مومل- راڻو
روايت [1]
تحفة الڪرام ۾ ڏنل ڳالهه
گوجر بادشاهن جي اولاد مان ”مومل“ نالي هڪ عورت،
پيءَ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ، پنهنجي ملڪ تي حڪمراني
ڪري رهي هئي ۽ شهر جي ڪناري تي هڪ عاليشان ماڙي
ٺهرائي هئائين. انهيءَ جي ٻاهران جادو جي زور تي
هڪ درياءَ بنائي، ان جوگهيڙ تي ماڙيءَ جو پٿر جو
دروازو ٺهرائي ڇڏيو هئائين. دروازي تي پٿر جي ٻن
خوفناڪ شينهن جو ڏيکاءُ ڪري، اندر صفي ۾ ست پلنگ
وجهائي ڇڏيا هئائين، جن تي هڪجهڙا هنڌ پٿاريل هئا.
انهن مان ڇهه ڪَچن ڌاڳن سان واڻيل هئا. هرهڪ پلنگ
جي هيٺان اونهي کڏ کوٽيل هئي. تنهن کانپوءِ فيصلو
ڪيو هئائين ته ”جيڪو به انهيءَ درياءَ ۽ شينهن کان
لنگهي، پنهنجي دانائي جي زور تي، اچي سچي پلنگ تي
ويهندو، تنهن کي هوءَ پنهنجي مڙس ڪري قبول ڪندي.“
انهيءَ خواهش ۾ ڪيترائي ماڻهو ويا، پر پنهنجي مقصد
۾ ناڪامياب ٿي، عدم آباد ڏانهن روانا ٿيا.
هڪ ڏينهن همير سومرو پنهنجي ٽن وزيرن سان گڏ، جن ۾
سندس سالو ۽ وزير ”راڻو مينڌرو“ پڻ هئا، شڪار ڪري
رهيو هو ته کيس هڪڙو سيلاني جوڳي مليو. جنهن مومل
جي حسن جي تعريف ڪري، کيس سندس ديدار جو شوق
ڏياريو. همير سومرو بي اختيار پنهنجا ٽيئي رفيق
وٺي، اوڏانهن روانو ٿيو. اتي پهچي اچي مومل جي
محلات جي ٻاهران لٿا. خبر ملڻ تي مومل هڪ هوشيار
ٻانهي موڪلي ته ايندڙن جو احوال معلوم ڪري، انهن
جي وڏي کي دعوت ڏيئي وٺي اچي. پهريائين همير
ٻانهيءَ سان گڏجي روانو ٿيو. اوچتو ٻانهي اڳ ۾
نڪري ويئي ۽ هيءُ طلسمي ڇوليون هڻندڙ درياءُ ڏسي،
مقصد حاصل ڪرڻ کانسواءِ موٽي آيو ۽ شرم جو ماريو،
ڪجهه نه ڪڇيائين. ٻيءَ رات، ٻانهي اچي ٻئي کي وٺي
ويئي ۽ هيءَ به طلسمي ڇوليون ڏسي موٽي آيو. ٽيءَ
رات جو ٽيون ويو ۽ واپس آيو. چوٿينءَ رات مينڌرو
ٻانهيءَ سان گڏجي هليو. ٻانهي دستور موجب اڳ هلڻ
لڳي. پر هن سندس دامن جهلي، پوئتي هٽائيندي چيس
ته”ٻانهين کي سردارن کان اڳ هلڻ نه جڳائي“. پوءِ
طلسمي درياءُ تي پهچي، حيران ٿي بيهي رهيو. آخر
نيزو جو هٿ ۾ هوس، سو درياءُ جي اونهائي معلوم ڪرڻ
لاءِ پاڻيءَ ۾ هنيائين ۽ معلوم ٿيس ته انهيءَ مان
اڳتي لنگهي ويو. پوءِ دروازي وارن شينهن تي نظر
پيس ته انهن کي پڻ نيزي سان ٺوڪيائين. جڏهن ڏٺائين
ته اهي پڻ رڳو ڏيک هئا، تڏهن ڪاميابيءَ سان ماڙيءَ
۾ اندر لنگهي صفي ۾ گهڙيو. اتي ست هڪجهڙا پلنگ
ڏسي، ويچار ڪيائين ته ويهڻ لاءِ آخر هڪڙو هوندو،
متان هن ۾ به ڪا اٽڪل رکيل هجي، سو هرهڪ کي نيزي
جي چوڪ ڏيئي، سچو پلنگ معلوم ڪري، انهيءَ تي پلٿي
ماري ويهي رهيو. ٻانهيءَ هن جي احوال ۽ عقلمنديءَ
جي ڳالهه وڃي مومل کي ٻڌائي، جا هڪدم ٻاهر نڪري
آئي. هو هڪ ئي صحبت ۾ پاڻ ۾ ٺهي ويا ۽ نڪاح ڪري
هڪٻئي جا طالب ۽ مطلوب ٿيا.
مينڌرو، اها رات عيش عشرت ۾ پوري ڪري، صبح جو همير
سومري ۽ ٻين خدمت ۾ پهتو، ۽ کين احوال ٻڌايائين.
همير ٻڌي چيو ته ”جڏهن اها خاص تنهنجي ٿي چڪي،
تڏهن توکي گهرجي ته هڪ دفعو ڏسڻ جي اجازت اسان کي
به ڏين.“ انهيءَ تي مينڌرو ٻيءَ رات همير کي، ڌنار
جي پوشاڪ ۾ پاڻ سان وٺي ويو. انهيءَ بي ادبيءَ ڪري
همير، راڻي مينڌري تي ٿورو رنج ٿي، کيس پاڻ سان
شهر ۾ آڻي کڻي نظر بند ڪيو.
مينڌرو جيئن ته مومل کي دل ڏيئي چڪو هو، تنهنڪري
چوڪيدارن کي پاڻ سان ٺاهي، راتو رات ڳجهه ڳوهه ۾
هڪ تِکي اُٺ تي (جو هڪ رات ۾ پنجن ڏينهن جو اوٽ-
موٽ جو پنڌ ڪندو هو) سوار ٿي، محبوب جي ديدار مان
بهرو حاصل ڪري موٽي ايندو هو. اتفاقاً ان ڏينهن
مومل ڀيڻ جي ملاقات لاءِ ويئي هئي، مينڌرو وڃي
واپس موٽي آيو، ۽ شڪ جو شڪار ٿي، ڪاوڙجي آئينده
لاءِ وڃڻ ڇڏي ڏنائين. بيڏوهي مومل مينڌري جي
انهيءَ رنجش کان بيتاب ٿي، ملڪ ڇڏي، مينڌري جي شهر
۾ آئي، ۽ سندس ماڙيءَ جي سامهون ماڙي ٺهرائي،
دريون مينڌري جي ماڙيءَ جي درين سامهون ڪرايائين.
انهيءَ خيال کان ته ڪڏهن ڪڏهن کيس ڏسي، پنهنجي
اکين کي روشن ڪندي رهي. پر مينڌري ڪاوڙ کان انهيءَ
پاسي جون دريون بند ڪرائي ڇڏيون. مومل ٻئي پاسي
کان ماڙي ٺهرائي، وري به دريون مينڌري جي ماڙيءَ
جي درين سامهون رکايون. اهڙيءَ طرح چؤطرف ماڙيون
اڏايائين. پر ديدار کان ناڪامياب رهي. نيٺ هر طرح
مينڌري جو توجهه پاڻ کان هٽيل ڏسي، هڪ درد ڀري
دانهن ڪري، ناڪاميءَ جي حالت ۾ ساهه ڏنائين.
جيئن ته عاشق جو معشوق جي دل تي پورو اثر هوندو
آهي، ۽ هڪٻئي سان سندن هڪ قسم جي قلبي اتحاد ۽ عشق
ثابت آهي، تنهنڪري جڏهن هيءَ خبر وڃي مينڌري کي
ٻڌايائون، تڏهن ٻڌڻ سان دانهن ڪري ڪِري پيو ۽ ساهه
محبوب وٽ رسايائين.
روايت [2]
شهر محمد طور، مومل ۽ لاکي جي ٽاڻن واري ڳالهه
همير سومري جو باغ ڪو روجهه اچي کائي ويندو هو.
جڏهن روجهه باغ کي گهڻو نقصان رسايو، تڌهن همير
سومري پنهنجي ٽن دوستن- راڻي مينڌري، ڏونئر ڀٽاڻي
۽ سينهڙي ڌماچاڻي سان گڏ شڪار تي سهي سنڀري نڪتو.
فيصلو ڪيائون ته جنهن جي آڏو روجهه ايندو، اهو ان
کي شڪار ڪندو. نيٺ راڻي مينڌري جي اڳيان روجهه
نڪتو، جنهن ڪان هڻي روجهه ماريو، ۽ پوءِ پچائي
کائڻ لاءِ ويٺا. ٻين ته سڀني کائڻ جي ڪئي پر راڻو
پري ٿي ويٺو، تنهن تي همير چيس ته:” راڻا! جي ماهه
کائين ته سڄي سنڌ ۽ ڍٽ بخشي ڇڏيائين.“ پر راڻي
وراڻيس ته: ”جيڪڏهن سنڌ به کڻي بخشين ته آءُ ماهه
نه کائيندس، ڇاڪاڻ ته اهو هميرن جو کاڄ آهي“ همير
جي گهڻي زور ڀرڻ تي، راڻي چيس ته: ”همير! مان
روجهه جو گوشت کائي، ڍٽ جي سوڍن کي ڪونه
لڄائيندس.“
انهن ئي ڳالهين ۾ هئا ته سامهون هڪ سامي ايندو
ڏٺئون. راڻو سوڍو اڃايل هو، تنهن سامي کان پاڻي جي
گهر ڪئي. سامي چيس ته: ”ٿانءُ جهل ته پاڻي
ڏيانءِ!“ راڻي دابلو جهليو ۽ سامي پاڻي نايو، پر
سانداري مان رت گاڏئون ڳاڙهو پاڻي وهڻ لڳو. راڻي
ڇرڪ ڀري، هٿ کڻي پري ڪيا ۽ چوڻ لڳس ته: ”اي ڪاپڙي!
تون ڪو خوني ٿو ڏسجين! ٻڌاءِ تون ڪير آهين جو هن
رنگ ۾ رتو پيو رلين؟“ سامي وراڻيو ته: ”مينڌرا!
ڪشمير جو ڪاپڙي ”ڪاهو“ جو پٽ ”جراڙ“ آهيان. مون
سان ڪو وقت هو جو پنج هزار ماڻهو هلندا هئا، ۽ آءٌ
اهي سڀ مارايو هاڻي اڪيلو واپس پيو وڃان“. راڻي
پڇيس ته: ”اي ڪاپڙي! مون کي خبرون سربستيون ڏي!
ڪنهن توکي فقير ڪيو ۽ ڪنهن تنهنجا يار ڪُٺا؟“ سامي
چيس ته: ”اي راڻا! اهو پاڻي جيڪو رت ڀانيو، سو
انهيءَ ڪاڪ جو ڪڪوريل پاڻي آهي، جنهن ۾ گلبندن جون
گجهريون رهن ٿيون، جيڪي پٽ جون پينگهون وٽايو،
انبن جي لامن تي لڏن ٿيون. جن جون اکيون اتر واري
مينهن جي وڄن وانگر تجليدار آهن، ۽ جيڪي ڏينهن ۾
ڏهه- ڏهه ڀيرا رڳو کلندي خون ٿيون ڪن. انهن ۾ هڪ
مومل به آهي، جيڪا منهنجي دل تان اصل نٿي لهي.“
اهي ڳالهيون ٻڌي همير حيران ٿي چيو: ”راڻا! منهنجو
ته مٿو ڦري ويو آهي، ڏَس پڇ ته اها ڀُون ڪٿي آهي،
جتي اهڙي سونهن آهي.“ پوءِ ڪاڪ جو ڏس وٺي، اچي ڪاڪ
تي پهتا.
ناتر وڌي اچي هنن مٿير مڙسن جي آجيان ڪئي، پر سندس
جواني تي ترس آيس، سو ظاهري ڪاوڙ ڪري کين چيئين ته
”اوهين نڌڻڪا آهيو ڇا جو هن ڀيڻيءَ آيا آهيو؟ جي
سُمَت اٿو ته پوين پيرن تي هليا وڃو نه ته هن مومل
سوين سورهيه ڪهائي ڇڏيا، جن جون قبرون اڄ به ڪاڪ
جي ڪنڌين تي بيٺيون آهن.“ هنن چيس ته: ”تون دائي
آهين، توکي ايڏو وات هڻڻ نه جڳائي، اسين آيا آهيون
سو موٽنداسين ڪين. هاڻي وڃي مومل کي اسان جي خبر
ڪر!“ ناتر گهڻيي کين سمجهائڻ جي ڪئي، پر هنن سندس
ڪا ڪانه ٻڌي، تڏهن لاچار ٿي، اکين ۾ لڙڪ لڪائي اچي
مومل سان ملي. مومل سندس اها حالت ڏسي حيران ٿي
پڇيس ته:” اي داناءُ ناتر! اڄ تنهنجين اکين ۾
ڳوڙها! ڇو تون سست ٿي آهين؟“ ناتر چيس ته: ”سانئڻ!
اڄ ٻاهر نڪتيس ته چار نوان جوان منهن پيم. کين
گهڻوئي ڊيڄاريم ته موٽي وڃن، پر انهن مون کي به
گهٽ وڌ ڳالهايو، آءٌ سمجهان ٿي ته اهي ڏکيا لڳندا
۽ انهن مان ڪونه ڪو هن سڄي جنسار کي ڊاهي آڻي پٽ
هڻندو.“ مومل انهي تي چيس ته: ”تون ان جو الڪو نه
ڪر وڃ وڃي منجهائن ڪنهن کي وٺي آءُ، پوءِ جون
ڳالهيون آهن پوءِ سان.“
ناتر ناز مان هلي وٽن آئي، ۽ اچي چيائين ته:
”اوهان مان ڪوبه هڪ هلي، مومل پئي توهان کي ساري.“
پهرين همير اٿيو، چئي ”هل آءٌ ٿو اول هلان“ اڳيان
ناتر، پٺيان همير مومل جون محلاتون ڏسي همير ڏاڍو
حيران ٿيو. تان جو هلندي هلندي اچي ندي جي ڪناري
تي بيٺو. ويچارڻ لڳو ته اها ندي ڪيئن اڪربي، جيڪا
نهايت تيز ۽ تکي آهي ۽ اونهي به هوندي، سو ناتر
کان پڇيائين ته ”ناتر! ندي ڪهڙي؟“ ناتر وراڻيس ته:
”جيڪڏهن ندي جي باري ۾ مون کان ٿو پڇين ته ٻڌ!
انهي نديءَ جي پيٽ ۾ ڪئين مڙس غرق ٿيل اٿئي، اتي
مون همراهن جون ٻڌندي دانهون ٻڌيون. هتان بچي رڳو
اهي ويا، جيڪي پوين پيرن وريا.“ اهو ٻڌي همير ٿورو
ڪاوڙيو، چئي: ”مون سان ٿي مذاقون ڪرين!“ ناتر
وراڻيس ته: ”تون سومرو بادشاهه آهين، هيءَ منزل سي
تنهنجو هينئڙو حيران ٿي ويو آهي، اڳتي ته مومل جي
محلن ڪو اٿو مٿو ناهي، جتي ٻايون ٻاڻ ٿيون وجهن.
انهن وٽ قسمين قسمين جا تماشا آهن، جيڪي اوڏهين
ويو سو وري تان نه وريو.“ اهو ٻڌي سومري جي حب
ڪجهه ڍري ٿي، ۽ پوين پيرن تي موٽي اچي سنگت ڀيڙو
ٿيو.
يارن خبرون پڇيس، پر هن کي جيءَ سان لڳل هئي،
تنهنڪري ٻڙڪ به ڪانه ڪڍيائين، رڳو ويٺو پانَ
سوپاريون کائي. يارن رڙهي اچي پڇيس ته:” سائين!
خير ٿيو؟ ترت موٽي آئين؟ مومل ماڻيئي، ڪي مزمانيون
کاڌءِ، اسان کي به ته ڪا سڌ ڏي!“ همير چين ته:”
مومل جي مزماني کائي آيو آهيان. جهڙي حسن وند سُڻي
سون، تهڙي پسي سون. سندس سونهن جي ڪهڙي واکاڻ
ڪريان! سندس شاهي دسترخوان تي قسمين قسمين کاڌا
تيار هئا. کنڊون، مصريون، ميوا ۽ ٻيا طعام، آخر
انسان ڪيترا کائي ڪيترا کائيندو، ٻه- چار گرهه
کنيا ۽ روح پليو!“
اتي ناتر وري آئي، چئي:” ٻيو هلي.“ سينهڙو ٽپ ڏئي
اٿيو، چئي: ”هل آءٌ ٿو هلان.“ اهو به هلندي اچي
نديءَ وٽ پهتو، نديءَ جي هيبت ڏسي ڊنو، ۽ پوين
پيرن تي اچي سنگت ڀيڙو ٿيو. مٿان ناتر اچي پهتي،
چئي” هاڻي ڪو ٻيو هلي!“ ڏونئر اٿيو ۽ ناتر جي
پويان روانو ٿيو. اهو پڻ ٻين وانگر اڌ تائين واپس
وريو. هاڻي وارو آيو راڻي جو. اڳيان ناتر پويان
راڻو، پر راڻي کي اها ڳالهه نه وڻي، ته: ڪا ٻانهي
سندس اڳيان هلي. سو نيزي جي چوڪ ڏئي، چيائينس ته:”
تون راوَن جي اڳيان ٿي هلين! پري ٿي هل، توکي شايد
ڪو چوڻ وارو ڪونه هو، جو تون ائين ٿي چلولايون
ڪرين.“ ناتر وراڻيس ته:”راڻا! آءٌ ڪهڙيون چلولايون
ڪنديس، جيڏانهن توکي جيءَ جو جوکو آهي، اوڏانهين
تنهنجو رخ آهي، جڏهن تون مَ ڇڏ ٿيو آهين، تڌهن آءٌ
اڳيان ٿي آهيان، نه ته منهنجي ڪهڙي هستي آهي، جو
راون جي آڏو هلان.“ پوءِ ناتر ٿي، اڳيان مينڌرو
هليو. تان جو اچي نديءَ وٽ پهتا. ندي ڏسي راڻي،
ناتر کان پڇيو ته:” ناتر! هيءَ ندي ڪهڙي؟“ ناتر
چيس ته:” هيءَ ندي اها آهي، جنهن ۾ مانجهي مڙس ۽
ڳاڙها گهوٽ ٻڏي مئا! تون لهي وڃ ضد تان، موٽ مرين
ٿو مينڌرا!“ راڻي چيس ته:” موٽڻ مون لاءِ مهڻو
آهي، ڇا به ٿي پئي، آءٌ اها ندي جهاڳي مومل
ماڻيندس.“ پوءِ راڻي سوپاري اڇلائي پاڻي ڪَڇيو.
ڏسي ته اهو ته فقط نطر جو کريب آهي، سو ناتر کان
پڇيائين ته:” پاڻي ويو ڪيڏانهن، اجايو تو هُل ڪري
بادشاهه موٽايو!“ ائين چئي پير پسائي، اڪري ٻئي ڀر
وڃي پهتو. اتي ناتر چيس ته:” راڻا! هو جيڪو سامهون
شينهن ٿو ڏسين، اهو فقط ملوڪن جو ماهه کائيندو
آهي. هڪ ئي چنبي سان ساهه ڪڍيو ڇڏي، انهيءَ کان ڊپ
ڪج! ڇاڪاڻ ته راڻن جو رت پيئڻ انهيءَ جي عادت
آهي.“ راڻي چيو ته: ”جي مئس ته گهوريس.“ سو ترار
اڀي ڪري، شينهن کي وهائي ڪڍيائين. ڪاغذ جو شينهن
سٽ ئي ڪونه جهلي سگهيو، سِري وڃي پري پيس. انهيءَ
ڪاميابي کانپوءِ راڻو، مومل جي ماڙي تي پهتو. مومل
ڏيا، ٻاريا، چؤطرف سهائو ٿيو. خوشيون ٿيون، جو رات
سوڍي سيج ماڻي.
راڻو مومل ماڻي، واپس دوستن سان اچي مليو. حقيقت
ڪيائين، جنهن تي همير سومري، مومل کي ڏسڻ جو خيال
ڏيکاريو. جنهن تي راڻي چيس ته:” ٻي ته ڪا صورت
ڪانهي، سواءِ اِنهيءَ جي جو تون ميهار ٿي مون سان
گڏ جي هلين!“ همير سندس اها ڳالهه قبول ڪئي ۽
ميهار بنجي، مومل ڏسڻ لاءِ مومل جي محل تي آيو.
راڻي سان گڏ ٻيو ماڻهو ڏسي، مومل کانئس پڇيو ته:”
هي ڪير؟“ راڻي وراڻيو ته:” هيءُ اسان جو ميهار
آهي.“ مومل چيو ته تڏهن ڀلا مينهن ڏُهي ڏئي.
چونئري کڻي همير ويٺو مينهن ڏُهڻ، سندس هٿ نازڪ سو
گهڙي کن ۾ رت وهڻ لڳس. مومل سمجهي ويئي ته اِهو
ميهار نه آهي، پر سنڌ جي امير همير آهي. سو راڻي
کي چيائين ته:”راڻا! تو ڄاتو ئي ڪونه، جو ست ڀتيرو
سومرو مون وٽ ڪوجهو ڪري وٺي آيو آهين!“ پوءِ مومل
همير وٽ آئي ۽ چيائينس ته:” راڻي جي اها خطا معاف
ڪر.“ پر همير جي دل ۾ ڪٽر پئجي ويو هو، تنهن اُتي
ته هائو ڪئي، پر جڏهن راڻي کي وٺي پنهنجي بادشاهي
۾ آيو تڏهن کڻي قيد ۾ وڌائينس.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ، جڏهن راڻي کي وري آزادي ملي،
تڏهن ريٻاري کي سڏي پر ۾ چيائينس ته:” اهڙو ڪو
مَيو ڏي، جيڪو رات وچ ۾ مومل سان ملائي، وري وٿاڻ
تي اچي پهچي.“ ريٻاري اهڙو ئي هڪڙي اُٺ آڻي ڏنس.
راڻو ڏاڍو سرهو ٿيو، ۽ اُٺ تي چڙهي مومل ڏي روانو
ٿيو. اِنهي وچ ۾ ”لاکو“ جيڪو لَکِي ڌڻي جي نالي
سان مشهور هو، ۽ جنهن جي سخا هنڌين ماڳين مشهور
هئي، مومل کي ”ڪهري ڪوٽ“ ۾ پاڻ وٽ وٺي ويو. راڻو
جڏهن اُت رسيو ته مومل ڪانه هئي. خبر پيس تڏهن دل
ڪٽريس، سو ڪاوڙجي واپس موٽيو ۽ لاکي کي چوائي
موڪليائين ته ’اها ڳالهه توکي نه جڳائي، جو اسان
جي ذات ۾ هٿ وڌُءِ!‘
مومل کي جڏهن راڻي جي رُسامي جي سُڌ پئي، تڏهن
گهڻيون ئي دانهون ڪوڪون، منٿون آزيون ڪيائين، پر
راڻي کيس ڏهاڳ ڏنو، سو وري نه سَرتس.
ڀانن جا جهونا بيت
1-
مرڪن مهمتور ۾، ور مان سون وير
دام سوڍي جي دل ۾، سؤنڪو منجهه سرير
سونهي ڳانو ڏورڪي، سُئي سنهڙي سير
چڙهيو شوق شڪار جي، اهڙي ڀت همير.
2- چمپا، اموا، ڪيوڙا، روجهه چِنا ڦل
آڙي تمي اُٿيا، چارئي گهوٽ آمل.
3-
ماري اچي راءَ، ڪيئي جهور انڌورا
او هليو چئي همير کي، ڪارن لڳ خدا
پٽ اُکتي روجهڙي، ٽلي گهڻو نه جاء.
4-
چي ڙي اچي راؤڪي، او ماري آهي اپوڄ
سا مون اڳي داڳي، وڳ گهڻي ۾ روجهه.
5- اُن کي داغ، نه ڦُلهي، ڳانو ناهيس ڳيري
رُڃ مڙوئي روجهڙي، رميو اچي ري گهوڙي
گهير نه اُڪري، ان کي اڃا پنڌ پري.
6- اُڊڪي منجهان اُٿي، چري چوري ڪک
لڳس ڪانُ ڦرين ۾، ڪر ڀڳاري جا پک.
7- ڪنر ڍورو لهارو، سامارو لڳڙي آهيڙي
کيڙا رائين ماريا مرو پارهار، گڏيو گابوري
پاسا پنجوين سانگ تڙا ڪري، وڃي رسيا روجهڙي.
8- راڻو رسيو روجهڙي کي ڪڏائي ڪهڪاڻ
(تنهن کي سوڍي سرت مان، ٻهڳڻ هنيو ٻاڻ)
(لڳ رڪ چمڪيو، راءَ ۾ روجهاڻ)
پڙ وڌائين پاڻ، (روجهه ڪيرائي رڻ ۾.)
9- پچي سَنڌ ڪچوليءَ، سيخين پچي ماه
ميڙي منجهه مينڌرا! هيڪر اچي کاءُ.
10- جيئن جن جڳائي، تيئن چئجي تن کي
چٺيون ته چڱو ٿيو، ڪنڌ ڪٽاري گهاءِ
پر نه وڃي ڄڀ جو، ڪڙائي ڪهڪاءِ
ماڻهو ۽ ماکيا، ڪن ويڻنئون وه ٿئي.
11- ماه کِيئين جي مينڌرا! پڪو مٿي پٽ
ساري سنڌ بخشئين، راڻا! ڏيئين ڍٽ.
12- سنڌ سڄوئي راڄ، جيڪر ڏيئيم سومرا!
ماه نه کيندو مينڌرو، جو هميرن کاڄ.
13- سوڍڻ جو ويهڻ، وراڻ ڏينين ڍٽ
ميڙي منجهه مينڌرا، هيڪر اچي کٽ.
14- ماه نه کيندو مينڌرو، جو پڪو مٿي پٽ،
اُو سوڍا سڀ لڄايان، جي سونهن منجهه ڍٽ.
15- پڳليو پرمار، کيڙو کنيو هٿ ڪري
مون ڪوٺائين سومرا، ڪر هميراڻي ڪار.
16- ماڻهو ڏٺم مينڌرا، چاري ڪِ ماري
جوڳي هئو جوءِ ۾، ڀُون ڙي بيکاري.
17- سامي ايندي سامهون، روهه ۾ اُتو رام
ويراڳي ورائيو، چيئني ات سلام.
18- راڻي جهليو ڏاٻرو، سامي نايو نير
پاڻي رت گاڏئون، پيئي تان نه وزير.
19- خوني پسجين ڪاپڙي، گئين گنگا نير
جڳت کڻيو ڀڻين، پاڻ سين جاڳير.
20- سامي تهان چليو، نَوَ لکي جا ڪاڪ
تنهن جو پاڻي پرمل گاڏئون، لهر کٿوري جال
ماڻهو جنهن محلي جا، جي ڏسين سي لال.
21- سڀ سُرڱا اُت پَيَڙا، نَوَ لکي پارا
ان جي دونهين ڌوپ بري، گهر گهر ٻَهارا.
22- اگر، چندن، ڪيوڙو، گهر گهر کامي ڌوپ
جيڪي وهي ڪاڪ ۾، سو سهڄڻ سڀ سلوڪ.
23- مٿان تڙ گجرئين، آءٌ اوچتو آيوس
جن کي تِر تارن ۾، گهورن تي گهايوس
ڇهه مهينا، ڇهه ڏينهن، آءٌ پاسي ڀر پيوس
تڏهن ڀيڻيءَ ڪالهه ڀڳوس، متان پوندي هت پورو ٿيان.
24- ڪونج ڪڻڪي روهه ۾، جيئن سر ساهي تل
تيئن مون کي مور نه وسري، من منجهان مومل.
25- وڻ ٽڻ ولين ڇانئيا، پڪا پانوَر جهل
آيا تنهن هنڌڙي، جتِ موچاري مومل.
26- ڪيهوننگر، ڪيهي نياڻ، ڪيها پِڙ، ڪيهيون
پوريون؟
اِن پر اُڀو مينڌرو، پڇي پاڻي ٽاڻ.
27- نئون ننگر، نئون نياڻ، ڇهه پڙ، ڇهه پوريون
ڪاڪ نه سُئي ڪڏهن، ڪا مينڌرا سُڄاڻ!
28- همير چئي، مينڌرا! مٿو ڦريو مون
ڪُهه ڄاڻان ڪيهي آهي، ڏور ڀِٽانڻي ڀُون.
پوئين دور جا بيت
گلبدن جون گجريون، بينسر بُولا جن
پينگهه وٽايو پٽ، آمي ٽار لڏن
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، خون کلندي ڪن
ماڻهو مُلا تن، ڀڳو ڀاڳئين ابهي.
--
آءٌ ڪشمير جو ڪاپڙي، آهيان ڪاهُو پٽ جراڙ
مون سين ڇڙهن مينڌرا، پُرسن پنج هزار
ڳوٺ ڳوٺ جو هڪڙو، سائُو سليدار
سڀ مارايو يار، موٽيو وڃان مينڌرا.
--
ڪُتا تنهن ڪامل جا، جناور جنگي
تڙ انهيءَ تي آيا، جت پُرک نه پکي
ناتر نِرت ڪئي، ته ڪُتا ڏٺئين ڪاڪ ۾.
--
ننڌڻڪا ناتر چئي، ڪُتا آهيو ڪير
ڪاڪ وِٽاريو ڪيئن ٿا، جهلي ڪنديانوَ زير
موٽو پاهين پير، متان منهن مومل جي نه پئو.
---
تون ڪيئن ويڻ ورائين، دائي ڌَڻيَن کي
آگن اسان جن کي، تون گولي گار مَ ڏي
مومل گهڻئي مارئا، مڙس منجهه ڪري
هي ماڻهو آياسي، جي توکي ڪاڪ ڪڙي ڪندا.
--
سائو گهڻيئي ستيا، دانَهه انهين در
اولون ٿي اوهي ويا، جن ججهي آندي جر
هٿان هن گجر، گهڻا خان کپي ويا.
--
گهڻا خان کپي ويا، جُنگ وٺندي جاءِ
حرف نه هلندئي هڪڙو، آگا جي اينداءِ
محل کٽولا ماڙيون، ڪڙي ڪاڪ ڪنداءِ
آخر گولي آهئين، ڪي ادب سين ڳالهاءِ
تو ڪا جرئت جڳاءِ، آگن اسان جن سين.
--
آگا آنجا آئيا، تن اچي جو جهه ڪيو.
هت ڪيئن لوڌي آئيا، تن مان وري ڪونه ويو
سي سڀ گجرين گهائيا، جيڪو داخل در ٿيو
جيڪو مومل منهن پيو، سو بچيو ڪامل ڪونه ڪو.
--
ناتر نين ٽمائي، گولي آئي گهر
سا اچيو ٻائي اڳيان، ٿي روئي رت اپر
تنهن کي پڇي ٿي گجر،”تون ڪاهل ڪُهه ٿئين؟“
--
ٻائي جان ٻهار نڪران، تان ڪتا ڪاڪ پين
اڳيان اڀي ان کي، منهان منهن ڪيم
تان پاڻان ڏين بڇڙيون، ٿا گاريون گجرين
ڪِن منهن ٿا مرڪن، جي ڪاهي آيا ڪاڪ تي!
--
تو ڪيئن ناتر پڇيا، ڪُتا سندس ڪِن
آگن انهن جن، آءٌ ٻڏا ٻايون ڪريان.
--
عقل جي اگلي، سا ٿي ڇاڻي ڇڳا ڊاک
مون من آنجي موهيو، جيئن لوئي رتي لاک.
--
اسين چارئي آئيا، توکي پسڻ پاڻ
هاڻي هَنجهَن سان، تون ريجهي ڪر رهاڻ
همير چئي هاڻ، تولاءِ واجهائيندي وره ٿيا.
---
ويڻ ورائي گهوٽيا، وڌئي جو ويهي
وڻجهاري جي وکري، پروڙجي پيئي
آن جي ٿي خاطر ڪيم، جڏ پسجين پرڏيهي.
--
ڀُٽاڻي ڀير ڪري، ڏکي پڇي ٿي ڏونئر
نيڻ تنهنجا نينهن ڪڪوريا، ڀرون جهڙا ڀَونر
رتيون جي گجريون، امل جي اتور
جي تو هوءِ مڃٺ تور، ته سي وکر وهائو آئيا.
--
وَکَر وِهائو آئيا، نورا نينهن ڀري
سودو هن صراف سان، سگهي ڪونه ڪري
هن دانَهه جي دري، ويو سُنگ چُڪائي سڀڪو.
--
تڏهن سڀئي پڇي سينهڙي، آهن ڪير ڪنوار
هي هنجهه”همير“ هار، سي گجي گاروڙي آئيا.
--
گجي گاروڙي آئيا، پتنگيا جي پرڀات
ڪارو وهي ڪاڪ ۾، جيئن واسينگ جي وات
ان راڻا رانئي رات، ڪئين ڦوڪن سان فنا ڪيا.
--
ڪُتن ڪاڪ تڙا، هڻي هاڪاري هرڻي
ستي ويئي سو چڙهي، مومل منڌ هٿان.
--
جي هميرن ساڻ هئا، سي چٽا ڪُنا چار
ڪنگروڙيون گوش مان، اُڀا اڱڻ ٻيهار.
--
سامهون اُڀو سومرو، سونهين سنڌ امير
ٻيو جي ڏونئر ڏِسيَن ۾، پڌرو آهي وير
ٽيو جو سگهڙ سينهڙو، ڳوڙهو ڳُڻن ڳنڀير
چوٿون راڻو مينڌرو، آهي منجهن اتم امير.
--
چارئي چڱا گهوٽيا، سنڌ هِند اُن ڏيهه
اُن جا پتا پڻي پتنگيا، کُڙي لڳن کيهه.
-
ڪَرسيا ڀريائون ۽ پڪن چٻيائون پانَ
ڏندڻ ڪندا گهوٽيا، سندا کيڙن خان
مور نه ڪبي مٽي، جيڪي هوندا اتي آجان
ان سوڍي سُرت سبحان، پاڻي مڙوئي پرکيو.
--
پهرين هليو پاتشاه، منجهان حُب همير
مزمانيون مومل جون، توکاءِ کنڊون ۽ کير
ويٺو جان پير ڀري، منجهه محلاتن مير
هئا هنڌ حويليون حجرا، ان جي صفن ۾ شهتير.
--
عطر ۽ عنبير جي تي گس لڳ گهگير
منجهه ئي باغ بهاريا، ندي وهيو ٿي نير
اُڀو وماسي وير، پاڻي پسيو پاتشاه.
--
پاڻي پسي پاتشاه، دل ۾ آندو دَور
ڪپر هوندو ڪاڪ جو، ڪو اونهو ڪُن اگهور
اُڀو پڇي اتور، ته ناتر! ندي ڪهڙي؟
--
نديءَ جي ناتر چئي، جي ٿو پڇين مون
ٻڏي هتي ٻيٽ ۾، اُن جون واڪا ڪن وهون
تن جو ڏيهه سئون، جن پير پوئتي جهليا.
---
تون بادشاهه آهين، سومرو سُبحان
ڏسي در ديوال جو، تون هيرئي تٿئين حيران
منجهه محلن مٿو ناه ڪو، جتي ٻيون وجهن ٻان
رُڻ جُهڻ راٺوڙين ۾، آهي تماشو تان
ماڻهو جي مزمان، ته ڪونه مَڪانَئون موٽيو.
--
ڪونه مَڪانَئون موٽيو، تڏهن هليو وير وري
هئي جا حُب همير کي، سا ٿيس ڍول ڍري
خبر خاص کري، ڪانه ٻڌائين ٻيليين.
---
ڪانه ٻڌايئين ٻيليين، جيءُ سان هُيس جا
لونگ، سوپاريون، ايلاچيون، ٿو چٻي منجهان چاه
اچيو پڇن پاتشاه، ٻيلي جي ٻيا
تون سگهو موٽئين سپرين، توکي ڪهڙو وريو واءِ
ڪي کاڌئي کيڻ خوشي مان، ڪي ڪيئي رهاڻيون راءِ
سا تون سڌ سڻاءِ، جا مومل ٿي مزمانيون ڪري.
--
مومل مزمانيون ڪري ٿي، ڪوڏي سونهاري ڪار
ٿي ريجهائي راڻن کي، سُوندل ڪيو سينگار
سونهن سوڍي جي وِتري، ٿو ڄاڻي ڄاڻڻهار
تنين شڪ لهي ويو، ديکيو جن ديدار
کنڊون ميوا، مصريون، ٻيا هئا طعام تيار
گِرهه ٻه ٽي چار، کائي کائبو ڪيترو.
--
کائي کائبو ڪيترو، کاڄ مٺايون کير
سڀاڻي کڙي سينهڙو، مومل پاسي مير
ڏسيو محل مومل جا، ٿو ڪري واکاڻون وير
پسي نديءَ نير، اُو به ڏُوران ئي ٿي ڏهڪيو.
--
ڏُوران ٿيس ڏهڪو، تنهن کي هٿ نه آئي هاج
ڌاران پسڻ پِر جي، ٻيا سڀ ڪوڙا ڪاج
سو پڻ کائي کاج، اچي ٻهڳڻ ٻيليين گڏيو.
---
ٻهڳڻ ٻيلين گڏيو، اچي ڌماچاڻي راءِ
تنين ڏک ڏونئر سهايو، کاڄ هلي تون کاءِ
لڳي کنڊ کڙڪي، واس کٿوري واءِ
او به پسي آب، ڏوران ئي ٿي ڏهڪيو.
--
ڏوران ئي ٿي ڏهڪيو، تنهن کي هٿ نه آئي هاج
ڌاران پسڻ پِر جي، ٻيا مڙ ڪوڙا ڪاج
سو پڻ کائي کاج، اچي ٻهڳڻ ٻيلين گڏيو.
--
ڏَنئور ڏنگڙي هليو، اُو ٿو کليو کيڪاري
مُڪائين ٿي مومل ڏي، سوڍو سينگاري
ته وڃ مرڪڻ مينڌرا، تون نوري نظاري
جي اچين اوتاري، ته راڻا رهاڻيون ڪريون.
--
راڻا رهاڻيون ڪريون، مينڌرا مهائين.
ٻانهي هلي مهند ۾، سا نه سٺائِي
ناتر کي نيزي جي، ٻوڙي هنيائين
هلي همير مهند ۾، اِي ڪوجهو ڪم ڪيائين
پَر اِنهين سِين، پاتشاه، محلين ڏانهن مُڪائين
گهُوني نه گڏيائين، تڏهن ٿي ناتر نِمرايون ڪرين.
--
نِمرايون ناتر چئي، مور نه ڪيون مون
جيڏانهن جيءَ جوکو ٿئي، تيڏانهن هلين تون
اڳيان وجهه وراڪو ويڙ ۾، ڀير نه مڙي ڀون
جڏهن مَ ڇڏ ٿيئين تون، تڏهن راڻا رهبر ٿي ٿيان.
--
راڻو رهبر مهند ۾، پٺيءَ هلي دائِي
سوڍو هليو سَنبهِي، جنهن کي عقل عطائِي
اڇو ڏٺئين ٿي آب جو، جلب جهجهائِي
تڏهن ورنهه ڪي وائي، ته هي ناتر ندي ڪهڙي.
--
ندي وَهي ٿي نِير جي، منجهه جهروڪن جهور
گهڻا گهوٽ هن گهيريا، مانجهي مَرڪڻ مور
ڇڏ تَڪون ۽ تور، موٽ مرين ٿو مينڌرا.
--
سو ڪيئن موٽي مينڌرو، جو ماڙيءَ آيو مير
سَڪر جهڙا سپرين، اڳيان کاڄ مٺايون کير
جهاڳي نديءَ نير، آءٌ ڏسان منهن مومل جو.
--
راڻي پاڻي پرکيو، هڻي سوپاري سير
ڪاوازي ڪيڌانهن ويو، ناتر تنهنجو نير
پاهون موٽايئي پاشاه، ڪري هل همير
پوءِ مَوزائي مير، مرڪي هليو مينڌرو.
--
شينهن ڏسين جي سامهون، ٿو کائي ملوڪن ماه
چنبي هڪ جو چوٽ سان، ٿو سوسيو ڪڍي ساه
چَٽي رت راڻن جو، ان پوڄ پيتو آ پاءِ
ڊپ انهيءَ جي ڊاءِ، ڪيئن آدمي اڳهان وڃن.
--
آدمي اڳهان وڃن، مانجهي مل مٿير
سوڍي سانگ پڇنڊي، پَر ڀُون کوڙي پير
ويئي سُوسري شير کي، يڪسائي جهوڙير
سٽ نه جهلي شير، هو ڪُٽو ڪاغذ جو.
--
گُجر کي گجمير جا، اکين منجهه اگهور
هڻي حاڪمن کي، پٽن لاهيو پور
ان گجر جي گهور، ڪيئن کٽن پاس کپائيا.
--
پَر ۾ ڪوٺي پڇيو، ريٻارو راڻي
ميو ڏيئينم مڱيو، انهيءَ اهڃاڻي
چلي اچي چوٽ تي، لمي لوڊاڻي
پرهه جو پاڻهي، وري اچي وٿاڻ تي.
--
مَيو اُٺ مجاز جو، هيڪو ڪرهو آ
ڪاهل اڳي ڪر هو، ٻِي مري ويس ما
آڻي ٿو اوڳار ۾، ڪو ريلو رت مُها
ڪو جو وريس واءِ، سُڪي جو سانٺو ٿيو.
--
سُڪي جي سانٺو ٿيو، سو ڏاگهو مون ڏيکار
ڪريان طبعو تنهنجو، ڪري جيءَ جيار
پسي اُٺ اوڳار، سوڍو گهڻو سرهو ٿيو.
--
سوڍو گهڻو سرهو ٿيو، اُٺ ٿو اوڳاري
پِڪون پانن وڻ جون، ٿو حلقي ۾ هاري
سوڍي سينگاري، ميو جهليو مُهار مان.
--
چل چانگا ڪر پنڌڙو، متان وڃي وهاڻي
توڏا! تو لئي تيار ٿي، مَيا مهماڻِي
سگهو ٿي ساڻي، سنجهي گڏجون ساٿ کي.
--
چل چانگا ڪر پنڌڙو، ميا مارڳ پُور
تو جيڏا تو وڳ ۾، توڏا تنهنجي تُور
توکي حقيقت هُتي جي، تون هلندين هوت حضور
ڏاگها! سُڄي ڏور، سندو ساڻيهه پنڌڙو.
--
توڙئون تنهنجي ڪاڪ تي، آءٌ ايندس تان نه وري
جي مون اچڻ جا اسباب ڪيا، ته تنهنجي ڪانه سري
سيڄ مٿي”شيرخان“ چئي، ڪامل ڪام ڌري
رکج ڪا مَ وري، ميار ملوڪن تي.
--
راڻو رسي ڪاڪ سين، ويو وجهي ور
پڇي پاڙي واريون، تون سوڍا ثابت ڪر
نه ته دوست تنهنجي در، آءٌ ميڙ منجان ٿي مينڌرا.
--
راڻو رسي ڪاڪ سين، وگهلجي ويو
من مينڌري وڍيو، ڌُٻي ڌڙ ويو
اچي ڏسو جيڏيون، جيڪو راڻي رڻ ڪيو
جيئڻ جاڙ ٿيو، سوڍي پڃاڻان سرتيون!
--
ڪاڪ ڪڙهي، وڻ وڍيا، جلي منهنجي جان
رکيئي ڪام ڪڻٺيو، ماريس تنهن گمان
هڏ نه جيان هاڻ، تون سگهو موٽج سپرين.
--
رات وهامي ڏينهن ٿيو، ٻولي ڪي ٻانگي
دَوڙيس دروازن تي، ويڳاڻن وانگي
شرم ڌڻي ”شيرخان“ چئي، ويم دل اندر دانگي
سرچ ڪنهن سانگي، مون کي مهڻي هاب متان ڪرين.
--
رات وهامي ڏينهن ٿيو، جان دس لڳا ڌرمسال
شوق ڀريو ”شيرخان“ چئي، آهن ماڙين منجهه مثال
معلوم اٿئي مينڌرا، مڙئي حال احوال
ڀيرو ڪج ڪو ڀال، مون کي ڏج نه حرف ڏهاڳ جو.
.
هي روايت لاڙ (تعلقو تنڊو باگو) مان محمد
طالب لوهار کان ملي، جنهن حاجي محمد يوسف
ڀان جي هڪ جهوني بياض تان اتاري. اهو بياض
اندازَ سٺ –ستر سال کن اڳ سنه 1900ع ڌاري
لکيو ويو. پڇاڙي وارن ٽن بيتن ۾ شير خان جو
نالو آيل آهي، ڀانئجي ٿو ته شروع وارا ۽ پڻ
ٻيا ڪي بيت ڪنهن آڳاٽي ڀان جا چيل آهن، جن ۾
رواين پوءِ ٻين شاعرن جا بيت پڻ شامل ڪيا
آهن. اهڙيءَ طرح آخر ۾ (نمبر 89.-94 ۽ 97
-101؟) شاعر شير خان جا بيت شامل ٿيل آهن.
|