سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :13

- تڏهن شِرجِي اٿيو شينهڙو، کڻي خان خنجر

چئني ۾ چَڙهندي هو، ڪوپو قداور[1]

چيلهه سنهي، مُنهن موڪرو، سگهو جوان سبر

مور مڪري مرڪڻو، اڻگيلو اڻٽر

وجهي سنج سنجاف تي، آيو جُڙي جوان جوهر

سورهيه سرخي چڙهيو، گوڙ ڪري گوهر[2]

گهوڙو گهٽيءَ کان هليو، ڪاهي ڪاريگر

هَسَندو هاهُرَندو وڃي ڪُڏندو ڪبوتر

گوليءَ ڪَڍ گڏيو وڃي، زودئون زوراور

اچي خان انهي خاني رسيو، جت مرن جو محشر

ڪَل چُري، ڪڙڪو ٿيو، متي ڌم ڌچر

ڌڌڪا ڌيمن جا ٿيا، جيئن اُڀ گجي ازگر

ڌوڌٽ پسي دهليو، بانڪو بيخبر

ناتر ويس نڪري، جيئن نر ڀڄي ناهر

بيٺو بدحواس ٿي، بخت ڇڏيس بانور

وٿ وڃڻ جي نه لڀي، ٿيس اڻانگو اوڪر

مٿئون آبر اوندهه جو، هيٺئون جارو جر

مالهيو مرن سان وڃي، ڪريو ڪل ڪپر

لاڙي لانگ لهي پيو، نيزو کوڙي نر[3]

جانچي جانارن ڏسي، دهڪي ڳولي در[4]

اچي ڪين عقل ۾، تانگهه تنهين جو تر

مٿا هڻي موٽيو، نهنڊون ڏيئي نينگر

چي: گهوريون کٽون کاڻي جون گهوريو سندس گهر

 هي کُهي کٽندو ڪونڪو، توڙي هوءِ تونگر[5]

سو مڙي موٽيو پوئتي، سِڌ وٺي ساجهر

وڃي هليو واوَ جان، جيئن ڇٽڪي باز بحر

پير پَٽي تي نه ڏئي، رؤ بنا رهبر

دم تنهن دلاور، اچي ساجهر سنگتين کي مليو

39- شير ته شينهڙي کان پڇيو، سوڍي هڪ سوال

ته ”ڪر پوڙي پانهنجو، اسان سان احوال

ستت آئين سگهڙو، تون ڀي حال في الحال

سڀ اچو ٿا سهڪندا، وهلو ڪيو وصال

شايد گڏيو ڀر ۾، ڪنهن بهاني برحال

ڪِ ڀڄي آئين ڀيڻ ڪري، ترت رساڻي تال

ڌرم واري ڌي اٿو، ڪهڙو پيو اٿو ڪال

پاپ وسايو پاڻ تي، ڀاڀي جو بنبال

سُڌيري سرحال! چئو ته چهرائي ٿئي.“[6]

40- چئي:”ڪريان ڪهڙي اوهان سان، حالئون حقيقت

ماڻڻ مشڪل مينڌرا! آهي ڪاڪ وڏي ڪثرت

ڪانه ڏٺي سين ڪاٿهين، هڏ اهڙي حرڪت

مس بچيو آهيان موت کان، باري جي برڪت

ڪڍي آندو قيد مون، مون کي ڪنهن قسمت[7]

مٿو ناهي مرن جو، ٻيو جو وهي جافت

بس نه بلائن کي، ڪا ڦوڪن ري فرحت

راتيان ڏينهان رڃ ۾، ڪن جو راڻا جلوَت[8]

ساڙي سَوَن کي وجهي، جي اُٿي هڪ آفت

وڃڻ اهڙي ويڙ ۾، هاءِ گهڻي هيبت

واٽ بيگاني بڇڙي، نحس تِکي نافت

سوري ڀلي سرنگهه کان، قبر، قيامت

مرڻ هن مراد سان آهي، شَهه گهڻي شُهرت[9]

ڪَش آئي ٿَوَ ڪهڙي، ان رن منجهون راحت

ڪڃ ڪرائي ڪهڙا رنگ روها رڃ رت

کڏ ۾ کاڻي جي پوي، سوڀيا ۽ صورت

ڇُرڙ ڇتي ڇا ڪبي، زال جهڙي زحمت

پُکي ڪنهن جي نه پوي، شل اهڙي علامت

اِنهَون اُتم اسان کي سوڍيون ملن ست

جيئرا آهيون جاءِ تي اڃان سڀئي سلامت

رب رکيا آهيون رن کان، مس ڏيئي مهلت

هاڻ سنبت سگهيري ڪيو ڪا موٽڻ جي مصلحت

نه ته صبح سپارت، هت پسندؤ هيتري!“

41- سورهيه سڻائسي جڏهن، ٽئين اها ٽيهر

سڀ سڻي سرهو ٿيو، کُتي خان خبر[10]

کڻي خنجر خوش ٿيو، سوڍو ڇنڊي سپر

سڀني سورهيه ڏي ڏٺو، ڪري نيڪ نظر

ڪُلِجِهي ڪؤڙا ٿيا، ورتا زور زهر

ٽنهين ماريِ ٽامڻي، ڏاڍي کان ڏمر

لُجهن ڪُلجهن ڪينڪي، وين ڄَراٽي ڄر

پهري پٺيرا ٿيا، ڪَٽاريون ڪَهبر

سڏيو سوڍي کي چون، هٿ کنيو هرهر:

”اٿي هل اسان سان ، ٿا ٻولايونءِ ٻيهر

راڻا ٽِڪ نه رُڃ ۾، سُڃ جا ڇڏ سفر

مرون ماريندءِ مينڌرا، بن هڻي باندر

ماس کائيندءِ بي مَتيا، نانگ ڀٽون ناهر

ڪڏهن ڪندو ڪونڪو، اسان مئون اپٽر

ڪاڻا مُڙين ٿو ڪينڪي، ياد ڪندين سو يَر![11]

هاڻ الله توهر، اٿئي اسان جي ايتري.“

42- ائين اٿي هليا، لڏي لوءِ لٻر

سڏي سڀني کي چيو، دم تنهن دلاور:

ته ”هيئن نه هلڻ جي ڪريو، اهڙي اٻاهر

ترسو تسليٰ ڪريو، دير وٺو دلبر

آءٌ ڀي اوهان جان وڃي حال پَسان هيڪر

مَٽ سَٽ سڀيئي ٿيون، پوئين گهاءِ پچر

تِر نه اتي ترسجئو پڃاڻا تنهن پر

چڙهيا چاريئي هلون، جملو ڪيون جيڪر

ڏينهڪ وڃي پنهنجا ڏسون شرم شهر“

پوءِ اهڙي سان آڌر، ڏيئي ٽهڪ ٽِڪي پيا.

43- ڏيئي ٽهڪ ٽِڪي پيا، ننگ ڳڻي نينگر

ته ناتر اچي نڪتي، گهور ڪري ڏونہ گهر

چيائينِ چٽو ڪري، چست چڱيان چؤ ٿر[12]

ته ”آهيو گوساڪڙ گيتلا، ڪي گِلافي گوهيرَ

اوهان جي اندر جي، ڪانه پوي ٿي ڪر

هاڻ ڇڏي پاند پچر، اچو يا اُٿلي وڃو.“

44- تڏهن سوڍو اٿيو سنبري، ڪوپو ساهي ڪر

سنڀاليو سبحان کي، ٿو پاڪ مڱي پاکر

ته ”مُهت ڏيارج مون ڌڻي، آهيان تو آڌر

هاڻي هڪجيڏن ۾، منهنجي پت رکج پرور!“

سوناميون نيري تي چڙهيو، ڪري الله توهر

سورهيه گهِڙيو سرنگهه ۾، آهر اَلاهر

لکڻي نينهن نصيب جي آهي ڪانه ڪنهين کي ڪر

پر لکيا هئا، حفيظ چئي، آگي انگ اکر

سو عاشق امارو ڪري، اُٿلي پاس اُتر

هليو حشمت سان وڃي، تڪڙو ڏانهن تجر

آّخر اُتي رسيو، جِت ڀئو سندي ڀُلڪر

ڪَل چُري، ڪڙڪو ٿيو، متا ڌم ڌچر

ڪرڳل ڪَن ڪڍي وڌا، ٿيا چهچٽا چئوڌر

ڪَل ڪنهن جي ڪانه پوي، ڪڙڪي کانءِ خبر

نامِيي نظر نه اچي، وَسون ڪا ويجهر

شينهنِ شهه گوشنِ جي، ٿي دور پوي ڌڌڪر

چٻن، چيٽن، چراخن جي پئي ڪوهه مٿي ڪوڪر

راڙيون رڇن جون ٿيون، هاٻا، هل، حشر

ڪيهر، ٻيلائي ڪيترا، ڪَن گروڙيون گينور

ممون، ڳوهون، ڳورپٽ، ٻيا ڀٽون ڀيڻي ڀر

گرگ، گدڙ، ڀولڙا، ويڙهي ويس ولر

ڦوڪون ڏين فراق مان، کنيو ڪاريهر ڪر

ٻيا ٻاڪارين ٻاهرئون، جَر جا جناور

بحر بلائون بڇڙيون، آفتون ازگر

مڇ، مانگر، موريون گهڻيون، پئي پکين جي به پُڪر

ٻهون گهُمن ٻلهڻيون، ساڻ تنهين سيسر

واڳن وات وڏا پٽيا، ڪڍيا واسينگن ور

واٽ وڃڻ جي نه لڀي، پيا پکڙي کوڙ کپر

ڳَڻ ڳاڻيٽي نه اچن، ليکي منجهه لشڪر.

تڏهن ٻهڳڻ ٻانهي کي، ڪيو سٽي سڳين ڀر

پر بانڪو ڪِريو باهُڙي، اُن هاسي ۾ هيڪر

۽ گولي ويس گم ٿي، نڪري کانءُ نظر

پَئُن سٽ پيرن ڀر، اٿي خان کڙو ٿيو.

45- اٿي خان کڙو ٿيو، ڪري ڪنڌ اڇل

ڪامل ڪپر تي چڙهي، نهاريو نرمل

سوڍي سوپاري هنئي، جودئون مٿي جل

سا ڪڙڪي ڪائي تي پئي، جيئن کڙڪو ڪري کل

تڏ مينڌري معلوم ٿيا، ويڙهه وڪڙ سڀ ول

گهوٽ وٺي گهوڙو گهڙيو، ڪري سو ڪئونتل

ڪاهي ويو ڪاڪ تي، مير کڻي منزل

کوڙيا نيزا نينهن جا، تنهن آڻي اڱڻ جهل

ڪري گهور گهڙي پيو، مانجهي منجهه محل

منڌ ڏني مهمان کي، کڻي هٿ هڪل

ته، ”ويهه ٿهمرجي ٿانَ تي، هيڏي ڪرم هل.“

تان ڀي ترسيو ڪينڪي، ڪين پليو ڪنهن پل[13]

هنيو ٻانهن هليو وڃي دانَهه ساڻ دخل

هُن ڀي ساز سنوان ڪيا، تنهين وير طبل

پر خان کامائِي کٽ تي، چست چڙهي چئنچل

بيهي بلحذير جون ويون ارڏايون انگل

سا سُڪ وٺي سوگهي ڪئي، رمز هڻي راڻل

هن جي، حفيظ چئي، وڃي توڙ رسي توڪل[14]

وير ڪڍي ول ڇل، ماري ويٺس مينڌرو

46- ول ڇل ويس وسري، ترت منجهارون تار

مومل جي ماڙيءَ کي، چٽساليون چؤڌار

بنگلو بَقَم بَنات جو، جوڙ وڏي جنسار[15]

در چندن جا چيروان، جڙيا جال جنوهار

سو سڱ پسي سرهو ٿيو، کٽي ڪانڌ ڪنوار

کٽيءَ مون ڪونه کٽي، بنا امر اختيار

پر هن جي حفيظو چئي، توڪل هئي تار

سوڍل ساڻ سنگهار، مر موجون ماڻي مينڌرو

47- مومل مهاري ۾ ٿي لاهي ڇير ڇڳير[16]

گفتگو ڪري گهَرا ٿيا، ڀانءِ سيباڻنِ ڀير

ڳل ڳرهيائون ڳالهڙيون، چٽيون تير پَتير

پوءِ اٿي اسپ سوار ٿيو، پانَوُ پوئين پير

کسي منڌ ملوڪ کئون شور وجهي شمشير

ته،”مون کي ماڙي ۾ ڇڏيو، وڃيين ڪهڙي وير!

پاڻ مارينديس پانهنجو، جي دم ڪندين هڪ دير

ڪانڌي ٿيندم ڪير، جي تو ري مرنديس مينڌرا!“

48- چئي، ”موٽي ايندس تو مَڻي، دم نه ٿيءُ دلگير

اسان تنهنجي عده ۾ آ وچئون وڏو پير

ٻاهر ٻن ڄڻن سان، آهي ويٺو منهنجو مير

ذات سڏائي سومرو، حاڪم نانءُ همير

آءُ انهين جي اڳيان آهيان وڏو وزير

تڏ ٿِينُم ساهه سڌير، جڏ اماڻي ان کي اچان.“

49- پوءِ موڪلائي مومل کان، هليو ڇوهه منجهاءُ

جوان آيو تنهن جاءِ تي، دانَههُ کَٽي داءُ

رَين وهاڻِيءَ راءُ، اچي سوڍو سنگتين سان گڏيو.

50- تڏ پڇيو مير ملوڪ کان، ذاتي تاب طفيل:

”ڪيئن هئين، ڪاٿي هئين، ڪيُئي ايڏي سا اويل![17]

ڪري آئين ڪاڪ تي متان مومل سان مُنهن- ميل

ڪاڻا آهين ڪُپَتيو، ڪرين کريبتون کيل

تينِ دُور دلِيلَ، کُل ته ڪا خبر پوي.“[18]

51- تڏهن ڪري سُڻايئين مير کي، ڪوڙي هيءَ ڪَهات:

”کُههِ مومل، کُههِ مامرو، کُههِ ظالماڻي ذاتِ

بيوَس پيم بر ۾، روهن جيڏي رات[19]

سَٽون ڏيندي سرنگهه ۾ پرهه ڦُٽي پرڀات

نڪو جنبڻ جرکئون، نڪا بلائن بات

نڪو ننگ اسان جو، نڪي ذات زمات

جيترو هوندس جيئرو، وائي ڪندس نه وات

هاڻي ٻي نه ٻوليو بات، موٽو تان موٽي هلون.“

52- پوءِ کِينءَ ۾ کڻي هليا، خَير صَلح سان خان

آيا عمرڪوٽ ۾، پنهنجي جاءِ جوان

اچي وسايَئون پانهنجا، اصل جا آستان

پئي ڪَل ڪنهين کي ڪانه، ته مومل ماڻي مينڌري.

53- پر هُڻ- تُڻ ٿي همير کي تنهن کئون پوءِ تمام

غازي کي غيرت جو ٿيو سوڍي ڏَنہُ سرسام

سالِڪ سُڌ سهي ڪئي، ڄاڻي ويٺو ڄام

ڪونڌ ڪچهري نه ڪري، توڙ نه کائي طعام

پايو وتي پيٽ ۾ مومل لاءِ ماتام

رُخ نه راڻي کي ڏئي، اڳينءَ روءِ، رغام[20]

سوڍي جو سلام، مورنه وٺي مُنهن تي.

54- جهليون مهميزون مينڌري هُيون هڪ ڄڻي

حاڪم اڳيئون هيڪڙو، ڪيئن مَرڪِي هام هڻي

نڪا جاڳهه جنگ جي، نڪا بازي هِت بڻي

آيو جَريدو جاءِ تي، ويٺو مير مڻي[21]

عرض ڪيائين هٿ ٻڌي، اها ڳالهه ڳڻي

ته: ”سائين لک لڦڙاٽ ڪيم، ڊنس ڊاءِ گهڻي

پر هاريو هٿ نه پوي، نڪي ڏُڌو کير ٿڻين

تون تان انهين تات کي، اڃا پيو تَڻين

آءٌ سَلي سڀ سچي ڪَيان، جي قبلا قسم کڻين

هاڻي جيڪا تو وڻي، مون ته مَٺايون ڪيون.“

55- سُڻي مذڪور ملوڪ جو، غير ڪڍيو غازي

توبهه تائب سو ٿيو، هن جي عجز سُڻي آزي

پوءِ قدر ڳڻي ڪمزور کي تنهن چئي حقيقت هي

ته: ”سوڍل! توسان سگهڙو سر چايس سچي

ڪڏهن ڪندس ڪينڪي، تنهنجي ڪَنَ ڪچي

مِهري مثل ماهه جي، توڙي ڪامڻ هُئي قوي

ته به مومل منهنجي مينڌرا! آهي ڌرم هٿيڪي ڌي

پر لهي جوکو جِي، جي هيڪر هوند هلي ڏسان.“

56- عاشق کي اعتبار ٿيو، ويس اندر مئون اُڻ- تُڻ

تنهن تي وري وير کي لڳو ٻيهر ايئن آکڻ[22]

ته:”هڪڙو عرض اسان جو تون صاحب ليکي سڻ[23]

گهُري ڌنارا ڪپڙا، تونخان وٺي ڪي کڻ

هُجي ڪانچ هيٺ تي، ۽ مٿي سان بوڇڻ

ڏانگ هجي ڀل هٿ ۾، تون بيک انهين ۾ بڻ

تِهان پڄاڻا پڻ، آءٌ مومل تو ڏيکاريان.“[24]

57- اهي مڙئي مير منظور ڪيا، طعنا تاب طويل

آسُرِ چڙهيا اُٺ تي، ٻهڳڻ ٻئي ٻيلهه

وڃي سهڙيا سرنگهه ۾ ساجهر ويل سويل

اتي لهي اُٺ تؤن، ڪيو سخن سچو سرخيل[25]

ڪوجها ڪيائين ڪپڙا، لاهي تيل ڦُليل

هليو حفيظو چئي، پيرين ڪري پيل

وٺيو وڃي واڳ کي، اڳ ۾ ڪيو آليل

ڪاهي رسيا ڪاڪ کي، وڃي وڏيءَ ويل

ڪري مومل سان مُنهن ميل، آڻي اُٺ جهڪايئون اڳئون.

58- سوڍو صندل تي چڙهيو، پلنگين رکي پير

ويٺو مير موڙي تي، رکي شڪيبت شير[26]

مومل پڇيس: ”مينڌرا! هيءُ ڪنجڪي آندءِ ڪير[27]

نڪي جوان جتن مئون، نڪي فقيري ڀير

اچي وڏي اقبال ٿو، ديکڻ منجهه دلير

آهي سکر ڇڳير، ڪو عقل جهڙو آدمي!.“[28]

59- تڏهن مُرڪي چيس مينڌري، اتي حال في الحا

ته هي ميهر آهي منهنجو، بنهه کرو برحال[29]

خاصو خذمت ۾ رهي، ٿو ميو چاري مال

نپايوسون ننڍو  ڪري، سندو ٻانهي ٻال

لڱين اهڙولال، تيلانهين آهي تڏهين.“

60- پوءِ مومل ميهر کي چيو:”ميان مينهن ته ڏهي ڏي.“

مور ڏهڻ مينهن جو هو ڪونه ڏٺو ڪاٿي

مشڪل ڪم ميهار جو اچي بيٺو مير مٿي

سو مڳ نه اٿي مينهن ڏي، ويٺو ڪَٿ ڪَٿي

آيس رت هٿن ۾، ٻي لايس کهر کٿي

سالڪ سج لٿي، مس مس مينهن ڏهي اٿيو.

61- ويٺي وريامن کي، سومهڻي ڀي گذري

من ۾ ويا مير کي، ٻيڻا مچ ٻري

ڪڇي پڇي ڪينڪي، سگهي ڪين سري

پسي حور پري، لڳس ڏند چپن سان.

62- ڏسي مير مومل کي، پيو وڏي وِير وِڪُر[30]

ڳجهي ڳرهي ڳالهڙي ويٺو عشق اندر

دانهه دم دم ۾ ڪئي ايءَ پروڙ پچر

ته: مونکي مومل کؤن منڊيون ڪنهن عهد جي اوسر

هڏ نه هوندي ههڙي ڪا حورن ۾ هيڪر

سؤ سوڍيون صدقي  ڪجن، هن جي پيرن جي پادر

مارائڻ مون ٺهن ها، هت لک گهوڙا لشڪر

ڪيڏي ڪوڙائي ڪئي، هن ڪميڻي ڪافر

جيئرو سو جيڪر، هيئن نه ڇڏجي هن کي.

63- ڪافر ڪن کڙا ڪيا، ٻڌي اها اپٽر

مَٽيو ڏٺائين مير کي، ڪَهليو ڪاريگر[31]

اتي چڙهيو اُٺ تي، دانهن لاهي در

ڪيائين الله توهر، موڪلائي مومل کان

64- موڪلائي مومل کان، موٽيو وير وري

ڪجهه نه ٽڪيو ڪاڪ تي، ٻڌي بات بري

هينئڙي منجهه حفيظ چئي، هيبت ويس هري

هليو وٺي همير کي، پوئين پير پُري

ورتا گهوٽ گهُري، خطرا خوب خوشيءَ سان.

65- سرنگهه لنگهي سولا ٿيا چست وٺي چارو

راڻي مٿون راهه ۾ اچي مير رکيو مارو

جاڙون جيڏي جون ڏسي، ٿيو ڪهلجي ڪارو

کَنڀي کنيائينس اٺ تي ڪري ڪاڻيارو

لَڏيو وڃي لڙڪندو پٺيءَ پاسيارو

وٺي ويچارو، نئي ڪامل وڌو قيد ۾

66- قابو سو ڪوٺين ۾ هيو سالڪ راتيون ست

ڪامڻ ڌي ڪبير جي، هئي سوڍي سان صورت

سا هئي گهر همير جي، محلن ۾ مورت

ٻيا ڀي گهر گهڻا هئس پنهنجي پڄندي ڏونهه پاهت

پر سڀني ۾ سرتاج هئي، آهلن ۾ عورت

مير اڳيون مقبول هئي، شان وڏي شوڪت

خوش ٿيو خان خيال ۾ ڪري سوڍيءَ سان صحبت

تنهن سندايو سلطان کي، رکي جيءَ رغبت

ته: جهڄان، جهلي نه سگهان، تو حاڪم جي هيبت

الله لڳ اسان جي تون آگا رک عقبت

ڀَلا منهنجي ڀاءُ تي، ڪر مارڻ ڏونہ مهلت

تون شير ڪرين شفقت، ته مون تان مونجهارو لهي.“

67- تڏهن سخن سوڍيءَ سان ڪيو، حاڪم وري هي

ته”ٻائي! ٻُجهارت منهنجي آهه پَڪي پائي

سا رجوع ڪندس راڻي کي، آءٌ صبح سڏائي

پوءِ ايندءِ ڦاهي، جي ڀَڳئين تان ڀاڻهين ڇٽو.“

68- زبر ظالم جو ٻڌي، سُڪي ويس سرير

ننڊ نه آئي نار کي، نيڻين هاريئين نير

رات وهامي ڏينهن ٿيو، وڳڙي اٿيو وير

ڪڍي آيس قيد مئون، هٿن ساڻ همير

ٻُجهارت ٻُڌل کي ٿو مَرڪيو ڏئي مير

ته” چُنيءَ آيو چير، سو ڏٺم پنهنجي ڏانوَ ۾.“

69- ٻُڌي ٻجهارت خوش ٿيو، بات سڻي بندگير

پتو ڏنس پڪ جو، پُرس سنڀالي پير

ته” تون ٿي راحت رسئين، ٻالڪ مڱيو کير

چاڪ چُنيءَ کي چير، تيڏانهن آيو تڪڙو.“

70- تڏهن کلي ڏنائين، خوش ٿيو، سِڌا پار سڻي

ڪڍي قيدن مؤن ڪَيَئينس اڳينءَ خوءِ کڻي

سوڍي کي ساهه پيو، لٿيس اوکي آڻي

تنهن ڏنس عزت آبرو اڳئين کان بهڻي

اصل عشاقن کئون، ناهي ڌار ڌڻي

توڙ رسائي تن کي، جن اهڙي ڳالهه ڳڻي

هن جو، حفيظو چئي، ويو باري بخت بڻي

مومل منڌ مجاز جي، ڪئي پور پڻي

ماڻي ويٺس مينڌرو، ٻهڳڻ ڦاڻ هڻي

ويڙس وٽ وڻي، سوڍي جي ساءَ جي.[32]

71- سوڍي جي ساءَ جي جڙ لڳس جائي

آپر آر عشق جي، ڪامڻ ڪَهڪائي

ويڙهه سندي وائي، مور مٽايس مينڌري

72- مور مٽايس مينڌري، زاري کانءِ زبان

عشق هڻي عريان ڪئي، نسوري نادان

باقي لڳيس برهه جون بيحد بڻڇون بان

پوءِ ته سارڻ سُود جي، ڪَل رکيائين ڪانه

ٻڌي جڳ جهان، ته مومل ماڻي مينڌري.

73- مومل ماڻي مينڌري، انهيءَ پر پري

حڪايت، حفيظ چئي، هي خبر آهه کري

ويندو هو وري، راڻو رهي راتڙي

74- راڻو رهي ٿو راتڙي، اها ٻڌي ڳالهه ڪبير[33]

نُهن کان نيشانيون وٺي، واچيون وَرنهه وير

پرکي پاڻي ڪاڪ جو، پيس سنسو منجهه سرير

تنهن جلدئون جت سڏائيا، تاب رکي تقصيرد

ته”سليو ڳالهه، سچي ڪريو ته ٿيو اوٺي سڀ امير

ڏسيو سا تدبير، ڪيئن راڻو وڃي ٿو رات کي.“

75- جتن ڪئي جوان جي، خبر هيءَ کري

ته”عاشق وڃي اُٺ تي، ٽئين پهر ٽري

ڪري اسان سان ڪانه ٿو، ظاهر ڪا ذري

وڳ جي پاس وري، ٿي اچي اُٺِ اسر جو.“

76- تڏ گانڊو اُٺِ گُڏائي کَڏِ ڪَرائي خامَ

سوڍو آيو سنبهي، انهيءَ تي انجام

اٺ نه ڏٺي وڳ ۾، تنهين وير وريام

سالڪ سڏ وڏا ڪيا، جتن پاسي جام

پر جَت ڀڄي ويا جُوءِ مان ڇڏي هنڌ حرام

تڏ ٻَڌو ٻوڙي جَت کي، هاڙهي ساڻ حڪام

چيس تنهن چٽو ڪري، ماڳ پروڙي مام

ته: ”اُٺ ڪُهي قتلام ڪئي، بابي تو بدنام.

ڪَري من ڪلام، جو توڏو آهي تنهن سندو.“

77- تت وڌي مهار ميي کي، هاتڪ هڻي هام

طرحين تعظيمون ڪري، توڏي کي تمام:

”چندن چاريانءَ ڪاڪ جا، لاڙي لونگن لام

گل، ميوا، وڻ، وليون، ڪريانءِ آڏو سڀ انعام

داڻا ڏيانءَ، دُهرا، راتِب رڌي طعام

پورا ڪر پيغام، منهنجا جي مومل سان.“

78- پوءِ چڙهي چانگي تي هليو، ڪرهل ماري ڪام

توڏي ڀي توفيق هئي، ماءُ کؤن وَڌِ مدام

سر گورو ڀري گام، وڃي منهندان ماڙيءَ رسيو.

79- عاشق کي اُٺ کؤن وڏو، ٿيو گوري مٿي گاءُ

روز ويندو هو رات کي، چوري منجهان چاهه

ڪل پکيءَ کي نه پوي، ڪنهن ساسيءَ سر سماءِ

سگهو ايندو هو سئو ڪوهه تان، موٽي تنهن ماڳ

رات پراهون نه رهي، راڻِيءَ ٻاجهون راءُ

ڍوليو ايندو هو ڍٽ تي سوڍو وٺن ساءُ

سومل مومل ڏي مُڪي ڪري مصلحت ماءُ

ته ”وڃ وڃي لهه ڀيڻ جي حقيقت حالاءُ

ڪنهن اهڃاڻي آءُ، راڻي کي رَد ڪري.“

80- سومل سُتِي مومل سان، ڪري تال مڪار

کوٽِي خريبت سان ٿي ڀُلائي به ڀتار

ماديءَ مردانو ڍڪيو جند اُتي جنسار

هو ڀي ايندو هو اٺ تي هميشه هَسوار

هيڪل ليو هيج مان، ترت تکو تڪرار

هڪ ڏينهن ورنهه واٽ کان ٿيو منجهي منتظار

اتي آڏو آدمي ڪو منهن پيس ميهار

ڪامل پڇيو ڪاڪ جو، نانءُ وٺي نروار

ته ”مون کي ڏَس مومل جو، ڪاڏي ديس دَوار“

پر سومل سيکاري ڪيو هو تنهن کي به تيار

سو ميهر ڏنس مام ۾ پڪو تنهن جو پار

”مومل راجا نند جي، سيتل جنهن جو يار؟

اوڏي سان اظهار، اٿئي اوڀر قبلي.“

82- تڏهن ٻُڌي ٻن ڪنن سان، ٿيو ورنهه کي ويچار

غيرت غازيءَ کي، ڪيو، چت اندر چڀڪار

اُٿلي اوڏانهين هليو، ڏيل جهلي ڏهڪار

اهڙي شڪ شڪار، ڪاهي هليو ڪاڪ تي.

83- ڪاهي رسيو ڪاڪ تي، عاشق اناڙي

ڊوڙي لاٿئين در جو طاق ڀڃي تاڙي

مينڌري ماڙي، ڀولي ۾ ڀيلي ڏٺي.

84- سارَهه صاحب جي ڪجي، جنهن جي تڳائي تاري

مالڪ مَن مَدن کي بخشي بدڪاري

آگو عيبدارن تي ڪري سدا ستاري

دوستيءَ واري دل کي شل گهتي نه گهاري

ساعت تنهن ساڻي ٿئي، جو وڇوڙي واري

ستي پئي هئي سيج تي، مومل ويساري

سوڍو ويل سمن جو آيو اعتباري

پسي کٽ کٽو ٿيو، شڪيو شڪاري

ڪانڌ تي ڪامڻ تي ڪيو، حرف همواري

ڪام رکيائينس ڪڇ ۾، مام انهيءَ ماري[34]

پوءِ ڪاڪ ڪري ڪاري، موٽي ويو مينڌرو.

85- موٽي ويو مينڌرو، هليو ڀڃي هير

نازڪ جاڳي ننڊمئون، ساجهر وير سوير

ڪام لڌائين ڪانڌ جي، منجهه اوندهه منهن مير

منڌ اُٿي محلات ۾، ٻاري شمع ڇڳير

اتي ڏٺائين اٺ جا، پٽ مٿانهون پير

تڏ ڍرڪي مٿي ڍير، دانهن ڪَري ڌرتي ڪِري.

86- دانهن ڪري ڌرتيءَ ڪِري ڌڙ سر ڏڪائي

ماري ميارن سان، گهوٽ وڌي گهائي

پرين ري پاڻيءَ نه پيئي، کاڄ نڪي کائي

ويس باهه برهه جي، لنؤ لنؤ منجهه لائي

اولانڀي عشق جي، تاوَ ڏني تائي

پاڻ هٿؤن پائي، ويٺي هَرج حفيظ چئي.

87- پيس هرج، حفيظ چئي، هيءَ هٿئون هاڻي

ور وڃائي وس کئون، ويٺي ويڳاڻي

آڙهه منجهه عشق جي، ريءَ کوري کاڻي

سحر سگهي مومل جي ڄولي نه ڄاڻي

وڍيائينس وقوف سان، سنڌ سنڌ سڃاڻي

ڪنهن قصور ڪري وڌي هيءَ عاقل اياڻي

ويٺي وهاڻي، راڻي ري رَنج راتڙي.

88- ري راڻي رڙيون ڪري، ٻاڙي ٻاڪاري

ڦَٽي ڦٽ فراق جي، منڌ وڌي ماري

نيڻين سان جر جوش کئون هئي هئي ڪيو هاري

مومل نياپو موڪليس اهو ڏياري

ته ”ساهه منهنجو سپرين، توکي سوڍل ٿو ساري

آءُ پرين ڏس پاڻ ڏي ننگ نهاري

جڏي جياري، تون هيڪر وڃ حفيظ چئي.“

89- تڏهن مير به مومل ڏي مُڪو چٽو چوائي:

”آيس تو انجام تي، آءٌ اُٺ ڀي اُٺائي

ستي پيئي هئينءَ سيتل سان، پيچ وڏا پائي

هيڪر چيم هليو وڃان کنو کنوائي

پر آڻي لاحول ڪري، وَتُمِ ورائي

ڳڻي ڏٺيم ڳالهڙي، دل کي دوڙائي

ته: خواري وڙ خانن جو، جوڙ نه جڳائي

تڏه ڪام رکي مانءِ ڪڇ ۾، مام ته ملائي

ڄاڻي ڄمائي، حرف رکيو مانءِ حق جو.“

90- چئي: ”حرف اهڙي حق جو، ڪانڌ نه مون ڏي ڪر

مون ۾ ڏنگ ڏانوَ گهڻا اٿئي عيب اپر

حجت کؤن، حفيظ چئي، منهنجي توبهه آ تو در

ستي پئي هيس سومل سن، وير پئي ويسر

سڙيءَ ڪو سحر ڪيو، ولهيءَ ڪو ويتر

جاڳيس نه جاڙ ڪري، طرح انهيءَ تيتر

وهڻ مون واجب هو، تون اچين ها جيتر

ڪانڌ چوندين: ڪا بندي هيءَ ڌوتي آ ڌُوتر

پر قسم آهه ڪريم جو، آهيان سچي سرار

ناحق نانءُ نه ڌر، مري وينديسانءِ مينڌرا!“

91- چئي: ”مرڻي هُئِينءَ مام سان، انهيءَ پِڙ پئي

هٿئون ويئيه ڳالهڙيون، ٻُڌجانءِ ٻئي

مومل! مون توڏي مڪو چٽو حرف چئِي

تو پڄاڻي پانهنجي، ڪوڙي سڀ ڪئي

هاڻي هنر حرفتون، حيلا ڇڏ هَنئي

اسان دل کنئي، ڪامڻ تنهنجي ڪاڪ تان.“

92- چئي: ”ڪاڪ اٺي وڻ موريا، کليا باغ بهار

گلن گلزاريون ڪيو، ٽڙيا ڏاڙهن ڏار

توت ڦلاريا ڦاروان، ليما انب انار

ٻير، ٻهيڙا، آنوَرا، هوند پسين هيڪار

املداس، انجير ٿيا، جِيرا جرڦل ڌار

سنبل، صوف، سُوانجڙا، ليسوڙا ليار

کيٽ، کجوريون، کارڪون، باداميون بسيار

مشڪ، مساڳ ۽ آمريون، جاءِ گلن جنسار[35]

ڪنول، چنبل ڪيترا، ولين جا ولهار[36]

چؤڙ، چندن وڻ، ڪيوڙا، آسُو اڪيچار[37]

پست پَواڙين پاڻ ۾، ڪئي ڪارونڀار

ثعلب، سوپاريون، سِنجيون، ٿيا ٿوهرين ٿڌار

لونگ، لکين ڦوٽا ڦريا، ٿيا خوشبوين خنڪار

ڪيسر، ڪيسو، ڪيتڪي، کليا کٽڻهار

سورج سير سَبيل ٿيا، گلابي گلزار[38]

نرگس، ٽانگر، نازبو، ٿي حرصائي هٻڪار

بقم، بيد بهوت ٿيا، جلونتري جافار

ڊاک پڪي تون آءُ پرين، ديس وري دلدار

چهچٽا چمن ۾ گهڻا، پئي ڀؤنرن ۾ ڀڻڪار

ڳڻي ڳڻيندو ڪيترا، شاعر منجهه شمار

هاڻي وير وڍي ويچار، ٿيون هڪر هڪ ”حفيظ“ چئي.“

93- چئي: ”مومل وجهه نه مامرا، ورائي ويچار

مڪر مون معلوم ٿيا، تنهنجا تِرڪِ تار

ڪوڙ اهڙا نه ڪجن، ڀورِي ساڻ ڀتار

حرف حريفن هيڪڙو، آملوڪن ميار

توڙي منڌ مٿا ڏيين، حيلا ڪرين هزار

ته به پنڌ انهيءَ پار، موٽي منهنجو نه ٿئي.“

94- چئي؛ پنڌ ڪري پير ڀري، هڪ گهمرو هٿ آءُ

پڇي پاڙيچن کان، سارو لهه سماءَ

ڳجهه ته اهڙي ڳالهه جو، رکندو ڪونه رياءَ

خون کٿوري نا لِڪي، ڪيئن ڇپي شمس شعاع!

توکي رائو رسڻ جو، ڪنهن دشمن ڏسيو داءُ

خرنِ چئي، خيال پئي، تون سوڍا مٽ نه ساءُ

بنان حق ”حفيظ“ چئي، تون ڪر نه وير وڌاءُ

توريءَ ڀانيان ڀاءُ، آءٌ مرد سڀڪو مينڌرا.“

95- چئي: ”مومل ويهه ماٺ ڪري، اهڙا حرف مَ هل

ڪوڙ لڪائيندين ڪيترو، ڪري شرط شهل

آيس تو انجام تي، ڪُڏائي ڪَرهل

ڏٺم عيب اکين سان، مٿي کٽ خلل

ستي پئي هُئين سگهري، هڪ رئي رَليَل

پاڻ پلي هڪ پل، موٽيوسانءِ مانُ رکي.“

96- چئي: ”مان رکيئه، ميرو نه ڪيئه، عشق اهو تو آهه

قرب سڃاتئي ڪارڻي، توکي جس جڳاءِ

حق وڪيل، ”حفيظ“ چئي، ڏسي ٿو به خداءِ

آءٌ ڀي ائين نه چوان، ته ڪا مهڙ مون ڏي ناهه

راڻا رس رهاءِ، پئوڻيون ڪر نه پڌريون.“

97- چئي: ”پؤڻيون پاڻهئي پڌريون، لڄون ڪين لڪن

هارهاڙيون حرام جون، ٽِڪئي ڪين ٽڪن

سي ٿيون مرسڪن، جي حدون ڀڃڻ حق جون.“

98- چئي: ”حق جو هادي هيڪَڙو، آهي ڏاتر ڏسڻهار

منهنجي مداين جو، آهي انهيءَ کي اظهار

آءٌ ڀي ڪڏهن نه ڪريان، ڪو ٿو اڳيان تڪرار

حاصل حق، ”حفيظ“ چئي، ڪندو جلد جبار

مٿي محب مدار،آهي بار بدڪارن سندو.“

99. چئي ”باس بديون، لهه بحث تئون هٿان هوڏ وڃاءِ

حڪم ساڻ ’حفيظ‘ چئي، حُجت نه هلندياءِ

بديون سڀ بخشاءِ، پؤڻيون پائي پاند ۾.“

100- چئي: ”پرين کنيم پاڻ تي، گلائون گاهڻ

من ۾ مٺاين جا، ڇپي ٿيا ڇاهڻ

هُرن ٿيون، ”حفيظ“ چئي تائين مٿي تَڻ

ڪا پاءُ ڀايندي پاڻ ڏي، مون ۾ اٿئي مڻ

جو ڄائو سو ڄاپندو، ڄاڻي سڀڪو ڄڻ

سي سڀ صاف سڄڻ، تون ڌوئي ڪج ڌيان سان.“

101- چئي: ”صاف سٺو سودو جڏهن جڳ وَتو جاٿون[39]

ڪين وِهايو ويسلي تو تڏهن تاٿون

تو ويٺي وڻجي ويون وري سڀ وٿون[40]

هاڻي ٿي حيلا ڪرين، جڏهن ويَئه هاج هٿون

جيڪي ڪن ڪٿون، سي مر لوڙن لوڪ ۾.“

102- چئي: ”لالڻ! لوڙي مرلنگهان، پنهنجا پرڪاڻا

هٿان ٿيم”حفيظ“ چئي، ڪَچا ڪماڻا[41]

مون نه پروڙيون مام کي، تون رٺين ڪيئن راڻا

پرين تو پرچاءِ جي، نه ساعت سڃاڻا

تنهنجي پُور پڻي ڪئي، دل سَڻي دانا

سوڍل سياڻا، ڪر معاف مدايون مون سنديون.“

103- چئي: ”مدائي جو من ۾، منڊيون جن مڪر

ڪوڙ ڪڍنديون ڪينڪي، وس لڳندي ور

ويندو ڪين وجود مان تني جي تڪبر

مت سکن سي مر، جي ڪن ڪوڙائي ڪانڌ سان.“

104- چئي: ”ڪانڌ وتان ٿي ڪور تي، تو آهَر تَرندي

ڪَچو ڪارڻ قوت جي، چِڪ چِلُڙ چَرندي

اها هوڏ، حفيظ چئي، نيٺ ته نبرندي

سوڍل تو سرندي، مون مئي سڻندين مينڌرا.“

105- چئي: ”مرندو پنهنجي مرڻي، هِتڙي هرڪوئي

جو ڄائو، جو ڄاپندو، ڄاڻي سڀڪوئي

اها تال ڦٻيو توئي اسان آڳ ڦٽي ڪئي.“

106- چئي: ”آڳ رکي آٽُون ڀڃين، عذر ٿو آڻي

وئي ڳالهه وجود مئون، ٿو هٿ رکين هاڻي

رکي حرف، حفيظ چئي، ڄاتئه نه ڄاڻي

اهڙي عادت نه ڪجي، ڪا ڪرهي ڪوڏاڻي

آئين ڏٺئي اتهين، کٽ جڏهن کاڻي

هڻي ڪرين ها هنڌ تي، پنهنجي پڄاڻي

ڏسين ها منهن مرد جو، ثابت سڃاڻي

ونڊين ها ويريءَ سان، پيالا پاڻي

سوڀ نه ٿِيُئي ساڻي، مت گسي موٽي پئين.“[42]

107 چئي: ”مت ته مهل جي ڪو مرد سکي مون کؤن

ڪُر ڪچائي ڪانه ڪئي، مومل اتي مون

ڪل اها مون ڪانه هئي ته ڪي طعنا هڻندينءَ تون

ڀڳي پڄاڻون، تيلانہ تڪراريون ڪرين.“

108- چئي: ”توريءَ تڪراريون ڪندي ڪانڌ هيءَ ڪنهن ساڻ

اچي ڏٺو هوءِ اتهين، ڀيليو جڏهن ڀاڻ

مڙس مڙئي هو هڪڙو، ماڙيءَ ۾ مهماڻ

نڪو هوس، حفيظ چئي، اڳئيون ڪو اڳواڻ

سُتي، سَنڀرئي جي اڳيان، هوند ڪو ڪونه ڪلياڻ

نڪي ماريئي مَٽ کي، نڪي مارايئي پاڻ

بنان حق بيگان ٿئين، ڄٽ نه آيئي ڄاڻ

ساڳي ڪار سڃاڻ، وڃي وٽ کڻي ويهه هٽ تي.“

109- چئي ”مومل جانڪنُون سنبران، ته ڪار ڪريان ٻي ڪانه

وهان وزيرن وچ ۾، جاٿي جُنگ جوان

اڪابر عقل جا، ديسن منجهه دهمان

پين شراب شوق مان، کٽن اتي خان

جن جي ڪتن سونيون سنگهرون، پيرن روپا ڳان[43]

چڙهن شوق شڪار تي، طبل سان طولان

هلن هٿيارن سان، ساڻ کڻي سامان

ڪوڙين ڪٽڪ تن سان، نغارا نيشان[44]

لکين لکڻ وارا تن جي دفتر ۾ ديوان

سي پڇن مير مصلحتون، مون کون سڀ سُجھان[45]

اتي ڀانيان آءٌ نه، ته ڪا مت گُسي مون کئون ويئي.“

110- چئي: ”مون وٽ مير مٿانگريون، تر توکئون ئي تار

ون آتڻ وچ ۾، جوڙ ڪري جنسار

چرخا چندن عاج جا، ڀيرن ڀليءَ ڍار

ٻانهيون ٻِڙا جن کي، چوکا چندن هار

هٿين پيرين جن جي، جڙيا لک جنوهار

لڏن لال هندورين، چمن ۾ چوڌار

جهنجهڻ موتي مهارن ۾، لعلن لک هزار

بينسر، بولا، سينڌ ڦل، جهالر جهلڪيدار

اڇا ڏند، سينڌ سنئين، واه ڪاريهر وار

منهن مثال مرگهه جي، موهيڙا موچار

ڀرون ڀؤنرن وانگيان، اکيون ميگهه ملار

پيهه پپيهل پنبڻيون، جيئن ڪڪر ڪارونڀار

عجب زينب زيبجا، سرس تني سينگار

عطر مشڪ عنبير سان، کِيُون منجهه خمار

حسن حسينن جي، ڪئين سڪايا سردار

مرون تان مستاق هئا، پر پکين منجهه پچار

سي مومل اڳئيون مينڌرا، گوليون منجهه گفتار

ڪندي هئي ڪسرتون، دائن سان ديدار

پر بي حيا، حفيظ چئي، جاڏي عشق رکي ٿو آر

جڏهن لکئي لاتم لار، تڏهن سوڍا ٿو سرنديون ڪرين.“

111- چئي: ”سوڍي تان سرنديون ڪيون تون ڪا سرندي سار

پاڻ سڃاڻج پانهنجو، پوءِ مون رکج ميار

سائڻ ناهي سٿري، ڪا گلا جهڙي گار

ڪٽر وڌئي ڪامڻي، نافت نڪئون تار

هاڻي وڃي گڏ گذار، ساڳين ساهيڙين سان.“

112- چئي: ”ساڳين ساهيڙين کئون، مون کي ويڻ نه ڏيار وري

طعنا هڻندويون تنهنجا، چونديون آهه چري

وڃ  نه ويچاريءَ تي، رکي ڀَڙ ڀري

مهڻن منجهه مري، هيءَ ويندي هت ”حفيظ“ چئي.

113- چئي: ”مرين تون مهڻن کؤن، هاڙهي ڇو ٿي هاڻ

اڳ نه ڪڙهيئن ايترو، ڪو قرَيني ڪاڻ[46]

ڏس ته سڄيئي ڏيهه ۾، سڻيو واڻ سواڻ[47]

تنهن کي تو مَ تاڻ، منڌ ڏٺو ڪو مامرو.“

114- چئي: مُئي ٻاجهؤن مامرو، ڪانڌ لهندم ڪيئن

مير منجين ٿو مينڌرا، هال چائي هيئن

اهي حرف، حفيظ چئي، آءٌ تورينديس توسيئن

پرين پوءِ پريئن، ڪوڙ لڪندو ڪينڪي.“

115- چئي: ”ڪِٺ جنهين کي ڪوڙ جو،اندر ۾ آهي[48]

تال تنهين کي ايترو، ڇپائڻ ڇاهي

ناٽ ته تنهنجو نه لڪو، ڏانوَ اڳيان ڏاهي

هاڻي لالانگهو لاهي، مومل ويهه ماٺ ڪري.“

116- چئي: ”مران ته ماٺ ٿئي، نه ته جيئري اٿم جڪ

بڻڇيون جي برهه جون، لايئي اندر لڪ

هڻي تن، حفيظ چئي، تن ڪيو آهي تڪ

پرين ڀانئج پڪ، هي نيٺ مرندي مينڌرا.“

117- چئي: ”مرين پنهنجي مرڻي، آءٌ نه چوانءِ مر

اکين ڏٺو آدمي، تنهنجي جو ڪجي ڪو ته ڪٽر؟

توسان گڏ گذر، هاڻ مور نه ڪندو مينڌرو.“

118- چئي: ”مرد جو مهِريءَ سان، بَر ميَچُڻ آ بادي[49]

نرُ نه رُسي نار کئون، مَرُ رسي مادي

طرح اها، تيوڻو چئي، تون ڪيئن سکئين سادي

يا ڪنهن کوجي کَدڙي، ڏنئي اها استادي

ڦِڪي فسادي، ماڻهو سڻندءِ مينڌرا.“

119- چئي ”مومل ويهه ماٺ ڪري، چري چور نه چاڪ

راڻو اڳيئي رنجيو، ٿو ڦسي منجهه فراق

هڪ سڪ سورن جهڙي، ٻيو ماريو آهه مَذاق

گڏي گلادار ڪيو، توسان تفاق[50]

تنهنجي سا توکي ڦٻي، جيڪا ڪيئه قزاق

ڳڻيندا هِن ڳالهڙي، حرف جي هُشناڪ[51]

هاڻي ايندو نه اوطاق، موٽي تنهنجي مينڌرو.“

120- چئي: ”راڻا نه ڄاڻان، ڄاڻان نانءُ الله جو

ڪانڌ رکين ٿو ڪهڙا، نالا نِڃاڻان

ڌريي ئي ڌئونرا ٿيا، توريءَ وهاڻا

لڳي کِهه کٽن کي، ٿيا پلنگ پراڻا

توريءَ هنڌ، حفيظ چئي، ساهه نه سيباڻا

مُئيءَ سان ڇڏ ماڻا، توکي ناهه مناسب مينڌرا.“

121- چئي: ”ماڻا ٽاڻا، مينڌري، ٿي، توسان ڪيا تيتَر

ڪَل تنهنجي ڪُوڙ جي، ڪانه هيس جيتر

هاڻي اڳيون آسرو، هاڙهي هڏ نه ڌر

ٻيهر ميڙ متان مُنجين، نڪي ڪارو ڪڪر

نڪي ميڙ مشاهدا، نڪي پوءِ پڌر[52]

زيان ڪري ڇو زر، ٿي پئسا پانڌين کي ڏئين.“

122- چئي: ”زر ڏني زاري اگهي جي منهنجي توسان مير!

ته سوين ورهايان سڦرا، سڏي سيد فقير

حال في الحال، حفيظ چئي، سڀ پهرايان پير

پوشاڪون پٽ چير، سون رپو صدقي ڪريان.“

123- چئي: ”سون رپو صدقو ڏئين، توڙي طَب ڪَرين

ڀڳو سڄو نه ٿئي، انهيءَ وٽ وري

ڪانڌ ورائڻ ڪامڻي، چٿر ناهه چري!

وِندينءَ مرڻ مري، مومل تون منٿون ڪري.“

124- چئي: ”منتون ڪري مَرُ مران، من تنهنجو ٺَپُ ٺري

ويٺو آن وٿي وجهي، ٻَڌي پڪ پري

ماڻهو، ماڻهوءِ جي پٺيان، منجنديس ڪُڏ ڪري

ڏينديس پاند ڀري، پئسا پانڌيئڙن کي.“

125- چئي:” مومل ماڻهوءَ کي چوڻ، حق آهي هيڪر

لاهي ڇڏ لباس جا، لُنڊا لالهانگر

اص عزازيل کي، هو تڙايو تڪبر

جي مُڪئي ته ماريُئي، ري کُٽيءَ رهبر

اڄ لئون پوءِ پچر، متان ڪا منهنجي ڪرين.“

126- چئي: ”سوڍل ٿو سُهمون ڏئين، پر مون جي ساهه سَري

راڻل تون رسي وئين، ڪَرهي ڪامَ ڌَري

ماريس هوت، حفيظ چئي، انهيءَ ذوق ذري

ماڻهو وٺي مينڌرا اينديس ميڙ ڪري

پرين پير ڀري، آءٌ تڏي اينديس تنهنجي.“

127- چئي ”منڌ ملهايو پانهنجو، تڏو تو جهڙو

ڪانه ملهائي ڪامڻي، اڃان ڪا اهڙو

ايندينءَ تون ڪهڙو، مهن وٺي هت ميڙ سان.“

128- چئي ”منهنجي توسان مينڌرا، آ هميشائي هڪ

اڳئين کئون اڳري اٿم، سوڍل تنهنجي سڪ

ماڻهو، ماڻهوءَ کي وجهي، ڦيرِيندا هِنِ ڦڪ

سومل شل سڙي مري، جنهن اکوڙيا عاشق

گڏيو آهه گمان ۾، حرف اهو هاتِڪ

مون مڃيو مالڪ، پر تون بخش ڪرين تيوڻو چئي.“

129- چئي: ”مومل ويهه ماٺ ڪري، ڇُٽا ڦولهه مَ ڦٽ

سانگ رچائين سڀ سان، چَتُر ڏيئي چَٽ[53]

نانگ آڻي نوڙي ڪيئي، سومل تي سٽ مٽ

پر ريت به راڻي کئون سڪي ڪا نار ته اهڙا نٽ[54]

توڙي تدبيرون ڪرين، مارين مرد مرٽ

هاڻي وَتُ وجهندي وَٽُ، ڪُڙن ڪُساکن جا.“

130- چئي: ”سوڍل سائين سهنا، تون سڏائين سياڻو

پر آهين اياڻن لئون، ڀانيان اياڻو

ڪيئن ٿئين ڪاڻو، سا شل سچي ڪر سپرين.“

131- چئي: ”مومل مون کان ٿي پڇين، ته آهه حقيقت هيئن

رهندو هوم شڪار کان روح نه راتو ڏينهن

پيس پرائي پٽ تي، پٺيءَ پاونگ شينهن

لڳو لاڻو اک ۾، ٻيا ويتَر اُٺا مينهن

هاڻي جيڪا رتي نينهن، س اٿي ڪاڻي اک ۾.“

132- چئي: ”نينهن لائڻ، توڙ نڀائڻ، دُرنگا ڪن دولاب

مڙس نه ڏين مينڌرا، جوين کي ته جواب

ڪاڻا ڪرين ڪيئن ٿو، مومل مهڻي هاب

اسان تنهنجو ايترو هئو ڪونه حساب

وڌو آهي وچ ۾، ڪن هچارن حجاب

حاويءَ منجهه، حفيظ چوي، شل ٿيندا کَر خراب

توريءَ عيب صواب، سوڍس ساريان ڪونڪو.“

133- چئي: ”عيبن اوڳاهيون ڪرين، جي در در ڏين دانهون

عجز ڪرين جي عاجزيون، توڙي ٻئي ٻڌي ٻانهون[55]

ته بِي پهه اها پرچاءَ جو، مور نه ٿئي مانهون

هاڻ چري سڀ چاهون، مومل توتان مون کنيون.“
134- منٿ نه مڃي مينڌري، ٿيو راڻو رضائي

ڪاهي خبر ڪاڪ تي اچي رهبر رسائي

مومل تان مهڻن هئي گهڻيرو گهائي

ڦوڙائي فراق جي، ڪئي جوڳياڻي جائي

بڻي بيراڳڻ ٿي، وٽائي وائي[56]

سا هلي ڍٽ، حفيظ چئي، اُمالڪ آئي

ڪي سِڪ به سِڪائي، ڪِي طعنن ڀي تائي کنئي.

135- طعنن جي تائي کنئي، ٿي ڪوهن ڪونجاڻي[57]

ڍولئي ڪارڻ ڍٽ ۾، وتي ويڳاڻي

سڌ ڪنهن کي سور جي، سلي نه سياڻي

هاريو پئيس، حفيظ چئي، پنڀڻين مئون پاڻي

ڳليون ڳولڻ ڳوٺ جون بيٺي بيبياڻي

آئي در عجيب جي، رَند کڻي راڻي

پوءِ ساڳيو سڃاڻي، ور لڌو تنهن ويسلي.

136- ور لڌو تنهن ويسلي، ڪري ڪوهه ڪشال

گهوري ڪيائين گهوٽ تان، کُهه خزانا مال

سوڍو سناسيءَ جا، ڏسي چلڻ چال

گمانيو گمان ۾، پاڻ ڪيو پاتال

لڳس منڊ مجاز جو، هنئين حال في الحال

مرليءَ جي محبت ۾، کُپي ويس خيال

سڏيو ساميءَ کون پڇي، حقيقت حوال:

”ڪاڏَنهُن لاتئه ڪاپڙي، گودڙيءَ گلال

آهين آڌوتي اصلي، ڪي ڪِري ٿئين ڪمال

سوئي سل سوال، تون جوڳي ڪهڙيءَ جُوءِ جو؟“

137- چئي: ”نڪي ڪيڙيل ڪن جو، نڪي ڪنهن چيلو

آءُ گُرُ گوساينِ جو، رانوَل رنگيلو

قسمت وڌو ڪاڪ تي، وڃي ڪو ويلو

اچي ويڙم اتهون رنگ سندو ريلو

ڪيم باهه برهه جي، ڪڪوري ڪيلو

مانَ ڌڻي ميلو، منهنجو محبن سان ڪري.“

138- دانهه کي دل سان لڳو، ڏيهه تنهين جو ڏَس

صلح سناسيءَ سان، رکيو راڻي ويتر رس:

”آئين ديس اسان جي، جوڳي اٿئي جس!

لاٿئي منهنجي من تئون، ڪَن ڏينهن جي ڪَس

وير اسان وٽ وس، ته مٺيون ڪيون مجلسون.“

139- ”مٺيون ڪيون مجلسون، رهاڻيون ڪي رس[58]

ڏيون هڪٻئي کي، ڏکن سکن جا ڏس

الله آندو توکي، ميان مون وٽ مس

تو مئون چندن چس، ٿي مسافر مونکي اچي.“

140- ”سو مسافر متان وڃين، تون مون وٽان مهمان

هاڻي پري پاڻ کئون، توکي ڇڏيان تان نه

ٻوڙ پلاءُ ۽ حلوا، کاءُ ويٺو تون خان

آئين جيءُ جوان! ويهه ته ورجيسون ڪريون.“

141- تڏهن ويٺا ونڊي پاڻ ۾، ڳالهين سندس ڳاهه[59]

سوڍو سناسي ٿيا، ملي هڪ صلاح

ڪن ڪسرتون ڪيتريون، آزمودا آڙاهه

کيڏيا راند خوشيءَ کئون، سرَها اندر ساهه

مومل ڍارو ڍاريو، ڏَئِي اها ڏاهه

ته ”هاريو تان گهر آپڻي، کٽيو تان وهواه!“

پر نر جي نيشانيءَ تي، پئي نرت نگاهه

اتي ٿيس آگاهه، سو ڇنڊي هٿ هليو ويو.

142- ڇنڊي هٿ هليو ويو مَلُ جهلي ماڻو

مينڌرو مشهور هو، ڳالهين ۾ ڳاڻو

اهو جهيڙو جنگ جو، ڪيئن ڪوڏاڻو

ڪارڻ هوڏ، حفيظ چئي، ڪُرَ ۾ ڪڄاڻو

مومل ويس مٽي ڪيو، ظاهر زالاڻو

ڪنڌ رکيائين ڪنجرو، ته به ريڌو نه راڻو

پڄنديءَ ۾ پاڻون، هن ڪين گهٽايو ڪانڌ سان.

143- ڪين گهٽايئين ڪانڌ سان، ڏيئي ٿهه ٿڪي

ڪيائين سا ڪنه لڳي، ڦِٽي پوءِ ڦَڪي

تڏهن چڙهي ڏاگهه تي، ڏسي ڏوهه ڏڪي

بڻي باب بنديءَ جي، نافت ناحقي

هر ڪنهن جي، حفيظ چئي، شل رکي ڍول ڍڪي

ات مينڌرو مقابلي ٿيو شير شڪي

چيائين مومل کي، سڪ منجهان سڏڪي:

”آءُ ته پرچون پاڻ ۾، مون بدي سڀ بشڪي

تڏ مومل اتي مچ ۾ اها بات بڪي

ته: ”مس مس منهنجي توسان آهي پرين پت پڪي

هاڻي هيڪاري هلڪي، ڪِران تان ڪَچي ٿيان.“

144- سا ڪري ڪين، ڪباب ٿي، پڪو ڪيائين پاڻ

عشق حمايت اتهين، هوس سلامت ساڻ

راڻي روس ڦٽو ڪيو، ڄولي اهو ڄاڻ[60]:

”نار ته هيئن نوڙت ڪري، اڳري ٿي اڳواڻ“

پوءِ هي ڀي جيءَ جواڻ، گهوري سر گهڙي پيو.

145- گهوري سر گهڙي پيو، مَرد ڇڏيا ماڻا

ڏسو ارڙا عشق جا، ٿو ڪري ڪوڏاڻا

هِنين ڦَٽ، حفيظ چئي، ٿو پَٽي پُراڻا[61]

عابد سکن اتهون، من ڪي اُهڃاڻا

رٺا ريڌا پاڻ ۾، لٿن لانجهاڻا

واليءَ وڇوڙين جا، ڪيا موليٰ ميلاڻا

پرتي پڄاڻا، وري وڇڙندا ڪينڪي.[62]

146- وري وڇڙندا ڪينڪي، ڏاتر ڏنن ڏينهن

وسايا ها وِرهه جا مومل مٿي مينهن

نار سچي منجهه نينهن، سوڍي سان سنمک ٿي.

147- سوڍي سان سنمک ٿي، ڏس قادر جوڙيس ڪم

باهه مڙيائي باغ ٿي، رازق ڪيو رحم

هرڪا ڪلي گل ٿي، جي هيون ڪل قسم

داربقا ديدار جي، غرض وڃاين غم

هليا هن جهان کئون، اسريا ڏانهن عدم

ڪنٿا عيش عشرتون، اتي دمبدم

ويا تن وهم، جن ڪلمون چيو ڪريم تي.


[1] . ر. چئني ۾ چڙهندو هو ڪو پو قداور.

[2] . ر. گهور ڪري گوهر.

[3] . ر. نعرو هڻي نر

[4] . ر. ڊوڙيو ڳولي در

[5] . ر. هت کهيءَ کٽندو ڪونڪو.

[6] . سرحال- يعني سڀني ۾ مُک، جيڪو حال ڏئي وٺي

[7] . ر. ’طالع آندس قيد مؤن ڪڍي ڪنهن قسمت.

[8] . ر. ڪن جوش وڏي جلوَت

[9] . ر. مرڻ هن مراد ۾ آهي شاهه گهڻي شهرت

[10] . ر. سڱ سئي سرهو ٿيو، کتي خان خبر

[11] . يَرَ- اي يار!

[12] . چوٿر- چوٿون ڀيرو.

[13] . ر. تاٿي ترسيو ڪينڪي

[14] . ر. تاٿي ترسيو ڪينڪي

[15] . بقم بنات جو- ڪرمچي رنگ جي بقم ڪاٺ جي بناوت سان

[16] . ر. ٿي ڪري ڇيڙ جُڳير.

[17] . ر. ڪيئي اچڻ منجهه اويل

[18] . دِليلَ ڪ دَلِيلَ

[19] . ر. روهن جهڙي رات

[20] . رغام- رَغَم- ڪاوڙيل- ڌڪار سان.

[21] . ر. آيو جريدي جاءِ تي. جريدو- اڪيلو

[22] . ر. ’تنهن ٻيهر وري وير کي اهو چيو اوڳڻ‘

[23] . ر. ’ته ٻيو ڀي عرض اسان جو تون صاحب ليکي سُڻ‘

[24] . ’تِهان پڄاڻا پڻ‘ (ٿري ٻولي جو محاورو). ر. ’تِهان پوءِ سڄڻ.‘

[25] . اصل. سرميل

[26] . ر.ا. رکي سقيمت شير.

[27] . ڪري سقيمي سير.

[28] . اصل ڪنجڪ آ

[29]  ڪو سکر آهي ڇڳير، عقل جهڙو آدمي

[30] . 1. ر. ا. ’مير ته مومل کي ڏسي ٿيو وڏو وير وتر‘

    2. ’ڏسي مومل مير کي، ٿيو وير وڏو ويترَ‘

[31] . ڪهليو- ڪاوڙيو.

[32] . ر. سوڍي جي صحبت جي

[33] . ر. سوڍي جي صحبت جي (2) ڪبير، راڻي جو پيءُ.

[34] . ڪام- اُٺ هڪلڻ جي لٺ

[35] . اصل مرچ مساڳ

[36] . ٻي روايت. ڪنول قهري

[37] . ٻي روايت. آلو اَڪِيچار.

[38] . ر. سنبل ٿيا.

[39] . وَتو- ورتو.

[40] . ر. ”تو ويٺي وڻجي ويا واري سڀ وٿون“

[41] . ڪَچا ڪماڻا- ڪَچا ڪوجها ڪم.

[42] . ر. ’سمجهه نه هُيئي ساڻي، مت کسيئه موٽي پئين.‘

[43] . ر. ڀالن روپا ڳان.

[44] . ر. نظارا نيشان.

[45] . ر. مون کؤن سنگ سبحان.

[46] . اصل ايئن، (ڪڙهه قريني ڪاڻ)

[47] . ٻي پڙهڻي: سڻيو واڻ سراڻ

[48] . ٻي پڙهڻي: ”ڪٽ جنهن کي ڪوڙ جي اندر منجهه آهي.“

[49] . برميچڻ- تڪرار ڪرڻ

[50] . تفاق- اتفاق

[51] . ڳڻينداهِن- ڳڻيندا آهن

[52] . پوءِ- پَئو.

[53] . اَصل. سانگ رسائين

[54] . اصل. ڪو ناز ته اهڙا نٽ

[55] . ٻي روايت. عجز ڪري آزيون ڪرين

[56] . ٻي روايت: بيٺي بيراگڻ ٿي

[57] . ر. ”طعنن ڀي تائي کنئي ڪي ڪوهن هن ڪونجاڻي“.

[58] . ٻي روايت: ڪي رانديون منجهان رس.

[59] . ر. تڏهن ويٺا پٽي پاڻ ۾- الخ

[60] . ر. رسڻ ڦٽو ڪيو

[61] . هڪ پڙهڻي: ’هنيو ڦَٽَ حفيظ چئي ٿو پٽي پراڻا.‘ ٻي پڙهڻي: ’حجت ري حفيظ چئي، ٿو پَٽي پراڻا‘

[62] . ٻي پڙهيڻي: ’مئي پڄاڻا، وري وڇڙندا ڪينڪي.‘

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org