئي ڏيڍيءَ جي تعمير وارا ٺلهه ڏسجي رهيا آهن. ساڄي پاسي هيٺ تي دري آهي، جنهن ۾ سوراخدار پٿر هنيل ڏسجن ٿا. ص 24

پليٽ 7 - ساڄي پاسي شيخ حماد جماليءَ جو تباهه حال مدرسو ۽ کاٻي پاسي عبدالله پٽ تاجي جو ڇٽي نما مقبرو - ٻنهي اڏاوتن جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ جي پوئين حصي سان آهي. ص 24

پليٽ 8 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جي لنگهه تي پٿر جي اُڪير جو ڪم ٿيل ڏسجي ٿو، جنهن جي سر در ۽ پٿر جي چؤڪاٺي جي ٻنهي پاسن تي قرآني آيتون اڪيريل نظر اچن ٿيون. هيٺئين پاسي ونگ سان هڪ جارو آهي. محسوس ائين ٿي رهيو آهي، ته در جي چانئٺ وٽ نرم سفيد پٿر (Moon stone) جو "دونون" (Sill) لڳل هوندو. ص 25

پليٽ 9 - سمن جا پٿرانهين اڏاوت سان لاڳاپيل ٻن قسمن جا مقبرا آهن. انهن مان هڪ پٿر جون همچورس يا چؤڪنڊيون اڏاوتون آهن. جڏهن ته ٻئي قسم جو تعلق ڇٽيءَ جهڙن مقبرن جو آهي، جيڪي پٿرن جي ٿنڀن جي آڌار تي جوڙيون ويون آهن. مقبرن تي به ٻن قسمن جي اُڪير ڏسجي ٿي. هي مقبرا پڪ سراوان به آهن. ڇٽي نما تعمير مٿان ٿانوَ جهڙي نيل (Finial) به ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ص 26

پليٽ 10 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي سان گڏ لنگهه به نظر اچي رهيو آهي، جنهن ۾ ٺلهن ۽ سردرن جي هڪ ترتيب موجود آهي. ان ترتيب مطابق هر سردر ڪنڊ وٽ ٻئي سردر سان ملي رهيو آهي، جن کي هيٺان ٺلهه ڏنل آهن. ص 26

پليٽ 11 - دريا خان عرف مبارڪ خان جي مقبري جو ڏاکڻون ٻاهريون پاسو. هيءُ ڄام نظام الدين جو نپايل پٽ، وزير ۽ فوجي سپهه سالار هو. هن تعمير جو بنياد جو پٿرسن 1490ع ۾ رکيو ويو هو. هن اڏاوت جي مهاڙيءَ ۾ ڪنگرا ۽ پلويڙو (Parapet) ڏنل آهي. خوبصورتيءَ واسطي مٿي ٻنهي پاسي هڪ هڪ جارو رکيو ويو آهي. ص 27

پليٽ 12 - دولهه دريا خان جي مقبري جو اندريون پاسو، جنهن جي اولهه پاسي واريءَ ڀت ۾ محراب جي تعمير آهي. ان جي هر هڪ پاسي تي پٿر جا پاوا آهن، جنهن تي نهايت نازڪ ۽ نفيس چٽساليءَ جو ڪم ٿيل آهي. وچ صحن تي قبرون آهن، جن مٿان رکيل پٿرن تي خوبصورت اُڪير جو ڪم ٿيل ڏسجي ٿو. دريا خان جي قبر جي پاسي سان کـُـتل پٿر تي تاج جو نشان اُڪيريل آهي. هن اڏاوت جو تعلق پندرهين صدي عيسويءَ سان ڏسجي ٿو. ص 27

پليٽ 13 - ڇٽيءَ نما مقبري جي ڇت، جنهن کي پٿر جا هڪ ٻئي مٿان گول بار ڏئي ٺاهيو ويو آهي. وچ تي لٽڪڻو (Pendent) ڏسجي ٿو. مٿي ڇٽيءَ جي گول دائري جي هر پٿر تي ونگ جهڙو چٽ اُڪيريل ڏسجي ٿو. هيءَ تعمير، 15 صدي عيسويءَ جي اوائلي دور سان لاڳاپو رکي ٿي. ص 28

تصوير 10 - سما دور جي قلعي ڪلان ڪوٽ جي گهڻائي ڀيرا مرمت ٿي هئي. اولهه پاسي کان قلعي جي ڀت ۾ مارن جا ڳڙکا ڏسجن ٿا. ٿوري فاصلي تي مسجد نظر اچي رهي آهي. ص 31

تصوير 11 - ڪلان ڪوٽ جي مسجد جو اندريون پاسو، جنهن ۾ محراب ۽ منبر تي اُڪير واري چٽساليءَ جي بهترين طرز نظر اچي ٿي، محراب جي پٺئين پاسي رکيل چؤڪنڊي ٻاريءَ جا پاوا مٿي وچ ڀت جي حاشيي (Dado) وٽ بيهاريل آهن. هيءَ تعمير سورهين صدي عيسويءَ کان اڳ جي ڪانه آهي. ص 32

تصوير 12 - ڪلان ڪوٽ جي زبون حال پڪسرائين مسجد، جنهن جو فقط وچ وارو حصو بچيل  آهي. ان جو اوڀر وارو ٻاهريون پاسو گهڻو ڊٺل ۽ ناس ٿيل ڪونه آهي، پر اڏاوت جو اتريون ۽ ڏاکڻون حصو ڊهي ختم ٿي ويو آهي. ص 35

تصوير 13 - هن تصوير ۾ شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مدرسي سان گڏ سينڌ ونگ (Lancet Shaped arch) سان لنگهه ڏسجي ٿو، جيڪو هڪ پڪ سرائين مقبري ڏانهن کـُـلي ٿو. ان لنگهه وارو مقبرو، هاڻي ڊهي ناس ٿي ويو آهي، جيڪو شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مدرسي واري جڳهه ۽ سندس سفيد مقبري جي وچ تي آهي. هيءَ اڏاوت 14 هين صدي عيسويءَ جي مـُـنڍ واري دور سان تعلق رکي ٿي. ص 40

تصوير 14 - مدرسي جي جڳهه سان مشابهت رکندڙ هڪ ڇٽيءَ نما مقبرو، جنهن ۾ هڪ ٿنڀ ۽ سردر تي ٻڌل هڪ لنگهه ڏسجي رهيو آهي. اندر داخل ٿبو، ته هڪ ٿلهي تي ٻه ساديون قبرون ڏسڻ ۾ اينديون. هن تعمير ۾ سنهي پردي سان دريون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن جي پٺئين پاسي کان هڪ قديم مسجد جو اوڀر وارو پاسو طرف ڏسجي رهيو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 41

تصوير 15 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جو هڪ مجموعي منظر، جنهن ۾ مختلف سردرن جو هڪ دائرو نظر اچي ٿو، جيڪي ٺلهن جي آڌار تي بيٺل آهن. هن اڏاوت جو واسطو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 42

تصوير 16 - هڪ تعمير جي ڪـُـنڊ وارو اُڪيريل سردر، جيڪو پٿر جي خوبصورت اُڪيريل چٽيل ٿنڀن جي آڌار تي بيٺو آهي. هن اڏاوت جي ڪاريگري مان پتو پئجي وڃي ٿو، ته شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جي گول ڪمري کي اٺاس جي شڪل ۾ ڪيئن بنايو ويو آهي. ص 42

تصوير 17 - شيخ حماد جماليءَ جي مدرسي جو اُڪير ٿيل خوبصورت ٿنڀ، جنهن جي مٿئين پاسي چؤمـُـکو تاج لڳل آهي. ان ٿنڀ جو هيٺيون پاسو کاڄي ڇڻي ويو آهي. باقي مٿئين پاسي واري حصي تي، سڌيءَ سنوت ۾ چٽساليءَ جي هڪ خوبصورت طرز چٽيل ڏسجي ٿي. ان ٿنڀ جو فقط اندريون پاسو اُڪير سان سينگاريل ڏسجي ٿو. باقي ٻاهريان پاسا لسا آهن. نئين پاسي کان پرديءَ واري دري آهي، جنهن تي سورج مکيءَ جي نموني واري چٽساليءَ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ص 44

تصوير 18 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ جي تعمير ۾ هڪ ٿنڀ تي اعليٰ معيار جي اُڪير ٿيل آهي، هيءَ اڏاوت شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي. هن دور جي مقبرن جي اڏاوت ۾ ٿنڀ جي هيءَ اُڪير جو ڪم پنهنجي فن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي، جنهن جو تعلق 15 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 44

تصوير 19 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ طرف ڇهن ٿنڀن وارو ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي، جنهن کي ڀـِـٽا يارو (Bhitta yaro) جي مزار ڪري سڏيو ويندو آهي، جنهن ۾ دوريش هالو دفن ٿيل آهي. هن ڇٽيءَ جا ڇهه ئي ٿنڀا هڪ جهڙا آهن. ڇڄو، چٽساليءَ وارو پلويڙو، ڪنگرا ۽ ٿانوءَ جهڙي نيل اٿس. قبي ويٺوڙي طرز جي آهي، جنهن جو تعلق 14 صدي عيسويءَ جي پوئين دور سان آهي. ص 45

تصوير 20 - قديم مسجد جي اتر اولهه پاسي قاضي عبدالله پٽ تاجي جو ڇهه قبائين ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي. هن مٿان تعمير ٿيل پلويڙو Parapet، ٿانءَ جهڙي نيل (Fineal) ۽ مينهن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارو ڏسجي ٿو، جيڪو پلويڙي کان ٻاهر نڪتل آهي. ٿوري پنڌ تي سفيد رنگ جي سيد علي شيرازيءَ جي مزار آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 45

تصوير 21 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ پاسي اٺ ٿنڀائي ڇٽيءَ جهڙو مقبرو آهي. هن مقبري جي تعمير به قاضي عبدالله جي مقبري جهڙي  آهي، پر سندس ٿانءَ جهڙي نيل ڀڄي پئي آهي. ڇڄو ۽ پلويڙو به هاڻي سلامت ڪونه رهيو آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 15 هين صدي عيسويءَ جي شروعات سان آهي. ص 46

تصوير 22 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ وارو مقبرو شايد اهو ڄام تماچيءَ جو  آهي، جيڪو ڄام نظام الدين جي مقبري جي ڏکڻ طرف آهي. هي قديم يادگار چڱيءَ ريت ۾ محفوظ آهي. اڪريل، ٿنڀا، ڇڄا، پلويڙو، ڪنگرا ۽ ٿانءَ جي شڪل جهڙي مٿان واري نيل سڀ صحيح سلامت آهن. هن ڇٽيءَ هيٺان ٽي قبرون آهن. هن تعمير جو تعلق 14 صدي عيسويءَ سان آهي. ص 47

تصوير 23 - ڪڻٺي واري اُڪيريل پٿر واري قبر، گهڻو ڪري ڄام تماچيءَ سان تعلق رکي ٿي. سيرانديءَ واري پٿر تي تاج جهڙو ڪوبه نشان ڪونه آهي. ڀرسان به ڪڻٺي واري بنا چٽساليءَ جي لسي قبر آهي. ٽين قبر ڪنهن ٻار جي ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ جي آخر سان آهي. ص 47

تصوير 24 - اٺ ٿنڀي ڇٽيءَ وارو مقبرو. امڪان آهي، ته هي جڳهه ڄام تغلق پٽ ڄام سڪندر جي دور جي هجي. هن تعمير جا سڀئي ٿنڀا چٽساليءَ وارا آهن. هن جا ڪجهه ڇڄا، ڪنگرا ۽ پلويڙو محفوظ آهي جيڪو کاٻي پاسي آهي. هن تعمير جو تعلق 15 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 48

تصوير 25 - خوبصورت چٽساليءَ سان هڪ ڇت جو حصو ۽ سردر جي اندرئين پاسي هڪ تحرير، جنهن جي ابتدا بسم الله سان ٿئي ٿي ۽ ڪلمو ٻن سٽن ۾ لکيل ڏسجي ٿو، جيڪو سما دور جي هڪ اٺ - ٿنڀي مقبري تي موجود آهي. ص 49

تصوير 26 - خوبصورت چٽسالي واري ڇت جو هڪ حصو فارسيءَ جي هڪ لکت ڏسڻ ۾ اچي ٿي. (ملڪ) راهوءَ جو نالو به آهي، جيڪو ڄام تغلق پٽ ڄام سڪندر جي دور ۾ ٺهيل هڪ اٺ ٿنڀي مقبري سردر جي اندرئين پاسي اُڪيريل آهي. ص 49

تصوير 27 - شيخ عيسيٰ لنگوٽيءَ جي مقبري جي ڏکڻ ۾ هڪ اٺ - ٿنڀي مقبري جي خوبصورت چٽسالي واري ڇت، جنهن جا هڪ ٻئي جي مٿان گول بار ڏنا ويا آهن. منجهس ونگ جهڙو چٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هن قسم جي سونهن ۽ سنجٽ واري ڇت ٻين مقبرن ۾ به موجود  آهي. هن تعمير جو تعلق 15 صدي عيسويءَ سان آهي. ص 50

تصوير 28 - دولهه دريا خان جي پٿر سان اوساريل مقبري جو لنگهه، جيڪو هن تعمير جي ڏکڻ ڏس کان نظر اچي رهيو آهي. هن جڳهه جي ديوار ۽ چؤڪنڊي ڇڄن تي به ڪنگرا نظر اچي رهيا آهن. لنگهه جو پٿر وارو چؤڪاٺو لسو آهي. هيٺئين پاسي چانئٺ وٽ سفيد نرم پٿر (Moon Stone) جو ”دونون“ (Sill) لڳل ڏسجي ٿو. سردر تي عربي تحرير موجود آهي. لنگهه ٻنهي پاسن کان ڀانت ڀانت جي خوبصورت اليڪي (Geometrical) چٽسالي آهي. چئني پاسن کان خوبصورت درين وارا جارا آهن، هن اڏاوت جو واسطو 16 هين صدي عيسويءَ  جي شروعات سان آهي. ص 51

تصوير 29 - دولهه دريا خان جي مقبري جو اوڀاريون لنگهه، جنهن تي ڏکڻ واري لنگهه کان مختلف قسم جي چٽساليءَ جي طرز نظر  اچي ٿي. اُڪير ڪجهه مٿاڇري ڏسجي ٿي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو، ته اها ڪنهن پوئين دور سان واسطو رکي ٿي. هتي هڪ خوبصورت جاري بدران سادو جارو رکيو ويو آهي. اُڪير جون طرزون به ٿوريون چٽيل آهن. ص 51

تصوير 30 - دولهه دريا خان جي مقبري اندر ونگ سان محراب، جنهن تي خوبصورت اُڪير جي ڪم سان چٽسالي جي ٿيل آهي. ان جي سامهون واري پاسي کان ٻنهي پاسن کان ننڍڙا خوبصورت پاوا آهن. چٽساليءَ جي ساڳي طرز محراب جي ٻنهي پاسن کان سڌي سنوت وارين ڀتين ۾ ڏسجي ٿو. ص 53

تصوير 31 - دولهه دريا خان جي قبر تي رکيل پٿرن تي خوبصورت چٽسالي نظر اچي رهي آهي. سيرانديءَ واري پٿر تي تاج ڏسجي ٿو. قبر جي تعمير جا ٻه ماڙ آهن. هيٺئين طبقي ۾ ونگ جهڙا خانا آهن، جن اندر گلاب جي گل جهڙو چٽ آهي. عربي تحرير ٻن قطارن ۾ ڏسجي ٿي، جيڪي سڌي سنوت ۾ آهن. هن اڏاوت جو لاڳاپو 16 هين صدي عيسويءَ جي ابتدائي حصي سان آهي. ص 54

تصوير 32 - دولهه دريا خان جي مقبري جي اندرئين پاسي ٺهيل محراب جي ٻنهي پاسن کان وڌاوڙي ونگ (Corbelled arch) آهي، جنهن تي هڪ تارازي ۽ مختلف قسم جا ٽي وَٽَ چٽيل آهن. هن قسم جي اڏاوت جو لاڳاپو 16 هين صدي عيسويءَ جي ابتدا سان آهي. ص 54

تصوير 33 - سلطان ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي مقبري جي ڏکڻ ڏس تي موجود هڪ قبر، جيڪا چيروليءَ جي ٺهيل آهي. جنهن جي گول چٽ اندر  کجيءَ جو وڻ ڏسجي ٿو. ان چٽ سان واري وَٽيءَ تي چٽ جي ٻي طرز به ڏسجي ٿي. اهڙا چـِـٽَ وچ تي نشان ڏئي الڳ الڳ ڪري بيهاريا ويا آهن. هڪ پڪسري چوديواري به آهي، جنهن ۾ اندرئين پاسي سادي قسم جون ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آندل آهن. هن اڏاوت جو لاڳاپو 5 هين صدي عيسويءَ جي آخر سان آهي. ص 55

تصوير 34 - سما دور جي قديم جامع مسجد جو ڏاکڻيون ڏيک ڏيکاري ٿي، جنهن جي ساڄي پاسي تي ٺاهيل ڏاڪڻ ڊهي فنا ٿي وئي آهي. اڏاوت جي وچ تي ونگ سان لنگهه نظر اچي رهيو آهي. ٻه ٻيون ونگون به ڏسجن ٿيون، جيڪي نماز پڙهڻ واري جڳهه کي ٽن حصن ۾ ورهائي ڇڏين ٿيون. معلوم ائين ٿئي ٿو، ته هي مسجد ٽه قبائين آهي، وچ واري قبي کان ساڄي ۽ کاٻي واري قبي کي پاڻ ۾ ملائڻ لاءِ وچ تي ٻه وَنگاوان لنگهه آهن. هن تعمير جو تعلق 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 56

تصوير 35 - هن مسجد جو اوڀاريون ٻاهريون پاسو، جنهن جي وچ تي خاني واريءَ ونگ سان لنگهه ڏسجي ٿو. ساڄي پاسي ٻه خانا آهن. هن اندر پڻ ونگون جوڙيون ويون آهن. سامهون واري پاسي ۾ ڪيترائي هم چورس جارا آهن. هيءَ اڏاوت 14 هين صدي عيسويءَ سان لاڳاپو رکي ٿي. ص 56

تصوير 36 - جامع مسجد جو اندريون پاسو، جنهن ۾ محراب جي تعمير نظر اچي رهي آهي. (اوجهڙ ۾) - ڪارنس (Cornice) مٿان رکيل خانن ۾ ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي ڏسجي ٿي. اهڙي چٽسالي وچين محراب جي ٻنهي پاسن کان به آهي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 14 هين صدي عيسويءَ سان آهي. ص 57

تصوير 37 - سما دور سان تعلق رکندڙ ٻه پڪ سراوان مقبرا جن جي ونگ واري لنگهه جي ٻنهي پاسن کان اڀا خانا نظر اچي رهيا آهن. قبن جي اڏاوت اٺ - ڪنڊي ڍيڍي  (Drum) مٿان ٿيل ڏسجي ٿي. سامهون وارو مقبرو مـَـلڪ راڄپال جو آهي، جڏهن ته ٻيو مقبرو فتح خان جي ڀيڻ جو آهي. ٻنهي مقبرن جا قبا ڊٿل آهن. هنن ٻنهي اڏاوتن جو تعلق 15 صدي عيسويءَ سان آهي. ص 58

تصوير 38 - مـَـلڪ راڄپال جو هم چورس پڪ سرائون مقبرو، جنهن ۾ سينڌ ونگ  (Lancet Shaped arch) سان لنگهه ڏسجي ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسن کان پٿر جي ننڍڙن پاون سان، اڀيءَ طرز جا خانا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڪارنس (Cornice) ۾ ڏنڊڙي لاءِ پڪيءَ سر جو ڪنڊائون بار هنيو ويو آهي. هيءَ تعمير 15 صدي عيسويءَ سان لاڳاپو رکي ٿي. ص 58

تصوير 39 - مـَـلڪ راڄپال جي مقبري جي اندرئين پاسي نظر ايندڙ عربي تحرير آهي، جيڪا هن ريت آهي: هذا المقام الر جي رحمت الله تعليٰ ملڪ راجبال بن ملڪ انر بن ملڪ راهو بن ملڪ رائدن بن ملڪ راهو بن فيروز شاهه سلطان الاهم برد مصجعه ونور قبره والنس حشش. ص 59

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ