خاڪو 7. سلطان ابراهيم خان جي پڪ سرائين مقبري جي چوديواري جو
نقشو، جنهن جي اوڀر پاسي ونگ سان لنگهه آهي.
چوديواري اندر اولهه واري ڀت ۾ مسجد جو محراب آهي،
جيڪو مٽيءَ جو ڀراءُ وجهي ٿورو مٿي جوڙيو ويو آهي.
وچ تي اٺ ٿنڀي ڇت هيٺان سلطان ابراهيم جي قبر آهي
ان جي ڀرسان هڪ ٻي ننڍڙي چوديواري آهي، جنهن ۾
امير محمد سلطان جي قبر ٺهيل آهي. هن 1585ع ۾ وفات
ڪئي هئي.
ونگن واري ساڄي ۽ کاٻي پاسي واري وٿي ۽ اندرين ونگ جو ٻاهريون
مٿاڇرو تعمير وقت ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل هو.
نماز وارو ڪمرو (پليٽ 48) سٽاءُ ۾ چؤرسو آهي.
حقيقت ۾ منڊپ اتر ۽ ڏکڻ پاسي ڏانهن وڌيل آهي.
محراب اڌ - اَٺَ ڪنڊو آهي. سندس مهاڙيءَ تي ونگ
سان سينگاريل ٻاريون آهن، جن تي آسماني رنگ جي
ڪاشيءَ جي سرن جون قطارون لڳل آهن. انهن ٻارين جي
مٿان سرن جو لهر وارو نمونو استعمال ڪيو ويو آهي،
جن جا سـَـنڌا آسماني رنگ جي ڪاشيءَ جي سرن سان
ڀريا ويا آهن. ڪـُـنڊن تي اُچيون محراب دار ونگون
آهن. تنهن کان پوءِ گڏيل سڏيل ونگن جو هڪ سلسلو
آهي، جن جي مٿان اڌ قبي مٿي اُسرندي ٿي وڃي. انهن
جي پاسن ۾ به هلڪي آسماني رنگ جون ڪاشيءَ جون سرون
لهريدار نموني ۾ استعمال ڪيون ويون آهن. مٿي
چوٽيءَ تي آسماني رنگ جي پن ول جي طرز تي ڪاشيءَ
جي سر استعمال ڪئي ويئي آهي. ونگن جي هيٺان به
آسماني رنگ جي ڪاشيءَ جي سـِـرَ ڪتب آندي وئي آهي.
پر مٿان يا ٻاهران اهڙي سر استعمال ڪئي ويئي آهي،
جنهن جو تـَـر نيرو ۽ پن ول واري طرز سفيد آهي.
قبي واري منڊپ جي اترئين ۽ ڏاکڻين پاسي ونگ سان
ٻڌل هڪ هڪ دري آهي. پيش طاق جي پٺئين پاسي تي مٿان
اڀيءَ طرز جو قبو آهي، جنهن جي مٿان ڪنول گل جي
نموني تي نيل رکيل آهي. ڍيڍي اٺ ڪـُـنڊي اٿس. ڇت
واري اولي هيٺان ڏندڙي لڳل آهي.
هيءَ جڳهه، ڀتين وارين مسجدن جي تعمير ۾ هڪ قدر جوڳو ۽ خاص نوع
جو واڌارو آهي. موجوده عمارت جي مهاڙي ايترو، ته
مٿي آهي جو قبو ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿو اچي ۽ سڄو
ڌيان پيش طاق ۾ قـُـبي جي اندرئين پاسي جي
خوبصورتيءَ ڏانهن ڇڪجي ٿو وڃي. هيءَ عملي طور تي
هڪ مڪمل مسجد آهي. وچ اڱڻ تي پٿرن جو جوڙيل هڪ
ٿـَـلهو آهي، جنهن تي سينگاريل ٽي پٿر جون قبرون
آهن. هڪ قبر مٿان چهنبائتو پٿرائون لوڙهٽ نصب ٿيل
آهي. سمجهه ۾ اچي ٿو، ته اهائي مکيه قبر آهي.
سلطان ابراهيم خان جو مقبرو
سلطان ابراهيم، مرزا عيسيٰ ترخان جو پٽ هو ۽ عمر جي شروعاتي دور
۾ وفات ڪري ويو هو، هيءُ مقبرو نواب خليل خان5
لاءِ منسوب ٿيل هو، جيڪو مرزا باقي بيگ جي وقت ۾
نواب هو. پر هيٺين پڙهڻي پير حسام الدين راشديءَ
جي ڏنل آهي.6
وفات شهزاده عاليمان سلطان ابراهيم بن حضرت سلطنت شعاري، ميرزا
محمد عيسيٰ ترخان بهادر
لکت جي تاريخ 16 ربيع الاول 966هه/1559ع آهي.
حقيقت ۾ هيءُ مقبرو، مرزا باقي بيگ جي ڏينهن (1572ع-1584ع) ۾
ٺهي تيار ٿيو هو. عام بيهڪ ۾ وانگاڙي واري قسم جي
مقبرن مان آهي. فرق رڳو اهو آهي، ته هتي وانگاڙي
جي وچ تي اٺاس شڪل تي عمارت آهي، جيئن اسان مرزا
جان بابا، ديوان شرفا خان ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان
II،
جا مقبرا ڏسون ٿا. ٺٽي ۾ هيءُ پهرئين دور جو قديم
مقبرو آهي. ٻين مقبرن وارن وانگاڙن ۾ رڳو قبرون
هونديون آهن. ترخان دور ۾ ان جڳهه، نئين قسم جي
تعمير جو اضافو ڪيو. مکيه مقبرو چؤڪنڊي اڱڻ جي وچ
تي آهي. (خاڪو 7). ونگدار لنگهه اوڀر پاسي کان اٿس
۽ ماپ 137 فوٽ ساڍا 7 انچ
x 87 فوٽ ساڍا 10 انچ آهي. وانگاڙي جون ڀتيون سرن جون ٺهيل آهن،
جيڪي هاڻي ڪـِـري پيون آهن، پر پٿرن وارا بنياد
اڃا سلامت بيٺا آهن. اڱڻ جو فرش پٿر سان جڙيل آهي.
اوڀر پاسي وارو ونگدار لنگهه (پليٽ 49) سرن جو
ٺهيل آهي جيڪو اڃا به محفوظ آهي، پر ان تي لڳل
ڪاشيءَ جون سرون ختم ٿي ويون آهن. اصل ۾ اهو لنگهه
اُڀي ونگ جي مٿان ٺهيل هڪ چؤڪنڊيءَ اڏاوت هيٺان
هو. اولهه ۾ مسجد آهي، جنهن جي ماپ 33 فوٽ ساڍا 8
انچ
x
12 فوٽ اڍائي انچ آهي. مسجد جي اصلي حصي مان به ڪو
حصو وڃي باقي بچيو آهي. مکيه مقبري ۽ مسجد جي وچ
تي امير محمد سلطان جو مقبرو آهي.
هيءُ مقبرو، سرن جو ٺهيل آهي. بنياد ۾ پٿر ڪتب آندل اٿس. سٽاءُ
۾ اَٺَ پاسو آهي. مکيه چئن پاسن مان هر هڪ پاسو 24
فوٽ ۽ ننڍن پاسن جي ماپ 15 فوٽ آهي. حقيقت ۾ هيءُ
هم چورس آهي، پر ان جون ڪنڊون ماريل آهن. جيڪڏهن
اها سوچ صحيح آهي، ته سندس نقشو ست چڙهڻي اڏاوت
تان ورتل آهي، فرق فقط ايترو آهي ته موجوده عمارت
۾ ڪنڊن وارا ڪمرا ڪونه آهن. تڏهن به موجوده مقبرو
اٺ پاسائين شڪل ۾ ٺٽي اندر نئين اڏاوتي قسم جو هڪ
اهم واڌارو آهي. بعد ۾ ان مقبري جي نقشي کي ديوان
شرفا خان ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان
II جي مقبرن جي اڏاوتن ۾ ورجايو ويو آهي. اهي ٽئي عمارتون عام ۽
اڏاوتي فني طرز جي نقطه نگاهه کان پاڻ ۾ لاڳاپيل
آهن. اهي اٺ پاسيون عمارتون ملتان جي عمارتن کان
بلڪل مختلف آهن. موجوده عمارت لوڌي دور جي دهلي
وارين اٺ ڪنڊي عمارتن کان بنهه مـختلف آهي، ڇاڪاڻ
ته پوئين قسم جي عمارتن ۾ چوڌاري ونگدار ورانڊو7
جوڙيو ويندو هو. موجوده طرز جي مقبري سان لاهور ۾
آصف خان جو مقبرو هن سان هڪجهڙائي رکي ٿو. اهڙيءَ
ريت اسان چئي سگهون ٿا، ته اها نئين قسم جي تعميري
طرز هتي ترخانن آندي.
مقبري جو منڊپ ڏيڍيءَ تائين اٺاس آهي (پليٽ 50). ان کان پوءِ
اڀيچي طرز تي قبي جي تعمير شروع ٿئي ٿي. مٿان ڪنول
گل جي طرز تي نيل جڙيل آهي. جيڪا هاڻي ڀڄي پئي
آهي. قبي جي ڍيڍي مٿي تمام اُڀي آهي. مقبري جي سڄي
ٻاهرين مهاڙي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل هئي.
ستن پاسن کان ونگن تي هـُـريون آهن. اتر - اولهه
واري پاسي تي مٿي ڇت تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ آهي. چئن
مکيه پاسن واريون هـُـريون مٿي ڊگهيون ۽ ڪجهه
موڪريون آهن، جيڪي مستطيل ٻاري اندر آهن. پر ڪنڊن
واريون هـُـريون ننڍيون آهن ۽ انهن ننڍين ونگن
مٿان ليٽيل سنوت ۾ چؤڪنڊي ٻاري آهي. موجوده دور ۾
هن عمارت کي فقط هڪ ڏکڻ کان ٻـُـنڀو آهي، جنهن کي
پٿر جو چؤڪاٺو هنيو ويو آهي. ٻيا پاسا پٿر جي ڄاري
(Grills)
سان سينگاريا ويا آهن. دروازي جي مٿينءَ سنوت سان
ونگ سان دري جوڙيل آهي. دروازي ۾ دريءَ واري وٿيءَ
تي ڪاشيءَ جي سرن جي هڪ پٽي آهي (پليٽ 51)، جنهن ۾
قرآن شريف جا اکر آسماني تـَـرَ تي سفيد رنگ ۾
لکيا ويا آهن. مٿينءَ دريءَ جي چوڌاري ڪاشيءَ جون
سرون لڳل آهن. مکيه ونگ واري هـُـريءَ جي نـُـڪرن
تي پن وَلِ جي طرز ۽ عشق پيچان جي ول
(Ivy)
جو نمونو چـِـٽيل آهي، جيڪو آکڙي چٽساليءَ واري
اُڪير جي چوڌاري ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڪـُـنڊن وارين
هـُـرِين جي نـُـڪرن ۾ به ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آيل
آهن. قبي جي ڍيڍي کي پٿر جا ٻه بار ڏنل آهن. هڪ
قبي جي شروعاتي بارن کان هيٺان ٻيو ڪنڊاون محرابن
(Squinches)
کان ٿورو مٿان آهي. سڄو ٻاهريون مٿاڇرو ڪاشيءَ جي
سرن سان سينگاريو ويو هو. اڄ انهن جا ڪي ٿورا
اهڃاڻ وڃي باقي بچيا آهن. مٿئين پٿر واري بار تي
قرآن شريف جون آيتون خطاطي ۾ اُڪيري لکيل آهن.
قبي جي منڊپ جو اندريون پاسو هم چورس آهي ۽ سندس هر پاسي جي
ماپ 21 فوٽ آهي. ڪنڊن وٽ بنايل ڪنڊايون محراب
(Squinches)
چورس شڪل کي اٺاس ٿا ٺاهن ۽ مٿي گڏيل وچڙيل ونگون
اٺاس کي گول دائري جي شڪل ڏين ٿا، جيڪو قبي جو
بنياد بڻجي ٿو. قبي جو اندريون پاسو به نيري
ڪاشيءَ سان سونهارو بنايو ويو هو. اندر ڪل چار
قبرون آهن.
هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي، ته قبي جي شڪل اڀيچي آهي، پر
گول ناهي، ڇاڪاڻ ته ٺٽي ۾ قبي جوڙڻ لاءِ پنهنجا
خاص طور طريقا هئا. جيئن ته هتي ٻٽي قبي جي
ڪاريگري ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. انڪري قبا ويڪرا ڦوڪيل
نظر ڪونه ٿا اچن. رڳو مغل عمارتون آهن، جيڪي سندن
شهنشاهت جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ گول قبن جي صورت ۾ نظر
اچن ٿيون.
مرزا جاني بيگ جو مقبرو
مرزا جاني بيگ مرزا پائنده بيگ جو پٽ ۽ مرزا غازي بيگ جو پيءُ
هو. هيءُ ٺٽي جو آخري آزاد حڪمران هو. هن مغل
حڪمران اڪبر جي موڪليل فوجي سپهه سالار عبدالرحيم
خان خانان هٿان شڪست کاڌي هئي. بعد ۾ انهيءَ هن کي
پنهنجي نوڪريءَ ۾ داخل ڪري صوبيدار مقرر ڪيو. سندس
مقبري جي چوديواري جي مسجد واري لکت8 موجب، هن 20
رجب 1009هه مطابق 1601ع ۾ وفات ڪئي هئي.
مرزا جاني بيگ جي مقبري واري وانگاڙي جي ماپ 78 فوٽ 6 انچ
x
71 فوٽ 9 انچ آهي. وانگاڙي جي ڀت سادن پٿرن جي
جڙيل آهي، جنهن جو ٻنڀو اوڀر کان ۽ محراب اولهه
کان آهي. مکيه اٺ پاون وارو مقبرو، وانگاڙي جي وچ
تي جوڙيل آهي. اوڀر واري چؤڪـُـنڊي اُوچي اڏاوت ۾
ونگ وارو ٻنڀو ٺهيل آهي، جنهن ۾ پٿر جو چؤڪاٺو به
هنيو ويو آهي (نمبر 127). ونگ واري لنگهه جي
وَنگڙَ ۾ چار گل آهن، جن جي چوڌاري عشقِ پيچان جي
ول
(Ivy)
۽ ٻين ٻوٽن جون ٽاريون چٽيل آهن. ونگ جي نـُـڪرن
تي گڏوچڙ قسم جي اُڪير واري چٽسالي ڪيل آهي. تنهن
کان پوءِ اُڪيريل چؤڪـُـنڊيون ٻاريون اچن ٿيون.
پهرين ٻاريءَ ۾ اندر قرآن شريف جون آيتون سهڻي
خطاطيءَ ۾ اُڪيريل آهن. ٻي ٻاريءَ ۾ خوبصورتيءَ
لاءِ آرائشي طرز واري ڪوفي خط ۾ اُڪير ٿيل آهي.
انهن کان پوءِ ٻين ٻارين جو سلسلو شروع ٿئي ٿو، جن
کي اليڪي چٽن واري اڀي اُڪير هڪ ٻئي کان الڳ ڪري
بيهاري ٿي. هرهڪ ٻاريءَ ۾ ترخاني طرز جي اُڪير
وارا چٽ آهن، جنهن ۾ آکڙي ونگ اندر گل ٽـُـڪ ٿيل
آهي ۽ هرهڪ نـُـڪر تي هڪ گل آهي. سڄو نمونو ان دور
سان لاڳاپو رکي ٿو. پٿر تي اُڪير اڇاتري ۽ کوکي
آهي. اولهه پاسي کان پٿر جو محراب آهي، جيڪو
اُوچيءَ ونگ هيٺان بنايو ويو آهي. ان جي مٿين
اڏاوت چؤڪنڊي شڪل تي آهي، جنهن جي مٿئين پاسي تي
پٿر جي چٽساليءَ واري اُڪير جون ٽي قطارون آهن.
جان بابا جي مقبري ۾ ٺاهيل محراب جيان ان کي به
پاسن تي گهوڙيون هنيون ويون آهن ۽ ٻنهي پاسن کان
اُڪيريل پٿرن ۾ جارا جوڙيل آهن. سنڌي نموني جيان
محراب جي ٻنهي پاسن کان پاوا به هنيا ويا آهن.
محراب جو اندر اڌ اَٺ ڪـُـنڊو آهي. ان جي هر
مهاڙيءَ تي آکڙي ونگ ۾ گل جي تصوير اُڪيريل آهي.
ان اڌ قبي جي اندرئين پاسي تي پن ول جي طرز جي
ٽـُـڪ ٿيل آهي. نـُـڪرن تي گل ٻوٽا چٽيل آهن،
چوٽيءَ تي اڀريل طرز تي گل جي تصوير جو چٽ آهي.
مقبري جي مکيه عمارت جي سٽاءَ پٽاندر (نمبر 128)
ڊگهي پاسي جي ماپ 25 فوٽ آهي. ستن پاسن کان
هـُـريون ۽ اتر - اولهه واري پاسي کان مٿي وڃڻ
لاءِ ڏاڪڻ آهي، اها اڏاوت اٺ ڪنڊي ٿلهي تي ٿيل
آهي. جنهن جي اوچائي 3 فوٽ 3 انچ آهي. مکيه عمارت
کان بنياد ڪجهه وڏا آهن ۽ مٿي وڃڻ لاءِ ٽي ڏاڪا
آهن. هينري ڪزنس9 جي ڏينهن ۾ مقبري وارو قبو صحيح
حالت ۾ هو، پر هاڻي ڊهي چڪو آهي. باقي ڍيڍي ۾ ٻه
منزلون بچيون اٿس. مکيه ٻـُـنڀي کي (پليٽ 52) پٿر
جو چؤڪاٺو پڻ هنيو ويو آهي. ان جي مٿان ونگ ۽
جافري واري دري تعمير ٿيل آهي. اهي سڀ هڪ چؤڪنڊي
چؤڪاٺي اندر آهن. ٻين پاسن کي پڃري سان دريون آهن.
(پليٽ 53). ٻاهريون سڄو پاسو واري وٽيءَ سان ۽
نيري ۽ اڇي رنگ جي ڪاشيءَ جي لـِـيڪـُـن سان
سينگاريو ويو آهي. جڏهن ان کي ڳاڙهي تر وارين سرن
سان ڏٺو وڃي ٿو ته ڏيک ڏاڍو سونهارو پيو ڀاسجي.
اهڙيءَ ريت نـُـڪرن تي به نيري ۽ سفيد ڪاشيءَ جي
سر استعمال ٿي آهي ۽ سندس طـرز پن ول واري آهـي.
تصوير 132 - ديوان شرفا خان جي مقبري جي چوديواريءَ جو نقشو،
جنهن ۾ اولهه پاسي کان مسجد جي تعمير ڏيکاري وئي
آهي. هن مقبري جي هرڪنڊ تي هري رکڻ بدران گول قسم
جا منارا جوڙيا ويا آهن. هن اڏاوت جو دور 1048هه /
1638ع آهي.
خاڪو 8. ديوان شرفا خان جي قبر جي سامهون پـُـٺ ۽ پاسي جو نقشو،
جيڪو باقي پاسن کان وڌيڪ اوچو آهي. قبر جي
سيرانديءَ کان اوچو پٿر لڳل آهي. قبر جي اوساري
پٿر جي آهي، جنهن تي ترخاني قسم جي نقش و نگاري
ٿيل ڏسجي ٿي. هن اڏاوت جو لاڳاپو 1048 هه ۽ 1638ع
سان آهي.
هلڪي نيري رنگ جي ڪاشيءَ سان چؤڪنڊي شڪل تي ليڪون ڏئي چٽسالي
بنائي ويئي آهي. ساڳي چٽسالي ڀتين جي ڪنڊن تي به
دهرائي ويئي آهي. پڃري واري دريءَ جي مٿان نـُـڪرن
تي پور وڇوٽيءَ هلڪي نيري رنگ جي ڪاشيءَ جون اڀيون
ليڪون نڪتل آهن. ان چٽساليءَ مٿان چؤڪاٺي واري
پاسي قرآن شريف جون آيتون لکيل آهن. ڊهڻ کان بچي
ويل پاسي مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اندرئين چؤرس
ڀاڱي تي ۽ ڪـُـنڊن ۾ لڳل محرابن جي نـُـڪرن، مٿان
وارن گڏيل وچڙيل ونگن ۽ لهريدار ليڪن وارين
جايـِـن وٽ ڪاشيءَ جي سرن سان پن وَلَ جي چٽسالي
ڪئي ويئي آهي. سڀ کان وڌيڪ اهم دروازي جي ٻنهي
پاسن تي ونگ سان اڀيون ٻاريون پڃري سان دري يا
ليٽيل سنوت ۾ بنيادن وٽ ٻاريون آهن (نمبر 129).
اڀيون ٻاريون چؤرسن اندر آهن. ليٽيل سنوت وارين
ٻارين ۾ وٽ سان ڪناري آهي. ونگون نيرن اڇن ليڪن
سان سينگاريل آهن ۽ اندرئين پاسي تي گڏوچڙ نموني
واري چٽسالي ٿيل آهي. ساڳيءَ ريت نـُـڪرن وٽ آکڙي
نقش جي چوڌاري گل ٻوٽي جي چٽسالي ٿيل آهي. فرش تي
ٽي قبرون آهن، جن جا پٿراوان لوڙهٽ ترخاني اڏاوتي
طرز جا آهن. ٻه لوڙهٽ سنگ مرمر جا آهن، سفيد رنگ
کانسواءِ ٻيا سمورا رنگ نيري رنگ جا نمونا آهن،
جيڪي ڳاڙهي تـَـرَ هجڻ ڪري ڏاڍو چٽو ۽ ڀلو ڏيک ڏين
ٿا.
ديوان شرفا خان جو مقبرو
(1048هه/1638ع)
ان مقبري کي هن باب ۾ ان ڪري آندو ويو آهي، جو ان جو نقشو اڳين
ٻن عمارتن جهڙو آهي. هيءُ به وانگاڙي واري قسم جو
هڪ مقبرو آهي، جنهن جي مقبري جي مکيه عمارت وچ تي
آهي (نمبر 132). وانگاڙي جي سرن جي ڀت کي وري نئين
ريت جوڙيو ويو آهي. فقط اولهندي ڀت پنهنجي اصلي
پراڻي شڪل ۾ موجود آهي. موجوده دور ۾ ڏاکڻي ڀت ۾
دروازو ٺاهيو ويو آهي. (پليٽ 55). اولاهين ڀت سان
وچ تي ديوار واري مسجد تعمير ٿيل آهي. وچ تي محراب
جو وڌاوِڙو آهي. سندس هرهڪ پاسي کان ونگن سان چار
ٻاريون ٺهيل آهن. هڪ ٻاريءَ ۾ ڪيتريون ئي هم چورس
ٻاريون آهن (پليٽ 57) هر هڪ ٻاريءَ ۾ ڪاشيءَ جي
سرن جون چٽن واريون مختلف طرزون استعمال ڪيل آهن ۽
ڪيترين ڪاشيءَ جي سرن تي اَليڪي چٽسالي وارين
شڪلين جي ملاوٽ به ٿيل آهي. نڪرون هلڪي آسماني
ڪاشيءَ سان سينگاريل آهن. چؤڪنڊيءَ ٻاريءَ مٿان
ڪنارين وچ ۾ هڪ پٽي آهي، جنهن تي ڏاڪڻ نموني هم
چورس ٻاريون آهن، جن تي گل چٽيل آهي. اهو نمونو
چؤڪنڊيءَ ٻاري کان هلندو محراب تائين وڃي ٿو. مکيه
محراب جي وچ تي ڪاشيءَ جون چار ٻاريون آهن، جن ۾
سفيد هلڪي نيري ۽ گهاٽي نيري رنگ جي ڪاشي ڪتب آندي
ويئي آهي. هيءَ سڄي ڀت واري مسجد ڪاشيءَ جي گهڻن
رنگن ۾ چٽي ڳاڙهي تـَـرَ هجڻ ڪري رنگ ۾ کـِـڙي
بيٺي آهي.
مکيه مقبرو، سرن سان جـُـڙيل فرش واري ٿلهي تي تعمير ٿيل آهي.
ڏسڻ ۾ ان جي بيهڪ هم چورس آهي، ڇاڪاڻ جو هن جون
ڪنڊون اڳين اڏاوتن جيان ماريل نه آهن. ان جي بدران
ڪنڊن تي منارا تعمير ٿيل آهن ۽ مٿي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ
به ٺهيل آهي. فقط اهوئي منجهس تفاوت آهي نه ته
سندس ٻاهرين بيهڪ ۽ ڏيک سلطان ابراهيم خان جي
مقبري جهڙوئي آهي. ساڳئي نموني قبي جي ڍيڍي
(Drum)
به مٿي اُوچي آهي، چوڌاري پٿر جي هسي آهي، نيري
ڪاشيءَ جو عام واهپو، قبي جي طرز اُڀيچي ۽ نيل ڀڳل
آهي. ڀت تي هلڪي نيري ڪاشيءَ جون ڪجهه سفيرون لڳل
آهن پر اهي به ذري گهٽ ختم ٿي چڪيون آهن. داخل ٿيڻ
لاءِ ونگ سان چار ٻـُـنڀا آهن جن مٿان به هڪ وڏي
ونگ تعمير ڪئي ويئي آهي. فقط ڏاکڻيءَ ونگ کي پٿر
جو چؤڪاٺو لڳل آهي، جنهن جي ٻاريءَ تي قرآني
آيتون لکيل آهن. ونگن جي نڪرن کي به ڪاشيءَ سان
سينگاريو ويو آهي. قبي جو اندر هم چورس آهي.
ڪنڊاون محرابن، ان کي اٺاس ۾ بدلائي ڇڏيو آهي،
(پليٽ 56). ڇت تي لهريدار طرز واري چترڪاري آهي.
سڄي ڇت جي مٿان هلڪي نيري ڪاشيءَ جا پٽا آهن ۽ هيٺ
نـُـڪرن جي مٿان نيريون ٻاريون ڏاڍي سونهن ۽ رونق
لايون بيٺيون آهن.
فرش تي ست قبرون آهن. مکيه قبر جي پٿرائين لوڙهٽ کي سيرانديءَ
کان چؤنٺو آهي. چؤڪنڊي لوڙهٽ (خاڪو 8) مٿان پنج
ماڙ ٿلهو آهي، هيٺئين تي پن ول جي چترڪاري آهي،
ٻئي تي ڏاڪڻ نموني جي هم چورس اُڪير آهي، جن ۾ گل
اُڪيريل آهي، ان کان پوءِ گڏوچڙ نموني جا چٽ چٽيل
آهن، تنهن کان پوءِ ونگن سان ٻارين جو سلسلو آهي ۽
آخر ۾ چئن پنکڙين وارو گل اچي ٿو. چؤنٺو، هيٺئين
پاسي کان چؤڪنڊو ۽ مٿي گهڻ - پاسو ٿي نانگ جي ڦڻ
وانگي بنجي ٿو پوي. اهو ٻنهي پاسن کان اُڪير واري
چٽساليءَ سان ڀريل آهي. اندرئين پاسي کان، مٿي
گلاب جو گل اٿس ۽ سندس چئن ڪنڊن تي چار گل آهن.
هيٺئين پاسي کان ڪلمون ۽ فارسي ۾ تاريخي لکت آهي.
پٿرائين لوڙهٽ جي پاسن کي زنجيريءَ سان ٻارين ۾
ورهايو ويو آهي، جن ۾ قرآني آيتون لکيل آهن.
دبگير مسجد
دبگير مسجد10 جي لاءِ چيو ويندو آهي، ته ان کي
خسرو خان چرڪس سن 1588ع ۾ ٺهرايو هو (پليٽ 58). ان
تي اهو نالو ان ڪري پيو، جو دبگيرن جي پاڙي ۾ واقع
هئي، موجوده دور ۾ اها شهر کان بلڪل ٻاهران آهي.
هيءَ مسجد (خاڪو 9) سٽاءُ ۾ چوڪنڊي آهي. ٻاهرين
ماپ 83 فوٽ
x 36 فوٽ 6 انچ
سامهون 83 فوٽ 10 انچ آهي، ڊگهو اڱڻ به اٿس. سنڌو
درياءَ جي اٿل کان بچاءَ لاءِ 1910ع ۾ ان جي
اندرئين منڊپ ۽ ٻاهرئين اڱڻ ۾ ڀراءُ وڌو ويو هو.
مسجد جا بنياد، پٿر جا اوساريل ۽ تعمير سرن سان
ٿيل آهي. سامهونءَ واري اڱڻ جي فرش بندي تراکڙن
پٿرن سان ڪئي ويئي آهي. اندر قبي ۾ بنيادن تي مٿي،
ڪاشيءَ جي ٿاڦ ٿيل هئي، پر اڄ اها غائب آهي ۽ ان
جي جاءِ تي ڦـِـڪو پٿر نظر ٿو اچي. اندرئين منڊپ
کي اوڀر کان ونگن سان ٽي ٻنڀا آهن (پليٽ 59) ۽ مٿي
وڃڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان ڏاڪڻ ٺهيل آهي. وچون ٻنڀو
ٻين کان ڪجهه موڪرو آهي. پر ان جو مٿيون اولو ۽ در
جو چؤڪاٺو ختم ٿي ويا آهن. پاسن وارا ٻئي ٻنڀا
اوچي ونگ وارين هـُـرين ۾ کلن ٿا. صفا مٿيون اولو
اڃا بچيل آهي. ان ۾ سرن جي ڪٽ ۽ ڪور جي ڪاريگري
چٽي نظر اچي ٿي، جنهن جي سنڌن کي گهري نيري ڪاشيءَ
جي پـَـٽـِـنِ سان ملايو ويو آهي. اُچيءَ ونگ جي
مٿان ليٽيل
خاڪو 9. دبگير مسجد جو نقشو، جنهن جو سامهون وارو پاسو ٽن وڏن
ٻارين ۾ ورهايل آهي. مسجدن جي اها ٻاهرين سونهن ۽
سنجٽ وارو نمونو ترخاني مسجدن سان لاڳاپو رکي ٿو.
اوڀر پاسي کان کليل آڳنڌ اٿس. وچئين محراب جي ٻنهي
پاسن کان دريون ٺهيل آهن جن وسيلي مسجد اندر ٿڌي
هوا ايندي هئي. مسجد جي اوڀر پاسي کان ٻنهي طرفن
تي، ڏاڪڻيون ٺهيل آهن، پر نقشي ۾ فقط هڪ ڏيکاري
وئي آهي. هن مسجد جي تعمير ۾ اها ٻي نئين شيءِ
آهي. انهيءَ اڏاوت جو لاڳاپو 1588ع سان ڏسجي ٿو.
سنوت واري ٻاريءَ ۾ ڪاشيءَ تي قرآني آيتون لکيل آهن. جنهن جون
ڪجهه سرون ڏاکڻيءَ ونگ جي مٿان بچي ويون آهن. ٻنڀن
جي وچ تي ونگ سان (نمبر 126) ڀت ۾ اندر پيٺل ٻاري
آهي، جنهن کي ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريو ويو آهي.
ان جي ڪنارين کي سرن جي ڪور سان سينگاري سنڌن کي
هلڪي نيرين ڪاشيءَ جي سرن سان ڀريو ويو آهي. ان
ڪناري جي ٻاهران گل ٻوٽي واري وَٽِ آهي جنهن ۾
ڪشادا موڙ آهن، جيڪي پنجن پنکڙين واري سفيد گل وٽ
ختم ٿي وڃن ٿا، جن جو تر هلڪو نيرو آهي. ٻاريءَ جي
اندرئين پاسي ڏندائين ونگ آهي، جنهن جي هيٺ سفيد
رنگ ۾ گڏوچڙ قسم جا ولين جا موڙ آهن ۽ گهاٽو نيرو
تر اٿس. ان کان مٿان مانڌاڻيءَ طرز جي چترڪاري ٿيل
آهي. وري هڪ گلدان مان ڪنهن گهاٽيءَ ول جا موڙ
نڪرندا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ساڄي ۽ کاٻي پاسي ساڳيءَ ريت
ونگن سان ننڍيون ٻاريون نظر اچن ٿيون ۽ منجهس ساڳي
قسم جي پن ول واري طرز موجود آهي. انهن جي وچ ۾
وٿيون اڌ گول دائرن وارين چٽن سان ڀريل آهن ۽ عشق
- پيچان جي ول، ور ۽ وڪڙ کائيندي ڏيکاري ويئي
آهي. اجگر جهڙي چٽن واري هڪ طرز به موجود آهي،
جيڪا ڪاشيءَ جي سرن جي اصليت ۽ بنياد کي ارغونن ۽
ترخانن ڏانهن اشارو ڪري ٿي جن پنهنجي ملڪ مان ان
هـُـنر کي هتي آندو.
وچئين مکيه ونگ جي هيٺئين پاسي تي اصلي سنجٽ جا ڪجهه حصا اڃا به
بچيل آهن. اها ڄڻ هڪ چؤڪـُـنڊي غاليچي وانگي
کـُـلي ٿي پوي ۽ جنهن منجهه چار مختلف ڪنارين
واريون چٽساليءَ جون طرزون آهن. خانن واري چؤرسن
جن جو رنگ گهاٽو نيرو هلڪو نيرو آهي، ٻن گڏوچڙ
لڙهين جي وچ ۾ سفيد ۽ ڦڪو رنگ ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
لڙهيءَ جو رنگ سفيد ۽ تر گهاٽو نيرو آهي. بلڪل
اندرئين ڪناري تي سفيد پن ول طرز واري چترڪاري
آهي ۽ تر هلڪو نيرو اٿس. صفا وچ واري حصي ۾ ستارن
جي قطارن واري طرز آهي. ستارن جون ليڪون سفيد ۽ تر
آسماني آهي، جن کي ڪاشيءَ جي سرن جي ٽڪرن جي وچ ۾
رکي، هلڪو نيرو ڦڪو رنگ ڏنو ويو آهي.
نماز ادا ڪرڻ وارو اندريون سڄو منڊپ (پليٽ 61) وچ تي ٻه ونگون
ڏئي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. وچون ڀاڱو، جيڪو هم
چورس آهي ۽ پاسي وارن حصن کان مٿڀرو آهي. اندرين
ونگن جا هيٺيان پاسا (پليٽ 60) غاليچي طرز واري
ڪاشيءَ سان سينگاريا ويا آهن، پاسن تي ڏوريءَ
نموني لڙهيءَ جي چٽسالي ڪيل آهي، جنهن ۾ گهاٽي
نيري، هلڪي نيري، سفيد ۽ ڦڪي رنگن جون مختلف
ڪاشيءَ جون سرون ڪتب آنديون ويون آهن. منڊپ جو هر
حصو ڪاشيءَ جي جهجهيءَ چٽساليءَ سان سينگاريو ويو
آهي. وچينءِ منڊپ ۾ وچ تي محراب جي اڏاوت ۾ پٿر جي
خوبصورت ٽڪ ٿيل آهي، جنهن جي مٿان به ڪاشيءَ جي
سنجٽ ٿيل آهي. محراب جي هر پاسي کان هوا ۽ سهائي
لاءِ ڀت جي آرپار دري بنايل آهي. پٿر جي اُڪير
چؤڪنڊي چؤخانن جي سلسلي جي وچ ۾ آهي. انهن مان هڪ
خاني ۾ پن ول جي ڪناريءَ اندر قرآن شريف جون آيتون
خاطي ۾ اُڪيريل آهن. صفا اندرين خاني واري ٻاريءَ
۾ ورن وڪڙن واري ڏوريءَ جي طرز واري اُڪير ڏسڻ ۾
اچي ٿي ۽ آخر ۾ گلن واري قطار آهي. محراب واري ونگ
۾ ليڪن وارو قبو آهي، ۽ ان جي بلڪل وچ تي پٿر جي
چٽسالي واري اُڪير ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي گلن
جون تصويرون نظر اچن ٿيون. سندن طرز لٽڪندڙ آهي.
ونگ جي نڪرن تي به گلن جون تصويرون چٽيل آهن جن جي
چوڌاري وليون آهن. صفا مٿان ليٽيل سنوت واريءَ
ٻاريءَ ۾ قرآني آيتون خطاطي ۾ لکيل آهن. ونگڙ ۾
پٿر جي اُڪير کان مٿئين پاسي تي هلڪي نيري ۽ ڦڪي
ڪاشيءَ تي گهاٽي نيري رنگ ۾ پنکڙين سان گلن جي
چٽسالي ٿيل آهي. ان کان مٿي وڏي ونگ آهي، جنهن ۾
سفيد ۽ هلڪي نيري رنگ ۾ پن ول جي چٽسالي آهي.
ونگن جي تري جي هيٺان قرآني آيتن جي سفيد لکت آهي،
جيڪا چوڌاري ڦري اچي ٿي، ان جو تـَـرُ گهاٽو نيرو
آهي.
قبو، جيڪو ڪنڊاون محرابن تي بيٺل هو، سو هاڻي ڪري ڊهي چڪو آهي.
ٻاهرئين پاسي کان ڏيڍي اٺاس صورت اٿس. ڪنڊن وارن
محرابن کي اندرئين پاسي کان ڪاشيءَ سان سينگاريو
ويو آهي. پاسي جي منڊپن وارا قبا ننڍا آهن، جيڪي
ڪنڊاون محرابن تي بيٺل آهن ۽ سندن ڏيڍيون گول آهن.
اولهه کان هڪ آرائشي محراب آهي، روشني ۽ هوا لاءِ
به ڳـِـٿو اٿس. وچ واري منڊپ ۾ اڏيل محراب وٽ پٿر
جو اڪريل هڪ سونهارو منبر آهي.
نتيجو
هتي ڪن چونڊيل جڳهن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ته جيئن
ان دور ۾ نون اڏاوتي فني لاڙن کي چٽو ڪيو وڃي. ان
دور ۾ سر جي نموني ته نئون روپ ڌاريو، پر ڪاشيءَ
جي سر ۾ آرائش جو هڪ نئون طريقو به پيش ٿيو.
ڪاشيءَ جي سر جو تعلق هرات سان آهي، ان جي شڪل ۽
تعمير جي طرز، اڻ سڌي نموني ايران سان لاڳاپيل
آهي. ان ڪري انهن جڳهن ۽ مغل دور جي تاريخي جڳهن ۾
گهڻي هڪجهڙائي آهي. فرق رڳو اهو آهي، ته مغلن جون
اڏاوتون ڳاڙهي پٿر يا سنگ مرمر جون ٺهيل هيون.
انهيءَ دور جي ڪيترين سنجٽي طرزن جو ايران تان نقل
ڪيو ويو آهي. پر هتان جي اڏاوتي فني طرز جو لاڳاپو
تيموري فڪر سان آهي، اهو هڪ گڏيل سرچشمو آهي،
جتان مغلن به فائدو ورتو. جيتوڻيڪ مغلن ٺٽي ۾
پنهنجي حڪمراني قائم رکي، پر اڏاوتي فن پوءِ به
ترخانن وارو قائم ۽ دائم رهيو. هتي اهڙن سڀني
تاريخي يادگارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن سمورين
اڏاوتن ۾ سنڌي طرز جي سر واري مـُـهر لڳل آهي.
تصوير 132 - الف - دبگير مسجد جي چوڌاري موجوده دور جي تعمير
ڪيل ڀت. |