سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :17

بيت سليمان فقير جا

1- ڍوليو ڍريو ڍَٽ کي، جهٽي جهونجهارِي

ڪام هنيائين ڪرهي کي، ڪا ڏاڙهون جي ٽاري

مومل اٿي محل مان صبح سواري

تنهن آهڙ ڏني اڳتان، ڪري ترت به تياري

پير ڏٺا پٽي تي، نمي تنهن ناري

سا سامهين ٿي سُومل کي، ٿي وسائي واري

اڄ قيام ڪري ڪاري، راڻو رات رُسي ويو

2- مومل مجلسون، آهن توريءَ حق حرام

مَسڻ ڀانيان ٿي مينڌرا! مڙيئي ماڳ مقام

دوزخ جهڙي دل کي، ساري ڪاڪ قيام

اچين ته عيدون ٿين، وري تون وريام

ٻيٽيون راجا نند جون، ٿين گولين جون به غلام

سڀيئي، سليمان چئي، توکي سوڍيون ڪن سلام

اٿئي وچان راڻا! رام، جي وير وسهين ولها!

3- ستُنهن نه کڻ سهجان جا، وسهڻ کان ويئي

ڪئين ڀيرا ڪاڪ تي، آءٌ آيس رات رهي

محرم هئس محلي جو، سوڌو آءٌ سهي

سُتي سيتل راءِ سان، ڏيئي ڏيل ڏهي

ڪريان راند رُڪ جي، پر ويس سور سهي

جو خواري ڪم نه خانن جو، واچڻ ناهه وهي

دائم منهنجي دل کي، ڏني درد دئي

ٻي مومل منهنجي من تي چاڙهي ترت تَئِي

تڏهن معلوم ٿيا مونکي، اهي مڪر مڙيئي

جنهن لاڏ ڪيا ٿي لڪڻ سان، مٿان لوڏ لهي

سا سُڃاپوءِ، سليمان چئي، هئي سندي لام لئي

جنهن کليو ٿي کنئي، سا ته ڪام ڏنيمانس ڪڇ ۾.

4- ڪانهي انهيءَ مام، جي ڏيِن نڪا وٺن

ٿوري گهڻي ڳالهه تان، راجا ڪين رُسن

دائم دريافت دل جي، ڪوڏيا ٿا ئي ڪن

هٽڪيا اهڙي حال کان، سي وڃڻ لاءِ وڃن

تکو تير طلب جو، جيري لڳو جن

سو لوڏيو لوهه نه نڪري، جو کتو ساڻ کنڀن

سوين سونارا ميڙيئين، کڻي لکين لوهارن

اُڪري انبورن سان، ڀلي ورچي ويڄ وڃن

وڏائي وس ڪيا، سوڌا سراڻين

لهي نه لِک جيترو، جو مُرچو پيوئي من

سي ڪيئن مرد مِلن، سوالن تي، سليمان چئي.

5- سوال ته، سليمان چئي، ڪي مانجهي ٿا به مڃين

اگلايون عالم ۾، عيب نه اُگهاڙين

پرين پانَهه پنهنجي سان، ڍولا! ٿا پر ڍڪين

مرد سامهان مرد، سي سينا ٿا سلين

ناريون اڳيان نرت جي، اچيو بَديون بخشائين

جي تڏي ايون تڪڙيون، سي نه مهڻو موٽائين

سالون تن کي سر تي، ٿا عاقل اوڍائين

هڪاليو پنهنجي هٺ کي، ٿا هرگز هٽائين

سي صوفي سليمان چئي، ٿا سورهيه سڏائين

منهن نه مٽائين، حاذق پنهنجي حق کان.

6- حاذق پنهنجي حق کان، جي حاضر ڀائين حق

هي لائي لقب لوڪ ۾، لنگهي ويئي لڪ

ڪڻڪ جي ڪُتي کي، نه توڙئون رهي تڪ

سوڍريوئي ڍونڍ ۾، چريو هڻي چڪ

ٻڪري کي، ٻروچ چئي، جهڙو آمون تهڙو اڪ

سا مُنهن کڻي ڪيئن مٿي، جي نار کي هوءِ نڪ

پاڻهي ٿئين پڌري، تون زور زماني زڪ

محل سڀ مُلڪ، توکي موڪ ڏنو مينڌري.

7- موڪ نه ڏي مينڌرا! نه ڪر پنهنجي پڄاڻي

ڪڪوئي ڪاڪ تي پيتئي ٿي پاڻي

اچي ڏٺئي اوچتي، کٽ جڏهن کاڻي

نڌر سُتي هئي ننڊ ۾، راجا ڪي راڻي

جاڳائي جانب ڪرين ها، ساجن! سڃاڻي

ڪُنڍي منهنجي قلب ۾، وڌيُئه هينئين ۾ هاڻي

ٻڌي ڏور ڏکيءَ کي، تکي تو تاڻي

پلڪ پري نه ٿي، هي ويئي وساڻي

ڪنهن سان هلندي ڪانه ڪا، جوڀن جواڻي

وسري ڪين وجود تان، تنهنجي ڏاڙهي ڏهاڻي

پر موٽي وئين مينڌرا! ڪار ڪري ڪاڻي

گهايل تي گهاڻي، تون راڻا! وجهه مَ رنج جي.

8- قدم مٿي ڪاڪ، تون والي ڪارڻِ وار

لائي لنئون فراق جي، تون ڌڪي ڪر مَ ڌار

ڇني تان نه ڇڏيان، تنهنجي ڀر ڀتار

لکين لڙهه لڳيون، اچي عيبدار

آءُ تني نه جهڙي، هڪ نست ناز نڪار

تنهن تي پاند پناهه جو، تون ڍولا! اچي ڍار

جو سام کڻڻ، سليمان چئي، تو ڪامل جي آهي ڪار

اچي مِلي منهن ڏيکار، تون مومل کي مينڌرا.

9- چئي: مومل کي منهنجي آهي ڪانه ڪاڻ

جنهن وٽ سڳر ساهيڙين جا، ريجهي ڪن رهاڻ

سڻيوئي سرهي ٿئي، ويٺي ئي واکاڻ

ڪوڙيءَ کي ڪانڌ جو، جڏهن انگ لڳو هو اهڃاڻ

تڏهن ٻڏي مري ها ٻَيَڙ، سڄي ساٿ ساڻ

ڀِري تنهن جي ڀاڻ، سو مرو نه اچي مينڌرو.

10- واڻ وڍڻ جي وَلها! تون وائي ڪيم وار

پاڳ ٻڌي مون پاڻهي، اکين جي اَڌار

سومل سُتي سيج تي، گويا لئي گفتار

آئي ننڊ نڀاڳ جي، اوڙڪ انڌوڪار

تون موٽي وئين مينڌرا! رکي محب ميار

اها تِر نه آهي توڏي، آهن مون تي حرف هزار

ڪا گهڙي ڪاڪ تي، اچي غم کائي گذار

ٽڪي اچي ٽار، مون تان بار بَديءَ جا.

11- تو تي بار بَديءَ جا، ڀلي هزارين به هجن

نازڪ نياپا نينهن جا، ڪي ماڻهن هٿ مُنجن

ڪيل ڪم قلب جا، ٿا سڀڪنهن کي سُجهن

حدون جي حق جون، سي سالڪ ٿا سمجهن

هَي اهڙي حال سان، ڇو ڏوراپا ڏجن

جي مِنٿن تي منجهن، سي نر به نارين جهڙا.

12- منٿ نه ڪر مومل! پاڻ ويهه پلي

ڪاهي آئين ڪاڪ ۾، ڪُڌي منجهه قلعي

تو ڪئي توکي ڦٻي، اهو تو سان حال هلي

ڇني تند رڪ جي، سا ڪئين ريهه رلي

مور نه پرچي مينڌرو، ڪنهين باب بلي

ٻيو ان نيازن سان نڀاڳي، ٿو ٻيڻو جيءُ جلي

ٻيو جو سور، سليمان چئي، سو سرو ڪيئن سلي

سو ڪيئن مرد مِلي، داغ جنهن جي دل تي.

13- داغ تنهنجي دل تي، سو لائق کڻي لاهه

ڪانهي ڪا ڪانڌ ري، ٻي ور! اسان جي واهه

ڍري ايندس ڍٽ تي، ڪنڌي  ڪري ڪاهه

تنهن سُنهن تي، سليمان چئي، ويهي وٺ ويساهه

ڪڏهن ٻري ڪانه ڪا، بحر مٿي باهه

راڻا! تنهنجي رهاڻ لاءِ، سِڪي ساهه پساهه

جو پريندي پساهه، تو سوجهي سوريءَ چاڙهيو.

14- دايون ديوانيون ٿيون، باغ مڙيئي بيران

جي اصل ايرادو آڻئين، گيتا مٿي گيان

ٻيو واحد واري موڪليو، آهي فضل سان فرمان

مولا ئي مٿي ڪيو، سندو قول قرآن

اچين ته اعتبار ڏيانءِ، سارو سليمان

مرد رکن ٿا مانُ، ڪي ڪانڌ به ڪاڻيارين جا.

15- ڪاڻياري ڪانڌ جي، آءٌ نه چوان ته ٿيءُ

ڪڪو پاڻي ڪاڪ جو، وڃي مٿي پلنگ پيءُ

صلاحون سالن جون، وڃي سومل ساڻ ٿيءُ

هٿئون ويئي ڳالهه لاءِ، جوکي وجهه مَ جيءُ

وڍجي ويا ورهين لاءِ، راز رهاڻيون ريءَ

جو وري ڀانيئي ويءُ، سو تون ڀيلين ڀيل ڀلو ڪري.

16- ڀيليان ڀيل ڀلو ڪري، چڱي چوندم ڪير

هڪ ڪاڻياري ڪانڌ جي، ٻيو ور سان ڀانئي وير

ڪي ڏهاڙا ڪاڪ ۾، مون اورڪيا اُلير

ساري عمر ست ۾ هئم هيٺاهين ڪا هير

واگهه ويهاريم واٽ ۾، شامل ڪري شير

تر پکي ويا ٿي نه ملي، مون سان ڪئي مُنهن مير

تون ماڙي آئين مينڌرا! ٻڌي ڇند ڇڳير

هڻي ٻاڻ، ٻروچ چئي، وئين کسي دل دلير

درد منهنجي دم تي، ڀري وڄائي ڀير

تنهن ڦٽيءَ تي ڦيڻي جي، دلبر ڪر نه دير

جڏهن عشق ڪيو انڌير، تڏهن راڻا! ٿو رانديون ڪرين.

17- راڻي هڏ راند ڪي، پر تون ئي راند سار

ڀڃي حد حق جي، ڌُريان ئي ٿئين ڌار

آڏو ڪونه آيوءِ سندو ور ويچار

حرام جو هِڪي تي، هِرڪِي پاتئي هار

سا مرد رکن نه منهن تي، سندي مک ميار

راجائي رڻ گهڙي، لڪڻ تنهن کي لاچار

سچا، سليمان چئي، ڪري قول قرار

هاڻ ملڪ ملاح ميڙئين، کڻي حيلا ڪري هزار

ڪوڙين ڪَلميون چاڙهئين، سوين سڙهه سينگار

ته به جَر ري جهاز نه هلي، ۽ وري نه هڪ وار

وڃي گڏ گذار، تون ڪامڻ! پنهنجي ڪڙم ۾.

18- مومل ويس مٽائي، ٿي وَر لئي ويراڳي

ڳل ڪنٺا، ڪڇ گبري، بيرون بيراڳي

آئي عمرڪوٽ ۾، روپ رکي راڳي

آديسي جي آواز ۾، هئي وحدت جي جي واڳي

مرگهه ماڻهو مشتاق ٿيا، ٻيا جوش جني جاڳي

چيلهه سنهي، منهن ويڪرو، سينڌ سنئين ساڳي

ات راڻي جي روح ۾، اچي ڌُوم ڌرڻ ڌاڳي

سامي سهاڳي، آهين دلبر ڪهڙي ديس جو؟

19- ديس پڇڻ درويشن جو، اهو ڏٺو آهي ڏوهه

جن چمي چوتا چاڙهيا، لڱن مٿي لوهه

پُکي تن کي پيا، رڃ روهيون ۽ روهه

وڃن هميشه هليا، ڪاف ڪشالا ڪوهه

پنن ڪين پٽ کڻي، طلب بنان ئي توهه

ساڻيهه اٿن سو، جت نين نرالا نينهن جا.

20- نين نرالا نينهن جا، تون کڻي ٿي خوشحال

ڪري دعوت قبول اسان جي، تون بيراڳي برحال

ڀري پير پريت جو، تون دانهه هل ديوال

تنهنجي قدمن تان قربان ڪريان، مير!  مڏيون ۽ مال

جو ماڻهو سڀ محيط ڪيا، تنهنجي جوڙ جمال

کوليئي خود خيال، تون ڏي حقيقت حال جي.

21- حقيقت هن حال جي، تون سالڪ اُٿي سڻ

رتيون ماسا رمز جا، چال چڱي سان چُڻ

جي ڪاريهل ڪاوڙجي، ڦري ڪڍي ڦڻ

ته سورهيه ڪو سامهون ٿئي، ڌڱين ڌاري ڌڻ

مومل جي مٿي ۾ هئي ميناڪاري مڻ

گجر گاروڙين جا، ٿي وڍي ڇڏيا وڻ

تون ريبي راند کڻي وئين، خان! کُٽائي کُڻ

پاڙون جي پاتار جون، سي لُنگيون ڪري نه لُڻ

هاڻي بانڪا! سڃاڻي بڻ، بخش بديون تون بادشاهه.

22- بَدين تان بادشاهه، ٿيو ڪاوڙجي ڪارو

ٽپي اٿيو ٽڪاڻي مان، ڏيئي لُڏي لامارو

تنهن تڪ نه رکي تڏي جي، ٿيو عاشق اُٻهارو

راڻي جي به روح تي، اچي مڙيو  مونجهارو

ابتڙ پيو عقل جو، ڪو ڍول هٿان ڍارو

هو نيهي نظارو، پر سوڍي سڃاتو ڪينڪي.

23- مومل محل اڏايو، اتي چڱو چتائي

ڪامڻ ڪاٺ قيمتي، ٿي گهڻا گهرائي

آڻيو انهيءَ جاءِ تي، ٿي ٺاهه چڱا ٺاهي

لايو باڪس برهه جا، ٿي جودئون جلائي

چڙهي ويٺي چوڏول ۾، سِر به سانباهي

اتي راڻي جي روح کي، وڌو نيهن به نمائي

پر مُنهن ڪري مينڌري ڏانهن، ٿي مومل موڪلائي

هاڻي پرت به پچائي، ٿي ڪامڻ پنهنجي ڪانڌ سان.

24- راڻي جي روح مان، رمي آيو راز

الٽي آيو اوچتو، ڪر ي پکي جيئن پرواز

نه اچي نار اڳيان، نمي ڪيو نياز

تو پهچائي پورا ڪيا، سندا قرب ڪواز

هاڻي لهي آ لحظي مان، تون عورت سڻي آواز

اهي مذاقون مجاز، مون مڙيئي توکي معاف ڪيا.

25- انهيءَ معافي جا مينڌرا! مون تان لک لڌا

جو پهرين سٽ پئي، مون توسان ٻول ٻڌا

اهي سچا، سليمان چئي، منهنجا وحدت منجهه وڍيا

موليٰ ئي مقبول ڪئي، منهنجي سينَ صَدا

هاڻي جاني ناهين جدا، تون دلبر منهنجي دل کان.

26- رڙ ڪري راڻو، گهڙي پيو گهوٽ

مُڙيو نه مچ  کان، هو اصل جو اڻ موٽ

مليو محبتي معشوق کي، چئنچل ڏيئي چوٽ

اصل عاشقن جي، الف آهي اوٽ

نالا نينهن وارن جا، اچي نيش ڪندا ڪي نوٽ

قائم آهي، ڪٽ، اصل عشق جو عاشقن تي.

27- عشق عاشقن کي، اصل ڪري عريان

لايون لنئون فراق جي، تخت ڪري طوفان

گڏيو گداگر ڪري، صوبا ۽ سلطان

ڪن ته خيال خنجر جو، ڪي پيڙائي پهلوان

صوفي سِر سوريءَ تي، نالي نر نيشان

ڪي محڪم مُصلي تي، ٿا جُهد پچائن جوان

ڪر فياض فڪر جا، ٿا ساراهين سبحان

ڪي صابر منجهه صبر ۾، ڪي جلالي جولان

ڪن کي اعليٰ علم عطا ٿيو، ڪي قاري ساڻ قرآن

ڪي اهل علي جي، ڪي مجلسي مروان

ڪي دائم دين ۾، ڪي شامل سين شيطان

ڪي ريڌا راڳ تي، ڪي بخيل بئيمان

ڪي مخنث مجوسي، ڪي سخاوت جا شان

ڪي منصف مَئي جا، ڪن غذا ۾ گذران

ڪي حقيقت حق جي ٿا ظاهر ڪن زبان

ڪي قالب ڪفر ۾، ڪي مُنهن سان مسلمان

ڪي ريا خور رسم جا، ڪي خوشامد جا خان

ڪي نميو نفس کي، ٿا نِت نهارين نان

ڪي تارڪ ترڪ جا، ڪي دنيا جا ديوان

ڪي پنهنجي پيٽ لاءِ، آهن حيلن ۾ حيران

ڪي موهيا مسجد ۾، ڪي مانجهي سر ميدان

ڪي بِلا ڏين بچڻ جا، ڪي ڪُڏي ٿيا قربان

ڪي ڳوليندي ڳري ويا، ڪي لائق لامڪان

ڪي رئندا رهيا رام لئي، ڪي ڀيڙا سين ڀڳوان

ڪني هلي حڪم هلايا، ديسن تي دهمان

سي ٿي ويچارا ويا، سُڃا ڇڏي سامان

آڏي آڻ آگهٽيا، نهوڙي نادان

حڪم هر ڪارن کي، حاضر آهي حنان

پيرائتي پُڇندا، اچي بات بيان

وهي ڪندا ويجهڙي، دهشت سان دوران

ڏسي اکر ان جا، ٿيندا پوءِ پشيمان

پرکا ٿيندي پڌري، جتي تُر ميزان

اوکي عاشقن کي، قادر ڏيندو ڪانَ

ڪامل هن ڪلام جو، ڪي گوهر سمجهن گيان

جنّ ملائڪ جانور، آدم سڀ انسان

ڪيفيت منجهه ڪريم جي، جمع جڳ جهان

ثابت سليمان کي، ڏي ڪلمو سر زبان

جو پڙهڻ سان پاڪ ڪري، اول کان ايمان

ٻيو اَٿان ذوق زيان، سوا عشق الله جي.

6- بيت گل محمد کوسي جا

1- صفت ڪريان ٿو صاحب جي، جنهن جوڙيو جڳ جهان

نالي راجا ’نند‘، هو، سڻ بادشاهه جو بيان

ڌڻي تنهن کي ڌيون ڏنيون، رهن گجرون پنهنجي گام

سونهن ڀري سڀن ۾ هئي، مومل جنهن جو نام

تنهن وٽ مڏي مال متاع جي، ڪمي هئي ڪانه

سو ڪندو هو شوق شڪار جو، کڻيو گز ڪمان

هڪ ڏينهن الله جو ٿيو، ڏٺائين هرڻ ٻچو حيوان

سو پڌرو ڀڳو هو پاڻيءَ کي، جتي جر وهيو پئي جام

پويان گهوڙو گهوٽ ڦٽو ڪيو، تکو زور تمام

گهوڙي مٿان ئي گهوٽ، هنيس تير ڪمان

ڪان لڳو هوس ڪڇ ۾،ڪِريو مرون سو مستان

ايڏي حڪمت هرڻ کي، ڏني آگي ڪري احسان

پارس هوس پڌرو، ڪو نراڙ منجهه نيشان

ڪٽي ڪڍيائينس ڪپار مان، هڏي منجهه حيوان

کڻي وريو هو خوشي مان، جلديءَ منجهه جوان

مير گهمي ٿو محلاتون، ڪريو بات بيان

صندوقون ڀريو سڦريون، ڏيئي ڪرف ڪمام

دلئون رکونس درياهه ۾، ڏيئي لوهِي سي لغام

اهي گم ڪريو وڃي، گل محمد چئي سڀئي سو سامان

هاڻي پارس کنيو پاڻ، تهدل ويٺو آهي تخت تي.

2- تهدل ويٺو آهي تخت تي، ڪري الله تو آهار

سڏ ڪري ٿو مومل کي، جا هئي مڙن مهندار

ته هڏي پنهنجي هار ۾ تون جوڙائي ڪر جنسار

مڏيون مال خزانا، رکياسين پاڻيءَ جي پاتار

سچي نه ڪج سومل سان، هن پارس جي پچار

تڏهن پُويو رکيس پاسي ۾ نو لکو هار

جيڏيون سرتيون پاڻ ۾، ڪري هليون ڪونجن جيئن قطار

جڏهن مومل گهڙي هئي پاڻيءَ ۾، تڏهن دور ڇڏيو دريار

مڇيون مانگر ڪيترا ٿيا سُڪي ۾ سينسار

وڙي موٽيون پوئتي تڏهن تانگهو ٿي وين تار

سڀن پڇيو ٿي سومل کان ته هت ڪهڙو ٿيو ويچار

چئي: جان آهي مَنڊ مومل وٽ، جان ڪا هِڏي منجهه هار

گهڻين ٿورين ڏينهڙين سامي سيتل را

دئوڪندي ڏٺي دريءَ مان تنهن نمي ڪئي نهار

منهن ڏٺائين ٿي مومل جو، ٻيو هندوري ۾ هار

سامي اچي صدا هنئين وٺي ڪوٽ ڪنار

دائي نڪتي در اڳيان، جنهن درس ڪيو هو ديدار

ڏٺائين سونهن ساميءَ جي، چيائين ته: هت وڏو ڪو آهي ويچار

ٻولائي تنهن کي ٻانهيءَ چيو، ڪري گويا ۽ گفتار

ته اِها اٿئي ماڙي مومل جي، جت ناهي ڪو نر پکي نار

وري موٽي وڃ پوئتي، متان ڪريئي سومل سا سنگسار

اهو گس وٺيو وڃ، گل محمد چئي، اڳيان اٿئي برهه سندي بازار

پوءِ تنهن جي دربار، آءٌ دانَهه دائي آهيان.

3- تون جي دانهَه دائي، ته مون کي ڀوري ڪين ڀُلاءِ

آءٌ ويٺل آهيان ’اوچل ڪوٽ‘ جو، سامي سيتل را

بيٺِ ٻڌي آيس بگريون، ٻيا مُگهٽ مولهاٽا

ڪُرَ وجهي آيس ڪنن ۾، ٻڌي ٻانهوٽا

پيرئون آِس پنڌ ڪري، جتي جهڪون لڳن جهولا

چئينس: آيس جيسلمير کان طلب ڪري تو لاءِ

جيڪا حب هِنئين جي، سا ميليندو موليٰ

وڃي چئو مومل کي، ٻانهي! تو ٻولاءِ

ته دانَهه  بيٺو اٿئي در تي، ٻَڌيو ساجن سَڪِيلا

ٻيا به ساڻس ٻه ڄڻا آهن، چست اندر چيلا

انهيءَ گاروڙيءَ وٽ، گل محمد چئي، آهن نانگ ڀَٽون نَولا

4- پوءِ ڊوڙي ڪنهن ڊولا، اچي سڻائج سيتل راءِ کي.

تڏهن ٻانهي موٽي پوئتي، جنهن وڃي ٻڌائي خبرچار

ته سامي آيو سنڌ مان، جوڳي ڪري جنسار

گيڙو آهينس گودڙيون، ٻي مُنهن تي ميناڪار

هو واقف آهي وسينءَ جو، پورا ڏئي ٿو پار

ته: سائو ويس سومل کي آهي هندوري ۾ هار

مومل هئي ماڙيءَ تي، جنهن سُڻي گويا ۽ گفتار

لڪڻ کڻي لهي آئي سوڍين جي سردار

ته: ڪهڙو ڪوڪٽ ڪوٽ ۾ تو لَنڊي وڌو لاچار

چئي: سؤڳَڻ آءٌ سُنهن کڻان ٿي، مون کي قسم آهي ڪلتار

هٿ هو منهنجي حاج ۾، مون دانهن سُڻي درٻار

آءٌ اُٿي وئي هئس اوڏهين، لنگهي ڪنهن لاچار

مون ڀانيو آيو پينُو پيٽ جو، جان سوالي منجهه سرڪار

هن ڪهڙو گناهه ڪيو، گل محمد چئي جنهن تي ڪامڻ ٿي آهين قهار

هي جي ٻَڌين ٿي هَس ڪڙولا هار، سي مومل تنهنجي موت جا.

5- هاڻي مومل ٻولين وچ ۾، بيٺي ڪنواريون ڪوٺائي

سڏيو تنهن سومل کي ٿي سچي سڻائي

ته سامي آيو سنڌ مان، ڪوٽ مٿي ڪاهي

جان آهيس جادو جان ۾، جان ڪو عقلوند آهي

تڏهن ٻاهر ٻانهي موڪلي، سومل سمجهائي

ته وڃي پڇ فقير کان ته تنهنجو نالو ڇاهي؟

تڏهن ٻاهر ٻانهي نڪتي، جنهن ڏٺو چتائي

پڇيائينس، ڪٿائون آيُون ڪاپڙي پرديس پُڇائي

هو بين وڄائي  ٿو بازار ۾، بيٺو نچ ڪٿي پائي

نٿو ڏئي جواب جوءِ کي، بيٺو مُرلي مچائي

هوءَ بيهي جا بيزار ٿي، سا ويئي گولي گسائي

هاڻي سڀيئي ڳالهيون سومل کي بيٺي ٻانهي ٻڌائي

ته مومل هئي ماڙيءَ تي بيٺي حڪم هلائي

سڏيو تنهن سئيس کي، بيٺي گهوڙا گهرائي

ڪارا، روجها، مڪڙا، بيٺي ابلق آڻائي

بور، ڪميت، چينا، بيٺي سُرخا سڏائي

ستئي، ڄڻيون سوار ٿيون، هليون پٽڪا سي پائي

هيرا تن هٿيارن تي، جهنور جڙائي

هلي سر انهيءَ شهر جون گهٽيون گهمائي

تڏهن ڦرندي ڏٺائون فقير کي، بيٺو دونهين دکائي

گهوٽ ڪاهي گهوڙن کي، آيا نقرا نچائي

پڇيائونس: ڪٿائِين آيين ڪاپڙي؟ ڪيئن آئين وطن وساري

چئي: آيس ڪشمور کان، منهنجو اصل ڳوٺ اوچل ڪوٽ آهي

اوهين شهزادا آهيو ڪهڙي شهر جا، اوهان جو نالو ڇاهي؟

اسين ”بيلجَمِي“ آهيون بادشاهه، بيٺو سوداگر سڏائي

اتي فقير پنهنجي فَڪل سان، بيٺو جادو چلائي

توت، ڦاروئا، انب، انجير، پان، سوپاريون، بيٺو بادام برسائي

اهو گُلشن ڏسي، گل محمد چئي، ويا واڳون وارائي

مس پهتا هئا ماڙيءَ کي، گهوٽ گهوڙا ڪاهي

هاڻي آن کي سُڌ ناهي، هن ساميءَ جي شور جي.

6- سج لهي سانجهي ٿيو، هئي آڌي اڌ رات

مومل ٿي خواب ڏسي، هئي پرهه ڦُٽي پرڀات

ته ڀيڻيون ويهو ڀر ۾ سڻُو اديون! هي احوال

ته سائل بيهي، سوال ڪيو، ماڙيءَ هيٺ محال

ڏسان پئي ٻن اکين سان، سو بدُو وڏو بيحال

تڏهن ڳوليو ان ڳجهارت کي، ٿي سومل ڪري سوال

ته ڪالهه ڏٺوسين ڪاپڙي، جني بنايا ٿي باغ بحال

متان اهو اچي اوچتو ڪري، آٿي جو اِحمال

چئي: هن جا چپ ڪارا، اکيون ڳاڙهيون، هو ماڻهوءَ جي مثال

چئي: پير ڊگها، ڏند اڇا، متان ڏٺئي هاٿي ڪو حمال

چئي: هي قد جو ڇوٽو، ماڻهو موٽو، متان ويٺو هوس مٿي تي مشعال

چئي: متان ڄمار پوڙهو، ساڻس گهوڙو، متان ڏٺئي واپاري وَڪال

چئي: اِهو واڻيو اسين سڃاڻون، اک کان ڪاڻو،

مٿو ٺوڙهو، متان کاڻي! چئين خوشحال؟

چئي: تڏهن جنّ ڏٺئي، نڪي ڀوت ڏٺئي، متان مَلڪ ڏٺئي عزرال

چئي: هنڌ هندورا، طول وهاڻا، پلنگ پٿراڻيون، مون مور ڇڏي محال

چئي: غم نه ڪر، گل محمد چئي، هاڻي مومل ڪر مَ مقال

جڏهن تاڙيون ڏيندوئي تال، تڏهن سُڌ پوندءِ سور جي.

7- مومل محلين وچ ۾، آڻي ڍارو ڍاريائين

واري ورق ڪتاب جو، پنو پڙهيائين

سڏي تنهن سومل کي، ٿي سچي سڻايئين

ته هيءَ بادشاهي بيران ٿيندي، جيڪا لوح ۾ لکيائين

تڏهن سومل سڏيو پيءَ کي، ماڻهو مُڪائين

هو راجا رڙهي آئيو، سٻاجهو سائين

سڀئي ڳالهيون سومل کان، بيٺي پڇيائين

ته ويهه مومل ماٺ ڪري، جيڪو هوندو امر اُتائين

خبر نٿي پئي، کوسو چئي، ويا هزار هتائين

هاني مومل متائين، وري ٿئين سوداگر سور جي.

8- مومل ماڻهو موڪليو، ڏيئي ناتر نيشاني

ته آزري ڪر تنهن جي اڳيان، ٻانهون ٻڌي ٻانهي!

هل سامي، وُر پوئتي، تنهنجي مومل مزماني

تڏهن شڪ رهيو ساميءَ کي، هو جوڳي جُوناني.

ته اڳي دور تڙيندي هئي دروازي کان، اڄ

ڪيئن ڪئي مومل مهرباني

سڻي اِهي ڳالهيون، ٿي گولي گُماني

سڀئي ڳالهون سومل کي، بيٺي ٻڌائي ٻانهي

ته گيڙو آهينِ گودڙيون ٻيا موتي سيلاني

سڳا ڌااڳ مُرليون آهنس بِينوُن بيراني

تڏهن واري مومل ماڻهو موڪليو، ٻيهر سان ٻانهي

هڪل ڪري حضرت شاهه کي، اٿيو سَرهي سو سامي

ڪاهي آيو ڪوٽ تي، جتي مومل مستاني

سڏ سڻي هن سائل جا، ڪر غور به گيلاني

هاڻي مومل کڻيو ماني، بيٺي کارائي پاڻ خوشيءَ مان.

9- مهماني مومل جي، هيءُ خان به بيٺو کائي

گيڙو ويس گودڙيون، بيٺو لُنگ پَٽيون لاهي

ناد، مُرليون، سُرندا، بيٺو ٺهه پهه منجهه ٺاهي

سڀئي گُن سومل کي بيٺو سامي سيکائي

ستين ڏينهن صبوح جو، بيٺو مرد به موڪلائي

ته اِهو هار هزاري مون کي ڏيو لوڪئون لڪائي

هو روانو ٿيو رات جو، هن کي ويو جوڳي جلائي

ٻئي ڏينهان ٻانهي وئي ڪست منجهان ڪاهي

راجا کي روبرو، بيٺي ٻانهي ٻڌائي

ته پارس کڻي ويو پَٽ مان، اسان کان ويو چوري چٽائي

هو ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، جنهن ڇڏيو تخت سڄو تائي

ته ستئي ويهو وڃي سُڃ ۾، جان ڏيو مون کي ملڪيت موٽائي

هن کان گناهه ٿيو، گل محمد چئي، بيٺي بديون بخشائي

هُن ڇڏيون لوڌي لڏائي، تڏهن وڃي ويٺيون ڪنڌيءَ پاسي ڪاڪ جي.

10- ڪنڌي پاسي ڪاڪ جي، وڃي بازي بنائِي

کڻائي کوهه کريب جا، اتي جاءِ به جوڙائِي

ڪئين قريب ڪيترا، اتي اٽڪل اٽڪائِي

شينهن شِريب ڪيترا، بيهاريائين ٻاهر ٻيلائِي

چيٽا، چراخ ڪيترا، ڪن روجهه به رِيائِي

ٻڌي ڌڌڪارون ديئنِ جون، ڏس واسينگن وڌائِي

اتي ناتر بيهاريائين نازن سان، در مٿي دائِي

سُڻيو هاڪ هليا اچن، ڪي عاشق اتاِئي

سليمان نالي سامي، جنهن ٿي حڪومت هلائِي

جڏهن چڙهيو منهن مومل جي، ڇڏيائينس کريب سان کائِي

اتي ٻاهر ٻانهي نڪتي، در مٿي دائي

ته مهماني مومل جي، آئِين خان وڃو کائي

گهوڙا گهوٽن هٿ ۾، هو رَند وٺي ٿيا راهي

ته، ربّ بچائي انهيءَ رن کان، آهي آفت الاهي

بيٺي گم ڪري، گل محمد چئي، اها نتر نڀائي

هن کي مور چيو”مائي“ موٽيو وڃن ملڪ تي.

11- موٽيو وڃن ملڪ تي، گهوٽ ڪاهيو گهوڙا

جَن کي آنّ نه وڻيو آدمي، سي سُڪي ٿيا سوڙها

اها اٿو ڪونج ڌڃاڻي ڪاڪ جي، وجهي ورهين وڇوڙا

جن ريجهايو پنهنجي ربّ کي، تن مردن تي آهن ميڙا

ڪير ڪندو هن ڪاڪ تي، جنگيون ۽ جهيڙا منهن

منهن ڏسڻ مومل جو ويا شاهه سڪندر جهڙا

انهيءَ گُجر سڀئي گم ڪيو، ڏيو ڀِٽُن کي ڀيڙا

مومل ماڻهن سان ٿي قول ڪري ڪهڙا

جيڪو بچائيندو پنهنجي بدن کي، تنهن لاءِ آهن ماکيون ۽ ميوا

جيڪو توائي ٿيندو، انهيءَ تڙ تان، تن سان ڪندي نتر نِبيرا

خطائون بخشين کوسي، کي اُڪارين ٻاجهه سندا ٻيڙآ

انهيءَ مومل وٽ ميڙا، ٿيندا مردن جا ميدان ۾

12- مومل اُهائي ملڪ ۾، جا موليٰ ڪئي مشهور

انهيءَ کاڻي کوهه کپائيا، گهايل پائي گهُور

ڪئين پير، ڪئين فقير، ڪئين اوليا، ڪئين انبياءَ ويا، دانَهه ڪنهن دستور

ڪئين غوث، ڪئين قُطبَ، ڪئين نبي، ڪئين نوراني ويا هليا منجهه حضور

ڪئين، سامي، ڪئين سما، ڪئين سومرا، ڪئين دودا، ڪئين دهننُور

ڪئين عاشق، ڪئين معشوق، ڪئين حاڪم ڇڏي حڪومتون، سي ڌڱ لٽيا ڌُوڙ

ڪئين لقمان، ڪئين حڪيم، ڪئين ڊاڪٽر ويا موت ڪري منظور

اِنهين کاڻِي کپايا، کوسو چئي، اُتي پَتڻ ڀري بيٺو پُور

عقل، مت شعور، سڀئي بيٺي گجر گم ڪري.

13- سڀئي بيٺي گجر گم ڪري، سُڻي عورت همير

راڻا گهڻا هئا راڄ ۾، وڏا سي به وزير

’ڏونئر ڀٽي‘، ’سينهڙو ڌماچِي‘، ساڻن سُرت سڌير

ڇڏي شوق شڪار جو، رکيو حرص همير

رات پيئي هين رڻ ۾، جنهن جو پردو راهيو پير [3]

گهوٽ ڪاهي گهوڙن کي، قابو ٺوڪي ويٺا ڪير

اتي کنوڻين خوب خوشيون ڪيون، اُتر پاسي اسير

راڻي ڏسي رَمل ۾، چيو پاڻ وزير:

”اِها اٿوَ ڪونج ڌڃاڻي ڪاڪ جي، جيڪا مومل سُڄي ٿي مير

اِهو آهي تجلو تنهن جو، ٿي لُڏي هندورن منجهه هير“

تڏهن ڪري چوياري پاڻ ۾، ڪئي مصلحت مير

هلي ماڻيون انهين مومل کي، جيڪا سُڄي سُرت سڌير

سامي گڏيو هون واٽ ۾، جنهن کان پڇيو هو ته همير:

ته، ڪٿاهين اچين ٿو ڪاپڙي، ڦيريدار فقير؟

چئي، آءٌ ڪڪوريل آهيان انهيءَ ڪاڪ جو، مون ڇڏيا گهوڙا گهوٽ وزير

غافل نه ٿيءُ، گل محمد چئي، متان لکيل هوءِ خاڪو خمير

انهيءَ مومل وٽان مير، ماڳهين موٽيو ڪونڪو.

14- ڪري آس الله جي، اوٿيا شوق منجهان شير

ڪاهي آيا ڪاڪ تي، مانجهي مَلَ مٿير

تهدل لٿا اچي تڙ تي، سانجهي وير سوير

دائي نڪتي در اڳيان، پانهه ڀري پير

دائي دِلو ڪڇ ۾، بيٺي ٻانهي کائي ٻير

تنهن کان راڻي پڇيو رمز ۾، تون ڪامڻ آهين ڪير؟

چئي: دائي آهيان تنهن جي در جي، جنهن جو واٽهڙن سان وير

پاڻي ڀري موٽي پوئتي، دم نه ترسي دير

تنهن کان هُتي مومل پڇيو ته، ڇو دائي لاتئي دير؟

چئي: مرد ڏٺا اٿم، مسافر آهن، آڏا سندن ڀير

پاءُ نه چائين پاڻ کي، بيٺا سڀ سڏائين سير

هڪ رت ڦِريل روبرو ڏٺم، جو ويهي وٺندو وير

البت اک ۾ آهيس فائق اهو ئي ڦير

تڏهن مومل چيو سومل کي، هي ڪامل آيا ڪير؟

چيائين، پاڻ وٽ به مرون مستانا آهن، شوق منجهان شير

گينڊا، ڳورپٽ، ڳورنهايون، بيٺا واڳون وٺن وير

شينهن، شِريبَ ڪيترا، آهن چيٽا چؤڦير

ڊڄي اُن جي ڊاءِ کان هت نه ايندا هير

اهو گس وٺيو ويندا، گل محمد چئي، ساڳيا ڏسيو پير

پوءِ اُن مومل وٽ مٿير، ڪَئِين سَئين خان کپي ويا.


[1]. هي روايت ٿرپارڪر(تعلقي مٺي) مان رائچند کان ملي.

سليمان پٽ محراب ڪورائي، ويٺل ڳوٺ ٻڍو خان ۽ شاهو خان ڪورائي، تعلقو سامارو، اصل صوفي فقير کان ٻن ميلن جي پنڌ تي ويٺل هو. 1928ع ڌاري زمين جي سٺي تي لڏي اچي موجوده هنڌ تي ويٺو. فقير صاحب1834ع ۾ ڄائو، سليمان فقير جون صحبتون محمد عالم ڏيرو ڀِٽ وارو، جيوڻ نون، منٺار فقير راڄڙ، پير فضل علي شاهه  ساڱري وارو ۽ محمد فقير کٽياڻ سان ٿينديون هيون.فضل علي شاهه وٽ شعر چوڻ شروع ڪيائين. اُن وقت سندس عمر پنجاهه ورهيه هئي. سنه 1945ع ۾ وفات ڪيائين.

[2] . هي روايت سگهڙ دُوري اوٺي (ويٺل ساڌپور، ضلعو ٺٽو) کان 7 فيبروري 1962ع تي قلمبند ڪئي ويئي.

گل محمد پٽ احمد خان بُليلاڻي کوسو، کوسن جي ڪيٽي لڳ ”گُگهه مڪان“ ديهه سکپور، تپو منارڪي، تعلقو جاتي جو ويٺل هو. سٺ- ستر ورهين جي عمر ۾ سنه 1955ع ڌاري گذاري ويو. اڻپڙهيل هو، ۽ پوليس کاتي ۾ نوڪري هيس.

[3] . راهيو- رهائيو

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org