سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :8

- موٽي هليو مينڌرو، موڪل وٺي مير

مومل تنهن کي مکيا، عطر تيل عنبير

ساروئي سرهاڻ سان، واسي ڇڏيائين وير

چاريائين چانگيءَ کي، ميندي منجهه ملير

واري واڳ وري هليو، سوڍو ٿيو سڌير

پِرهه ڦٽيءَ پرڀات جو، وڃي ٿيو حاضر همير

ويهاري وزير، تنهن کان سوال پڇيو هو سومري.

78- سوال پڇيو هئس سومري، پرهه سان پرڀات

سوڍا! سڀ سچي ڪر، تون ڪٿان رَتُون رات؟

متان گهوٽ گهمي آيون، تون مومل محلات

امين تنهن اُٿاريا، ڏٺئين اُٺِ مٿي اوطاق

پانَهه تنهن کي پيرن ۾، ڪي ڪِل ٺوڪيائين ڪات

غازي ٿي غمناڪ، موٽي هليو مينڌرو.

79- موٽي هليو مينڌرو، ڇڏي خوشيون خيال

سج لهي سانجهي ٿيو، ڏٺئين جَت جمال

چئي: چانگيءَ چئني پيرن، ڪِل ٺوڪيائون ڪال

بدن ڪري بيحال، وري به آيس اڱڻ تنهنجي!

80- اڱڻ منهنجي مينڌرا، جانب آيون جيءُ!

اندئين ڪنواٽُ ڪرهيءَ جو، حاضر اٿئي هيءُ

هي به مومل جي محلات جو، واگهه ڀيلي ٿو ويءُ

چڙهي ڪام ڪرهي کي ٿَس منجهان حرص هنئي

سڀيئي ڪري قافلا، آيو مٿي ڪاڪ ڪهي.

سالڪ ڪيو سهي، جڏهن آيو دانَهه در تي.

81- آيو دانَهه در تي، جهٽ منجهان جهاڳي

ته گڏ ڏٺائين ٻه ڄڻا سيج سُتل ساڳي

ملير ٻنهي مٿان هو، پڳ رکيل پاڳي

جهليا نشي ننڊ جي، ڪنهن ڏاڍي اوجاڳي

ڪام ٻنهي کي ڪَڇ تي وِير هليو واڳي

دوست ڇڏيس داڳي، موٽي هليو مينڌرو.

82- موٽي هليو مينڌرو، سوڍو سوايو

گوڏي ٻڌي اُٺ کي، ٿَس ڪاڪ منجهان ڪاهيو

صبح جو سترهن کان، ڪنهن ويندڙ ورايو

اي ڍولا! ڍٽ ڇڏيو وڃين، ڇو عاقل اجايو؟

جڏهن عقل ۾ آيو، اتي عاشق ڇوڙيو اُٺ کي.

83- عاشق ڇوڙيو اُٺ کي، تنهن رمي جهليو راهه

سوڍي کي سورن جا، ڏاڍا پُور پيا

ڍوليي ڏٺا هئا ڍٽ جا، اُتي راڻي رتولا

رات وهامي ڏينهن ٿيو، مومل اُٿي آه

ڪام ڏٺائين ڪڇ تي، جنهن جو سڪي ويڙو ساه

مُٺيون! راڻو رات گهمي ويو، آن کي ڪل نه پئي ڪا

شاهد تنهن جا، شادي چئي، آهن مٿي پَلنگ پيا

مون جنهن سان ڪوڏ ڪيا، سو راڻو رات رسي ويو!

84- راڻو رات رسي ويو، مومل ٿي مري

سوڍيءَ جنهن سان سک ڪيا، ڪنهن سان ڪوڏ ڪري

ڪامل ڌڻي ڪاڪ جو، واپس مانَ وري

گهوري ويندي گهوٽ تان، صدقو سر ڪري

چندن هن چانئٺ جو چانگو  شال چري

ڪاغذ ڪالهه ڀري، مومل مڪو مير ڏي.

85- مومل مڪو مير ڏي، قاصد ڪالهه ڪهي

نڪي چور چڪار هو، نڪي ڀُل ڀُئِي

نڪي مومل جي محلات تان، ڪو ويڙو رات رهي

تون ڪام رکي ويون ڪڇ تي، مٿي سيج سهي

مومل جي محلات جي، تر ڀاو تو نه لڌي

پري پاڻ پئي، ڇو ٿيون ڏور ڏسڻ کان.

86- جي ٿياسون ڏور ڏسڻ کان، منڌ ڇڏيو تو مانُ

ڪري ويٺين ڪاڪ تي، شادي چوي شان

تو ڪامڻ ڄاتا ڪينڪي، اهي نفعا ۽ نقصان

ستي هئين”سيتل راو“ سين نانگي ٿي نيشان

ڪڇ ۾ ڌري ڪام، مون پاهون پير ورائيو.

87- تو پاهون پير ورائيو، ڊني ڪهڙي ڊاءِ؟

پاند اٿلائي پاڻ ڏسين ها، هئي موڳا مهل اها

جي ”سيتل“ ڏسين ها سيج تي، هڻي وڍ هنيا!

ڪاڪت تو مان ڪين ٿي، تنهنجا واڪهه سڀ ويا

سورن گڏي ساه، ڇو ڪامڻ ڇڏيئي ڪاڪ تي.

88- ڪامڻ ڇڏيم ڪاڪ تي، ڪنهن ڏاڍي ذوق ضرور

اچي ڏٺم آجام تي، درس تنهنجا دستور

تون به ستي هئين سيتل راوَ سان، پيچ لڳايو پور

هيڪر ڀانيم ڪاڪ تي، ڪريان چٽ ٻنهي کي چور

مون کولي خنجر جهليو، دانَهه ڪنهن دستور

جيئن ساماڻو سور، تيئن موٽيس تنهنجي ماڳ تان.

89- موٽيون منهنجي ماڳ تان، ڪاري ڪاڪ ڪري

سوڍا! سک ڦٽايئي، ساعت ڪانه سري

مون سومل سمهاري سيج تي، سهجان سڏ ڪري

ڀتار تنهنجو ڀير رکيم، پاڳي پڳ ڌري

اچيم آرام انهيءَ تي، اُٿان نازڪ ننڊ ڪري

تون ته اُوڻو ڏسي اُٿليون، پاهون پير ڌري

مديون معاف ڪري، هاڻ ڪرڪو ڪارڻ ڪاڪ جو.

90- ڪاڪ تنهنجي ڪارڻي، مون ڪرهو ڪڏايو

آڻي اڱڻ تنهنجي، مون جهيمو جهيڪايو

تون ته سُتي هُيين سيتل راوَ سان پيچ ڏاڍا پايو

شوق منجهان، شادي چئي، تو ڀتار ڪري ڀانيو

آ لوڀڻ لڄايو، تو راڄ راٺوڙين جو.

91- راجا راٺوڙين کي، آءُ ڪامل! ڪريان ڪوه

بَديون ڏي مَ بنديءَ کي، آءٌ نه سڃاڻان سو

لاهه ميارون مينڌرا، ڏکيءَ مٿان ڏوهه

مون ڪرڻ پنڌ پيو، ڍولا! تنهنجي ڍٽ تي.

92- ڍولي ڪارڻ ڍٽ تي، ڪامڻ ڪو مَ اچي

منٿ ڌاران مينڌرو، هوند پاڻ وڃي پرچي

تنهنجون مومل ميڙون ڇا ڪريان، ڪامڻ ٿئين ڪچي

مومل تنهنجي مهڻن جا، مون کي پيڙا مچ مچي

ڳولين ڳالهه سچي، مون قولين ڇڏيو ڪاڪ کي.

93- قولين اچي ڪاڪ تي، تون نبيرج نياءُ

مَٽ تنهنجو مينڌرا، ڀانيان راجا نڪي راءُ

محل ماڙيون بنگلا، ڪِري پَٽ پيا

مون سينگار سڀئي ڇڏيا، حرص به هول نيا

اٿم ڪارا ويس ڪيا، ڪامل! تنهنجي ڪارڻي

94- ڪامڻ! منهنجي ڪارڻي، تون ڪارا ويس مَ ڪر

سوڍي سڀ سهي ڪيا، مومل جا مڪر

سُتي هُيين ”سيتل راوَ“ سان، جام پايو جَهنوَرَ

اڃان به چئين: مون سومل سمهاري سيج تي ويٺين هلين ور

چئي: پڇي ڳالهه پڪي ڪري، تون سوڍا! ثابت ڪر

ايڏيون بدناميون بيڏوهين تي، هلائجن ڪيم هَورَ

ڇڏي گام گجر، پئي پنڌ پريان جي.

95- پئي پنڌ پريان جي، ساٿي جوڳڻ جوڳياڻي

عاشق لاءِ اکين مان، هن کي پلٽيو پئي پاڻي

جي ڀتار بانئي ڪينڪي، ته به آهيان وَر تان وڪاڻي

ڪوهه ڪشالا قافلا، ٿي پنڌ ڪري پاڻهي

مجاز انهي مستان ڪئي، نه ته هئي سوڍي سياڻي

هئي راڻين منجهه راڻي، فراق انهي فقير ڪئي.

96- فراق انهي فقير ڪئي، پرو ڪونه پئيس

رويو راجا نند کان، گهوڙا ٿي گهريس

مومل هلي مردن جا، وڳا ڪري ويس

شوق منجهان، شادي چئِي، تنهن دانَهه ڇڏيو ديس

لوڪئون ڪري لبيس، مومل محل ڦٽا ڪيا.

97- مومل محل ڦٽا ڪيا، رهي نه هڪڙي رات

سوڍي لاءِ سرتيون، اٿس طلب اندر ۾ تات

راڻي ٻاجهان روح ۾، ٻي وائي ناهيس وات

مجاز انهيءَ مستان ڪئي، غمن ڪئي غمناڪ

ڪامڻ ڇڏيو ڪاڪ، سا ڪالهه ڪريو وئي قافلا.

98- ڪالهه ڪريو وئي قافلا، ڇڏي باغ بسيار

سون سيج بندن سان، تنهن جام ڇڏيا جهنوار

مونجهاري محبوب جي، تنهن صاف ڇڏيا سينگار

راڻو روح کسي ويو، نه ته ٻيا به آهن سوڍا سو هزار

دلبر دل جو يار، وڃي ڍولو ڏٺائين ڍٽ ۾.

99- ڍولو ڏٺائين ڍٽ ۾، پانَهه پهرين رات

مينڌري مزماني ڪئي، سارو جهلي ساٿ

خوب خبرون ٿي ڏنيون، ورنهه پنهنجي وات

ڍولا! جي ڍاري رهين، توکي صحيح سڻايان ذات

هٿ هڻي جي هوڏيا، پرهه ڦٽيءَ پرڀات

عاشق ڪنهن اهڃاڻ سان، لڳي مينڌري کي ماٺ

سوڍي پوءِ سهي ڪيو، ان عقل جي آفات

ته ڪامڻ ڇڏيو ڪاڪ، ٿي مومل رُلي هن ملڪ ۾.

100- چيو مينڌري کي پَلئو ڇِڪي پاند

مون ڏوري ڏٺو آهيين، ڪامل پنهنجو ڪانڌ

سڄڻ جي سُڃاڻين، مون نه رهڻي راند

شوق منجهان، شادي چئي، سوڍا لڄائج م سانگ

تنهنجو نينهن نسورو نانگ، جنهن متيون ڪل منجهائيون.

101- جنهن متيون ڪل منجهائيون، توکي هو جُڙيو اڳ جواب

مون کي پاڻهي هئا اڳ پڇڻا، توکئون ڏُکئون ڏوهه ثواب

آهين هَٿ هاديءَ جي، سڀئي حرف حساب

تو ٿي گجر هت گمائيا، لکين نَر نواب

ڪوهه ڪشالا قافلا، تن جا سائين وجهندو ثاب

هن جا قاضي ۽ ڪتاب، مينڌري ڪُل موٽائيا.

102- مينڌري سڀ موٽائيا، چئي هت نه ٽڪان هاڻ

دعويٰ دوست ڇڏي ويو، هئم جنهن مان جيءَ ٻانڌاڻ

هاڻي ڪهڙا موٽڻ ملڪ تي، ڪهڙي ڪڍڻ ڪاڻ

ڪوڙين آندئين ڪيترا، ڪاٺيون ڪپهه ساڻ

تاڪ گهرائي تيل جا، منڌ ڀرايا ماڻ

سڀئي سانگا سِر جا، پَلي چڙهي پاڻ

راڻي بنا رهاڻ، آهي عشق آڙاهه ۾.[1]

 

4- بيت پريي وساڻ جا[2]

 

1- ٿيو هُنِ شوق شڪار جو، ڪي هن کي پاڻهي پَهه پيو

چڙهيا چارئي چار ڄڻا، کنئيون ڪونه ٻيو

ڪاهيندي هن ڪاڪ ڏي، وڏو وس ڪيو

ڪاهي آيا ڪاڪ ٿي، هن کي پڙلوئي پيو

جڏ لهي سج ويو، تڏهن ڏٺئون سئو ڪوهه سوجهرو.

2- ڏٺئون سئو ڪوهه سوجهرو، حيرت جهڙي بات

لاهي سنج لهي پيا، هن کي رڻ ۾ پيئي رات

ويچارن کي وڃڻ جي ٿي تن ۾ وڏي تات

کاجھ کِينداسون هڪڙو، ٻي نه ڏسينداسون ذات

پرهه ڦٽي پرڀات، هُن روجهه ڏٺي هئي رڻ ۾.

3- روجهه ڏٺي هئئون رڻ ۾، ڪيئون ڪاهو ڪاهه

هن ڪيون ڀيڻيون ڀڄڻ جو، جا ڊني پنهنجي ڊاءِ

واقف هئي تنهن ويڙهه جي، جنهن چنا هئا گاهه

وڃي ويچاري ورتئون، لاسُون ڏيئي لاهه

ائين ڪيو الله، ٿيس هٿ نصيب راڻي جا.

4- اتئين به چڙهيا چارئي ڄڻا، چارئي جوان چڱا

سيڱون سائَن هٿ ۾، هيري ساڻ هنا

روجهه ماري راضي ٿيا، ڳاموريءَ ڳنا

شمّ ٻري شيخون ٿيون، پاڻي ناهه پُنا

راڻا! راءَ رجوع ٿي، تنهنجي محبت ڪاڻ مُنا

هڪلون تنهنجون لوءِ ٻڌيون، آڌيءَ رات اڃا

سامي سِڄَ ڳنا، هئا جوڳي زور جهرڪڻا.

5- روجهه پڪائون رڻ ۾، سڄي شيخ هئي،

راڻا! تون راضي ٿيءُ، پتي وڃ کڻي

راڻي کي روح ۾ اها ڪين وڻي

هن بيٺي ڳالهه ڳڻي، مَنَ ڪو ماڻهو مُنهن پوي.

6- اتي مڙس سهي ڪيو مينڌري، ڪوجو وريس واءُ

سجاول سڏ ڪيو جوڳي کي، ادا! اوري آءُ

رات  اونداهيون رڻ ۾، ايڏهين واءُ اُهاءُ

وڄون وسڻ آئيون، ڪري شمّ شعاع

اِي هاڻ ڏينم سماءُ، ميان جي ملڪ جا.

7- ميان جي ملڪ جا، آءٌ ته ڏيانءِ حال

مومل گهڻي آهه موچاري، هوءَ لاک ورني لال

مون هئا نَوَ لک ماڻهن جا، نوَ لک ناڻي مالَ

سڀ مارايو سال، آءٌ موٽيو وڃان مينڌرا!

8- رات ايڏانهين رنگ هو، سانجهيءَ سج لٿي

کِنوڻن هيون خوب خوشيون ڪيون پئي جٿي

هُيئي مومل محل مٿي، اهي تجلا هئا تنهن جا.

9- ”ايڏانهن تنهن آدم جا، هنبس ڪيئن هوندا!

ايڏا تن ملڪن تي، ڪيئن پڙولا پوندا!“

چئي، خبر سي ڏيندا، جي گڏ هوندا انهيءَ گام ۾.

10- هُت ٿَئي ساهيليون مومل جون، جيئن ڪونجين جي قطار

جهجهي آهيس ٻُر ٻانهُن تي، ٻيا واڌو ورنهه وار

سونا ڦُل سڳين تي، آهنسِ چوٽي تي چوڌار

نٿ به ٿس نرمل نڪ ۾، بولو لهي ڏهه هزار

جنهن نَوَ تِر منجهه نرار، مومل اها اٿئي مينڌرا!

11- ٻيو ٿئي سورج گل شفتالو، ست رنگو سُريدار

ڪاريهر ڪلنگو اٿئي، ۽ گونٽي تي گلزار

آميون ٽالهيون ڪيوڙا، ۽ جاين جي جهِٻڪار

ڪرڙ ڪنڊا وڻ ٻاٻرا، لوا منجهه شمار

گل دائود، گل جافرو، ٻي لاليءَ جي لغار

پوءِ ڪٽنگ ڪارونڀار، اٿئي نمون نيِاڻَن تي.

12- ٻيا ٿئي ڳاڙها پاڻي ڪاڪ جا، ڳاڙها باغ بهار

ڳاڙها پير پدمڻئين، ڳاڙها مُنهن موچار

ڳاڙها کيبَتَ ڀريا ڪنجرا، ڳاڙها ڳورين هار

ڳاڙهيون ميناڪاري منڊيون، ڪارا ورنهه وار

پوءِ سوڍا سڀ سوار، منهنجا واري وينگس جهليا.

13- جيئن پانن جا هن پَنَ، تيئن سايون سالون مٿن تي

مَلي تيل ڦليل سان، ڪيئون چوٽو ساڻ چندن

سُونهَنِ ٿا سون رُپي ۾، سندا ڪامڻ ڪَن

مرڪي بيٺو من تي انهيءَ سوڍيءَ سان سڱ ٿئي!

14- پير به آهنس پر وَري لال چيڻوٺيءَ وَن

پاسي هن جون پاسريون، هن سٿرون سون ورن

پَڙا پيپنيون، پايو، ۽ ٿا رَوا رنگ رچن

نسبين نئون نينهن لائيو، پيا پنڙا پَهه پڇن

اُرهه به آهس چنڊ جيئن، ٻي ٿا هَر ڪئي ٿڻن

پوءِ مون کي موهيو تن، جنلال موهيڙا مُنهن ۾.

15- اداڙي آدمي! تون وک اورانهون وارِ

سامي! انهيءَ سانداريءَ مان، مونکي پاڻيءَ سُرڪ پيار

سوڙهو مُنهن جهل سانداريءَ جو، چُڪو هيٺ مَ هار

ڪا گهڙي مون وٽ گهار، ته ڳجهون ڳرهيون ڳالهڙيون.

16- سامي سانداري ڇوڙي، هن ٻهڳڻ جهليو ٻُڪ

ته پاڻي پيدا ڪونه ٿئو، هو نسورو رت

ساميءَ سنديءَ ذات جو، هو اڳي ڪونه عڪس

همير کارائي روجهون، تون ڪيئن پيارين رت!

ڪونه پي ٿو اَتُ، ڊوهي! تنهنجي ڊوهه کِريب جو.

17- سوڍا! اِن سانداريءَ ۾، مون کنيو ڪونه کِريب

جتي گجرون هِن گاڏوليون، تتي ايئن ٿئي به

ڳاڙهو پاڻي ڪاڪ جو، ان زمين جو آهه زيب

راڻا! ڀانءِ مَ ريب، اهو ٿئي ڪڪو پاڻي ڪاڪ جو.

18- چئي، سامي! توکي سکر ڏسي، موم مصلحت پڇي آهه موٽي

ڪَل انهيءَ ڪاڪ جي، اسان سان چئي ڪر چوٽي

ناتر دائي ٿئي در تي، تنهن جي به چٽيل چوٽي

جي مون خبر ڪئي کوٽي، ته پاڻهي ٿيندءِ معلومت مينڌرا!

19- مومل منشائون من جون، اهڙيون ٿي ڪري

کليو چڙهي ٿي خون تي، ٻيو پوئتي ڪين ڌري

ڏهه ڏهه ماري ڏينهن ۾، اها سوڍيءَ کان ٿي سري

اها مومل هوند مري، ته لهي ڏچاري ڏيهه تئون.[3]

20- دوست سڏائين، دعا نه ڪرين، ٿو پٽين ڪهڙي پار

ڪَٽائي ڪامن سان ٿو ڀانئجي نيئر وجهايانءِ نار

وڃ جوڳي جيءُ جيار، وري ڪين اچجان ڪاڪ تي.

21- هئين ان رخ تي اتي، ڪو هو عاشق تنهنجو اوتارو؟

هَنيُئي ڪونه هٿن سان، ڪو ناتر نظارو

هوئين سامي! سوڀارو، پر مُنهن نه پئين مومل جي!

22- هاڻي سامي! شال سکيو هجين، تنهنجي پير رکندو پت

مومل ساڻ مقابلو، تو ڪيو ڪهڙيءَ ڀَت؟

ايءَ مومل ڪهڙي رُت، جا ڪامڻ سُڄي ٿي ڪاڪ تي؟

23- هي جو ويس لات جو، تو ڪيئن جوڳي! جڙايو؟

مومل جي مجاز جو، ڪيئن روح لڳو نه رايو!

سامي! ڪري سعيو، تون ڪڏهن هلئين ڪاڪ مان؟

24- اوڀر کان ٿي اڀريو، ڳاڙهائيءَ جو ڳچ

اکيون اُن آديسيءَ جون، مُنهن ۾ ٻري مچ

پوءِ سامي! ڳالهاءِ سچ، تون ڪڏهن هلئين ڪاڪ مان؟

25- راڻا سنڀرندي مون کي، لنگهي ويا ست سال

مون سڪايل جا سِڪ ۾، ههڙا ٿي ويا هال

ڪاڪ ڇڏي اٿم ڪال، پرڀانيان ويهون ورهه لنگهيو.

26- اُڀرندي کان ٿي اُڀريو، صورت جو سبحان

تنهن کان مير مينڌرو، ٿو خبر پڇي خان

ڪير آهين، ڪاڏي وڃيين، ڪهڙي ذات جواب؟

چئي، ويٺل جيسلمير جو، سندم نالو سامي سليمان

مون سان ڪئين قناتون ڪيتريون، ٻيا طنبو ۽ طولان

گجر سڀئي گئون ڪيا، منهنجا مانجهي مرد جوان

گهوري وڃان تن گهوٽن تان، ڪاڪ ڪريان قربان

 اٿم اهو ارمان، جو ساٿ مارايو موٽيو وڃان.

27- سڻي انهيءَ جي ڳالهڙي، هن کي وهم وڏوئي ٿيو

ته سامي آهين ڪينڪي، توکي سامي آهه قضا ڪيو

چئي، هوس سوني تخت ڌڻي، پر لهي پٽ تي پير پيو،

لهندي چڙهندي ريهه سان، منهنجو ڪونڌر ڪل ڪُٺو

منهنجي ٿئي حال اهو، آهيان ڪڪوريل تنهن ڪاڪ جو.

28- ڪڪوريل توکي ڪيئن چوان، تنهنجا بخت باري ڀانيان

هاڻي وَر سامي! پوئتي، توکي اها مومل پرڻايان

ميندي موچاري هٿن سان، توکي لاڳ هلي لايان

سونا سهرا سهج منجهان، توکي ٻيڙا ٻڌايان

دهل، دماما، ڌوڪڙي، هلي تنهنجا واڄٽ وڄايان

توکي مومل پرڻايان، جا ملڪن ۾ مشهور آهه.

29- چئي، راڻا! اِن پرڻي کان آهيان مُئو موچارو

ڪامل! انهيءَ ڪاڪ تان، آيس وڄائي وارو

پاڻهي پنهنجو ڳوٺ جو، هليو عملو ئي سارو

جويون ”جيسرمير“ جون، ڪنديون مون تي مهڻن جو مارو

ته ساٿ مارائي سگهو آيو، اجهو سامي سوڀارو

هاڻي ابل سان آرو، ڪڏهن ڪندس ڪونه ڪو.

30- چئي، راڻا چئجين رام، منهنجا موچاري مومل کي

هئاسون ڪاڪ ڪنڌين ۾، ۽ لُڊاڻي جيءَ لام

هن ساميءَ ڏنئي سلام، ڦريو هُئئي جنهن فقير کي.

31- سڻي سلام ساميءَ جا، اٿي سونا وڌئون سنج

آهن گهوٽ به سنبهيا، تازا ڇڪي تنگ

ڏسي رهبر رنگ، اچي ڪاڪ ڪڪراڙيا.

32- چڙهيا چارئي ڄڻا، ڪري مومل من

لڳي نوبت نينهن جي، ڪرڳل پيڙن ڪَن

ڪونر لتاڙيا ڪاڪ جا، رمي راڻي جن

صحي سا سوڍن، اچي ڪونج ڏٺي هئي ڪُنب تي.

33- ڪونج ڏٺي هئي ڪنب تي، چئني چتائي

سومرو تن ۾ سَرهو ٿيو، ٿو ڳالهه به ڳالهائي

ته ڪاڪ- ڌڃاڻي ڪاڪ جي متان اهائي آهي!

ٻائي! ڌوئين ٿي ڪپڙا، تنهنجو نالو ڇا آهي؟

من تون موٽائي، ڏين ورندي وساڻ چئي.

34- ڳهلا! تون ڪيئن ڳالهايو، آهين ڀُليو ڪهڙو ڀير

ذات پڇين ٿو مون کان، پر پاڻ آهين ڪير؟

هي ماڙي ٿَئِي مومل جي، جنهن جو واٽ ويندن سان وير

پُرجهي پائج پير، متان اوڳا! اوسيئڙو ٿيئي.

35- اُلڪن ۽ اوسيڙن جا، آياسون لاڳاپا لاهي

ڪين ورنداسون وچ مان، آيا آهيون ڪوڏ منجهان ڪاهي

جيڪا اسان جي من ۾، شل اسان جي پير پڄائي!

هت اسان جو آهي، انهيءَ مومل ساڻ مقابلو.

36- چئي، مومل ساڻ مقابلو، آن مان هلي ڪندو ڪير؟

هن ڪئين خان کپايا، ڪيئين ڍونڍن سندو ڍير

توڻي سڀن سڏايو سير، ڪنهن پاءُ نه چوايو پاڻ کي!

37- مومل ساڻ مقابلو، اوهين ڪامل ڪجو ڪُونهَ

وَرندَوَ ڪين، وساڻ چئي، هت کپي ٿيندؤ خُون

ڪَرَ به لهندوَ ڪُونه، جو ڪِنا ٿيندئو ڪاڪ ۾.[4]

38- اسين ڏورئون آئيا، ٻڌي هيءَ جا ٻول

ڪر دريافت دل جي، تون ٻائي! هيئن مَ ٻول

ڪا ڳالهه موچاري ڳول، جو نانءُ ڏسينهون پانهنجو.

39- مومل، سومل، سهجان، سوڍي آهي چڱو تني چالو

آءٌ آهيان ٻانهي ان جي، آهي ناتر مون نالو

تو جهڙو سورهيه صورت سڦرو ڪن ٿيون نيرن نِوالو

هَئي! جي هُن جو ڏسو هلي چلڻ سندو چالو

اتي ڀٽيءِ کؤن ڀالو، هو ڇڪن تي ڇڻي پيو.

40- کڻي آلائي ڪپڙا، آئي مومل وٽ مٿي

ڪين ڏٺا هئم ڪاڪ ۾، ههڙا جوان اڳي

ڪاهي آيا آهن ڪاڪ تي، ٿا مومل پُڇن سي

ڪتن سنديون ٿن سونيون سنگهرون، موتي موزن تي

پوءِ مون کي ڪا مت ڏي، ته وڃي ڏيان ورندي، وساڻ چئي.

41- هاڻ پڇين ٿي مت مون کان، پڇيئي ڪين اڳي!

وڃي تڙي ڪڍين ڪاڪ مان، جي تنهنجو وس لڳي

چوين ڪڙا تڙ ٿوَ ڪاڪ جا، مٺا تڙ اڳي

ڇوڙيو وهٽ، وساڻ چئي، هت تاريءَ ڪونه تڳي

هت ڀيڻي ناهه ڀڳي، آن کي ڄٽ! چڱائي ٿي چوان.

42- وٺي مومل کان، هيءَ هلي آئي هاڻ

ته تڙيو ڪڍانِ ٿي ڪاڪ مان مون کي ڪانهي تن جي ڪاڻ

چوانِ ٿي ته ڪاڪ ڌڃاڻي ڪاوڙي، هِت نه ٽڪو هاڻ

پر جنهن  وڻي راڻي جا رهاڻ، سا ڪڙو نه ٻولي تن سان.

43- هتان موٽي مومل ڏانهن اچي ڳالهايئين ڳالهيون

هَئي! جي هنن جون تون ڏسين، چلڻ جون چاليون

ڪيوٽيون ٿن ڪَنن ۾، جيئن آن کي ورنهه! هن واليون

ڪو شڪ سوڍي جون ساليون، تنهنجون ڀينر آءٌ ڀانيان.

44- سومل چيو، هي ساري هنن جي، جنهن کي ڪم نه آهي ڪار

ٻڌي ٻانهون هن ٻانهيءَ جون، تون مومل! اٿي مار

اڄ ڏني آهي گوليءَ گار، پڇڻ سان پراون جي.[5]

45- هاڻي هلي هنن وٽ، وئي ناتر نماڻي

پنهنجي پچايو ڪينڪي، ڪئي آهي مومل مهماني

جهجها وجهو گاهه گهوڙن کي، ٻيا پياريو آئين پاڻي

وهٽ پنهنجا وساڻ چئي، ائين ڄٽ! نه ماريو ڄاڻي

پر سوڍي سڃاڻي، وٺي يار وهاريا.

46- جڏه مانيءَ جي منع ڪري، هيءَ هلي ويئي حور

تنهن وڃي طعام تيار ڪيا، جنهن کي سُجهيا ٿي سور

وِهَن جا، وساڻ چئي، وڃي ڪُٽايئين ڪلور

ڍاڪونءَ منجهه ڍڪي ڏنس، هن هٿين وجهي حور

پوءِ اينديَنِ باس بهور، سي ٿيندا چور چکڻ سان.

47- اتي کِلندي کڻيو آئي، ڏاڍي ناز منجهان سا نير

چؤنري هئس چپٽيءَ ۾، جنهن ۾ کريبي هئا کير

هي به چڙهيو خان کٽن تي، مرڪيا ويٺي مير

تن مان ورتي وير انهيءَ ماني راڻي مير

پوءِ آئي تازيءَ تي تقصير، جنهن سونگهيندي ساهه ڏنو.

48- اتي ناتر نيزو هٿ ۾، آئي ڀڄي مومل وٽ

ته ويهو موڳي! ماٺ ڪري، پنهنجو عقل ڪين اُپَٽ

هي ڪين ڇڏيندءِ ڪاڪ ۾، نيئي هڻندءِ پَٽ

جهجهي سونهن سوڍن ۾، ڪانهي گهوڙن گهٽ

پوءِ ڍوليو نيندءِ ڍٽ، ڪين ڇڏيندءِ ڪاڪ تي.

49- ڏَونئر ڏُرمجي هليو، هن ڀٽاڻيءَ کنيو ڀالو

هئي اڪابر عقل جي، ناتر جنهن نالو

وئي هن کان نڪري، ڏئي چودري کان چالو

هن مٽي پسايا موزا، ڪيئين انگر کو آلو

ٿيو بيحد بيحالو، وري وريو همراهن ڏي.

50- ڏؤنئر چئي، مومل جي مذاق ڏسو، جيڏي ڪئي هئي جوءِ

سوڍو اڳيئي هو سمڌيو، پر پاڻ پروڙيو پوءِ

پرو پيوسون پوءِ، نه ته کنا کوڙيونس ها اُتي

51- اتي سوڍو تن سنگتين کي، ٿو سمجهائي سڏيو

ته وڙهڻ جي، وساڻ چئي، آئين وائي نه واريو

ڳنهي هلوس ڳالهين سان، هلي محبت سان ماريو

انهيءَ ناز نه نهاريو، پسو پونير پنهنجو ”پريو“ چئي.

52- چئي، ڪيئن نه نهاريون نار ڏي، جنهن ۾ ايڏو خلم ۽ کورو

جڏه وِڌئين ٿي وِهه، وساڻ چئي، تڏه ڪريون ها پِٽيءَ کي پورو.

ساٿ ئي سمورو، هن مڙسن جو ٿي ماري وڌو.

53- هُن کان هونئن ئي چڱا هئاسون، مير مينڌري چيو

ڏاري انهيءَ ڏائڻ کي، هوند وچ تي ڪنهن وڌو!

جي اُتي هوند مئو، ته پاڻ سورهيه ڪري سڏيون.

54- ويهه راڻا! ماٺ ڪري، هي ناتر اڃان ايندي

آن منجهان هڪڙو وري وِير وٺي ويندي

پوءِ ڪل سڀان پِيندي سوڍا! تنهنجي سورهيائي جي.[6]

55- اتي ڇڪي ٻڌو سندرو، ڪيو ”سينهڙي“ سعيو

کلي هن کنو کنيو، ٻيو کيڙو کڙڪايو

ويندي مهل وير کي، ڪو عقل نه آيو

هن به لِيمَڪ لڄايو، وري آيو واٽ تان[7]*

56- اتي صبح سويرو اچي، سوڍو کنيائين ساڻ

واٽ انهيءَ تي، وساڻ چئي، ٻهڳڻ هنيس ٻاڻ

ته مومل مِلڪ انهيءَ جي، جنهن سان سومرو آهي ساڻ

ناتر کي انصاف جو، آئين ڏيو ڀري موتين ماڻ[8]

اسين اچون ٿا تو وٽ، تون پري نه رک پاڻ

ڄاڻي ڌڻي ڄاڻ، ته ڏَسج ريب راڻي کي.

57- ناتر نهنجو نانءُ سڻي، اسين آياسون

جهڙي سُئِينءَ ٿي سونهن ۾، تهڙي ڏٺيسون[9]

جَس تنهنجي ماءُ کي، ڀلي ڄائينءَ تون

هاڻي هيڪر هليتون، ڪر روءِ راڻي جي.

58- ايڏي لاءِ انهن جي، تڪڙ ڪر نه تون

تنهنجي حال احوال جي، هُت ڳالهه سڻائي مون

ته مون کي مارينديون، جو ٻانهي آهيان اُن جي.

59- ناتر! تنهنجي نانءَ جون، سُيون سين ساراهون

چڙهيا آهيون چار ڄڻا، عاشق اتاهون

هلي وٺي ڏي وَرنَهه جون، ٻهڳڻ کي ٻانهون

ته اسين تو مٿانئون، سر سڄوئي گهوريون.

60- چئي، دانهه تون دلجاءِ ڪر، ورنهه اتي ويهه

ڪل ڪنهين کي ڪين ڏجان، روح پنهنجي جو ريهه

تنهنجي پارئون، پريو چئي، هاڻ ڇُلي ڪنديس ڇيهه

پر ڏکن گاڏو ڏيهه، اٿئي راجا نند جو.

61- مڙسن سان مير منڌرا! ريب نه رِهائينِ

کٽ ٿَئِي خونياڻي کوهه تي، پلنگ پير نه پائينِ

سُڻي ٺلهو کڙڪو کَلن جو، ڀئو شينهن کان مَ ڀانئينِ

ورنهه وڄائين، سوڍا! سوپاري سير ۾.

63- تڏ ڇوڙي راڻي رومال مان، سوڍي سوپاري

پنهنجي هٿ، پريو چئي، هُتي مينڌري ماري

ڪندي ريهون رتول مان، هوءَ ويئي ويچاري

سوڍي کنئي ساري، راڻي تنهن رتول مان

63- ٿيو مقابل مينڌرو، ڇڏي گهَٽيون ۽گهٽ

مومل گهڻيئي آڇيا، راڻي پلنگ پَٽ

پر راڻي ريهو ڪيس ڪونه ڪو، بنان جهوليءَ جهٽ

اچي گڏ ويٺو گُجر سان، ڏيئي گوڏي کَٽ

عطر عنبير مُشڪ جي، هُت هير هئي پَلٽ

جڏ سوڍو گڏيس مٽ، تڏ ويس وايون سڀ وسري.

64- مومل تون منهن پٽ، اهو آڏو لاهه اکين تئون

مون جي ٻول ٻهون ڪيا، تن مان گهڙي نه ڪندوسئين گهٽ

پوءِ وِهندس آءٌ تو وٽ، مون کي ٿيو ٿئي امر الله جو.

65- مومل جي ماڙيءَ کي، تون چوري هَڏِ مَ چور!

هِت ٿَئِي جهڳمڳ جهانءِ پَرين جي، ٻي جهُڙ جي جهام جهڪور

گل گونٽا، اچن جهوٽا، ڪن ٿا ڪجل جي ڪڪور

راڻو راٺوڙين ۾ ڄڻ ڪيسوڦُل ڪڪور

لاهي هينئڙي هور، هو گڏيو گام گُجر سان.

5- بيت مل محمود پلي جا[10]

 

1- چارئي چڙهيا چاهه مان، چارئي يار امير

ڪُتن سونيون سنگهرون، گهوڙن ساڄ سڌير

ڪري حملو هليو، باري ساڻ بشير

اچي پُرس پيدا ٿيو، راول رات اَخير

تنهن ڦوڙايل فقير، کَريون سڻايون خبرون.

2- کريون سڻاين خبرون، پاڻهي اُڀي پار

ڪَريو قصا ڪاڪ جا نِير وهائي نار

”ڪُلّ نَفسِ ذائِقَتُ المَوتِ“ انهيءَ سان اقرار

گهڻا خان کپائيا، تن هاڃي منجهه هزار

ٻيٽيون راجا نند جون جُڙيون ڪري جنسار

جيئن وسن ميگهه ملار، تيئن سوڍيون وڏي شان سين.

3- سوڍين سندي شان جو، ڪو بِلو ناهي باب

ڪَنان سج ڪي رَتيون آڪرو سندن آب

مرد ماري مات ڪيا، ڪامڻ تنهن ڪباب

عقل جو اسباب، هنر هلي ڪونه ڪو.

4- هنر هلي ڪونه ڪو مومل جي مهندا

ڳوڙها ڳاٽ ڳلن تان، واٽون ڪيو وهندا

درياءَ جي دهشت کان، ڪنبيو هٿ هڻندا.

”ڪُلّ مَن عَلَيَها فانِ“ جيڪا جوڙ خدا

سوين سڌون ڪندا، مومل موهي جهليا.

5- مومل موهي جهليا، روڪي ريءَ عذر

اُتان اچي ڪونه ڪو، هتان وڃن وَلر

جيڪي گذري تنهن گام ۾ تنهن جي ڪنهن کي ناهه خبر

گهڻا گُجر گَئُون ڪيا، لوڙائو لشڪر

ويرا وير ڪَثر، ڪوس ڏهاڻي ڪاڪ ۾.

6- ڪوس ڏهاڻي ڪاڪ ۾، هاڃو هاءِ حشر

پرڏيهي، پلي چئي، ويا جال روئندي جَر

جو سُجهي گام گُجر جو، سو ڏاڍو سور سفر

پهرين قبولي قهر، پوءِ پُڇجا تڙ ڪاڪ جا.

7- پوءِ پُڇجا تڙ ڪاڪ جا، جو ڏيهه ۾ ڏُوراڻو

ڪنهن جو هلي ڪونه ڪو، اُت مڪر ۽ ماڻو

سڀڪو سوڙهيءَ وچ ۾، کوري جيئن کاڻو

ڏاڍي منزل مَلُ چوي، اڳيان سفر سٽاڻو

جيئن هتي وڻج وڪاڻو، تيئن هُت مومل ماڻهو سوديا.

8- مومل ۽ سومل جا، عجب جهڙا آچار

پهريون پَٽ، پَلي چئي، وَهسن ويرو تار

هلن هيڪ ٻئي پَل ۾، ڪريو ڪونجن جيئن قطار

ڇڳا ڇڳيرين جا، جڙيا هيڪ جنسار

ڪَنڍيون، ڪُنرڪون، ڪٺمالون، بازوبند بهار

هيڪو ٻَهڪو ٻانهِين جو، ٻيا ڳچين ڳاڙها هار

ڪاريون اکيون ڪجل سين، سينڌن سُرها وار

مَلَ! مورت تن جي، موهيا مرد هزار

ويا گوهر گئون ٿي، ڪٽڪ ڪارونڀار

تن جا ڪهڙا ڏيان پار، جو آهي ڪرڳل قيام جو.

9- راڻا رنگ راٺوڙين جا، پَسي پري کان پرياڻ

هِنيون اوڏاهين هڄي ويو ڏيئي تَن کي تاڻ

اهڙا ٿيون عشق مان، ٻههَ ٻَهه هڻن ٻار

تن گهڻا گهورن سين گهائيا، توهيان جوڌَ جُواڻ

پيا هئا ڪاڪ ڪنڌين ۾ پٿر وجهيو پاڻ

اهي اٿئي اُهڃاڻ، مومل جي مذاق جا.

10- مومل جي مذاق جا، سڻي سماچار

چڙهيو مير مينڌرو، ٻڌي همت جا هٿيار

اَچيو راوت جنهن ريب تي جکمئا ٿي جهونجهار

سو ڪائو ڀڃي قوت سين، سوڍي لڌين سار

هنيائين ڇَٽ پَٽن تي، وڌائين آتڻ منجهه اڇنگار

نڪو سينڌ سُرمون، نڪي وِنگا وار

عقل جي آڌار، نيئي مڙنئان مٿانهون ڪيو.

11- مڙنئان مٿانهون ڪيو، ٻانهيون ٿيس ٻايون

ويٺي جن واءِ ۾، لاکون لڙهايون

ايڏا گوجا هئا جن گجرن جا سي سوڍي سڪايون

لاکيڻيون لَڪَن تي، اچي راڻي رُلايون

پوءِ ناتي آهن نايون، نه ته ڪير پيادي پنڌ ڪري.

12- ڪير پيادي پنڌ ڪري، جِت سفر سَٽاڻا

اچي سور سوڍي جا اندر اُڌاڻا

منجهان پرت، پَلي چئي، ڪري رويو راماڻا

ور سوڍا سياڻا! ته ڳالهه سُڻايَئين ڳُجهه جي.

13- ڳالهه سڻايئين ڳُجهه جي، سندا جان جَلّ

هُيس وڏي شان سين، مَئي مَتِي مومل

لڳي جنگ اوچتي، توفن ڪيا طبل

عشق ڀڄائي عقل کي، ڪيو پٺيرو منجهه پل

تڏهن سُڃن ۾ سوڍل، راهه وٺيو رڙيون ڪريان.

14- راهه وٺيو رڙيون ڪريان، جلي جيءُ پيو

ناحق نماڻيءَ سين، جو راڻي رڻ ڪيو

ڇڏي ڪام ڪارَنهن جي، رُسي رات ويو

ڇني جيءُ ڇِهو، تازي ڦٽ فراق جي.

15- ڏيئي ڦٽ فراق جا، ماريس مينڌري

سوڍي هنيو ڙي سرتيون! ڀالو نينهن ڀري

ڪپي ويو قرب سين، اندر اڌ ڪري

ٻيون اڻ ڏٺيون اڻ سُيون، مَديون مون ڌري

اڄ ڪِ سُڀان مري، مومل انهيءَ مامري.

16- مومل مير مينڌرا، تون آڻ ڏٺي مَ مار

تو جنهين تان رنج رکيو سا تان  هئي نار

هُونهين ڀاڳ ڏسي پرانهون ٿئين، ڀانيئي ڪو ڀتار

تون وِسَهه مون کي وينجهار! رُس مَ رُسڻ گهورئو

17- رُس مَ رُسڻ گهورئو، آءُ پرچي پيارا

ته گڏجي گوندر لاهيان، جيءُ جيارا

گهر تڙ مٿان ئي گهوريان، اڱڻ اوتارا

مون کي من منجهارا، سِڪ تنهنجي ساڙا ڪيا.


[1] . هڪ روايت موجب هيٺيون آخري بيت مليو، پر اهو حقيقت ۾ سهڻي ميهار جي قصي جو آخري بيت آهي.

اٿم عشق اوڙاهه ۾، توڙي تکو وڇي تار

سس! صبر سيکارين، ڪري حيلا وس هزار

عشق اُٽائي آهيان، لهڙي ۾ لاچار

هاڃي هڻي هليو، من مُئيءَ جو ميهار

ڪلمي ساڻ قرار، سهڻيون رهن سير ۾.

[2] . هنن بيتن جي متن جو مدار وچولي مان سگهڙ سليمان جهانجهڻي (تعلقو حيدرآباد) ۽ سگهڙ جاڙي خان مري (تعلقو سانگهڙ) جي زباني قلمبند ڪيل ٻن روايتن تي آهي. پريو وساڻ سانگهڙ ضلعي جو رهاڪو هو ۽ 1930ع ڌاري گذاري ويو.

 

[3] . بيت 19 ۽ 20 فقط جاڙي خان مري جي روايت موجب.

[4] . بيت نمبر 37 کان 41 تائين فقط جاڙي خان مري جي روايت موجب

[5] . بيت نمبر 44 جاڙي خان جي روايت موجب

[6] . پيندي- پوندي

[7] . لَميڪ- نيمڪ- نمڪ (لوڻ): نمڪ کائڻ ۽ پوءِ گهٽتائي ڪري نمڪ لڄائڻ

*. بيت نمبر 55 ۽ 56 فقط جاڙي خان جي روايت موجب.

[8] . ائين- اوهين

[9] . سُئينءَ ٿي- تون ٻڌڻ ۾ ٿي آئينءَ

[10]. ڪتاب ”مَجمَعُ العَجائب“، مطبوع بلوچ ليٿو پرنٽنگ پريس ڪراچي، سن 1359هه، تان ورتل. محمود پٽ طالب، ذات پلي، پاڙو آجِيجاڻي درس، عمرڪوٽ کان 12 ميل ڏکڻ طرف، حاجي عبداللطيف پليءَ جي ڳوٺ جو ويٺل هو. فقير محمود، حاجي عبداللطيف وٽ قرآن شريف پڙهي ياد حافظ ٿيو، سندس شادي وري ”ڪاٺوڙي“ وارن راڄڙن مان ٿي. فقير تي ”مَلُ“ نالو انهيءَ ڪري پيو جو هو بدن ۾ سنهو ۽ قد جو ڊگهو هو، جهڙو ”جهڙو چئونري جو مَلُ“ . (اندران چئونري جي جهَل لاءِ ڊگها ڪايا ڏبا آهن، جن مان هر هڪ کي مَلُ چئبو) کيس دوستن انهيءَ نالي سان ڪوٺيو ته پاڻ به کڻي اُهو نالو شعر ۾ آندائين. سندس ڪلام ٻن ڪتابن ۾ ڇپيو آهي، مجمع العجائب ۽ ليليٰ مجنون، جنهن جي آخر ۾ نصيحت نامو پڻ ڏنل آهي. سن 1350هه / 1931ع ۾ وفات ڪيائين. (ن . ب)

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org